لاڙڪاڻي ۾ جديد صنعتن جو قيام
سيپٽمبر واري جنگ جي خاتمي کان پوءِ علي ٽيڪسٽائل مل جي مزدورن کي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو. مل ۾ پيداواري ڪم ڪار شروع ٿي ويو. هاڻي لاڙڪاڻي ۾ علي ٽيڪسٽائل ملز کان سواءِ ٻيا به وارپ نٽنگ جا ڪارخانا لڳي ويا هئا جنهن سبب سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ صنعتي ۽ ڪارخانيداري سرگرمين ۾ اضافو ٿي ويو. 1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ صنعتي طور لاڙڪاڻي ۾ وڏي ترقي ٿي. مين وڳڻ روڊ تي يوسف شاهه جيلاني ڳوٺ وٽ وڏي پيماني تي پيداواري صلاحيت جو حامل سٽ جو ڪارخانو لڳايو ويو. هي ڪارخانو جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ٺهي تيار ٿيو هو. رتيديري روڊ تي منگي وولن مل به ڀٽي صاحب جي تعاون سان ڀٽي صاحب جي دوستن قائم ڪئي. ساڳئي روڊ تي حئي سنز وارن پنهنجو ڪارخانو قائم ڪيو. اڳي جتي رڳو سرن جا بٺا هوندا هئا هاڻي انهن هنڌن ماڳن تي جديد آٽوميٽڪ مشينن تي وولن سوٽنگ، ٽيٽران، نائلون ڊيڪران سوٽنگ، ڪيرولين شرٽنگ ۽ سينٿيٽڪ فائبر جا دوپٽه ۽ ليسس تيار ٿيڻ لڳا. جيتوڻيڪ انهن ڪارخانن جي پيداوار ملڪ جي وڏن مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ وڃڻ لڳي مگر وارپ نٽنگ فيڪٽرين جو اهو مال جنهن جي پروسيسنگ فيڪٽرين ۾ ٿيڻ لڳي هئي سو لاڙڪاڻي جي بازار ۾ پڻ وڪامجڻ لڳو. مون خود لاڙڪاڻي جي ريشم گلي ۾ علي گوهر آباد جي دوپٽا فروش علي حسن ميتلي، راجو مل ۽ صدوري مل جي دڪانن تي ڪميشن جي عيوض دوپٽا ۽ ليسس پڄايون هيون.
سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ وليدن جي ڀرسان هڪ وڏي زرعي ورڪشاپ ۾ زرعي ترقياتي ڪمن ڪارن ۽ مشورن لاءِ سرڪاري آفيسر موجود هوندا هئا. ان کان سواءِ رينٽل بنيادن تي زرعي هيوي مشنري پڻ دستياب هوندي هئي جنهن کي آبادگار ڪلاڪن پيري مسواڙ تي وٺي سگهندا هئا. سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ جو بهترين محل و وقوع ۽ خوبصورت آفيسون جهنگل ۾ منگل جو ڏيک ڏينديون هيون. جنهن ڪارخاني ۾ آئون مشين آپريٽر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هوس تنهن جي ڀر ۾ ٻه ٻيا وڏي پيماني تي پيداوار ڏيندڙ ڪارخانا قائم ٿي چڪا هئا جن ۾ جرمني جي ماير ۽ لبيا جرمنيءَ جي ڪمپنين جي مشينري درآمد ڪري لڳائي وئي هئي انهن مان هڪ ڪارخانو ميان عبدالغفور شيخ قائم ڪيو هو جنهن کي غفور ٽيڪسٽائل ملز سڏيو ويندو هو ۽ ٻيو نيلون ۽ ڪيرولين جي ڪپڙي ٺاهڻ جو ڪارخانو محمد يوسف خوجي لڳايو جنهن جو نالو نور ٽيڪسٽائل ملز رکيو ويو هو. انهن سڀني صنعتي يونٽن جي قيام سان لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين صنعتي دور جو هڪ نئن باب رقم ٿي ويو هو جنهن جي پويان جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي ڪوششن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي پاليسين جو هٿ هو. 1960ع واري زماني ۾ لاڙڪاڻي جي ڳلين ڪوچن ۽ گهٽين گهرن ۾ ديسي گهرو ڪپڙي جون صنعتون ۽ ڪارخانا کڏين ۽ آڏاڻن جي شڪل ۾ موجود هئا. جن مان ڪجهه لاڙڪاڻي واسين کي ورهاڱي وقت هندو صنعتڪارن ۽ واپارين جي وڃڻ کان پوءِ ورثي ۾ مليا هئا، مگر 1965 ۽ 1960ع واري زماني ۾ انهن ڪارخانن مان ڪي ڪارخانه پويان پساءَ کڻي رهيا هئا ۽ ڪي ختم ٿي چڪا هئا مگر ذوالفقار علي ڀٽي جي سماجي شعور ۽ سياسي بيداري ۽ هن جي ذاتي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ نئين صنعتي دور جي آغاز سان پراڻي ڪاٽج انڊسٽري کي پڻ وڏي هٿي ۽ سهارو مليو. ڳوٺ وليدن ۾ ڪاٽج انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آيو جنهن ۾ بهترين قالين ٺهڻ لڳا جنهن جو سهرو وليدن جي ميان منور عباسي خاندان جي سر آهي جن پنهنجي ڳوٺ جي نوجوانن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ جهجهو روزگار فراهم ڪيو.