گھاڙ جي ڪناري تي سڄڻن سٿ جي پڪنڪ
لاڙڪاڻي جي گھاڙ واھ تي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي شغل ۽ تقاريب جو انعقاد زماني کان پئي ٿيندو رھيو ھو. پر اسان وٽ انجي ڪا سربستي تاريخ مرتب ٿي ڪانه سگھي آھي، پر مون پنھنجي سانڀر ۾ گھاڙ واھ جي ڪنارن تي جيڪي سرگرميون ٿيندي ڏٺيون تن ۾ مويشي ميلا، ڪارنيواليون ۽ سرڪسيون، ساليانا عرس ۽ ميلاد، مجالس عزادري و ثقافتي ۽ عوامي جشن وغيرہ شامل آھن.
منھنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي دوستن65_1964ع ڌاري گھاڙ واھ ڪناري تي تفريح جي غرض سان ھڪ گڏجاڻي رکي. منھنجو ۽ بشير احمد جو گھر ھڪ گھٽي جي فرق سان علي گوھر آباد ۾ ھو تنھنڪري دوستن طئي ڪيو ته سڀ منھنجي گھر ڪٺا ٿي پوءِ اتان گھاڙ واھ جي ڪپ تي وڃي پڪنڪ ڪنداسين. دڙي محلي کان جيڪي دوست اچڻا ھا تن مان اسان جو رھنما، رھبراستاد محترم غلام اللہ شيخ، محمد يوسف ابن واحد بخش شيخ، اللہ بخش شيخ، رسول بخش شيخ پٽ خاوند ڏنو سڀ کان اول منھنجي اوطاق تي پھچي ويا. مراد واھڻ ڳوٺ مان مولا بخش ڀٽو، جعفري محلي مان محمد يوسف شيخ ۽ عبدالخالق شيخ علي گوھر آباد مان غلام مصطفي بولاڻي شريڪ محفل ٿيا. بشير احمد نه صرف منھنجو دلبر دوست ھو پر يار غار به ھو سو مڙني انتظامي ڪمن ۾ مون سان شريڪ حال ھو. جي چوان ته سمورو انتظام ئي اھو ڪندو ھو ته بيجا نه ٿيندو. منھنجي گھر ۾ چانھ بسڪوٽن سان ناشتو پاڻي ڪري سڀئي دوست پڪنڪ جو مال متاع کڻي گھاڙ واھ روانا ٿياسين.
ڌوٻي گھاٽ لڳ جتي ڌوڙڌيا مٽي مان سون ڪڍندا ھا تنھن جاءِ کان ٿورو اڳڀرو پھرين بمبر شاخ وٽ سھڻي گھاٽي ڇٻر ھوندي ھئي اتي وڃي پڙاءُ ڪيوسين. ان جاءِ تان گھاڙ واھ جي ٻنھي ڪنارن جو ڏيک به نھايت سھڻو ۽ اکين ٺار پئي لڳو. پڪنڪ جي سامان ۾ اسان وٽ ٻه صحتمند ڪڪڙ ھئا جن کي روسٽ ڪرڻ جو پروگرام ھو. تنھن کان علاوہ فروٽ ڍٻل روٽيون اسڪوائش، شربت، ڪيڪ رسڪ وغيرہ موجود ھئا. پڪنڪ جو ماحول گرم ڪرڻ لاءِ پھريون مسئلو جيڪو درپيش ھو سو ھو ڪڪڙن جي ڪھڻ جو. سنگت ۾ مولا بخش ڀٽو وھين جو ڀلوڙ شڪاري ھو. تنھن ڪري ڪڪڙن کي ذبح ڪرڻ جي لحاظ کان ھو سڄي سنگت ۾ فيورٽ ھو. مگر ان صاحب اھو ثواب جو ڪم سرانجام ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ اھو ڪم مونکي ئي سرانجام ڏيڻو پيو. دوستن ڪُل ۾ ڪوئلا وجھي باھ ڀڙڪائي ۽ مرغ گرل ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي. ڪن دوستن فروٽ کي وڍي ڪپي ڊش سجايا. گھاڙ جي خوبصورت ڪنارن تي اسان جي پڪنڪ جاري رھي. ڪي دوست گھاڙ واھ جي سيني تي ترندڙ مال آڻيندڙ ۽ نيندڙ ٻيڙن جو خوبصورت منظر ڏسي باغ بھار ٿي رھيا ھا. ڪن شوقين دوستن پنھنجا ڪيمرا ڪڍيا ۽ گھاڙ جي ارد گرد جيڪي دلڪش منظر ڏسڻ وٽان ھا تن کي ڪيمرا جي لينسن ۾ قيد ڪيو. اسانجي محفل جو مور سائين غلام اللہ ھو جيڪو ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ اسان جو ھردل عزيز ٽيچر ٿي رھيو ھو. سو اسانجي سرگرمين ۽ خوشين ۾ خاص دلچسپي رکندو ھو. ازانسواءِ ھو اسانجون اھڙيون گڏجاڻيون ۽ محفلون اسان جي ئي ھٿان منقعد ڪرائي موقعا پيدا ڪندو ھو ته جيئن ھو پنھنجي گفتگو ۽ اصلاحي ليڪچرس ذريعي اھڙي پر فضا مقام تي اھو ڪجھ ڊليور ڪري سگھي جيڪو اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪلاس رومن ۾ نصابي ڪتاب پڙھائيندي نٿو ڪري سگھجي. اسان خود اھو چاھيندا ھئاسين ته استاد محترم جي نگراني ھيٺ اسان جون جيڪي فروغ علمي ادبي ڪاميٽيون، اسٽڊي سرڪل، تفريحي پروگرام ۽ سنڌي سڄڻن سٿ آھن تن جي پليٽ فارم تان ھو اسان جي سرگرمين کي اڳتي وڌائي. سائين جي ھن تفريحي موقعي جو فائدو وٺندي ٻين جي ڪم اچڻ. سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنھنجو ذاتي اصلاح ڪرڻ تي ڪارائتيون ڳالھيون ٻڌائيون ۽ ان سان گڏ ھن اسانجي دوستن مان محمد يوسف واحد بخش، بشير احمد، محمد يوسف پُٽ محمد جعفر کان انھن موضوعات تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪرائي. ھن تفريحي پلان ۾ ھر طرح جون ڪاميابيون حاصل ٿيون مگر قابل ذڪر ڳالھ ھي رھي ته ان شام جي سج لھڻ جو منظر نھايت خوبصورت ھو جنھن سموري ماحول تي ۽ اسان تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. سانجھي جي نماز گھاڙ واهه جي ڪناري تي ادا ڪري اسان گھاڙ واھ جي خوبصورت ماحول کي الوداع ڪيوسين.