عبدالحفيظ شاهه
آئون اڳ ۾ لکي چڪو آهيان ته منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪن شخصيات جي علمي ڏاهپ ۽ مان مريادي مون کي ايترو متاثر ڪيو جو اڌ صدي گذارڻ بعد به انهن کي وساري نه سگهيو آهيان. پنهنجي گهرواريءَ جي خاندان جي وڏي ڄمار جي بزرگن جي احوالن ۾ هن پڙاڏي جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته گجي ٺٽي وارو عبدالحفيظ شاهه صاحب هندوستان جي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ انڊين آرمي ۾ ليفٽينينٽ يا ڪئپٽن جي عهدي تي فائز هو، ڪنهن شخصي اڻ وڻندڙ ڳالهه يا واقعي جي بنا تي فوج جي گوري آفيسر کي بندوق سان فائر ڪري فرار ٿي اچي سنڌ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو هو، پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سندس والده جيڪا مغل گهراڻي جي چشم و چراغ هئي، سا پنهنجن ٻچن سان گڏجي ڪراچي سنڌ ۾ آئي، مهاجرن لاءِ جڏهن سنڌ ۾ ڪليم داخل ڪرڻ جو چڪر شروع ٿيو ته ان مغلياڻي صاحبه جيڪا هندوستان ۾ زميدارڻي سڏبي هئي، تنهن پنهنجي ملڪيت جي عيوض ڪليم داخل ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کيس زمينون الاٽ ٿي ويون، جنهن کي هن پنهنجي جيئري هوندي ئي اولاد ۾ برابر حصن سان ورهائي ڇڏيون. پنهنجي ماءُ جي ملڪيت مان عبدالحفيظ شاهه کي جيڪو حصو مليو، اهي گجي ٺٽي واريون ڪجهه زمينون هيون جن تي هن پنهنجي زمينداري شروع ڪئي، ٺٽي گجي ۾ رهڻ دوران هو اُتان جي بزرگن ولين ۽ خصوصن ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهن جي سڀاءَ ۽ سچائي مان متاثر ٿي پنهنجي زمينن تي جهوپڙا اڏي ويهي رهيو.
عبدالحفيظ شاهه جي والد محترم جو نالو سيد عبدالعزيز هو جنهن جي گهرو لائبريري ۾ پنهنجي پنهنجي بزرگن ۽ هندستان جي عالمن جي هٿن جا لکيل ديني ڪتاب موجود هئا. هو خالص مذهبي ۽ ديني خيالن جو ماڻهو هو، جنهن جو اثر هن جي اولاد تي چڱو خاصو مرتب ٿيو، سندس اولاد مان عبدالحفيظ شاهه تي رنگ سڀ کان وڌيڪ چڙهيو
عبدالحفيظ شاهه کي ديني علوم سان گڏو گڏ انگريزي ادب جو پڻ مطالعو ۽ مشاهدو هو، ان جي زندگي ۾ ڪو وقت اهڙو به آيو جو کيس زمينن مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، تنهن جي کپت مذهبي ڪمن ڪارن ۽ غريب هارين نارين تي ڪرڻ لڳو. خاص گجي ڳوٺ جي اولهه پاسي زمينن ۾ ٻهراڙيءَ جي لحاظ کان هڪ عاليشان مسجد جوڙيائين. جيڪا پري کان نظر ايندي هئي ۽ اسان ان کي سائي قُبي واري مسجد سڏيندا هئاسين، ڪجهه وقت اڳتي هلي ان ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڳوٺ ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي مفت ماني ۽ قرآن ناظرا جي تعليم جو بندوبست ڪيائين، اڳتي هلي مسجد ۾ هڪ حافظ قرآن مولوي به مقرر ڪيائين. گجي ۾ قائم جهوپڙن ۾ عبدالحفيظ جي سخاوت مهمانداري ۽ مذهبي رواداريءَ جون خبرون ڏيهان ڏيهه پهتيون ته وٽس اوسي پاسي جا ڪڙمي ڪامي غريب غربا مريض ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هن جي آستاني تي اچڻ وڃڻ لڳا. گهڻن ماڻهن جي اچڻ ڪري هن پنهنجي جهوپڙن ۾ پڪين سرن جا ٻه چار ڪمرا تيار ڪرايا ۽ آئي وئي جي لاءِ پنهنجي مهمان خاني جو دائرو وڌائي ڇڏيو، سنڌي ادب ۽ شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي مطالعي کان پوءِ عبدالحفيظ شاهه جي طبيت ۽ مزاج ۾ وڏو ڦيرو آيو. ۽ هو پنهنجي زميداريءَ کان وڌيڪ ڌڻيءَ جي ذڪر اذڪار تي توجه ڏيڻ لڳو. پاڻ ڪڙمين جو علاج معالجو جاري وساري رکيائين.
ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا طالب علمن خصوصن جيئي سنڌ جي خيالن جي نوجوانن جو وٽس اچڻ وڃڻ رهندو هو. پاڻ منطق فلسفي ۽ استدال جو نه رڳو قائل هو بلڪه انهن علمن جي کيس ڪافي ڄاڻ هئي، تنهن ڪري قائل ڪيو يا قائل ٿيو واري رويي ۽ روش جي بنياد تي ڪيترن پڙهيل لکيل ماڻهن کي مڃائي پنهنجي ويجهو ڪري ڇڏيائين. علاوه ازين، ذڪر اذڪار ۽ سٺي ڪار خدمت جي ڪري نوجوان طبقو ويو سندس مريد بڻبو.
1970 واري ڏهاڪي ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ وٽس شروع ٿيو، ان وقت سندس آستانو نه رڳو ديني ۽ علمي ادبي مرڪز بڻجي چڪو هو بلڪه هڪ درگاهه جي شڪل و صورت پڻ اختيار ڪري چڪو هو، پاڻ نبي ڪريم صلعم جو پڪو مڃيندڙ ۽ پيرو ڪار هو، تنهنڪري پنهنجي پياري نبي صلعم جي آخري نبي هجڻ تي وڏي استدلال سان گفتگو ڪندو ۽ درس ڏيندو هو، جڏهن سنڌ ۾ قادياني فتني کي وڌندو ڏٺائين ته ان جي خلاف دامي، درهمي وسنخي ميدان ۾ ڪڏي پيو قادياني لٽريچر جي مخالفت ڪندي پنهنجي تحريرن کي ۽ ٻئي ديني علمي ادبي مواد کي ڇپائڻ لاءِ آستاني تي هڪ آشاعتي ادارو قائم ڪيائين،هڪ ڀيري شايع ٿيندڙ سنڌي مواد جو مسودو منهنجي سامهون آيو ته ان ۾ مونکي سنڌي صورتخطي جون ۽ آشاعتي سلسلي جون ڪجهه غلطيون نظر آيون، جن جي باري ۾ مون کيس مطلع ڪيو، مون کيس اهو به ٻڌايو ته انهن ايترين غلطين جي ڪري توهانجي پيغام جي علمي حلقن ۾ اهمت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري انهن غلطين جي تصحيح ڪري مواد جو ٻيهر ڇپجڻ ضروري آهي، منهنجي ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ان ڪتاب جي ٻي آشاعتي ۾ اهي غلطيون دور ڪرڻ سان علمي حلقن ۾ سندس ڪتاب جي پزيرائي وڌي وئي، مان عبدالحفيظ شاهه جي ناٺي جو ناٺي هوس تنهنڪري سندس ديري تي وڌندڙ علمي ۽ ديني ڪم جي نشر واشاعت جي ڪمن جي سلسلي ۾ کيس منهنجي ضرورت محسوس ٿي.
ويتر جو هن درگاهه تي علمي ۽ تعليمي ادارن جا شاگرد ۽ اساتذه اچڻ لڳا، ته هڪ سنڌي ليکڪ ۽ مترجم جي کيس ضرورت محسوس ٿي ته پنهنجن کان وڌ مون تي رازونڊڻ لڳو، مان هن جي مذهبي خيالن ۽ ويچارن جو قائل هوس ۽ هن جي صلاحتن ۽ شخصيت کان استفادو ڪندو هوس مونکي هن جي کڙي ڪيل فطري ماحول مان گهڻو حذ حاصل ٿيندو هو پوءِ به مان پنهنجي طبيعت ۽ خيالن کان مجبور هوس جنهن ڪري سو سيڪڙو نه هن جي ها ۾ ها ملائي سگهندو هوس نه ئي وري مان هن جي فڪر ۽ خيالن جو مڪمل طور مڃتائو هوس، البته هن جي شخصيت جو ادب ڪندو هوس، عبدالحفيظ شاهه جون ڪي خوبيون اهڙيون هيون جيڪي مونکي متاثر ڪنديون هيون، سندس کڙي ڪيل قدرتي ٻهراڙي جي فطري ماحول کان متاثر ٿي ڪي هندو نوجوان به جئي سنڌ جي جٿي سان هن جي آساني تي گهمڻ کائڻ پيئڻ ۽ شغل ڪرڻ ايندا هئا، تن مان ڪن سندس شخصيت ۽ تعليمات کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. شاهه صاحب ڪيترن هندن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا خط منهنجي اڳيان رکيا جيڪي کانئس محبت ڪندي مسلمان ٿيڻ جي اڇا ڪندا هئا. انهن مان سرڪاري کاتي جو هڪ هندو ڪلارڪ وٽس ايندو هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو، ۽ هن وقت عبدالواحد جي نالي سان ڪوٽڙي ۾ مقيم آهي، جنهن پنهنجي اسلام آڻڻ جي باري ۾ هڪڙو ڪتاب پڻ تحرير ڪيو هو ته مان مسلمان ڇو ٿيس.
مسٽر عبدالواحد ڀلي هندو گهراڻي مان هو پر مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هن جي مائٽن سندس ڪوٽڙي ۾ رهڻ مشڪل ڪري ڇڏيو هو، سندس گهر واري اسلام قبول نه ڪيو ۽ پنهنجن وٽ ڪوٽڙي ۾ مقيم رهي اهڙي صورت حال جي ڪري سندس ٻار ٻچا رلي ويا پر شاهه صاحب عبدالواحد کي پنهنجي زمين ۾ مسجد ۽ آستاني جي لڳو لڳ گهر ٺهرائي ڏنو جتي هو رهڻ لڳو، شاهه صاحب سندس ڪوٽڙي مان بدلي به مڪلي واري آفيس ۾ ڪرائي ڏني جتي هو پنهنجي زندگي سڪون سان گذارڻ لڳو، عبدالواحد گجي ۾ رهائش دوران اشاعتي اداري ديني ڪمن ڪارن، مهمان داري جي ڪمن ۽ لائبريريءَ جي نگراني پڻ ڪندو هو، گجي جي ماحول ۾ رهڻ ڪهڻ ۽ ڏسڻ واچڻ کان پوءِ مون اندازو لڳايو ته انجينيئرس، ڊاڪٽرس ۽ ڪن سرڪاري آفيسرن جي اچڻ وڃڻ ڪري ڪم ڪار اٿڻ ويهڻ ۽ ماحول ۾ ڪجهه تبديلون اچڻ لڳيون هيون. اهڙي طبقي جي ماڻهن جي مهمان نوازي آڌرڀاءَ ۽ رهائڻ توڙي ٽڪائڻ لاءِ شاهه صاحب کي سوفيسٽڪيٽ ڪارندن جي ضرورت محسوس ٿي. ان ڏس ۾ ڪجهه ايم. بي. بي. ايس. ڊاڪٽر انجينيئر ۽ تعليم يافته مريدن جو هڪ گروپ سندس ڪمن ڪارن ۾ حاضر رهڻ لڳو، سندس آستاني تي ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ڪانفرنسون اجلاس ۽ گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، ان جي ڪمن ڪارن ۾ نوجوانن جو اهم هڪ جٿو ڪم سنڀالڻ لڳو، هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندس درگاهه تي وڏي پيماني تي ڪم ٿيڻ لڳا، ان زماني ۾ عبدالحفيظ شاهه پنهنجي دوستن ۽ مريدن جي صلاح مشوري سان ذاڪرين جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي جنهنجي لاءِ هڪ گشتي پڪ اپ به خريد ڪيائين، فوجي ماڻهو هو طبع مزاج جو بهادر هو مگر ڪجهه ارڏو به هوندو هو پنهنجي 200 هارس پاور جي ٽرمپ هيوي بائڪ تي ڪراچي ايندو ويندو هو پر جڏهن جهونو ٿيو ته هائي لڪس ٽيوٽا پڪ اپ رکيائين، ان زماني ۾ سندس وڌيل ديني مذهبي سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان معتقد ڊاڪٽر راشد صاحب سندس ادارن جا امور ۽ انتظام سنڀالڻ لڳو ۽ عبدالحفيظ شاهه کي حقيقي طور جنهن ماڻهو جي تلاش هئي، سو ماڻهو کيس ملي ويو، ڪڏهن ڪڏهن مان به پنهنجن ٻارن ٻچن سوڌو موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ وٽس گجي ويندو هوس، مونکي ۽ منهنجي ٻارن ٻچن کي اتان جي فطري، قدرتي ۽ تنظيمي نظام جون رنگينيون ۽ خوبصورتيون گهڻون وڻنديون هيون علاوه ازين هنن کي عبدالحفيظ شاهه جي آستاني جا نيم قائدا ۽ تنظيمي نظام جي سليقي مندي ۽ صحت افزا ماحول مان پڻ گهڻو سڪون ملندو هو جنهن جو لطف ماڻڻ جي لاءِ اسان کان سواءِ ڪيترا معتقد ۽ مريد پنهنجو گهر ڇڏي اتي رهيا پيا هوندا هئا.
عبدالحفيظ شاهه نهايت پيارو انسان هو ڪراچي ۾ ايندو هو ته منهنجي گهر ضرور ايندو هو، گرمين جي موسم ۾ مان پنهنجن پراڻڻ نسخن مطابق صندل جي شريت جا شيشا ٺاهي رکندو هوس ته اهو شربت مونکان فرمائش ڪري وٺي ويندو هو، پنجويهه ٽيهه سالن تائين جڏهن به ڪراچي ايندو رهيو ته اسان وٽ ڀيرو ضرور ڪندو هو، جڏهن پنهنجي ڀائرن ۽ نياڻين جا ٻار ٻچا وٽس گهڻو اچڻ وڄڻ لڳس ته پنهنجي گهر جي ڀرسان مڇي جي کڏ جي لڳ جتي ڳئن ۽ ٻڪرين جو واڙو هو تنهن ۾ مختلف پکي پکڻ، مور، هرڻيون، ڪڪڙن، سيهڙن ۽ ٻين پکين جو کڻي چڙيا گهر قائم ڪيائين.
پهريون بستي جو ڏيک مديني شريف جي ٻهراڙيءَ جهڙو رکندي انيڪ کجين جا وڻ رکيائين، ناريلن جا وڻ پوکيائين ۽ ليمن جون چڪيون به رکيائين جن جي پتن جي سبز ليمن چانهن ٺاهي پاڻ به پيئندو هو ۽ آئي وئي جي به ان سان خاطر تواضع ڪندو هو ڇاڪاڻ جو هن گجي ڳوٺ کان جدا هڪ پنهنجي بستي قائم ڪئي هئي، تنهنڪري جيستائين بجلي لڳي لڳي تيسيتائين وڏا جنريٽر هڻي ڪم هلائيندو هو. پنهنجي پهچ ۽ اثر رسوخ تي ٽيليفون جو به بندوبست ڪيو هئائين، سندس زمين گجي نهر ۽ ڄام واهه جي برانچ تي هئي، تنهنڪري پوک ۾ گهڻي قدر واڙي ڪندو هو، مڇي جي کڏ به پنهنجي فارم جي حد اندر هئس جنهن جي ڪنارن تي ڪانهه، ڏير، ٻوڙا، کبڙ، ۽ پيرون گهڻا ٿيندا هئا، سندس بستي جي قريب واهن جو هيڊ ورڪ به هوندو هو، جتي ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪرڻ لاءِ انهن جي صفائي ٿيندي رهندي هئي، گجي جو سڄو ملڪ سائو هوندو هو، شاهه صاحب جي جهوپڙين ٻاهران ماني پچائڻ جا تنور لڳل هوندا هئا، جنهن ۾ پنهنجي خوشي سان ڪم ڪندڙ ۽ ماني پچائيندڙ ماڻهن جو ٽولو هما وقت موجود هوندو هو، مسافرن لاءِ قائدن ۽ نيمن جي پابندي ڪا نه هوندي هئي، انهن کي چانهن ماني هر وقت ملندي هئي، باقي مدرسي و مسجد جي مستقل رهائشين لاءِ ۽ سندس لاءِ رڳو ٻن وقت جي ماني پچندي هئي، صبح جو ديسي ڪڪڙين جا آنا ۽ چانهن ماني وغيره سان ناشتو تيار ٿيندو هو ۽ رات جو ٻوڙ ماني يا لاڙي چانور پچندا هئا، مگر چانهن ۽ سگريٽ جو چين پياڪ هو، پنهنجي لاءِ جيسمين گرين چانهن پسند ڪندو ۽ سردين جي موسم ۾ نيسڪيفي ڪافي نوش ڪندو هو.
مان عرض ڪري چڪو آهيان ته منهنجي ٻچن ۽ گهر واري سان هن جي تمام گهڻي لڳندي هئي، منهنجي گهر واري سندس دادلي هجڻ ڪري ۽ صاف سنڌي ۾ بنا رعايت جي کيس سچيون ۽ کريون ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيندي هئي ۽ چرچي ڀوڳ ۾ ساڻس پڄي ايندي هئي، اسان تي عبدالحفيظ شاهه جو خاص توجهه پڻ هوندو هئو، ڪجهه راز نياز ۽ ڪجهه سنڌي هجڻ جي ناتي ۽ رشتي جي ڪري هڪ ڀيري هن جو اسان تي ايترو پيار اچي ويو، جو مونکي ۽ منهنجي گهر واري کي پنهنجي هجري ۾ گفتگو ڪندي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندي چيائين ته مان توهان کي گجي ۾ زمين جو ٽڪرو به ڏيندس ۽ پنهنجي گهر جي ڀرسان پيل زمين تي جاءِ به ٺهرائي ٿو ڏيان ۽ غلام رسول جي بدلي به مڪلي واري ڪاليج ۾ ڪرايان ٿو، توهان مونسان هتي اچي رهو، اسان کيس چيو ته ڪجهه ويچار ڪري توهان کي جواب ڏينداسين دراصل مان شخصي معتقد قسم جي ماڻهن مان نه هوس ۽ درگاهي يا جي حضوري جو به ڪڏهن قائل نه رهيو هوس مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي هئي، ته گجي ۾ نانا صاحب جنهن ماڊل ۽ ماحول جي تشڪيل ڪرڻ گهري ٿو، اُن جو پرزو بڻجڻ سان مان پنهنجي زندگي جي مقصد کان گهڻو پري ٿي ويندس، تنهن ڪري پنجهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي قسمت جي ريکائن تي هلي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگي ٺاهيندس تنهن ڪري سوچي سمجهي مون شاهه صاحب کي جواب ڏنو ته پنهنجي والده ۽ ننڍي ڀاءُ جون ذميداريون مون تي آهن جن کي پورو ڪرڻ مون تي فرض آهي، ٻيو مون کيس سهڻن لفظن ۾ پنهنجي زندگي جو مقصد بيان ڪندي چيو ته دراصل مان پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارڻ چاهيان ٿو، منهنجي نصيب ۽ مقدر ۾ جيڪو لکيل آهي، اهو مونکي پنهنجي مرضي ۽ پنهنجن ارادن سان هن دنيا ۾ رهي ڪري حاصل ڪرڻو آهي، ان کان علاوه پنهنجا ٻار به جنهن ماحول ۾ پڙهائڻ چاهيان ٿو. سو مونکي گجي يا مڪلي ۾ ميسر نٿو ٿي سگهي، پر جيڪڏهن توهان کي ضرورت پوي ته مان توهان جي آشاعتي ڪمن ۾ گهربل مدد ڪراچي ۾ رهندي به ڪري سگهان ٿو. توهان جيڪو ڪم مونکي موڪليندا مان پورو ڪري اوهان کي پهچائي ويندس، منهنجي جواب مان کيس تسلي ٿي تنهن کان پوءِ هن وري ڪڏهن اهڙي قسم جي خواهش ظاهر نه ڪئي.
ڊاڪٽر راشد ڪوٽڙي جا قمبراڻي برادرس ۽ شيخ عبدالواحد ۽ ان جو اولاد عبدالحفيظ شاهه جي سمورن ڪمن ڪارن ۽ درگاهه جي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ هر طرح جو خيال رکندا هئا، ڇاڪاڻ جو هو سندس معتقد ۽ مريد ٿي چڪا هئا، هن پنهنجي معاونن جي صلاح مشوري سان هڪ جماعت الذاڪرين پاڪستان قائم ڪئي، جنهن جو مرڪزي دفتر به گجي ٺٽي ۾ رکيائين، ضلعي ٺٽي ۾ جڏهن سندس نالو سياسي سماجي رهنما جي حيثيت سان معروف ۽ مشهور ٿي ويو، تڏهن کيس گهارو زون جي زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. مذهبي شخصيت اختيار ڪرڻ درگاهه قائم ڪرڻ يا چئن ٻارن جي ملڪيت جو مالڪ بڻجڻ منهنجي نظر ۾ ڪو ڪارنامو يا ڪو ڪمال نه هو، مان اهڙي قسم جا ماڊل پنهنجي زندگي ۾ گهڻا ڏسي چڪو هوس، تنهن ڪري اهي ڳالهيون مونکي گهڻو متاثر نه ڪنديون هيون، حقيقي طور جيڪڏهن مان عبدالحفيظ شاهه کان متاثر هوس ته هن جي اورچائي. غريب غربا جي بي لوث خدمت، سندس زندگي جي سادگي، گهٽ کائڻ ۽ وڌ ڪم ڪرڻ وارن عادتن ۽ هر قص وناقص انسان سان محنت ڪرڻ ۽ رب ۽ ان جي محبوب نبي ڪريم صلعم سان بي حد محبت ڪرڻ کان متاثر هوس، اهي ئي اهي اسباب هئا، جن جي ڪري مان عبدالحفيظ شاهه جي شخيصت سان محبت ڪندو هوس، هو منهنجي گهر واري جو سڳو نانو ۽ منهنجي بچن جو پڙنانو هو، تنهن ڪري بزرگ رشتن جو مان رکڻ لاءِ اسان جو وٽنس اچڻ وڄڻ پيو رهندو هو.
عبدالحفيظ شاهه جي فارم تي مسجد جي سامهون ميدان ۾ بيلا روس جا ٻه ٽريڪٽر بيٺل هوندا هئا، انهن ۾ ڪم ايندڙ هارويسٽر ٻيا اوزار ۽ تيل جا رکيل ڊرم زرعي فارم جو ڏيک ڏيندا هئا، اسان وٽس جڏهن موڪلون گذارڻ ويندا هئاسين ته منهنجا ٻار ٽريڪٽرن مٿان چڙهي کيڏندا هئا، ٿڪجي پوندا هئا ته کجين جي هيٺان پيل کٽن تي ليٽي پوندا هئا، کين شي شڪل جي ضرورت پوندي هئي ته نانا صاحب جون خرزينون وڃي ڏسندا هئا، ۽ نانا صاحب کين وري ٽافيون، چاڪليٽ، ڪينڊيون کٽمٺڙا ۽ بيسڪوٽ ڏيندو هو، گجي جي ڳوٺ ۾ روڊ جي ٻي پاسي بازار هوندي هئي، ضرورت پوڻ تي مان پنهنجي ٻارن کي اوڏانهن گهمائڻ ويندو هوس، جتان خاص ڪري ٻهراڙي جون من پسند شيون لايون، ڀڳڙا، بوڻينڊا، ڪمند ڳريون، ديسي کنڊ جا پلڙا، ڦلا، ڳُڙ ۽ ٻيون ٻهراڙي جي ماحول جون شيون کين وٺي ڏيندو هوس، گجي جي بازار ۾ حاجي محمد عمر سان ملاقات ٿيندي هئي، هن جي عبدالحفيظ شاهه سان ٽريڪٽر وغيره ۾ ڀائيواري هئي، ۽ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ مسجد ۾ ايندو هو ان کان سواءِ هو ڪچهري ڪرڻ لاءِ آستاني تي پڻ ايندو رهندو هو، سو بازار ۾ اڪثر پان جي دڪان تي اهو اسان کي ملندو هو چانهن پيئڻ جي نه رڳو آڇ ڪندو هو بلڪ هٿ سان وٺي زوري پيئاريندو هو، گجي بازار ۾ حاجي محمد موسى جو سيڌي سامان جو ٻهراڙي جي حساب سان جنرل اسٽور هوندو هو، سندس دڪان ۾ هر قسم جو سامان ٻيون شيون، کڙ ۽ تيل ملندو هو، ٺٽي ۾ ڪمند گهڻو ٿيندو آهي، ۽ ڳڙ ٺاهڻ جو شيون بٺيون به ٻهراڙيءَ ۾ جابجا لڳيون پيون آهن، سو گجي جي بازار ۾ ڳڙ سستو ملندو هو. مان اتان مهيني ٻن جي ضرورت جي خريداري ڪندو هوس.
گجي ۾ واهه ڍنڍون ڍهورا به جا بجا آهن، جتان مڇي جو شڪار آساني سان ٿي سگهندو هو، مان ٺٽي مان وڃي مڇي پڪڙڻ جو سامان وٺي ايندو هوس ۽ گجي واه ۽ ڄام نهر مان مڇي ڦاسائي تري پچائي کائيندا هئاسين. گجي ۾ رهڻ دوران منهنجي ٻارن جو ۽ منهنجو اهو هڪ خاص شغل هوندو هو، باقي ٻنين ٻارن تي ڊڪڻ ۽ مٽي ۾ کيڏڻ سان ٻارن جي سٺي ورزش ٿيندي هئي، مگر منهنجي ورزش تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن عبدالحفيظ شاهه پاڻ سان آبي پکين جي شڪار لاءِ پنهنجي بندوق کڻائي هلندو هو، آرمي جو ماڻهو هو پر 70 سال جي عمر ۾ به ايڏو تڪڙو هلندو هو جو مونکي دڙڪيون پائي هن جي پٺيان هلڻو پوندو هو، گجي نهر جي هيڊ ورڪس کان ڍنڍن ڍورن ۾ پکين جي تلاش ۾ ڊڪندا ڊوڙندا وتندا هئاسين ٻٽي آڙيون هٿ اچي وينديون هيون ته هڪ ويلي جو ٻوڙ ٺهي ويندو هو، ازان علاوه هو انهن ڍنڍن ۾ بندوق سان ڪرڙن جو شڪار ڪرڻ جو پڻ ماهر هو، ۽ واپسي تي هڪ اڌ ڪرڙو به شڪار ڪري کڻي ايندا هئاسين، ٻڪري جي گوشت وٺڻ لاءِ پنهنجي هائي لڪس سنگل ڪيب ڪڍندو هو جنهن تي گهارو جي بازار مان گوشت مڇي ۽ ضرورت جون ڀاڄيون وٺي ويندا هئاسين، اورچ ايترو هوندو هو جو ڳئن ۽ ٻڪرين جو کير ڌنار ڏهي ڪنٽينر ٿلي تي رکندو هو ۽ عبدالحفيظ شاهه کانئس اُهي ڪيب ۾ رکائي گهارو جي بازار ۾ پڄائيندو هو، هڪ دفعي آئون ساڻس گڏ هوس ته واٽ تي کانئس جنهن مسافر لفٽ ٿي گهري تنهن کي گهارو تائين لفٽ ڏيندو هليو.
عمر عزيز جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ جڏهن ٿوري گهڻي ڪمزوريءَ کيس اچي ورايو ته سندس گاڏي ڊاڪٽر راشد ۽ ٻيا هلائيندا هئا، جيستائين تڪڙو هو تيستائين پنهنجي علائقي جي زميندارن سان تعلقات سٺا هئس مگر جڏهن ٿورو ڪمزور ٿيو ته وڏيرن جيڪي پنهنجن ڪڙمين ڪامين ۽ انهن جي ننگن کي به ڳهي ويندا آهن تن عبدالحفيظ شاهه کي گجو نيڪالي جو ارادو ڪندي پهريون ته کيس زمينن جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڪورٽن ۾ ڇڪايو ۽ ٿڪايو، انهن ماڻهن چوريون چڪاريون ۽ ٻيون چرچون ڪري هن کي ڀڄائڻ لاءِ اهڙا کڻي اسباب ڪٺا ڪيا جو نه چاهيندي به هن تر جي انهن زميندارن کي پنهنجون زمينون وڪڻي ڪوٽڙي جي معتقد مريدن، دوست قبراڻين ۽ عبدالواحد جي اسرار تي عبدالحفيظ شاهه گجو ڇڏي ڪوٽڙي لڏي ويو، ۽ اتي وڃي هڪ خوبصورت مسجد مدرسو ۽ بهترين لائبريري قائم ڪيائين هاڻي سڀ جشن مجسلون ڪچهريون محفلون ميلا ۽ ڪانفرنسون قمبراڻي محلي ڪوٽڙي ۾ منعقد ٿيڻ لڳون، انهن ڏينهن اسان جي محبتن رشتن جا سمورا رخ پڻ ڪوٽڙي ڏانهن مڙي ويا اٽڪل 93 جي عمر ۾ گهڻي ڪمزوري ڪري جڏهن عبدالحفيظ شاهه جا بار بار اسپتالن جا چڪر لڳڻ شروع ٿيا ته هن شريعت موجب پنهنجي ملڪيت جا حصا ڪري مڙني پنهنجي حقدارن ۾ برابر حصي سان ورهائي ڇڏيا، باقي جيڪا هن وٽ ملڪيت بچي تنهنجي ٽرسٽ قائم ڪري سڀ ڪجهه ديني ڪمن جي حوالي ڪري راه رباني وٺي هن جهان مان هليو ويو.