ماتمي جلوس ۽ عشق- عشقِ حسين
ٻالڪپڻي ۾ ھر مذھبي رنگ و محفل جي پويان لڳي پوندا ھئاسي. چاھي ربيع الاول ۾ اٺن وارو جلوس ھجي يا نائين ڏھين محرم وارا امام عالي مقام حسين رضي اللہ تعالا جا ماتمي جلوس ھجن. اسان ھر طرح، ھر حال ۽ ھر وقت شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا ھئاسين. ھڪ ڀيري نائين محرم جو ماتمي جلوس ھو اسان پاڙي جا ٻار جلوس سان ھلندا رھياسين. چڱي طرح ياد آھي ته جلوس ايمپائر سينما روڊ کان ٿيندو قادرين واري الحقيقت پرنٽنگ پريس کان گذري مڇي مارڪيٽ وٽ پھتو ته رات اونداھ ٿي چڪي ھئي. ان جاءِ تي غلام رسول پنجابي جي گھر اڳيان ميان جي ڳڙھي کان مارڪيٽ ڏانھن گھٽي جي ڪنڊ وٽ ھڪ واٽر ھائيڊرينٽ لڳل ھوندو ھو جنھن جي ٻاھر نڪتل پائيپ ھيٺان شھر جي روڊ رستن تي ڇڻڪار ڪرڻ وارا بائوزر پاڻي ڀريندا ھئا. بلڪل ان جي لڳ ھڪ کليل سيوريج واٽر جو نالو وھندو ھو. ان جاءِ تي پھچندي ماتمي جلوس سان ھلندي ھلندي، منھنجي اکين ۾ اوجھراڪيون پئي آيون ۽ اکيون ٻوٽيو ٻوٽيو پئي ويون اھڙي سمي مونکي ڪا سڌ نه رھي ۽ مان وڃي نالي ۾ ڪري پيس. رڙين ڪرڻ تي ماڻھن ٻاھر ڪڍيو ۽ ميان جي ڳڙھي کان ايندڙ گھٽيءَ ۾ واٽر ھائيڊرينٽ جو جتي موٽر لڳل ھوندو ھو، ان جي پٺيان پبلڪ نلڪو لڳل ھوندو ھو، جيڪو چوويھ ڪلاڪ استعمال ھيٺ ھوندو ھو ان نلڪي مان ڪن اللہ راسين مونکي وھنجاري صاف ڪيو. ان واقعي جي وقوع پزير ٿيڻ کانپوءِ مونسان وري ھڪ ٻيو سين پارٽ ٿيو. اڌ رات جو گھر ڏانھن ويندي جڏھن چوڙيگرن واري گھٽي ۾ اللہ ڏني پڙھي واري جي گھر وٽ پھتس تڏھن دل ۾ ھي خيال جاڳيو ته جي ھنن اڌو گابرو سڪل ڪپڙن جي حالت ۾ گھر ويس ته بابو صفا ڇني ڇڏيندو. انھيءَ ڊپ کان انصارين جي گھٽيءَ واري چونڪ کان بھشتي مسجد جو رخ ڪيم. رات چڱي گذري چڪي ھئي، مسجد جا دروازا بند ھئا. مون ڇا ڪيو جو وضو واري ٽانڪي واري در کان ٽپي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس ۽ جنھن پاسي قرآن ناظران جو درس ٿيندو ھو ان پاسي جمعي ڏينھن مسجد ۾ وڇائڻ وارين اضافي ڦراسين جو ڍِڳ پيو ھوندو ھو تنھن ڍير جي پويان لڪي سمھي رھيس. فجر جي آذان تي منھنجي اک کلي وضو ساري سنتون پڙھيم باجماعت فرض جي ادائگي کان پوءِ جڏھن جماعتين جو نڪرڻ شروع ٿيو تڏھن مسجد جي در وٽ محمد فيصل کھاوڙ جي مون تي نظر پئي. اسان ٻنھي جو گھر سامٽيا روڊ تي ھو تنھنڪري ٻئي گڏجي گھر ڏانھن روانا ٿياسي. مون کيس پنھنجي گذريل رات واري معاملي جي باري ڪجھ به نه ٻڌايو. محمد فيصل اڃا حال حيات آھي جڏھن لاڙڪاڻي ويندو آھيان ته ساڻس قرب جون ڪچھريون ٿينديون آھن. جڏھن صبح جو گھر پھتس ته بابو سائين سوير ئي ڪم تي نڪري ويو ھو باقي امڙ پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن کي رات واري سڄي ماجرا ۽ قصي کي ڪجھ ڊرامائي ۽ درديلي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم مگر ڪاميابي جي جيتري اميد ھئي سا پوري ٿي نه سگھي ۽ منھنجي نصيب ۾ امڙ جي ھٿان جيڪي موچڙا لکيل ھئا سي کجيءَ جي ٻھارن جي صورت ۾ پٺاڙن تي وسيا.