سليم سينڊو
لياري گورنمنٽ ڊگري سائنس ڪاليج جي مين گيٽ کان تقريبن سو ميٽر جي مفاصلي تي بلوچ هوٽل هوندو هو جنهن جي گهٽي ۾ هميشه هر وقت چار پنج ٻڪريون ٻڌيون بيٺيون هونديون هيون. ڪلا ڪوٽ جي هن هوٽل جو بورچي ئي هوٽل جو مالڪ ۽ مئنيجر هوندو هو ۽ سندس هٿ جو تيار ڪيل مٽن اسٽو کائڻ لاءِ پري پري کان ماڻهون ڪهي ايندا هئا. لياري ڪاليج جي هم خيال پروفيسرن واري جٿي مان ڪيمسٽري جو پروفيسر محمد اسماعيل بروهي فزڪس جو پروفيسر محمد حيات ڪولاچي، انگلش جو پروفيسر عبدالله جاويد، منور بلوچ، امداد سولنگي ۽ مان مانجهاندو ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن بلوچ هوٽل تي مٽن اسٽوکائڻ لاءِ وياسين. ان وقت هوٽل جو ڪاسائي هوٽل جي ڀر واري گهٽي ۾ بيٺل ٻڪرين مان هڪ ٻڪري کي ذبح ڪري ان کي گرل ۾ ٽنگي ان جي کل لاهيندي منور بلوچ سان مخاطب ٿيندي اسٽو جو آرڊر ورتو. تنهن بعد هن ٻڪڙي جون رانون ۽ دستيون آڻي اڏي ڀرسان رکيون ۽ اڏ تي اڳ ۾ رکيل ٻڪري جي ران، دستي ۽ ڇاپن کي ٺاهي ڪٽي ڏوئي وڏي ٻاٽلي ۾ وڌو ۽ هڪ ٻئي ٻاٽلي ۾ گهه ۽ بصرن جو وڍيل ٿالهه وجهي کڻي باهه تي رکيو. جڏهن گهه مناسب گرمائش تي پهتو هن تارازي سان توريل گوشت ٻاٽلي ۾ رکي ان ۾ مرچ مصالحا وجهي هڪ ڀڃڻي ڏيندي، ٻاٽلي کي ڍڪيندي اسان سان مخاطب ٿيندي چيو؛ سر جي بس باقي بيس منٽ. بلوچ هوٽل جي ماني توڙي نان سامهون واري تندور تان سپلاءِ ٿيندا هئا. هن هوٽل تي رڳو ڪمال درجي جو مٽن اسٽو تيار ٿيندو هو ۽ اهو سڄي ڪلا ڪوٽ ۽ لياري ۾ مشهور هوندو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ لاڙڪاڻي جي هوٽل المدينه ۽ ان بلوچ هوٽل جهڙو لذيز اسٽو وري ٻئي ڪنهن هنڌ نه کاڌو.
سليم سينڊو ڪلاڪوٽ جو دادا، باڊي بلڊر ۽ پهلوان هوندو هو، هن جو گهر بلوچ هوٽل جي سامهون جامع مسجد واري گهٽي ۾ هوندو هو. ڪلاڪوٽ جا جيڪي نوجوان باڊي بلڊنگ ۽ فٽنيس جا شوقين هوندا هئا سي سڀ شام جو سليم سينڊي جي ڪلب ۾ مختلف قسم جون ايڪسر سائز ڪندا هئا. سليم دادا اڪثر گهٽ ڳالهائيندو هو. سندس وات ۾ هر وقت پان جو ٻيڙو پيو هوندو هو ۽ هو جڏهن به کلندو هو ته سندس چهري تي هڪ عجيب ڀوائتي مسڪراٽ هوندي هئي ۽ گفتگو ڪرڻ وقت هو اڪثر پنهنجيون ٽنگون ٽيڙي بيهندو هو. سليم دادا جو نيم هوندو هو ته صبح جو ڪاليج جي مين گيٽ مان لنگهي ڪاليج جي فٽ بال گرائونڊ وٽ اچي ڪاليج جي ماحول جو جائزو وٺندو هو. تنهن کان پوءِ هٿ جي ترين تي ڪجهه رکي ان کي ٻنهي ترين سان مهٽي ڇنڊي ڦوڪي پنهنجي وات ۾ داخل ڪندي ٽي بي سينيٽريم واري پاسي هليو ويندو هو. ڪاليج جي هيٺين اسٽاف جن ۾ گهڻائي شيدي بلوچ مڪرانين جي هئي تن سان هو عليڪ سليڪ ۾ رهندو هو. هن جي اها خوبي هوندي هئي ته هو سڀني جي عزت ڪندو هو مگر ڪو وقت اهڙو آيو جو هو ڪاليج جي داخلائن ۽ امتحانن جي سيزنس ۾ پنهنجون دخل اندازيون وڌائيندي ڪاليج اسٽاف کي تنگ ڪرڻ لڳو هو. ڪاليج ۾ جڏهن نيون داخلائون شروع ٿينديون هيون ته هو پنهنجي هٿ ۾ سي ڊي ۽ اي گريڊ جي بلوچ شاگردن جا داخلا فارم کڻي اچي ڪاليج ۾ بيهندو هو. ان وقت ڪاليجن ۾ شاگردن جون داخلائون ڊائريڪٽوريٽ ايجوڪيشن جي ڏنل پاليسين جي موجب ٿينديون هيون. تمام داخلائن جون گريڊ بنديون ۽ انهن جون فهرستون ڪاليج جي پرنسپل جي مقرر ڪيل داخلا ڪميٽي تيار ڪندي هئي. پوءِ به خبر ناهي ته سليم دادا ڪهڙا ذرائع استعمال ڪري ٻٽي داخلائون ڪرائي وٺندو هو. باوجود ڪاليج انتظاميا جي منع ڪرڻ جي هن جون اهڙيون سرگرميون جاري رهنديون هيون. ڪاليج جا ساليانا امتحان جاري هئا. ڪاليج جي هر سيزن ۾ منور چانگ ۽ مون کيس نرمي ۽ محبت سان سمجهايو ته خدارا ڪاليج ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم نه ڪر. پر همراهه مڙڻ بدران پنهنجي سرگرمين کي جاري رکيو. هڪ ڏينهن ته حد ڪري ڇڏيائين جو ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ پرنسپل آفيس اڳيان اسٽاف جي ماڻهن سان دفنگو فساد ڪري ڏنائين. پروفيسر حيات بلوچ، امداد سولنگي، منور چانگ ۽ مان فورن جاءِ واردات تي پهچي وياسين. مون هن کي ساڄي پاسي بيهي سندس ڪلهي کي لوڏيو مگر محسوس ڪيم ته هو نه چري نه پري بلڪه صفا پٿر لڳو پيو هو. مون کيس سمجهائڻ بدران هن جي گگهي ڀائي بلوچن جي پاسي ۾ وڃي ويٺس. جن هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر پوءِ به هو بڙ بڙ ڪندو ڪاليج کان ٻاهر هليو ويو.
هڪ ڏينهن سليم دادا حد ڪري ڇڏي. موڪل کان پوءِ پروفيسر عبدالله جاويد، منور چانگ، ميٿميٽڪ جو پروفيسر منسوب علي خان ۽ مان ٽي بي سينيٽوريم کان ٽپي جڏهن پراڻي ڪپڙي جي گودامن وٽ پهتاسين ته سليم دادا اسان جي پويان اچي پنهنجي مخصوص انداز سان اسان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو. اسان هن جي چوڌاري حلقو لڳائي بيهي رهياسين. هو پنهنجي چپن تي ڀوائتي مسڪراهٽ آڻيندي ڌمڪي آميز لهجي ۾ عبدالله جاويد کي چوڻ لڳو استاد تنهنجي عمر ته پوري ٿي چڪي آهي تون ته بونس ۾ پيو هلين منهنجي معاملي ۾ روڙا اٽڪائڻ ڇڏي ڏي ورنه توهان جو هتان لنگهڻ مشڪل ڪري ڇڏيندس. مون کيس همت ڪري چيو. سليم ڏس تنهنجي ۽ اسان جي ڪا پاڻ ۾ ذاتي دشمني ڪانهي. معاملو لياري جي شاگردن جو آهي اسان سڀ چاهيون ٿا ته هتان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن تنهن ڪري تون اسان جي سامهون ڇو ٿو اچين. مون کي چوڻ لڳو مگر هتي منهنجي روزي روٽي جو مسئلو آهي. عبدالله جاويد چيس روزي روٽي ته سڀ کي رب ڏيڻ وارو آهي. تنهن تي چوڻ لڳو الله بادشاهه آهي. اسان به کيس وراڻيو ته الله بادشاهه آهي. چڱو پنهنجو خيال رکجو ائين چئي تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي اڳتي وڌي ويو. هڪ ڀيري ڇا ڪيائين جو امتحانن جي ڏهاڙن ۾ ڪاليج جي فٽ بال گرائونڊ ۾ کٽ وجهي ان تي پلٿي هڻي ويهي رهيو ۽ ڪاليج ۾ امتحان لاءِ ايندڙ شاگردن کان اينٽري مني آڳاڙڻ لڳو. ڪيترن اميدوارن امتحان انتظاميا اڳيان اچي دانهيو ته ڪاليج گرائونڊ ۾ کٽ تي ويٺل پهلوان اسان کان سليم ٽيڪس نالي پنج رپيا في اميدوار پيو اڳاڙي. جڏهن اها ڳالهه پرنسپل محمد يوسف کوکڙا تائين پهتي ته هن علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد اسلم سنجراڻي کي فون ڪئي. مسٽر اسلم سنجراڻي کي مون به سليم بلوچ جي حرڪتن ۽ ڌمڪين بابت چڱي طرح بريف ڪيو. هن صاحب معاملي جي سنگيني کي ڏسندي هڪدم ايس پي جي چارج هيٺ ريپڊ پوليس فورس موڪلي ڏنو. جنهن ويهن پنجويهن منٽن اندر سليم سينڊي جي حوارين ۽ سليم سينڊي کي منجي سوڌو غائب ڪري ڇڏيو. سال اڌ کان پوءِ بلوچ هوٽل جي ڀرسان جامع مسجد جي دروازي تي سليم دادا تي منهنجي نظر پئي ته منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي. همراهه ارڪان دعوت اسلامي جي شيپ ۾ هو. کيس هيٺ تي اڇي شلوار تن تي ڊگهو اڇو ڪڙتو مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ ڳچي ۾ چيڪ وارو رومال ويڙهيل هئو ۽ مزي جي ڳالهه ته هن منور بلوچ ۽ مون ڏانهن ڏسندي مسڪرايو. مگر شان قدرت ته هن ڀيري سندس مسڪراهٽ ۾ ڪنهن قسم جي ڪرڀ يا ڪراهت ڪا نه هئي.