سنڌ سمال انڊسٽري ۾ يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو قيام
سيپٽمبر واري جنگ جي خاتمي کان پوءِ جيئن ئي ملڪ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس جا گراف مٿي چڙهڻ لڳا تيئن ئي مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ هر قسم جي ڪپڙي جي گهرج وڌندي وئي. ۽ ڪپڙي جي صنعت سان لاڳو ڪارخانن ۾ پيداواري عمل تيز ٿي ويو. لاڙڪاڻي جي سمال انڊسٽري اسٽيٽ جا نائلون جا ڪارخانا رات ڏينهن چوويهه ڪلاڪ پيداواري عمل کي جاري رکڻ لاءِ نٽنگ جي ڪاريگرن کان اوور ٽائم ڊيوٽيون ڪرائڻ لڳا. اهڙين حالتن ۾ مون کي به اوور ٽائم ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ اهڙين هنگامي حالتن جي ڪري منهنجي ڪاليج جي اسٽڊي کي وڏو نقصان پهتو. امتحانن جي ڏهاڙن ۾ گهٽ وقت ملڻ ڪري آئون چڱي تياري ڪري نه سگهيس. پوءِ به انٽرميڊي ايٽ جي امتحان ۾ شرڪت ڪئي ۽ جيئن جو تيئن امتحان پاس ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مون بي اي پارٽ ون ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي.
سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ جاءِ تي هڪ جهڙي صنعتن جي قائم ٿيڻ سان ڄڻ هڪ ئي جاءِ تي هڪ گروپ آف ڪمپنيز قائم ٿي ويو هو ۽ ملز مالڪن پنهنجي هڪ جهڙي مفادن کي نظر ۾ رکي مل جي مزدورن خصوصن لوڪل آپريٽرس ۽ هيلپرس سان سخت روين وارو وهنوار ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ڪمن ۾ ملين جا مالڪ پاڻ لوڪل مزدورن ۾ سڌي طرح هٿ ڪو نه وجهندا هئا، مگر مشين ماسٽر، ڊزائنرس ۽ جابرس انهن جي مفادن ۽ حقن آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪندا هئا. ملين جي مالڪن ۽ مئنيجر جي هڪ هٽي قائم هجڻ ڪري مجبورن انهن جي چوڻ مطابق فيصلا ٿيندا هئا. علي ٽيڪسٽائل مل ۾ به لوڪل آپريٽرس ۽ هيلپرس اهڙين حالتن تحت پيدا ٿيندڙ اگرن نتيجن سببان سختيون ۽ ناانصافيون ڀوڳڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ لوڪل مزدورن جون پگهارون ڳچ وقت کان هڪ هنڌ تي جام ڪري ڇڏيون ويون هيون. ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن لوڪل مزدورن جي ڪنهن حيلي بهاني سان ڇانٽي به ڪئي ويندي هئي. جنهن سبب انهن جي اڪثر سينارٽي متاثر ٿيندي هئي. اهڙي عجيب صورتحال جي ڪري ڏينهون ڏينهن مل مزدورن ۾ بي چيني وڌندي پئي وئي. مزدورن ۾ ٻه چار اکر پڙهيل هجڻ ڪري لاهور ۽ ڪراچي کان آيل ماسٽرس ڊزائن ميڪرس ۽ مشينن جي ڌاڳن جي ڀرتي ڪري انهن جو ٽيڪنيڪل ڪم سنڀاليندڙن جي چالبازين کي آئون چڱي طرح سمجهندو هوس ۽ وارو وٺي مون هڪ ٻن مزدورن سان ٿيندڙ زيادتي جي معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي مگر ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي هئي. مزودرن جي مفادن، حقن ۽ مسئلن کي قانوني طور سمجهڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي سوشل ويلفيئر ۽ ليبر آفيسن جا چڪر لڳايم ۽ ليبر آفيسر سان لهه وچڙ ۾ اچي فيڪٽري ايڪٽ ۽ ڪارخانيداري رولز ۽ ريگوليشن مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه معلومات حاصل ڪري مزدورن جي حقن جي حصول لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪري ڏنم. پهريون مون پنهنجي هم خيال دوستن جو هڪ حلقو تيار ڪندي ٽنهي ملين جي مزدورن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو. تنهن کان پوءِ ستت ئي گڏجي مڙني مزدورن جي اڇا تي يونائيٽيڊ ورڪرس يونين جو بنياد رکيوسين.
بي اي پارٽ ون جي امتحانن ۾ ٻه ٽي مهينا باقي رهيا هئا. ملين ۾ اوور ٽائيم ڪرڻ جي سيزن شروع ٿي چڪي هئي. جڏهن گهران ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ آئون نڪرندو هوس تڏهن پاڻ سان ڪتاب کڻي ويندو هوس. ڪپڙي اُڻڻ واريون هي جديد خودڪار وارپ نٽنگ مشينون هڪ اليڪٽرڪ سويچ جي دٻائڻ سان پيداواري عمل شروع ڪري ڏينديون هيون. مشين آپريٽر رڳو مشين تي ٺهندڙ ڪپڙي جي نگراني ڪندو هو. مشين جي هلندي جيڪڏهن ڪا تند يا سڳا ٽٽي پوندا هئا ته آپريٽر جو ڪم هوندو هو ته مشين جو سويچ بند ڪري مشين کي بيهاري ۽ ٽٽل تند يا تندون بيمن مان ڪڍي، سنواري ٺاهي انهن کي مشين جي رڇن جي پاکڙن ۾ هڪ هٿ سئي جي ذريعي پوئي ۽ وري مشين کي ري اسٽارٽ ڪري. هي خودڪار مشينون ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجو پيداواري عمل جاري رکنديون هيون ۽ ان وچ ۾ آپريٽر کي ڪجهه وقت ۽ ڪجهه آرام ملندو رهندو هو. اهڙي وقت جو فائدو وٺندي مان ڪتابن جا سبق ۽ چيپٽر ياد ڪري پنهنجي ايندڙ امتحان لاءِ تياري ڪندو هوس. جي ڏينهن جي ڊيوٽي هوندي هئي ته مان رات جو پڙهندو هوس ۽ جيڪڏهن رات جي ڊيوٽي هوندي هئي ته ڏينهن جو ڇهه ست ڪلاڪ ننڊ ڪري ٻه اڍائي ڪلاڪ شام جو اسٽدي ڪندو هوس. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ گريجيوئيشن ڪرڻ بعد مون کي مل مزدور يونين جو دائرو وسيع ڪرڻ خاطر لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ قائم ٻيڙي ٻانڌن جي يونين ۽ ٻين مزدور يونين جي ليڊرن سان رابطو ڪري ملاقاتون ڪيون. مگر ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي وڏين ملز يوسف شاهه جيلاني واري، منگي وولن ملز ۽ حئي سنز جي تعاون نه ملڻ ڪري رڳو پنهنجي نٽنگ سيڪٽر جي مل مزودرن سان لهه وچڙ ۾ اچي گيان باغ جي وسيع لان سيتا پارڪ ۾ گڏجاڻيون ڪري هڪ اليڪشن سيل تشڪيل ڏنوسين. جڏهن يونين سازي جو پورو ماحول تيار ٿي ويو تڏهن مزدورن جي وچ ۾ اليڪشن ڪرائي سون جنهن ۾ مزدور دوستن مون کي يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ يونين جي صدارت لاءِ يڪراءِ ٿي مسٽر غلام نبي ڀٽو کي چونڊيو ويو جيڪو ڊاڪٽرصلاح الدين جي ڪلينڪ ۽ بينڪ اسڪوائر پٺيان هڪ گهٽي ۾ رهندو هو. مسٽر غلام نبي ڀٽي جي تعاون ۽ معاونت سان ستت ئي اسان ليبر ڊويزن آفيس حيدرآباد وڃي پنهنجي يونائٽيڊ ورڪرس يونين کي رجسٽرڊ ڪرايوسين ته جيئن مزدورن جي حقن لاءِ قاعدي ۽ قانون مطابق وڪيلن جي ذريعي جدوجهد ڪري سگهجي ۽ مزدورن کان فنڊنگ ڪري لاڙڪاڻي ۾ يونين ازم کي مضبوط ۽ منظم ڪري سگهجي.