سيوا ڪنج هاسٽل
سيوا ڪنج، برنس روڊ، آرام باغ ڪراچي جي هڪ ئي علائقي جا هي ٽي نالا آهن ته جدا جدا مگر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. سيوا ڪنج شاهاڻي گروپ وارن جي عمارت آهي. آرام باغ جيڪو ورهاڱي کان اڳ رام باغ نالي سان مشهور هوندو هو تنهنجي پراڻي رام باغ روڊ جي ڪنڊ تي گانڌي چونڪ تي پراڻي برٽش ڪائونسل لائبريري جي بلڊنگ آهي. هاڻي ورهاڱي کان پوءِ گانڌي چونڪ کي پاڪستان چوڪ سڏجي ٿو. تنهن جي اوڀر ۾ ڪارنر تي آرام باغ مسجد جي سامهون سيوا ڪنج بلڊنگ آهي جيڪا ستر واري ڏهاڪي ۾ اين اي ڊي ڪاليج جي هاسٽل هوندي هئي تنهن ۾ آئون پنهنجي دوستن جي تعاون سان 1973ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳس. ڏسجي ته منهنجي زندگي جون هي سونهري گهڙيون هيون. زندگي جون جيڪي چار گهڙيون مون هتي گذاريون سي ڪنهن پل وسرن نٿيون شايد اکيون ٻوٽڻ تائين نه وسرن. هن زماني ۾ زندگي ۾ ڪجهه آسانيون پيدا ٿيون هيون. زندگي ۾ ٿورو لطف پيدا ٿيو هو ۽ مون ڪي قدر سک جو ساهه کنيو هو. ڪارخانداري ۽ مزدوري واري زماني جي پگهار جي مقابلي ۾ هاڻي منهنجي پگهار چار ڀاڱا وڌي چڪي هئي. تن بدن ۾ نئون روح ڀرجي ويو هو. هاڻي آئون پنهنجي گهر والده کي اڳ کان ٻيڻا پيسا موڪلڻ جي قابل ٿي چڪو هوس. والده جيڪي دعائون ڪندي هئي اهي دل ۾ محسوس ٿينديون هيون. سيوا ڪنج ۾ رهائش دوران وڏي سهولت اها هئي ته ڪاليج اچڻ وڃڻ وارو فاصلو هاڻي پهريان کان اڌ ٿي چڪو هو. ان کان سواءِ هن صاف سهڻي ۽ خوبصورت علائقي جي زندگي خوشگوار، پر رونق ۽ رمق سان ڀرپور هئي. بهترين روڊ رستا، چوڌاري خوشگوار ماحول ۽ اوسي پاسي سهڻيون قديم ۽ تاريخي عمارتون جن جا بنياد ٽيگور جهڙي شخصيت رکيا هئا. اهڙين سهڻين عمارتن ۾ برٽش ڪائونسل لائبريري جيڪا ڪنهن زماني ۾ اسڪول آف آرٽس جي عمارت هئي. ان جي ڀرپاسي ۾ آرام باغ جهڙا تاريخي باغ باغيچا، پاڙي ۾ مٺا رام هاسٽل جي عمارت جيڪا ان وقت اين اي ڊي ڪاليج جي هاسٽل هئي. وري ان جي سامهون ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پر شڪوه گلابي پٿرن سان جڙيل تاريخي عمارت. ڀرسان قديم تاريخي هندو جيم خاني جي سهڻي عمارت، سامهون گوئٽي انسٽيٽيوٽ وري ان جي سامهون آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاڙي ۾ ڊائريڪٽوريٽ، هاسٽل لڳ سيڪريٽريٽ ان کان سواءِ سنڌ جي تاريخي خوبصورت سنڌ اسيمبلي بلڊنگ بس هن سحر انگيز علائقي ۾ رهندي منهنجا ته ٻئي ڇڪا ٻارنهن ٿي پيا هئا. ڪن انتظامي معاملن جي ڪري سيوا ڪنج هاسٽل جي ميس کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند رکيو ويو هو. پوءِ به ڪنهن کي ڪا پرواهه ڪا نه هئي. هاسٽل جي هيٺان چند قدمن تي پاڪستان چونڪ هو. جنهن جي چئو ڦير سڄو سارو هوٽلن جو ماحول هو. چانهه جا ننڍا وڏا هوٽل، نان نهاري ۽ پاون جا عمده مرڪز. بهترين مٽن ڪڙهائي، پنجاب لسي هائوس، فريسڪو بيڪري ۽ سويٽمارٽ، بنگالي مشٽي مُک مٺاين جو دڪان برنس روڊ جا مشهور ڌاڳي وارا گولا ڪباب، قورمان قوفتا ڀڳل گوشت ۽ گرلڊ مٽن چاپون مطلب ته هتي هر وقت سڄي علائقي ۾ عمدن کاڌن جي خوشبو پکڙيل هوندي هئي.
منهنجو نيم هوندو هو ته صبح جو وهنجي سنهجي تيار ٿي پنجاب لسي هائوس تي فروٽ بن سان لسي جي گلاس سان نيرن ڪري ڪاليج روانو ٿي ويندو هوس. جواني جا ڏينهن هئا پنڌ ڪرڻ ۾ لطف ايندو هو. ان کان سواءِ گهمندي ڦرندي نوان پراڻا پاڙا، بازارون، عمارتون، اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عمارتون وغيره ڏسندو ڪاليج پهچندو هوس. ان وقت اڪثر جيڪو آئون رستو وٺندو هوس سو سيوا ڪنج کان سائين اياز حسين قادري جي گهر جي پاسي کان نڪري ميان عبدالوهاب شيخ (برادرم بهاو الدين شيخ ۽ عبدالستار شيخ) جي فليٽ کان ٽپي بندر روڊ لتاڙي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي بلڊنگ جي ڪنڊ تي حبيب بينڪ ۾ ايندو هوس جنهن ۾ منهنجو بينڪ اڪائونٽ هوندو هو. ان جي اندرين پاسي کان هڪ دروازو هوندو هئو جيڪو اندران ئي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ کلندر هو. اتان نڪري سول اسپتال جون جهونيون گلابي پٿرن واريون عمارتون ڏسندو ايمرجنسي وارڊ واري دروازي کان نڪري چاند بي بي روڊ تي پراڻي سنڌ يونيورسٽي بلڊنگ (موجوده ڪراچي ڪاليج چاند بي بي) کي تڪيندو وفاقي اردو ڪاليج کان گذري ڀيم پوره سومرن جي محلي ۾ داخل ٿيندو هو. هن علائقي جي منهنجي پان خور مائٽن جون مڪراڻين جهڙيون شڪليون واچيندو وڃي ڪمڀار پاڙو کڻندو هوس. اتان اڳتي وڃي ٻه ٽي گهڙيون ڪراچي جي مشهور سنڌي آرٽس پينٽر گل محمد کتري جي دڪان تي هن جي شاهڪارن تي طاعرانا نگاهه ڦيري لي مارڪيٽ جي چونڪ تي پهچندو هوس. واه ڇا منظر هوندو هو ان وقت ان چئو واٽي جو، ٽاور کان نيپئر روڊ ڏئي ايندڙ ٽرام جي وڄندڙ گهنٽي، ته روح جون تارون ڇيڙي ڇڏيندي هئي. هن چوراهي تي اچي تقريبن ٽرام خالي ٿي ويندي هئي. هڪ ٻه مسافر جنهن کي اڳتي وڃي چاڪي واڙي لهڻو هوندو هو سي وڃي باقي بچندا هئا. منهنجو ٽرام جو سفر اتان شروع ٿيندو هو جيڪو ٿورو اڳتي وڃي سنڌي ميڊيم سيڪنڊري اسڪول چاڪي واڙي جي آخري اسٽاپ تي ختم ٿيندو هو. ٽرام جي ان آخري اسٽاپ جي آمهون سامهون ٻه گهٽيون هونديون هيون جيڪي منهنجي ڪاليج جي دروازي تائين پهچڻ لاءِ شارٽڪٽ هونديون هيون انهن مان هڪ هئي گل محمد لين ۽ ٻيو هئي حميد لين.
مان اڪثر گل محمد لين مان لنگهي ڪاليج ويندو هوس. اهي گهٽيون لياري ڪوارٽرس جون مشهور ۽ معروف ڳليون آهن جتي لياري جي ماڻهن جو واضح ۽ سهڻو ڪلچر نظر ايندو هو. ان سان لڳو لڳ ٽينري روڊ آهي مگر اتي اچي اهو سمورو علائقو چاڪي واڙو سڏجي ٿو. ارد گرد ننڍا وڏا اسڪول، چانهه جا ڪارنر هوٽل، پان، ٻيڙيون مانڊيون ۽ ميڊيڪل اسٽور آهن. پاڙي جو اهو ئي ٽڪرو آهي جتي اصل مڪراڻي بلوچي ۽ لاسي سنڌي گاڏڙ ڪلچر ۽ ماحول نظر ايندو. ڪنهن زماني ۾ اهڙي ماحول جي پس منظر ۾ ڪنهن ڪارنر هوٽل تي ويهي يا پنهنجي اسڪول جي رستي تي ايندي ويندي محترم اياز حسين قادري پنهنجي مشهور ڪهاڻي بلو دادا جو پلاٽ تيار ڪري هڪ لازوال ڪهاڻي تخليق ڪئي هئي جيڪا جديد سنڌي ادب جي ڪهاڻين جي شروعاتي ڪهاڻين مان هڪ هئي.