ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

پي ايڇ ڊي لاءِ تياري

پي ايڇ ڊي لاءِ تياري

1985ع ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم فل لاءِ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي نگراني ۾ منهنجي رجسٽريشن جو مرحلو مڪمل ٿيو ته مون پنهنجي مطالعي کي شروع ڪندي موضوع لاءِ گهربل مواد جمع ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويس. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران مون پنهنجي پسند جي موضوع تي اڳواٽ ئي چڱو مواد جمع ڪيو هو. دوست بشير احمد شاد ۽ مسٽر مهتاب تنيي ان سلسلي ۾ مون سان ڪافي تعاون ڪيو هو. محترم مهتاب تنيي جو والد مرحوم پروفيسر الله بخش تنيو آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون جو استاد هوندو هو ۽ کيس لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي. اسان کائنس گهڻي رهنمائي حاصل ڪئي هئي. پراڻي زماني جو ماڻهو هو سندس انهن عالمن ۽ اديبن سان به تعلقات ۽ دوستيون هيون جيڪي سنڌي ادب ۽ تاريخ جا سرجڻهار هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليا ويا هئا. سندس اهي دوست هندوستان مان الله بخش تنيي صاحب کي پنهنجا نوان ڪتاب ۽ ٻيون ادبي ڪاوشون موڪليندا رهندا هئا. وفات کان پوءِ سندس لائق فرزند مهتاب تنيي سان انهن عالمن ۽ اديبن جو ناتو ڳنڍيو رهيو. تنهن ڪري لاڙڪاڻي جي علمي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ مسٽر مهتاب وٽ جيڪي نوان ڪتاب ۽ ادبي مواد جمع ٿيندو هو ته مسٽر مهتاب اهي دل کولي مون کي مطالعي لاءِ ڏيندو هو. ورهاڱي کان اڳ جي عالمن، شاعرن ۽ اديبن جو جيڪو مواد مون وٽ جمع ٿيو هو تنهن کي تاريخ وار ترتيب ۾ آڻي پنهنجي نگران ڊاڪٽر اياز حسين کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڏيکارڻ لاءِ کڻي ويس. قادري صاحب کي منهنجو ڪم وڻيو، ۽ صلاح ڏيندي چيائين تنهنجو ڪم ڏسڻ لاءِ مون کي سڪون ۽ ايڪانت وارو ماحول گهرجي تنهن ڪري اڳتي جيڪو ڪم ڪرين اهو ڏيکارڻ لاءِ منهنجي گهر ايندو ڪر تان ته فائل ۽ پنا سڀ محفوظ رهن. ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ هڪ آچر جي شام جو ڪجهه ادبي ميڙي چونڊي کڻي آئون سندس آرام باغ واري گهر پهتس. جتي نه رڳو منهنجو ڪم ڏٺائين بلڪه پنهنجي لائبريري مان به مضمون جي مطابقت سان ڪجهه ڪتاب عنايت ڪيائين جن ۾ ڀارت جي عالمن ۽ اديبن جا تازه ڪتاب شامل هئا ۽ انهن عالمن ۽ اديبن جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ پروفيسر رام پنجواڻي شامل هئا.
مون وٽ گهر ۾ ڍنگ جي ڪا رائيٽنگ ٽيبل يا ڪرسي ڪا نه هئي سو آرام باغ مان وڃي وٺي آيس ۽ موضوع تي لکڻ جي ڪم ۽ مواد ڪٺي ڪرڻ جي ڪوششن کي مون اڳ کان اڳرو ڪري ڇڏيو. چئن پنجن مهينن کان پوءِ مون وٽ جيڪا ادبي سهيڙ ٿي تنهن جي بنياد تي لاڙڪاڻي جو تهذيبي، تاريخي پس منظر ۽ جياگرافيڪل بيهڪ تي مقالا لکي تيار ڪيم ۽ ان سان گڏ مضمون جو ڀاڱيوار وچور ۽ فهرستن کي نئين سر ترتيب ڏئي ڊاڪٽر اياز حسين قادري صاحب کي فون ڪيم ته موضوع متعلق جيڪو انٽروڊڪٽري ڪم ڪيو آهي سو کيس ڏيکارڻ چاهيان ٿو. قادري صاحب پنهنجي گهر تي شام جو گڏجاڻي جي اجازت ڏني. مقرر ڪيل وقت مطابق سندس گهر ويس.
سائين جو گهر هڪ عجيب رومانٽڪ روڊ تي هئو. مان گرد و نواه جي ماحول کان نه رڳو واقف هوس پر ان ۾ گهمندي ڦرندي مون کي عجيب سرور ايندو هو. رام باغ روڊ دراصل ڪراچي جي گاڏي کاتي جي اتر اوڀر ۾ هو. گاڏي کاتو ڪراچي جي تاريخ جي قديم مشهور ڪچهري روڊ جي وچ ۾ هن وقت به موجود آهي. هن علائقي ۾ قانون جي ڪتابن جا وڪرو گهر هوندا هئا. ڪنهن زماني ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ فتح محمد سيوهاڻي به هن علائقي ۾ رهندا هئا جن وٽ سنڌ جي عالمن اديبن جون محفلون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. پهرين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي منصوبابندي به ڪراچي جي هن علائقي ۾ ٿي هئي. ڪراچي جي خوشبو ڳلي (Perume Street) هن وقت به موجود آهي. ان گلي جو رومانٽڪ ماحول ۽ پراسراريت پنهنجي جاءِ تي ايندي ويندي جي ذهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ ڀيري منهنجو دلي دوست بشير احمد شاد ڪراچي کان مون وٽ آيو هو. گهمندي گهمائيندي اوڙي پاڙي جو چڪر کارائيندي مون کيس اچي بوتل گلي جو سير ڪرايم. هر قسم جون، هر رنگ جون، هر سائز جون ۽ هزارين ڊزائن جون بوتلون ڏسندا چئو طرف پکڙيل خوشبويات جو واس وٺندا جڏهن هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي پهتاسين ته شاد صاحب مون سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ته يار هن گلي تي ته پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. مون کيس چيو ته ريسرچ جو موضوع ڇا ٿيندو. ساهي ڀري چوڻ لڳو موضوع ٿيندو تحريڪ آزادي ۾ بوتل ڳلي جو حصو. بهر حال بشير احمد تي بوتل ڳلي جي پراسراريت ۽ خوشبوعيات جو جيڪو اثر مرتب ٿيو هو تنهن جو هن اظهار اهڙن لفظن ۾ ڪيو.
قادري صاحب جو فليٽ چوٿين منزل تي هو روڊ جي ٻنهي پاسن تي هيٺ هوميوپيٿڪ دوائن جا دڪان هئا. قادري صاحب جي گهر وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي لچڪيدار ڏاڪڻيون پار ڪرڻيون پونديون هيون جيڪي چڱيون ڀليون حالت زار ۽ زبوني کي پهچي چڪيون هيون. قادري صاحب جو فليٽ آخري منزل تي هو ۽ کيس فليٽ جي ڪوٺي جو بينيفٽ حاصل هو جنهن تي هڪ اڌ ڪمرو ۽ کليل آڳر هو جنهن ۾ عباس عملدار جو جهنڊو لڳو پيو هوندو هو. آڳر ۾ بيهي پاڪستان چونڪ ڏي نگاهه ڪندو هوس ته سيوا ڪنج هاسٽل جون بالڪونيون نظر اينديون هيون جتي ڏهه ٻارهن سال اڳ اسان بيهي ارد گرد جي ماحول جو جائزو وٺندا ۽ هوا خوري ڪندا هئاسين. قادري صاحب مون کي پنهنجي اوطاق ۾ ويهاري وڃي چانهه پاڻي جو بندوبست ڪندو هو ناشتي پاڻي کان پوءِ منهنجي مضمون جا فائل ڏسندو هو. ڪميون خاميون ۽ قص و ناقص مٽيريل جي باري ۾ نشاندهي ڪندو هو تحقيقي ڪم ۽ لکڻ جي اصولن معيارن ۽ حوالن وٺڻ جي قائدن متعلق ڪارآمد معلومات فراهم ڪري آئينده ملاقات جو ٽائم ٽيبل ڏيندو هو.