ٽرام جو آخري اسٽاپ چاڪي واڙو
ٽرام جي آخري اسٽاپ چاڪي واڙي تان لهي مان اڪثر گل محمد لين مان لنگهي لياري ڪاليج پهچندو هوس. لياري چاڪي واڙي جي پاڙي جي گهٽين گهيرن مان ايندي ويندي ماڻهون مون کان اڪثر سوال ڪندا هئا ته بابا هي ڪالا نانگ ۽ ان جي شاگرد مافيا جو علائقو آهي توکي ايندي ويندي ڀئو نٿو ٿئي. خود انهن گهٽين جا باشندا جن ۾ عورتون به سامل هونديون هيون ڪڏهن ڪڏهن روڪي اهڙي قسم جو سوال ڪنديون هيون کين منهنجو، اهوئي جواب هوندو هو ته مان هڪ استاد آهيان ۽ هر قوم پنهنجي استادن جي عزت ڪندي آهي. مڪراڻي هجي، لاسي چاهي بلوچ سڀ اسان هڪ قوم جا فرد آهيون ۽ مون کي خبر آهي سڀئي استاد جي عزت ڪندا آهن تنهنڪري مون کي هتي گهمندي يا ايندي ويندي ڪو خوف يا خطرو محسوس نه ٿيندو آهي. هنن علائقن جا اڪثر وڏي عمر جا ماڻهون جن جو تعلق کڻي ڪهڙي به گروپ يا قوم سان هوندو هو سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ سنڌين جي عزت ڪندا هئا. لياري گورنمنٽ سائنس ڪاليج پهچڻ لاءِ جيڪي به رستا وٺي ويندو هوس تن جو رومانٽڪ ماحول اڄ سوڌو اکين اڳيان ڦري ٿو. جميلان اسٽريٽ جنهن تي ورهاڱي کان اڳ، مشهور سنڌي جميلان ٿيٽر ۽ معروف ڊراميٽڪ سوسائٽيون هونديون هيون جيڪي شام کان رات دير تائين آغا حشر ڪاشميري ۽ ٻين معروف ليکڪن جا دلچسپ ڊراما ۽ کيل رچائينديون هيون.
مولوي مسافر خاني جي پويان ويندڙ گهٽي سڄي هٿ تي مڙي شوساڌناڻين جي گهرن کان جميلان ٿيٽر ڏي ويندي هئي. وري جناح روڊ وٽان جوبلي سينيما کان ويندڙ جميلان اسٽريٽ قديم يهودين جي عبادتگاهه سينيگاگ ڏانهن ويندي هئي. ان جاءِ تي شروع ۾ پراڻن سينيما گهرن جو هڪ گروپ هوندو هو جن مان گوڊين، جوبلي ۽ ناز سينيما مشهور هيون. انهن سينيما گهرن ۽ ارد گرد جي ٿيٽريڪل ماحول ۾ جيڪي جهونا ماڻهو هندوستان ۽ پاڪستان جي ورهاست کان اڳي رهندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا انهن مان جيڪڏهن ڪو جيئرو هوندو ته ان کان ان زماني جي حسين رومانٽڪ يادگيرين ۽ ماحول معاشرت ۽ سماجي زندگيءَ جو احوال وٺي ميڊيا تي آڻجي ۽ ان کي ڪتابي صورت ڏجي ته جيئن اسان جو هڪ تاريخي سماجي ۽ ثقافتي ورثو محفوظ ٿي سگهي.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي ان پاڙي ۾ رومانٽڪ ماحول ۾ شوساڌاڻين جي گهر ۾ 1941ع ۾ هڪ ڇوڪريءَ جنم ورتو هو. سندس پتا ان جو نالو ساڌنا رکيو هو. هند ۽ سنڌ ۾ وريون پوڻ کان پوءِ جڏهن هي سنڌي هندو خاندان ڀارت لڏي وڃڻ لاءِ اُسهي پيو ته ان وقت ساڌنا اٺن نون ورهين جي هئي. هوءَ پاڙي جي ٿيٽريڪل ۽ رومانٽڪ ماحول کان گهڻو متاثر هئي ۽ ٻاروڻڻ ۾ ڪراچي ۾ ئي ڊانسنگ جي تربيت وٺي چڪي هئي. هندوستان وڃي جڏهن سنڌ جي هندن سنڌ وطن کي ساريندي اباڻا فلم ٺاهي هئي ته جميلان اسٽريٽ جي هن ڇوڪري ساڌنا شوساڌاڻي سنڌي فلم ۾ پنهنجو پارٽ خوب نڀايو هو. اڳتي هلي اها سنڌ ڪراچيءَ جي ڇوڪري هندستان جي مشهور ۽ رومانٽڪ اداڪارا ساڌنا سڏجڻ لڳي. سندس هيئر اسٽائل ساڌنا ڪٽ سڄي هندوستاني ۽ پاڪستاني سماج ۽ فلمي دنيا ۾ خصوصن عورتن ۾ ائين مشهور هوندي هئي جيئن مردن ۾ مشهور فلمي اداڪار جي دليپ ڪٽ. فلمي ڪريئر ۾ ساڌنا شو ساڌاڻي تي جيڪو رومانٽڪ گانو پڪچرائز ڪيو ويو هو. لگ جا گلے کے پھر یے حسین رات ہو نہ ہو، شاید پھر اس جنم میں ملاقات ہو نہ ہو۔ نه رڳو سپر هٽ ٿيو هو بلڪه هن گاني اسان جي سرحدن ۾ داخل ٿي عاشقن جي دلين ۾ اڱارا اوتي ڇڏيا هئا.
جميلان روڊ جي ان پاڙي کي رام سوامي ۽ رنڇوڙ لائن به سڏيو ويندو آهي جنهن ۾ گذدر، سلاوٽ، مارواڙي، ڪڇي، ڀوڄپوري ۽ راجستاني قوم جا ماڻهو رهندا آهن پاڪستان ٺهڻ بعد هندوستان کان پلاڻيل مهاجر به هنن پاڙن ۾ اچي آباد ٿيا آهن. 1976ع جڏهن پراڻي حاجي ڪيمپ واري علائقي ۾ لياري سائنس ڪاليج جي نئين عمارت ٺهي تيار ٿي. تڏهن اسان هن نئين بلڊنگ ۾ شفٽ ٿي وياسين. ان کان اڳ آئون به پنهنجي دوست عبدالغفار سومري جي انگلينڊ اسڪالر شپ تي وڃڻ کان پوءِ فيڊرل بي ايريا ۾ شفٽ ٿي چڪو هوس. فيڊرل بي ايريا ڪريم آباد کان لارينس روڊ لاءِ B-5 بس ملندي هئي. آئون اڪثر ان بس جي ذريعي ڪاليج ايندو ويندو هوس.
ان زماني ۾ منهنجي خريداري جو مرڪز رام سوامي بازار ۾ رام سوامي ٽاور هوندو هو. هي علائقو منهنجو پسنديده هنڌ هوندو هو جتي لذيذ کاڌي جا بهترين هوٽل هوندا هئا. هنن مارواڙي هوٽلن جي چانهه توڙي ماني ارزان ۽ مزيداري هوندي هئي. هي پاڙو ڪاليج جي بلڪل قريب هئو تنهن ڪري ڪاليج کان واپسي وقت ماني جو خفو لاهيندي هتان ئي ماني کائي گهر هليو ويندو هوس. ڪراچي جي رام سوامي ۽ رنڇوڙ لائن جي پاڙن ۾ رهندڙ ماڻهون جو تعلق جيتوڻيڪ مختلف قومن ۽ ٻولين ڳالهائيندڙن سان هئو. تنهن هوندي به هنن جي لهجن ۾ هڪ جهڙائي پئي معلوم ٿيندي هئي ۽ هنن جي مزاج، سڀاءَ ۽ روين ۾ به مون کي ڪو ئي خاص فرق محسوس نه ٿيندو هو. سڀ هڪ جهڙا لڳندا هئا. شايد ان ڪري جو گذدر، سلاوٽ، مارواڙي، ڀوڄپوري، راجستاني، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي جن جي هتي اڪثريت هئي سي تقريبن هندوستان جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صوبن سان تعلق رکندڙ هئا. جن گهٽين يا پاڙي جي حصن ۾ گذدر ۽ سلاوٽن جي اڪثريت هوندي هئي انهن جي گهرن توڙي گهٽين ۾ اچڻ وڃڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هو. هنن قومن جون عورتون پاڻ کي ۽ پنهنجن گهرن کي ته صاف سٿرو رکنديون آهن پر پنهنجي گهرن جو سمورو گند ڪچرو گهرن اڳيان گهٽين ۾ اڇلائي. پنهنجي گهرن جي دڪين تي سڄو ڏينهن ويٺيون قصا ڪٽينديون آهن. ڪنهن اشراف ماڻهو ويسر ڀل ۾ هنن جي گهٽي جو ڪو هڪ اڌ چڪر ڀل ۾ وڌيڪ ڏنو ته پوءِ ان جي لاءِ ٽوپي بچائڻ مشڪل ٿي پوندو هو.
هڪ ڀيري آئون رام سوامي ٽاور کان ڪي ايم سي ورڪشاپ جي پٺيان واري گهٽي ڏئي سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي هاسٽل جي پٺ ۾ فائربرگيڊ اسٽيشن جي ڪوارٽن ڏانهن ڄاڻي ٻجهي هليو ويس ڇاڪاڻ جو ورڪشاپ جي پٺين پاسي وارو وڏو گيٽ تمام قديم ۽ اينٽيڪ پيو لڳندو هو. تنهن ڪري مون کي شڪ جاڳيو ته اتي يا ته ڪا پراڻي مشينري پئي آهي يا پراڻيون فائر برگيڊ جون ناڪارا موٽرون ۽ ڪاٺ ڪٻاڙو پيل آهي. رام سوامي واري سيوريج جي نالي جي ان پاسي ڪنهن بني بشر جي اچ وڃ گهٽ هوندي هئي. جڏهن مان ان وڏي پراڻي گيٽ وٽ پهتس ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي. اندر هڪ وڏي ميدان ۾ راڻي اليزبٿ جو تقرين پندرهن ويهن فٽن جو ڊگهو سنگ مرمر جو بت زمين تي ليٽيل رکيو هو. ان جي ڀر پاسي ۾ ٻيا به ڪيترائي پٿر ۽ ٽامي جا بوتا هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئا. هڪ لحاظ کان اهو سڄو سارو هڪ قومي اينٽيڪ اثاثو هو. جيڪو ماڻهن جي نظرن کان اوجهل هئو. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اڻويهه سئو ستيتاليهن ۽ اٺيتاليهن دوران ڪراچي جي روڊن، رستن، سرڪاري توڙي نجي عمارتن تي جيڪي يادگار يا ميموريل بت نصب ٿيل هئا سي ميونسپل آفيس وارن هڪ سرڪاري حڪم تي لهرائي ڪراچي ميونسپل آفس جي انهي ورڪشاپ جي بيڪيارڊ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. هن وقت انهن يادگار بتن مان ڪيترا بت مهوٽا پيلس جي ميوزيم جو سينگار بڻيل آهن.