ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

شهر کان ڳوٺ ڏانهن سفر

شهر کان ڳوٺ ڏانهن سفر

1948ع واري زماني ۾ اڄ جھڙيون بيڪريون ۽ کير جا دڪان ڪونه هوندا هئا. ان وقت ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ اڌ ڪو سيڌي جو دڪان هو. جتان اعلي درجي جا نارنگي فليور ۽ چوڪنڊا ڪوڪونٽ وارا کٽمٺڙا. جي. بي منگھارام ڪنفيڪشنري جا تيار ٿيل نهايت لذيذ بسڪٽ ، ڳڙ، مٺائي، داليون، اٽو، کنڊ ڀڳڙا. لپٽن جي مائي ڪڪي واري ۽ بروڪ بانڊ چانهن جون ريزڪي پڙيون ملنديون هيون. باقي کير واڙن تي ملندو هو. مون کي ياد آهي ته کير وٺڻ لاءِ لوٽو کڻي گھران نڪرندو هوس. گھر جي پويان گھٽي جيڪا گائوشالا کان ٿيندي اوڀر پاسي ڊيمبلا فلور مل ۽ اتر پاسي نشاط سنيما ڏي ويندي هئي ان رستي تي هڪ مينهن جو واڙو هوندو هو جتان کير ملندو هو. واڙي جي ٻاهران گھٽي ۾ صندل تي صبح ۽ شام کير جو وڪرو ٿيندو هو. سو کير وٺڻ لاءِ مونکي روزانو اتي اچڻو پوندو هو جڏهن اڪيلو ايندو هوس ته هڪ مشڪل سان دوچار ٿيڻو پوندو هو ڇاڪاڻ جو جيئن گائو شالي واري گھٽي لنگھي سامهون ٿيندو هوس ڏهاڪو کن پراڻين منڊ تي جڙيل هندڪي زماني جي جاين جي ڀرسان گذرڻو پوندو هو جنهن جي هيٺين دڪانن ۾ مٿين منزل تي ٽراس جينڊر مخلوق رهندي هئي. انهن مان ڪي مزاحيہ طبع جا ماڻهو. ايندڙ ويندڙ پاڙي جي ٻارن سان مشڪريون ڪري هروڀور تنگ ڪندا هئا. باقي عورتن ۽ ڇوڪرين سان ڪنهن قسم جي مذاق نه ڪندا هئا. بس منهنجي لاءِ اتان گذرڻ مشڪل هوندو هو. ڪڏهن تڪڙو تڪڙو ۽ ڪڏهن دڙڪي پائي نڪري ويندو هوس. هن وقت به اهي جايون، اهي فقير ۽ انهن جو اهو ماحول موجود آهي پر اتان لنگھڻ ۾ هاڻي ڪو خوف محسوس ناهي ٿيندو.
نشاط سنيما اسان جي پاڙي جي سنيما هئي. ان زماني ۾ ننڍن ٻارن جو سنيما ڏي وڃڻ نه رواج هو ۽ نه ئي وري ڪو سهنجو ڪم هو. ان وقت اسان جو والد محترم به کيل تماشي ۽ سنيما کان ڪجھ پري رهندو هو. باقي منهنجو ننڍو مامو شاه محمد فلمن جو شوقين هو. جيتوڻيڪ 48 واري زماني ۾ بليڪ اينڊ وائٽ ٽاڪيز فلمون اچي چڪيون هيون پر جيترو وقت اسان سکر ۾ رهياسين تڏهن مون پنهنجي مامي سان پهرين ماها ڀاري جي زماني جون اشارن واريون چارلي چپلن جون ڪي خاموش فلمون ڏٺيون هيون. نشاط سنيما کان گھنٽا گھر واري رستي تي ٿورو اڳڀرو وڃبو هو ته پيراڊائيز سنيما هوندي هئي. ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ جڏهن اسان ناناڻي گھمڻ ايندا هئاسين ته پڦاٽ جي پٽ غلام شبير سان گڏجي فلمون به ڏسندا هئاسين. گھنٽا گھر چونڪ وٽ ٻه سنيما گھر هئا هڪ جو نالو حفيظ ٽاڪيز هو ۽ ٻي سنيما امپيريل جي نالي سان مشهور هئي. سکر جي پنجين سنيما شاليمار هئي جيڪا اسلاميه ڪاليج جي ڀرسان پراڻي سکر ڏي ويندڙ سڙڪ تي هئي. هڪ سنيما روهڙي ۾ به هئي جنهن جو نالو شايد ريگل هو جيڪا اسان جي پهچ کان گھڻو پري هئي. روهڙي درياهه جي هن ڀر هئي ۽ اسان جي گھر کان گھڻو پري هئي. روهڙي وڃڻ لاءِ پهريون گھنٽا گھر اچڻو پوندو هو. جتان وري ٽانگي تي چڙهي پراڻي سکر کان گذرندي روهڙي واري پل ڪراس ڪرڻي پوندي هئي. روهڙي مان منهنجي پڦاٽ رب ڏني جي شادي ٿيل هئي. روهڙي جو مشهور مائي مٺائي وارو غلام علي سومرو اسان جي عزيزن جو عزيز هو. اسان پنهنجي گھر ڀاتين سان جڏهن روهڙي ڪربلا ڏسڻ ويندا هئاسين ته خبر ناهي ته ڪنهن جي گھر ترسندا هئاسين. پر ايترو ياد اٿم ته ننڍي وستا ۾ مون پنهنجي والدين سان گڏجي رات جو ڪربلا سان گڏ سفر ڪيو هيو.
1948 کان 1949 هڪ سال ۾ ملڪ جون حالتون ۽ اسان جي زندگي ۾ وڏيون تبديليون آيون. بيراج ٽائون ۾ انگريز عملدارن ۽ انجنيئرس جي ملڪ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ديسي عملدارن سکر بيراج جي آفيسن جو ڪنٽرول سنڀاليو. منهنجي والد صاحب به پنهنجو نئون ڌنڌو شروع ڪيو. هول سيل اگھن تي انگوشا ۽ پوتڙا وٺي سکر شهر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ وڃي کپائڻ لڳو. رب جي مهرباني سان ڪم ڪاروبار ايترو وڌيس جو وڃي لاڙڪاڻي نڪتو. ايتري خبر آهي ته ڳچ مهينا گوگھاري وڃي ڪپڙي جو ڪاروبار ڪيائين. مگر مهيني ماسي سکر ايندو هو ۽ خرچ پکو ڏئي ٻٽي ڏينهن رهي وري گم ٿي ويندو هو. منهنجو مشاهدو ٻڌائي ٿو ته هو طبعن سيلاني ماڻهو هو کيس هڪ ڪم ۾ ۽ هڪ هنڌ آرام نه ايندو هو. پنهنجي اصل ماڳ اباڻن ڪکن عاقل خالد لاڙڪاڻي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ هن جي سموري جواني واري وستا ڌنڌن ۽ جاين مٽائڻ ۾ گزري وئي. سکر کان ٽُٽو ته پوءِ بس لاڙڪاڻي جي ارد گرد ڳوٺن ۾ لامارا ڏيندو رهيو. گوگھاري کان پوءِ وري ساڳيو ڪاروبار کڻي ميروخان ويجھو ڪنگن جي ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. اتي پنهنجي ڪنهن سنگت جي آڇ تي ويو هيو. جتي وڃي دڪان کوليائين، هڪ جاءِ مسواڙي ورتائين ۽ اسان کي سکر مان لڏائي اچي جھنگ ۾ ڪڍيائين الله الله خير صلا. سکر مان اسڪول ڇڏڻ وقت بابي سائين منهنجو ڪو سرٽيفڪيٽ نه ورتو تنهڪري ڪنگن جي پرائيمري اسڪول پهرين ۾ داخلا وٺڻ ويس ته ڪنهن قسم جي ڪاٻاري جي سپوٽ نه هجڻ ڪري پهرين ڪچي ۾ داخل ڪيو ويو. اسڪول جو ماحول يڪسر تبديل ٿيڻ ڪري شروع ۾ مونکي ڪيترين دشوارين کي منهن ڏيڻو پيو. پر ٻار ۽ ڪتا لڏ ۾ خوش سو جلد ئي ٻهراڙي جي ماحول سان ائين مانوس ٿي وياسين جيئن قيدي بلبل لوهي قفص سان. سکر ۾ ناشتي ۾ ٽوسٽ ڍٻل ۽ ماني ڪڪي واري چانهن جون مذيدار چسڪيون هونديون هيون. هاڻي نيرن تي رات وارو بچيل ريٻڙي جھڙو ڀت، ان سان گھاٽي ڏڌ جو وٽو ملندو هو. پر سبحان الله هن ڏٿ ۽ ڀت جيڪي لذتون ۽ لطف بخشيو سو موت گھڙي تائين ياد رهندو. سکر ۾ بنا پيسي جيئڻ مشڪل هو پر هن ٻهراڙي جي ماحول ۾ زندگي گھارڻ آسان پئي لڳي.
1949 واري زماني ۾ ڪنگن جو ڳوٺ تمام ننڍو ڳوٺڙو هو. هتان جي ڳوٺاڻي زندگي جو عام وهنوار ۽ واهپو جنس جي بدلي جنس تي پئي هليو. سج لٿي جڏهن بابو گھر ايندو هو ته ڀاڄيون، مڇي، گوشت ۽ ان اٽو کنيو ايندو هو. ڳوٺ ۾ جيڪي دڪان هئا تن تي ماڻهون پنهنجي گھران چانور. ڪڻڪ يا جوئر کڻي ايندا هئا ۽ دڪاندار کان دال، ڳڙ، کنڊ، صابڻ، پٽاٽا بصر وغيره وٺي روانا ٿيندا هئا. بابي جي دڪان تان ماڻهون ڪپڙا رنگائي ويندا هئا ۽ بدلي ۾ چانور، ڀاڄيون ۽ مڇي وغيره ڏئي ويندا هئا. مگر حساب ڪتاب ٿيندو هو. هر شي ۽ وٿ جي تور تڪ ٿيندي هئي اگھ پار لڳندو هو پوءِ جنهنجو جيترو حساب ٿيندو هو ڪٽ جوڙ ڪري سڀ ڪجھ برابر ڪيو ويندو هو. کاتا کنڌا به هلندا هئا ۽ اڪثر وڏا حساب ڪتاب فصل ۽ ٻار لهڻ تي ٿيندا هئا. منهنجي خيال موجب ان وقت ٻهراڙي جي زندگي جيتري سادي هئي اوترو سنهنجي ۽ پر امن هئي. بدڪارين، براين، بدامني ۽ قتل و غارت جو نالو نشان نه هو. غريب غربي جي به عزت هوندي هئي. ان جي زندگي به سادي سنهنجي هئي. ڳوٺ جا ماڻهون هڪ ٻئي جي عزت ۽ محبت ڪندا هئا. هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هئا. اڪثر طبقو هڪ جھڙو هو سواءِ وڏيرڪي گھراڻي جي خبر ناهي ته ڳوٺ جا وڏيرا ڪير هئا. پر ايترو ياد اٿم ته وڏيرن جي گھران صبح جو گھاٽي لسي جي چونري مفت ۾ ملندي هئي ۽ شام جو سج لٿي بابو سائين سچي کير جو ڀريل لوٽو کنيو ايندو هو. اسان هتان جي کير ڀت ۽ ماني مڇي تي اهڙو هِري وياسين جو شهر واريون چاپون، ڪباب، ڍٻلون ۽ ٽوسٽ سڀ وسري ويا.
سارين جي پوکڻ جي مند آئي ته ڳوٺن جي چوڌاري دونهين جي ماحول کي ڏاڍو انجاءِ ڪرڻ لڳس. ڳوٺ جي چئني طرف رونبن جي بهار، وانگارون، ٻنين تي چڙهيل پلاءُ جي ديگين ۾ ڪفگيرن جا کڙڪا. ديڳين کي ڪفگير گھمائڻ وقت جيڪا هٻڪار اٿندي هئي سا ته وڃي ميل کڻندي هئي. ڪڙمي خوش، مزدور خوش، ٻنيون ٻارا ساوا ته زميندار خوش. زميندار خوش ته سارو جھان خوش اهو هو ٻهراڙي جي ماحول جو راز ۽ رمز. رونبن جي مند ۾ جڏهن سارين جو لامون ۽ سنگ صبح جي ٿڌڙي هير گھلڻ تي لڏندا ها ته نيڻ ٺار منظر جنم وٺندا هئا. منجھند جو سج لٿي تائين گرمي جو پارو عروج تي پهچندو هو ته ماڻهن جا پگھر نڪري پوندا هئا. خير سکن پٺيان ڏک سهڻا پوندا آهن.