ليڪچرر شپ
فيبروري 1973ع تي آئون هڪ ڀيرو ڪراچي آيس. هن ڀيري وارو ڪراچي جو ڦيرو زندگي جو هڪ وڏو ڦيرو ثابت ٿيو. مان 20 فيبروري جي صبح جو ٻارهين بجي ٽيڪسي تي ڪينٽ اسٽيشن کان نيو ڪراچي روانو ٿيس. مون کي بلاڪ E5 صبا سينيما جي سامهون واري گهٽي ۾ وڃڻو هو جتي پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو. مذڪوره بلاڪ ۾ منهنجي ڀيڻ شڪيلا رهندي هئي. گهر تي پهچي مون دروازو کڙڪايو سليم نالي ننڍو ٻار نڪتو جيئن هن مون کي ڏٺو، شور ڪوڪارا غلام رسول مامون آگئي، مامون آگئي چوندو گهر ۾ اندر هليو ويو، ٿورو ترسي بيگ سوڌو مان به گهر ۾ اندر داخل ٿيس ڀيڻ شڪيلا کلندي اچي ڀرسان بيٺي ڀاڻيجن ۽ ڀاڻجين وٺي ڀاڪر پائڻ شروع ڪيا. سلام دعائون حال احوال ڏنا ورتا سي ٿوري جهٽ ۾ اسان جو ڀائي صاحب افتخار احمد (جنهن کي لاڙڪاڻي گرلز اسڪول جي ڀرسان علي ڳڙهه بڪ اسٽور هوندو هو) به گهر ۾ داخل ٿيو. ڀائي افتخار احمد کي احوال ڏيندي مون ٻڌايو ته مون کي سنڌ گورنمينٽ طرفان ليڪچرر شپ جو آرڊر مليو آهي ۽ 23 تاريخ فيبروري تي سنڌ سيڪريٽريٽ وڃي ڊيوٽي جوائن ڪرڻي آهي. گهر جي سڀني ڀاتين سان ميل ملاقات ٿي. اسين رات جي ماني کائي سمهي رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري مان يارهين لڳي سنڌ سيڪريٽريٽ پهچي ويس جتي تعليم کاتي جي ايڊمنسٽريٽريشن بلاڪ ۾ سيڪشن آفيسر مراد علي نظاماڻي سان ملاقات ڪندي کيس اپائنٽمينٽ آرڊر پيش ڪيم. هن صاحب آرڊر ڏسي ايم اي جي ڊگري ۽ ٻيا گهربل سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. اتفاق سان منهنجا سرٽيفڪيٽ اٽيسٽڊ ٿيل ڪو نه هئا. سندس آفس ۾ هڪ دوست سيڪشن آفيسر ويٺو هو تنهن کي چيائين يار هي پنهنجا ڀائر آهن اوريجنل ساڻس اٿس مهرباني ڪر هن جا سرٽيفڪيٽ ته تصديق ڪري ڏي. نظاماڻي صاحب ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڪراچي ڏانهن آرڊر ڪڍيو ته هن صاحب جي ڪراچي جي ڪنهن ڪاليج ۾ پوسٽنگ ڪئي وڃي. ان وقت ڪراچي جو ايجوڪيشن ڊائريڪٽر افتخار احمد انصاري صاحب هو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انصاري صاحب هوندو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر جو اسسٽنٽ لياري جو رهاڪو ترڪ صاحب هو جنهن وڏي عزت سان ڀليڪار ڪندي ڪرسي جي آڇ ڪئي کيس سيڪريٽريٽ جا ڪارروائي ٿيل سمورا ڪاغذ مون کيس هٿو هٿ ڏنا. ترڪ صاحب کلڻو ۽ سلڇڻو ماڻهو هو چانهه پياريائين ۽ جيتري ۾ چانهه جون چسڪيون ورتم تيسين هن پنهنجو ڪم پورو ڪندي هٿ ۾ لياري ڪاليج لاءِ جوائننگ آرڊر ڏئي چوڻ لڳو ته توهان وڃي اسان جي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪريو اسان توهان سان گڏ رهنداسين.
گورنمنٽ سائنس ڪاليج لياري ان وقت ٽينري روڊ تي هڪ گرلز هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ عارضي طور کوليو ويو هو. اهو ڪاليج لياري وارن جي خواهش موجب محترم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ذاتي دلچسپي سان کوليو ويو هو. هن ڪاليج جو پهريون پرنسپل پروفيسر آف فزڪس عبدالرئوف سمون ۽ وائس پرنسپل ڪي ايس آئر هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ لياري جا حالات سٺا ۽ ماحول پرسڪون هئو ۽ گورنمنٽ لياري ڪاليج کي هڪ مثالي ڪاليج بڻائڻ لاءِ ڪراچي جي چونڊ بهترين ڪالجن مان پروفيسرس کي آڻي ڪاليج ۾ ڪٺو ڪيو ويو هو. پروفيسر سمي صاحب جو نسلي طور تعلق سنڌ جي سمن سردارن جي قوم سان هو تاريخ جا پنا ٻڌائن ٿا ته سما سومرن جا ويري ها پر هن صاحب ته قرب و محبت جا پنهنجا رشتا پهرين ڏينهن کان ئي سهڻي نموني ڳنڍيندي منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي. چانهيون پاڻي ناشتا مسڪراهٽون ڪچهريون مطلب ته ان موقعي تي عبدالرئوف سمي وڏا ڀال ۽ ڀلايون ڪري ڇڏيون.