لاڙڪاڻي جو غريب مقام شهر جو سڀ کان وڏو تفريحي سماجي معاشي ۽ ثقافتي مرڪز
لاڙڪاڻي مڇي مارڪيٽ جي سامهون ميونسپالٽي جي طرفان هڪ واٽر هائڊرينٽ لڳل هوندو هو جنهن مان ٽريڪٽر واٽر بائوزر ذريعي ميونسپل آفيس کان مڇي مارڪيٽ چونڪ تائين وري ان کان اڳتي ڪرما باغ چونڪ تائين پاڻي ڇٽڪايو ويندو هو. ساڳيو ئي واٽر بائوزر اتان ڦري مراد واهڻ ڏانهن ويندڙ سڻڪ واري چئوواٽي تان عيش گهرن جي اڳيان روڊ تي پاڻي ڇڻڪائي کچي امام بارگاهه کان ٿيندو محمد ايوب کهڙي جي بنگلي تائين هليو ويندو هو. غريب مقام ان وقت شهر جو وڏي ۾ وڏو راندين جو ميدان هوندو هو. جنهن تي شام جو روزانو پاڻي جو ڇڻڪار ٿيندو هو. اهو سمورو ڪم غلام نبي خان پٺاڻ ڪندو هو جيڪو ميونسپل آفيس جو ڊرائيور هو ۽ کهڙي جي بنگلي ڀرسان بهاو الدين شيخ جي اٽي ان پيهڻ واري مشين سان لڳ جاءِ ۾ رهندو هو ۽ ٽريڪٽر ۽ بائوزر جي گيراج به اها ساڳي جاءِ هوندي هئي.
غريب مقام لاڙڪاڻي جو هڪ وڏو تفريح گاهه پڻ هوندو هو جنهن ۾ روزانو فٽبال ۽ ڪرڪيٽ ڪلب کان علاوه باڪسنگ ڪلب ۽ باڊي بلڊنگ ڪلبس به هوندا هئا جن ۾ روزانو شام جو رانديون ۽ تن سازيءَ جون سرگرميون شروع ٿينديون هيون. غريب مقام ۾ٽي چار ڪرڪيٽ ڪلب هوندا هئا جن ۾ فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب اسان جي دوستن قائم ڪيو هو جنهن جو هڪ ڀيري مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر پريزيڊينٽ مقرر ٿيو هو. هن ميدان تي ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۽ فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب جي دوستن مان جيڪي مون سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏيا هئا تن ۾ ارشاد علي سولنگي، خادم حسين کوکر، بشير احمد قريشي، آفتاب احمد جلباڻي، قيصر خان لنڊ، جاويد الهه رکيو، عبدالستار گجراتي ۽ ٻيا شامل هئا. ان وقت جيڪي دوست ميدان ۾ اچي ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ۾ دلچسپي رکندا هئا تن ۾ قمرالدين قريشي، قربان علي عباسي، ضياءَ احمد جلباڻي، اسرار احمد سامٽيو ۽ سخاوت حسين قابل ذڪر آهن. لاڙڪاڻي غريب مقام جي هن وسيع ۽ عريض ميدان تي شام جو روزانو فٽبال ڪلب جي طرفان وڏو ميلو لڳندو هو جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ڪٽڪ ڪٺا ٿيندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مقبول راند فٽبال هوندي هئي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا فارغ تحصيل شاگرد ۽ شهر جا شوقين فٽبالر حصو وٺندا هئا. لاڙڪاڻي جي فٽبال ميدان ۽ ديني مدرسي اسڪول جي اوڀارين ديوار سان لڳ لاڙڪاڻي جي مشهور پهلوان باڊي بلڊر عاشق حسين لوهر جو باڊي بلڊنگ ڪلب هوندو هو جنهن ۾ روزانو شام جو شهر جي مختلف حصن کان نوجوان ڪهي اچي پنهنجي تنسازي جو شوق پورو ڪندا هئا. هن ڪلب جي مالڪ عاشق حسين پهلوان جو مشهور ائٽم هوندو هو پنڃريون کڻڻ. جنهن ۾ کيس ڪمال مهارت هوندي هئي. هو هڪ وقت هڪ اٽي پيهڻ واري وڏي اسٽينڊرڊ سائز مشين جي چڪين جا ٻه پڙ پنهنجي ڪلهن تي کڻندو هو. ان کان سواءِ پنهنجي چيلهه سان رسو ٻڌي ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر کي پڻ ڇڪي ويندو هو.
عاشق حسين پهلوان جي تن سازي جي ڪلب مان لاڙڪاڻي جا ڪيترا نوجوان فيضياب ٿيا جن مان ڪن پنهنجا باڊي بلڊن ڪلب قائم ڪيا انهن مان نوجوان ممتاز سينڊو هڪ هو جنهن جناح باغ جي اولاهين ڪنڊ تي پنهنجو تنسازيءَ جو ڪلب قائم ڪيو عاشق پهلوان جي ڪلب جي ڀرسان شهر جو باڪسنگ ڪلب پڻ قائم هو جنهن جون سرگرميون روزانو شام جو شروع ٿينديون هيون. ڪلب ۾ باڪسنگ ڪرڻ ۽ سکڻ لاءِ شهر جي مختلف حصن کان باڪسنگ جا شوقين ايندا هئا. هن ڪلب ۾ مسٽر حڪيم هليو، محمد نواز لوهر، محمد نواز مهيسر، غلام نبي پٺاڻ، ۽ ٻيا ڪيترا نوجوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا.
ثقافتي ۽ معاشي سرگرمين جي لحاظ کان غور ڪري ڏسبو ته غريب مقام کي شهر لاڙڪاڻي ۾ راندين کان سواءِ ثقافتي ۽ معاشي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ غريب مقام جي ويڪري ميدان ۾ وڏا فيسٽيول، نمائشون، ڪارنيوالون، سرڪسون، موت جا کوهه، ميلا ۽ ملاکڙا لڳندا هئا. هڪ ڀيري هڪ وڏي صنعتي فيسٽيول ۾ پاڪستان جي مشهور اڪرم پهلوان جو مقابلو جاپان جي مشهور فري اسٽائل ريسلر انوڪي سان ٿيو هو. ان مقابلي جون يادگيريون ضرور شهر جي ڪن جهونن جي ذهنن ۾ هونديون. لاڙڪاڻي شهر جو هي تفريحي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مرڪز ان وقت هميشه لاءِ ختم ٿي ويو جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت هن ميدان تي غريبن لاءِ اجهي فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان وقت پ پ گورنمنٽ جو اهو هڪ احسن قدم هو پر ٻئي پاسي ڏسجي ته ان پلان جي تڪميل تي پهچڻ سان لاڙڪاڻي جي وچ شهر مان سماجي، ثقافتي ۽ صحتمند سرگرمين جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو.
غريب مقام ميدان لاڙڪاڻي جي لغڙ بازن جي جنت هوندو هو. شام ٿيندي هئي ته شهر جي اوري پري جا لغڙن اڏائڻ جا شوقين ۽ خفتي لغڙ باز غريب مقام جو رخ ڪندا هئا ۽ ميدان جي مختلف حصن ۾ پنهنجيون من پسند جايون سنڀالي بيهندا هئا. علي گوهر آباد، کچين جو پاڙو، ديني مدرسي وارو انصارين جو پاڙو، قافلي سرا، جعفري محلو ويندي کٽاڻ بازار کان به شوقين پنهنجا لغڙ، مانجها، ڍيرا ۽ چرخيون کڻي اچي غريب مقام ۾ حاضر ٿيندا هئا. دراصل لغڙن چرخين ۽ مانجهن جي وڪري جي وڏي بازار کٽاڻ بازار هوندي هئي. مگر اتان جا لغڙباز سنڌي لغڙ بازن کان مختلف طريقي سان پيچ بازيون ڪندا هئا ۽ سنڌي لغڙبازن جي لغڙ اڏائڻ ۽ پيچ ويڙهائڻ جو طور طريقو جدا هوندو هو. مهاجر ۽ گجراتي اڪثر ڏور مانجهو چرکين ۾ رکي لغڙ اڏائيندا هئا ۽ سنڌي لغڙ باز پنهنجا ڌاڳا سڳا ۽ مانجهو ڍيرن ۾ ويڙهي رکندا هئا ۽ لغڙ اڏائڻ وقت ڍيرو زمين تي رکندا هئا. لغڙن جو پيچ لڙائڻ وقت گجراتي، دهلي ۽ بريلي وارا مهاجر نوجوان لغڙ جو پيچ ويڙهائي ڏور ۽ لغڙ کي وٺي پاڻ ڏانهن ڊوهيندا هئا. لغڙن جي پيچ ويڙهائڻ جو سنڌي طريقو هوندو هو پيچ ڳنڍي لغڙ کي ڍر مٿان ڍر ڏيڻ. لغڙ ته ٻنهي طريقن سان ڪاٽا ٿيندا هئا. ڪنهن طريقي سان لغڙ جو نقصان ٿيندو هو ته ڏور جو بچاءُ ٿيندو هو ۽ ڪنهن طريقي سان ڏور جو نقصان ٿيندو هو. مگر لغڙ وڌيڪ ڪاٽا ٿيندا هئا. اسان جي پاڙي جي لغڙ بازن ۾ منظور کچي وڏو ڪامياب لغڙ باز ليکيو ويندو هو. جعفري محلي جو مقبول جعفري پينٽر پاڻ سٺو مانجهو تيار ڪندو هو ۽ سندس شمار شهر جي بهترين لغڙ بازن ۾ ٿيندو هو. پاڙي جي شوقين لغڙ بازن ۾ نور محمد عرف نورو گجراتي ۽ سندس ڀاءُ گلاب گجراتي، جاويد الهه رکيو، عبدالغفور سومرو مون سان گڏجي لغڙ اڏائيندا هئا. نور محمد گجراتي ايڏو خفتي هو جو هن پنهنجو ڪاروبار ئي لغڙن کي بڻايو. هو لاهور ۽ ڪراچي کان لغڙ گهرائيندو هو سندس دڪان غريب مقام جي ويجهو پراڻي گاهه پڙي تي هوندو هو.