ظهيرالدين صديقي
هڪ ڏينهن ظهير الدين صديقي سان گڏجي مان انچولي سوسائٽي جي بلاڪ سترهين ۾ محمد وسيم بخاري جو خالي پيل فرسٽ فلور ڏسڻ ويس. اهو گهر مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ڇاڪاڻ جو ان ۾ رهائش جون مڙئي سهولتون موجود هيون. منهنجي لاءِ وڏي سهولت ڪوٺي جي ڇت هئي جيڪا اسان جي لاءِ وڏي ڪارآمد هئي. ڇاڪاڻ جو مون وٽ ڳوٺ کان عزيز اقارب ۽ دوست احباب ايندا رهندا هئا. تنهن ڪري مهمانداري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اها جاءِ ان وقت منهنجي لاءِ بهترين هئي. بس الله تو آهار ڪري مون ان جاءِ کي حاصل ڪيو. منهنجي ماءُ ۽ منهنجو ڀاءُ لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ٻاهر ڪڏهن نڪتا نه هئا. جڏهن منهنجي آڇ تي هو پهريون ڀيرو منهنجي گهر مهمان ٿي اچي رهيا هئا تڏهن منهنجي لاءِ خوشي جي انتها نه هئي. (جڏهن آئون هي سٽون تحرير ڪري رهيو آهيان تڏهن ماءُ جي جدائي جو هڪ اهڙو احاس پيو جاڳي جنهن کي مڪمل طور مان بيان ڪرڻ کان پاڻ کي قاصر سمجهان ٿو. جنهن فڪر ۽ لفظن کي مان گهٽ مڃيندو آهيان ته ياد ماضي عذاب هئي يارو، هنن لائينن کي لکڻ وقت شاعر جي فڪر سان متفق ٿيڻو پوي ٿو.... ڪاڏي ويون مائون، زمينن جي تهن ۾ هليون ويون اهي هستيون يا آسمانن جي وسعتن ۾ غائب ٿي ويون. ڪاش هاڻي اسان انهن کي پنهنجو مهمان ڪري سگهئون.) پنهنجي پيارن لاءِ مون گهر ۾ ضرورت جون گهربل سڀ شيون آڻي رکيون هيون. مون هڪ جاءِ تي ذڪر ڪيو هو ته پنهنجي سر مان سخت پريڪٽيڪل تقريبن ڊاڪٽر زواگي جهڙي ڪردار جهڙو ماڻهو رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته رڳو ڊاڪٽر زواگي جهڙا رويا ۽ سڀاءَ رکندڙ انسان پنهنجي زندگي کي پنهنجي قريب تر ڪري سگهي ٿو. بهرحال لٽا ڪپڙا، هنڌ بسترا ۽ واش روم لاءِ ٽوال صابڻ شيمپو ڪلينسر. لٽن ڪپڙن سڪائڻ لاءِ رسيون الگنيون اڳيئي وٺي گهر ۾ رکيون هيون. بورچي خاني کي مڪمل طور سينگاري سنواري ڇڏيو هو. آئون جڏهن مل ۾ مزدور هوس تڏهن ئي پاڻي پيئڻ لاءِ آئون چائنا جا شيشي جا گلاس استعمال ڪندو هوس ۽ ڪافي ۽ چانهه جنهن جو ننڍي هوندي کان شوقين هوندو هوس تنهن جي لاءِ فرانسيسي، جاپاني ۽ ميڊ ان انگلينڊ برانڊيڊ ڪراڪري استعمال ڪندو هوس. سو پنهنجي پسند جي ڪچن ڪراڪري جوڙيا بازار مان خريد ڪري آيس. ڇاڪاڻ ته صدر بوهري بازار کان ڪراڪري جي لحاظ کان اها بازار وڌيڪ بهتر لڳندي هئي.
1974ع وارين گرمي جي موسم ۾ شام جو سج لٿي مهل منهنجي والده منهنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ واٽر پمپ بس اسٽاپ تي اچڻ وارا هئا. مان کين وٺڻ لاءِ اڳواٽ ئي بس اسٽاپ تي پهچي ويو هوس. جڏهن منهنجي والده اوندهه جي وڳڙي ۾ واٽر پمپ جي چوراهي تي هر طرف کان موٽر ۽ ڪارن کي ايندي ويندي ڏٺو ته مون کان سوال ڪيائين ته هي موٽر ڪاريون اتي ڦرن ڇو ٿيون. مون کيس وراڻيو ته امان اهي ڦرن ڪو نه ٿيون پر اچن ۽ وڃن ٿيون. چيائين الائي مون سمجهو ته ڪو موت جو گولو آ، مون رات جي ماني جو بندوبست ڪري رکيو هو. جهٽ پلڪ ساهه پٽڻ کان پوءِ دسترخوان لڳايوسين. محمد وسيم بخاري مالڪ مڪان جي گهران آڌر ڀاء طور ماني ٽڪي موڪلي وئي هئي سا اڄ رات مون پنهنجن پيارن سان گڏجي کاڌي. ڀاءُ ۽ والده جي اچڻ سان منهنجي زندگي جي معمولات ۾ ڪو خاص فرق ڪو نه آيو. البته ان کان روز مرهه جي زندگي ۾ جيڪا ڇڙواڳي هئي تنهن ۾ ٿوري روڪ ٽوڪ ٿي ۽ مون به گهر کي چڱو وقت ڏيڻ شروع ڪيو. گهر ۾ والده ۽ ڀاءُ جي اچڻ ڪري جيڪي سهنجايون ۽ سهولتون پيدا ٿيون تن جو لطف ۽ مزو وٺڻ لڳس. ڪراچي جي هن نئين زندگي ۾ پنهنجي والده جي هٿن جي پڪل ٻوڙ ۽ ماني جون لذتون اڳي کان اڳريون محسوس ٿيڻ لڳيون. ماءُ جي هٿن جي ٻوڙ ماني واريون مذيداريون ۽ لذتون ته هاڻي به وسرن نٿيون.
گورنمنٽ لياري ڊگري سائنس ڪاليج جي نئين عمارت ۾ اچڻ کان پوءِ هتان جي ماحول ۾ ڪافي ڪجهه تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون. ڀٽي صاحب جو دور هو پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ سان خصوصن لياري وارن سان گهڻو مخلص هئي. هن دور ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ پنجن ساليانن انڪريمنٽ جو اضافو ڪيو. جنهن سان سرڪاري ملازمن جي زندگي ۾ خوشي جي هڪ لهر ڊوڙي وئي هئي. ان سان گڏ لياري ڪاليج کي شهر جو بهترين تعليمي ادارو بڻائڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن سان مزين ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي ٽيچنگ اسٽاف ۾ اضافو ڪندي سنڌ جي بهترين ڪاليجن مان سينيئر استادن کي بدلي ڪري لياري ڪاليج ۾ رکيو ويو. پروفيسر عبدالرئوف سمي کي ناظم آباد ڪاليج بدلي ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ريجن مان پروفيسر عبدالستار کي لياري ڪاليج ۾ بطور پرنسپل مقرر ڪيو ويو. هاڻي ڪاليج ۾ شاگردن جي اسٽرينٿ به ٽيڻي چوڻي ٿي چڪي هئي ۽ انهن ڏينهن انگريزي جي سينيئر پروفيسر ۽ اردو جي بهترين ترقي پسند شاعر عبدالله جاويد کي سانگهڙ مان بدلي ڪري لياري ڪاليج ۾ آندو ويو ۽ ان سان گڏ اسٽاف ۾ اضافو ڪندي باٽني، زولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس ميٿميٽڪ، اسلاميات ۽ اردو جي مضامين ۾ حيدرآباد ريجن ۽ ڪراچي ڊي جي ڪاليج مان سينيئر استادن جون بدليون ڪري لياري ڪاليج جي اسٽاف جي پورت ڪئي وئي. انهن تبديلين جي ڪري گورنمنٽ لياري ڊگري سائنس ڪاليج جو پورو جو پورو نقشو تبديل ٿي ويو ۽ لياري ۽ ڪلا ڪوٽ جي هن ڪاليج تي خوشنما اثرات مرتب ٿيڻ لڳا.