دوستي جي نئين باب جو آغاز
دوستي جي نئين باب جو آغاز، ڪاليج وڃڻ لاءِ آئون شام جو تقريبن چئين بجي ڌاران ٺهي سنڀري بشير احمد جي گهر پهچي ويندو هوس ته جيئن صحيح ٽائيم تي ڪاليج پهچي وڃون جيتوڻيڪ بشير احمد سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهندو هو ۽ آئون فرسٽ ايئر ۾ پوءِ به هو منهنجي پروگرام مطابق هلي مون سان ڀرپور ساٿ ڏيندو هو. ياد اٿم ته بشير احمد فرسٽ ايئر ۾ پنهنجا ڪتب آندل ڪتاب مون کي اسٽڊي ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. ڪاليج ايندي ويندي ڪٿي چانهه شربت يا بوتل وغيره پيئندا هئاسين ته پئسن جي ادائيگيءَ وقت بشير احمد هميشه اڳواٽ اٿي ڪائونٽر تي پهچندو هو. منهنجي نظر ۾ دوستي ۽ دلبري جا جيڪي انگ آدرش هوندا آهن سي سڀ قدرتي طور هن دوست ۾ موجود هوندا هئا.
محمد يوسف پنهنجي والد محترم محمد جعفر شيخ سان دڪانداري جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائيندو هو. سندس رهائش جعفري محلي ۾ هوندي هئي تنهن ڪري هو پنهنجي ٽائيم ٽيبل مطابق ڪاليج ايندو هو مگر ڪاليج جي اختتام تي رات جو گڏجي گهر موٽندا هئاسين. محمد يوسف فرسٽ ايئر ۾ مون سان گڏ هو ان جو سبب شايد اهو هو ته هن دوست کي پهريائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ملي هئي. مگر ڪنهن سبب هو زرعي يونيورسٽي کي خير آباد چئي لاڙڪاڻي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو. بهرحال اسان ٽنهي دوستن جون پهرين سال خوب روح رهاڻيون ۽ ڪچهريون رهيون. انهن ڏينهن اسان ٽنهي جي محبت ايتري قدر وڌي وئي هئي جو هڪ ٻئي سان ملڻ ۾ وٿي پوندي هئي ته دل جي بيقراري وڌي ويندي هئي. جهڙ هجي برسات هجي يا طوفان روزانو شام جو مان وڃي بشير احمد جي گهر جو در کڙڪائيندو هوس. اڪثر محترم چاچو در محمد دروازو کوليندو هو. منهنجي روزاني اهڙي ڪرت تي هو بشير احمد کي ٻڌائيندو ضرور هو ته غلام رسول آيو اٿئي. مگر آئون محسوس ڪندو هو ته چاچي سائين کي منهنجي روزاني جي هي حرڪت ڪجهه ناگوار گذري ٿي. ڪامرس ڪاليج ۾ بشير احمد جو ساٿ مون سان رڳو هڪ سال رهيو. هو بي اي ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پڙهڻ هليو ويو تنهن بعد محمد يوسف ۽ مان هڪ سال ڪٺا هڪ ئي ڪلاس ۾ رهياسين.
هڪ ڏيڍ سال ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرن کان پوءِ مون کي فارميسي جي ڪجهه معمولي ڄاڻ ٿي هئي ۽ ميڊيڪل اسٽور تي چڱي طرح ڪم ڪار سر انجام ڏيندو هوس. پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور جي مالڪن بهاو الدين شيخ ۽ عبدالستار شيخ جي صحبت ۾ رهي مان زندگي جي گهڻن رازن ۽ رمزن کان واقف ٿيو هوس. دوستن جي دوستي ۽ ڪتابن جي مطالعي مان جيڪي ڪجهه پرايو تنهن مون کي زندگي جي هڪ نئين لطف سان آشنا ڪيو. محمد يوسف مطالعي جو شوقين هوندو هئو. روزانو اخبار، رسالا ۽ نوان نوان ڪتاب پڙهڻ سندس هابي هوندي هئي. شام جو اڪثر وقت ڪڍي ريلوي اسٽيشن تي قائم بڪ اسٽال تي تازين اخبارن جون سرخيون پڙهڻ ويندا هئاسين جتان محمد يوسف سنڌي اردو رسالا پڻ خريد ڪندو هو. ان زماني ۾ هو شورش ڪاشميري جي ادارت هيٺ نرڪندڙ چٽان رسالي جو شوق سان مطالعو ڪندو هو. اسٽال تان اين اردو سيڪالاجسٽ رسالو خريد ڪري مون کي مطالعي لاءِ ڏيندو هو. ان رسالي ۾ بهترين معلوماتي ۽ علمي و ادبي مضامين شايع ٿيندا هئا جن جي مطالعي مون تي ڪي قدر باغيانا اثر مرتب ڪيا هئا. مگر ان سان گڏوگڏ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا ويچار پڻ پيدا ڪيا هئا. ساڳئي رسالي ۾ هڪ ڀيري ايڊولوف هٽلر جي زندگي جي ڪهاڻي ڇپي هئي جنهن کي پڙهي مان گهڻو متاثر ٿيو هوس. ته هن پنهنجي ابتدائي زندگي بي گهر ماڻهن وانگر گذاري هئي ۽ روڊن روستن تي چاڪ سان پينٽنگ ڪري پيسا ڪمائي پنهنجو پيٽ پاليو ۽ پاڻ کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچايو هو. انهن ڏينهن پرائمري اسڪول ٽيچر شپ لاءِ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالسميع جي آفيس ۽ ڊسٽرڪ ايڊيوڪيشن جي نگراني هيٺ پرائمري اسڪول ٽيچرس جا انٽرويز ٿيا هئا جنهن ۾ اسان دوستن شرڪت ڪئي هئي ۽ ڪامياب ٿيا هئاسين بشير احمد کي آرڊر مليو جنهن وڃي ڊيوٽي رزيوم ڪئي هئي. مگر مون ان خيال کان اها آفر قبول نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ جو منهنجو خيال هو ته مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙو ڪجهه ڪريان جنهن سان پنهنجي زندگي جي آسمان کي پنهنجي آڱرين سان ڇهي سگهان. تنهن ڪري زندگي کي اڳتي گهڻو اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ مون پنهنجي ويچارن ۽ دل جي چوڻ ته پنهنجا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مون سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي جو رخ ڪيو.
انهن ڏينهن منهنجو سئوٽ محمد عمر سومرو قاضي فضل الله وڪيل جي بنگلي تي پنهنجي واشنگ فيڪٽري کولي هئي ۽ قاضي فضل الله جو اردلي پڻ هو. ڪنهن زماني ۾ مظفر حسين لعل محمد پٺاڻ، قاضي فضل الله جو لائق فائق پرسنل اسسٽنٽ هوندو هو تنهن پنهنجي قابليت جي بنياد تي قاضي صاحب جي دل ۾ وڏي جاءِ پيدا ڪئي هئي. ويسٽ پاڪستان جي وزارت داخلا ملڻ دوران قاضي فضل الله مظفر حسين کي ولايت مان ٽيڪسٽائل جي مشينري درآمد ڪرڻ جون پرمٽون وٺي ڏنيون هيون، لاڙڪاڻي ۾ ڪپڙي جي صنعت کي مظفر حسين علي ٽريڊرس جي نالي تي لاهوري محلي ۾ اڳ ۾ ئي کڏي ۽ آڏاڻن تي ٺهندڙن ڪپڙي جي صنعت جو ڪم ڪاروبار ڪندو هو. ان ڪاروبار جي خاتمي کان پوءِ هن علي ٽريڊرس جي جاءِ تي علي ٽيڪسٽائل ملز قائم ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جي طرفان اعليٰ ۽ بين الاقوامي معيار جو پرڏيهي آٽوميٽڪ مشينن ذريعي سينٿيٽڪ ڪپڙي تيار ڪرڻ جو لاڙڪاڻي ۾ هي پهريون ڪارخانو هو. مون پنهنجي سئوٽ کي چيو ته مظفر حسين صاحب کي منهنجي لاءِ سفارش ڪري ته هو مون کي پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪنهن نوڪري تي رکي. محمد عمر سومري جي سفارش تي مظفر صاحب مون کي پنهنجي ڪارخاني ۾ بحيثيت ڪلارڪ جي هڪ سئو رپيا ماهانو تي نوڪري جو آرڊر ڏنو ۽ اهڙي طرح مون زندگي جي ٽئين موڙ تي قدم رکندي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو. ڪپڙي جي جديد صنعت جي ڪارخاني جي هي نئين زندگي جو نئون موڙ منهنجي لاءِ زندگيءَ جو هڪ بهترين ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ نئين سمال انڊسٽري اسٽيٽ، ڪپڙي اُڻڻ جون جديد آٽوميٽڪ هاءِ اسڪيل پيداواري صلاحيتن جي حامل مشينون چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لڳيون هيون. دراصل ڪپڙي جي صنعت جي هي علي ٽيڪسٽائل ملز لاڙڪاڻي جي صنعتي تاريخ ۽ ترقي جو پڻ سنگ ميل هئي.