ولي ٿيڻ جي خواهش
گھاڙ واھ جي پيٽي جي وسعت تقريبن جديد پنج پل ڪئنال جيتري ھئي. جيڪو رائيس ڪئنال مان اتر اولھ طرف نڪري ڳوٺ وليدن کان وھي ٿو. خوبصورتي جي لحاظ کان گھاڙ واھ پنج پل توڙي رائيس ڪئنال کان به وڌيڪ خوبصورت ھو. ڪيناڊا ۾ دنيا جي خوبصورت جهلن مان انٽاريو جھيل پنھنجو مٽ پاڻ آھي مون ڪيترن ئي شھرن مان مختلف جاين تان بيھي ان جھيل جا نظارا ڪيا آھن. ھن سمنڊ جيڏي ويڪري ۽ وسيع ڍنڍ جو نيرو پاڻي ماڻھن جي اکين ۽ دلين کي ڏاڍو لڀائيندڙ آھي. صاف شفاف آسمان جو پرتو پوڻ سبب امريڪا ۽ يورپ جي ڍنڍن ۽ جھيلن جو نيرو رنگ حيران ڪن حد تائين خوبصورت نظر ايندو آھي. مگر ماضي قريب ۾ گھاڙ واھ جي صاف شفاف سائ ي رنگ جي پاڻي جا حسين نظارا مون چت ۽ چاھ سان ڏٺا ھئا. جي ايمانداري سان مماثلت ڪريان ٿو ته گھاڙ واھ پنھنجي ڪنارن تي ساون ڊگھن کجين، انبن جي وڻن، ڊگھن ٻوڙن ۽ ڏھ ڦٽ ڊگھي ڏير جي سائي رنگ جو پرتو حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ خوبصورت ۽ وڌيڪ حسين لڳندو ھو..
لاڙڪاڻي جو ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪو پڻ گھاڙ واھ جي پراڻي پيٽي جي ڪڙ تي ڊپٽي واري بنگلي کان اوڀر پاسي اڏيل آھي تنھن ۾ پڙھندڙ شاگرد غلام مصطفي بولاڻي سان 1960 ڌاري منھنجي دوستي ٿي. ھو علي گوھر آباد ۾ ھڪ اڌ گھٽي جي فرق سان منھنجو پاڙيسري ھئو. پڙھڻ ۾ ھوشيار ھو. طبعن نھايت نيڪ سادو ۽ مذھبي رنگ ۾ رنگيل طالب علم ھو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد اسان ٻنھي جي وچ ۾ پڪي دوستي ٿي وئي. هو اسان جي سڄي سنگت خصوصن بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، سائين غلام اللہ ۽ استاد محترم قاري خير محمد جو پسنديدہ پيارو شاگرد ھو پر مون سان خاص دلچسپي ۽ دوستن واري بي تڪلفي ھئس. ساڳي مذھبي سوچ ھئڻ ڪري گھڻو ڪري گڏ گھمڻ ڦرڻ ٿيندو ھو. ميلادن، مذھبي محفلن ۽ مجلسن ۾ گڏ ھوندا ھئاسي.کچين جو پاڙو تقريبن اسان جو ئي پاڙو ھو مجلسن توڙي پڙن تي به گڏجي ويندا ھئاسي. مذھبي فرق ۽ ڀيد ڀاء واري سوچ جا ٻئي قائل نه ھئاسي. گھاڙ واھ تي ٿيندڙ محفل ميلاد ۾ ھو مون سان گڏ ھلندو ھو. فطرت پسند ھو کيس گلن، ٻوٽن، ميون، وڻن باغن ۽ گھاڙ واھ جي حسين نظارن سان دلچسپي ھوندي ھئي. اسان ٻئي گھاڙ واهه جي ڪنڌين ۽ ڪنارن تي پيدل گھمندي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پير شير تائين ھليا ويندا ھئاسي. ٻنھي ۾ فرق ھو ته رڳو ھن ڳالھ جو ته پڙھڻ ۾ ھو مونکان ڏھ ڀيرا وڌيڪ ھوشيار ھو ۽ مان کائنس ترڻ ۾ ڏھ ڀيرا وڌيڪ ھوشيار ھوندو ھئس. ان ۾ ڪو شبھو ڪونھي ته نيڪي، شرافت ۽ سچ ڳالھائڻ ۾ ھن جا درجا مون کان بلند ھئا. ھڪ ڀيري مونکي چيائين ته شب قدر جي رات ڏاڍي ڀلاري رات آھي ان ۾ جاڳي عبادت ڪرڻ افضل آھي ۽ مون ٻڌو آھي ته رات جي ڪنھن پھر ۾ زمين تي جيڪو پاڻي ندين واھن يا درياھن ۾ آھي اھو کير ٿي پوندو آھي ۽ اھو کير جنھن کي نصيب ٿي ته اھو ولي ٿي پوندو آھي. مون وراڻيومانس ته مون به پنھنجي والدہ کان ٻڌو آھي ڳالھ سچي آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي. ٻٽن ڏينھن بعد شب القدر اچڻ واري ھئي سو اسان ٻنھي يڪراءِ ٿي پروگرام ٺاھيو سي ته ان ڀلاري رات جو ھنڌ بسترا کڻي ھلي گھاڙ واھ واري مسجد ۾ سڄي رات قرآن پاڪ جي تلاوت ڪنداسي ۽ جاڳنداسي. جنھن مھل پاڻي کير ٿيندو ته ٻئي پي انشاءاللہ ولي ٿينداسي.
مغرب جي نماز سائين فيض محمد واري مسجد ۾ ادا ڪري غلام مصطفي پنھنجي گھران رلھي ويھاڻو ۽ سوڙ کڻي آيو اھڙي ريت پروگرام مطابق مون به سوڙ، رلھي ۽ ويھاڻو کنيو ۽ گھاڙ تي روانا ٿياسي. سانجھي کانپوءِ گھاڙ تي تقريبن سڀ سرگرمييون ختم ٿي وينديون ھيون. اسان جڏھن مسجد ۾ داخل ٿياسي ته نه ھر پاسي رڳو اوندھ ھئي بلڪه چوطرف سناٽو سنساني لڳي پئي ھئي. ميڻ بتيون ٻاري گھاڙ جي پاڻيءَ مان وضو ڪري رات جي نماز ادا ڪري تلاوت شروع ڪئي سي اھو ڪم طي شدہ پروگرام مطابق واري وٽي تي اڌ رات تائين ھلندو رھيو. مسجد جي اتر واري ڀت تان اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ ليو پائي پيا ڏسون ته پاڻ کير ٿي ته پيئون. ميڻ بتي ھڪ ختم پئي ٿئي ته ٻي پيا ٻاريون، ڳچ رات گذري وئي سيءُ به ڪجھ سوڙھو ڪيو ۽ ٻنھي کي اوٻاسين اچي ورايو اھڙي ڪيفيت ۾ طئي ڪيوسي ته ھاڻي ھڪڙو پڙھي به ۽ پاڻي تي به نظر رکي. جڏھن پاڻي کير ٿي ته ھڪدم ٻي ستل کي اٿاري فيضياب ڪري. پھريون مان سوڙ پائي ستس اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ غلام مصطفي مونکي اٿاريو. مون سمجھيو ته گھاڙ کير ٿي ويو. مگر دوست چوڻ لڳو ته يار ھاڻي مون کي ننڊ پئي اچي سو تون پڙھ ۽ جاڳ. ھڪ ٻه دفعا ائين ڪيوسي مگر خبر تڏھن پئي جڏھن صبح جو سج اڀرڻ بعد اچي ڌوٻين ڌونڌاڙي اٿاريو.