مظفر حسين پٺاڻ هڪ اعليٰ آدرشن جو مالڪ مل اونر
منهنجي زندگي جي نئين جدوجهد جي شروعات 1964ع کان ٿي منهنجي وجود ۾ جن انقلابي خيالن ولوڙ وڌي هئي تن جي نتيجي ۾ دل اهو چاهيندي هئي ته زمين کي کڻي آسمان تي اُڇلائجي. مگر دل ۾ اهي خيال به اڀرندا هئا ته پنهنجي جوش ۽ جذبي کي قابو رکي زندگي ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪجي ته سٺو لاڀ ملندو. مون ڪارخاني ۾ رهندي ٻه ٽي مهينا منشگيري ڪندي، سٽ تورڻ، ڪپڙي جي پيداوار جي انگن اکرن کي نوٽ ڪرڻ ۽ ڪپڙي جي پيداوار کي ڪراچي ٻلٽي ڪرائڻ جي ڪمن ۾ مصروف رهيس. انهن ڪمن ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ هڪ سينيئر منشي منهنجي رهنمائي ڪندو هئو. مگر منشگيري ڪمن ۾ رهندي مون کي فائيلن جي ڪالمن کي ڀرڻ ۾ خفت محسوس ٿيندي هئي ۽ انهيءَ نوعيت جو سمورو ڪم ڪندي ائين لڳندو هو ڄڻ آئون هتي رڳو فائيلن جي پيٽ ڀرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهيان. تنهن ڪري اهڙو ڪم مون کي پنهنجي انقلابي خيالن جي منافي لڳندو هو. ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي منهنجو پيداواري ۽ مشينري سيڪشنز ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. انهن سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ مشين آپريٽرس جي هاءِ اسڪيل پگهارون کڻڻ تي مون کي رشڪ ٿيندو هو. پنهنجي پگهار ۽ انهن جي پگهار جي وچ ۾ وڏي تفاوت کي ذهن ۾ رکي مون فيصلو ڪيو ته مون کي منشگيري ڇڏي مڪينيڪل ڪم سکڻ گهرجي. مون پنهنجي اهڙي ارادي جو اظهار ڪارخاني جي مئنجر مسٽر قلندر بخش بدوي ۽ علي ٽيڪسٽائل مل جي مالڪ مظفر حسين سان ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪسٽائل مڪينيڪل ورڪس ماسٽر (فورمين) ۽ مشين آپريٽرس سان تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. مون پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي مل جي مالڪ مظفر حسين صاحب جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي ۽ هو ڪنهن قدر منهنجي ڪم ۽ اخلاق کان پڻ متاثر هوندو هئو. مهيني ٻن کان پوءِ ڪارخاني ۾ ٻن نين مشينن جو اضافو ٿيو تنهن ڪري ڪارخاني ۾ هيلپرس ۽ آپريٽرس جي ضرورت پيدا ٿي پئي. منيجر قلندر بدوي صاحب جي سفارش تي مڪينڪ ماسٽر ولي محمد منهنجي مشين هيلپر جي تقرري لاءِ راضي ٿيو ۽ ساڳئي وقت مسٽر قلندر بخش مظفر صاحب سان مشورو ڪندي مون کي مشين سيڪشن ۾ موڪلي ڇڏيو.
علي ٽيڪسٽائل ملز لاڙڪاڻي ۾ جديد وارپ نٽنگ آٽوميٽڪ مشينن جو پهريون ڪارخانو هو ۽ انهن مشين تي ڪم ڪندڙ مڪينڪ، ٽيڪنيشن ۽ ڊيزائن ميڪرس وغيره سڀ پنجاب ۽ ڪراچي کان گهرايا ويندا هئا تنهن ڪري انهن ٻاهران آيل ڪاريگرن کي هي خطرو محسوس ٿيندو هو ته جيڪڏهن لوڪل ماڻهو وارپ نٽنگ جو هنر سکي ويندا ته ڪارخاني ۾ گهٽ پگهار تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ اهڙي حالت تحت مل جا مالڪ انهن کي ترجيح ڏيندا ۽ ٻاهران آيلن ڪاريگرن جي نه رڳو اهميت گهٽبي پر ڪن صورتن ۾ کين واپس ڳوٺ وڃڻو پوندو. بهرحال وڏيون محنتون ۽ ڪوششون ڪري لاڙڪاڻي شهر مان مير محمد ڀٽو سندس وڏو ڀاءُ جنهن کي عرف عام ۾ مستري سڏيو ويندو هو ۽ مان پهريان ڇوڪرا هئاسين جن ڪراچي ۽ لاهور جي ڪاريگرن جون ذاتي طور خدمتون ڪري ڪجهه نه ڪجهه وارپ نٽنگ جو ڪم سکي مشين آپريٽرس ٿياسين. جنهن وقت آئون آپريٽر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو تنهن وقت علي ٽيڪسٽائل ۾ آس پاس جي ڳوٺن، وليد ڳوٺ، کوسن جي ڳوٺ ۽ رسول آباد جا ڇوڪرا هيلپر جي حيثيت ۾ ڪم سکندا هئا. مگر انهن لوڪل سيکڙاٽن ۾ گهڻا ٻهراڙين جا رهائشي هئا تن پنهنجي سر ڪوشش ڪندي ڪراچي ۽ لاهور جي آپريٽرن کي ماکي، مکڻ ۽ ديسي گيهه جا تحفا ڏيڻ شروع ڪيا انهي تحفن جي ترسيل ۾ جيتوڻيڪ منهنجو مشورو شامل هو مگر ڪاميابي ماڻڻ جو ريشو زيرو نڪتو. جيتوڻيڪ مان پنهنجي سر اڃا ڪامياب ۽ فل اسڪل ڪاريڪر ڪو نه ٿيو هوس پر پوءِ به منهنجي اها خواهش هئي ته لوڪل ماڻهو وارپ نٽنگ جو ڪم سکي ڀڙ ٿين ۽ سٺي روزي روٽي لائق ٿين. موقعو وٺي مون ڪارخاني جي مالڪ مظفر حسين صاحب کي پنهنجو هي خيال پيش ڪيو ته جيڪڏهن لوڪل ماڻهو ڪاريگر ٿيندا ته هڪ ته اهي ٻاهرين جي ڀيٽ ۾ اڌ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندا. ٻيو ٻاهرين آيل ماڻهن کي جيڪا اوهان رهائش فراهم ڪيو ٿا. سا لوڪل ڪاريگرن کي ڏيڻي نه پوندي. ٻاهريان ڪاريگر سال ۾ هڪ مهينو موڪل تي هليا وڃن ٿا ۽ ڪنٽريڪٽ مطابق مهيني جي پگهار به کڻن ٿا. اوهان انهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ڪاريگر کي ٻٽي اوور ٽائم تي ڪم تي لڳايو ٿا. جيڪڏهن لوڪل ڪاريگر موجود هوندا ته اوهان کي اهڙا مسئلا سامهون نه ايندا. اوهان جو ڪارخانو ته سالن جا سال هلڻو آهي تنهن ڪري اوهان ڪا واٽ ڪڍو جنهن ۾ اوهان جو فائدو به ٿئي ۽ لوڪل ماڻهن جو به. منهنجي اها ڳالهه مظفر حسين صاحب کي مناسب لڳي. جنهن جي نتيجي ۾ 1965ع واري گرمي جي سيزن ۾ هو مون کي وڌيڪ ڪم سيکارڻ لاءِ ڪراچي وٺي آيو. مظفر حسين نه رڳو مولائي ماڻهو هو پر طبعيت جو مکڻ ۽ فراغ دل انسان پڻ هئو. مون کي هن صاحب جي زندگي ڀر اها ڳالهه نه وسرندي ته هن ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ پنهنجي ٻچن سان گڏ منهنجي به بڪنگ ڪرائي هئي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي بنگلي تي ئي منهنجي رهڻ جو بندوبست ڪيو هو.
مظفر حسين صاحب جي رهائش سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ هزار گز جي عاليشان بنگلي ۾ هئي جيڪو هن وقت ايف ٽي سينٽر ڪراچي جي پٺيان موجود آهي .ان وقت ايف ٽي سينٽر جي عمارت اڃا معرض وجود ۾ ڪا نه آئي هئي، ۽ ان جاءِ تي وفاقي حڪومت جا سلور ڪوارٽرس اڏيل هوندا هئا جن ۾ وفاقي حڪومت جو ڪلاريڪل اسٽاف رهائش پزير هوندو هئو. ان زماني ۾ ان جاءِ تان ايمپريس مارڪيٽ صدر لاءِ ٽڦٿائي ڇهن سيٽن وارا رڪشا هلندا هئا. مظفر حسين صاحب جي بنگلي تي لاڙڪاڻي واسي هڪ ڊرائيور، باورچي ۽ هڪ مينهن چارڻ لاءِ ڌنار رکيل هئو جيڪو بنگلي تي ڌاريل مينهن جي سنڀال ۽ رکوالي ڪندو هو. ان کان سواءِ بنگلي تي ٻارن ٻچن سان گڏ سندس والده به رهائش پزير هئي. ٻن ٽن ڏينهن جي آرام کان پوءِ مظفر صاحب مون کي ايڇ ايم سلڪ ملز جي وارپ نٽنگ سيڪشن جي ماسٽر سان ملاقات ڪرائي جنهن مون کي نٽنگ مشينن جو ڪم سيکارڻ لاءِ مل ۾ ڀرتي ڪرايو. چند مهينن ۾ مون پنهنجي صلاحيتن ۾ ڪافي اضافو ڪيو. سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جون واپاري منڊيون، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ اسٽاڪ شيئرس جا گراف اچي زمين تي بيٺا. ڪراچي مارڪيٽ سخت مندي جو شڪار ٿي پيو جنهن سبب شهر جا ڪيترا ڪارخانا بند ٿي ويا. ايڇ ايم سلڪ ملز جو وارپ نٽنگ سيڪشن به عارضي طور تي بند ڪيو ويو. اهڙين حالتن جي ڪري مون کي به مجبورن لاڙڪاڻي واپس موٽڻو پيو.