ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

مرزا اسحاق بيگ

مرزا اسحاق بيگ

گھاڙ واھ جڏھن ڀريو تريو رھندو ھو تڏھن مڇي به ان ۾ ججھي پيدا ٿيندي ھئي ۽ ان جي مارڻ جا طور طريقا به گھڻا ھئا. بنا پرمٽ جي مڇي مارڻ يا پڪڙڻ ڏوھ جو ڪم ھو. ڄار ڦٽو ڪري جيڪي مھاڻا مڇي پڪڙيندا ھا سي پروفيشنل ھوندا ھئا ۽ وٽن پرمٽ ضرور ھوندي ھئي. اسان جھڙا ٻالڪ ٽولا وري کجيءَ جي سنڍي ۾ ڏور وجھي ۽ ڪُنڍي ٻڌي چاري طور ان ۾ ساپو يا مڇي جي گوشت جو ذرو اٽڪائي شڪار ڪندا ھئاسين. بنا پرمٽ وارا لڪي ڇپي ڪٿي نه ڪٿي مڇي پڪڙڻ ۾ مصروف ھوندا ھئا. گھاڙ واھ تي وڏي پيماني تي ساليانو مڇي مارڻ جو وڏو جشن ٿيندو ھو. سرندي وارا مھاڻا انجو ٺيڪو کڻندا ھئا. ايتري خبر ناھي ته اھو ٺيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بورڊ جو سرواڻ ڏيندو ھو يا ميونسپل جو چيف يا ڪو ٻيو اٿارٽي آفيسر. بھرحال گھاڙ واھ جي ويڪري پيٽي واري ھنڌ عيش گھرن جي بلڪل سامھون ڌوٻي گھاٽ تي جتي ننڍي اڇي مسجد ھوندي ھئي ان جي سامھون گھاڙ جي ھڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين وڏا رڇ لڳايا ويندا ھئا. ھفتو کن اھيو لقاءُ رھندو ھو ۽ زبردست طريقي سان مڻ جي منھن مڇي ماري ويندي ھئي. انھن ٺيڪيدارن جو اھو نيَم ھوندو ھو ته ٺيڪي جي آخري ڏينھن گھاڙ واھ تي موجود پبلڪ لاءِ دعوت عام ڪندا ھئا. جنھن ۾ پنھنجي پسند جي مڇي پوئڪي جي پلاءُ جون ديڳون لاھيندا ھئا، جيڪا دراصل ٺيڪيدارن طرفان شڪراني طور اھا ھڪ قسم جي خيرات ھوندي ھئي. اھو پوئڪي جو پلاءُ جن کاڌو ھوندو ۽ جيڪي حال حيات ھوندا تن کي ان پلاءُ جون لذتون اڄ به ضرور ياد ھونديون. مڇي جي شڪار جي ڳالهه نڪتي آ ته لاڙڪاڻي جي ھڪڙي شوقين شڪاري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. تقريبن 1965 ڌاري تجر باغ (جناح باغ) لاڙڪاڻي ۾ ھڪ لوڪل براڊڪاسٽنگ اسٽيشن جو قيام عمل ھيٺ آيو. ميونسپل ڪاميٽي جي ان لوڪل نشرياتي اداري جو پروگرام ايگزيڪيٽو آفيسر مرزا اسحاق بيگ صاحب کي مقرر ڪيو ويو. شھر ۾ بلڪل ديسي مينوئل طريقي سان اھو نشرياتي لوڪل ادارو پنھنجي شيڊيول مطابق پروگرام پيش ڪندو ھو. ان براڊڪاسٽنگ ذريعي تفريحي پروگرام گيتن ڀريون ڪھاڻيون پيش ڪيون وينديون ھيون، جنھن ۾ گيتن ۽ گانن سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي پروگرام به نشر ٿيندا ھئا. جيتري قدر ياد پوي ٿو ته بيگ صاحب سان ايڊورٽائيزنگ ۽ انائونسمينٽ ۾ امير علي ميڻو يا ان جو ڀاءُ علي انور ميڻو معاون ۽ مددگار ھوندا ھئا. اھو بيگ صاحب گھاڙ واھ تي مڇي مارڻ وارن شوقينن ۾ ھڪ رومانٽڪ ڪردار ھو. بيگ صاحب کي پنھنجن گھرو ۽ دفتري ڪمن ڪارن مان جڏھن واندڪائي ملندي ھئي ته پنھنجي شوق کي جلا بخشڻ لاءِ مڇي مارڻ لاءِ گھاڙ واھ جو رخ ڪندو ھو ۽ ڌوٻي گھاٽ کان پير شير جي علائقي تائين وڃي مڇي ماريندو ھو. جتي بلڪل خاموشي ڏسندو ھو اھا جاءِ ھن جي پسنديدہ ھوندي ھئي. دراصل اھا ھن جي شڪاري (اسٽريٽجي) اٽڪل بازي ھوندي ھئي. ھو مڇي پڪڙڻ جا مڙئي گر ڄاڻيندو ھو. بيگ صاحب پنھنجي پر ۾ ھڪ خوش اخلاق ۽ مست ماڻھو ھو. مڇي مارڻ جي غرض سان جڏھن گھران نڪرندو ھو ته پنھنجي آرام، سڪون ۽ حفاظت جو سمورو سامان ساڻ کڻندو ھو. چاري جا ساپا، ڪيچوئا، گوشت ۽ ننڍيون درا مڇيون، ڪڻڪ جو ڳوھيل اٽو ۽ چاري طور ڪي مصالحا به کڻندو ھو علاوہ ازين اُس ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ رڳو انگلش ھيٽ پائيندو ھو مگر پاڻ سان ھڪ وڏي ڇٽي به کڻڻدو ھو جيڪا زمين ۾ کوڙي ڇانورو ڪري ويھندو ھو ۽ ڊگھي ڏور واري ڪنڍي وچ پاڻي ۾ زوم سان اڇلائيندو ھو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ صبر ۽ سانت سان پاڻي ۾ نظرون کپايو ويٺو ھوندو ھو. آئون اڪثر گھاڙ واھ جي ڪناري تي پاڻي جي پکين جھنگ ڪڪڙن، ٽوٻين، ٽيٽن ۽ ڪانيرن ۽ ڪڙڇين وغيرہ جي شڪار جي غرض سان پيو ھيڏي ھوڏي ڀٽڪندو ھوس. اڪثر بيگ صاحب کي ان ماحول ۾ ڏسندو ھوس ته ساڻس ملاقت جو شوق جاڳندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس اجازت سان وڃي ڀرسان ويٺس. مونکي ڏسندي ھٿ جي اشاري سان ڀر ۾ ويھڻ لاءِ چيائين. ڪجھ دير خاموش ھو پر پوءِ نھايت جھيڻي آواز ۾ اردو زبان ۾ چيائين؛ ادھر کيا کرتے ہو...؟ مون سمجھيو ته وات ۾ پان اٿس جو اھڙي گومگو ڪيفيت ۾ اشارا پيو ڪري پر پوءِ ٻڌائڻ لڳو ته مڇي جي شڪار ۾ خاموشي گھرجي ڇاڪاڻ جو مڇيون آواز ٻڌنديون آھن جي اسان جو آواز يا شور شرابو ٻڌنديون ته ٽھي وينديون پوءِ ھتي ويھڻ سڄو بيڪار. ياد ناھي ته سگريٽ به پيئندو ھو يا نه. پڪ ناھي. ابھام آھي ته ھو بندوق سان به مڇي جو شڪار ڪندو ھو. اسان جي ٻاروتڻ جي زماني جي يادگيريون آھن ويسر ڀل ته انسان جي زندگي جو حصو آھي.
ڪنڍي سان مان به گھاڙ واھ مان مڇي پڪڙيندو ھوس. ان لاءِ ساپن جي ضرورت پوندي ھئي. ڪيلي جي وڻن جي پاڙن ۾ نم شدہ گھميل مٽي ۾ صحتمند ۽ ججھا ساپا (Earthworms) ملي ويندا ھئا سو قاضي ھدايت اللہ جي باغ جو رخ ڪرڻو پوندو ھو ڪيلن جي پاڙن ۾ ٿوري زمين کوٽڻ سان ڳچ ساپا ملي ويندا ھا. مسجد جي ڀرسان نم جي وڻن جي ڀرسان گھاڙ واھ جي ڀڪ تي ٽاري جو درخت ھوندو ھو. ٻنھي وڻن جي گڏيل ٿڌي ڇانو ھيٺان اسان جي مڇي پڪڙڻ جي ڪرت شروع ٿيندي ھئي. شڪار ۾ ھر قسم جون مڇيون ڪنڍي ۾ ڦاسنديون ھيون ڪرڙيون جن کي ٽپري سڏيندا ھا سي. شاڪر جنھن کي سول به چئبو آھي جيڪا نھايت طاقتور مڇي سڏبي آھي مگر اھا مڇي اسان جي گھرن ۾ پسند نه ڪئي ويندو ھئي. تنھنڪري جيتريون به شاڪر مڇيون ھٿ اينديون ھيون سي سڀ گھر جي سامھون جليل ڪمپائونڊر جيڪو حق ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي سروس ڪندو ھو جي گھر ڏيندو ھوس ڇاڪاڻ ته اھي سول مڇي کي وڏي شوق سان کائيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪميون به ڪڙھي ۾ ڦاسنديون ھيون جن کي وري پاڻي جي حوالي ڪري ڇڏبو ھو. ڇاڪاڻ ته اھا اسپشي اسان جي نظر ۾ مڪروه ۽ حرام تصور ڪئي ويندي ھئي. پوئڪي مڇي به منھنجي والدہ جي پسند وٽان نه ھوندي ھئي. اسان جي گھرن ۾ رڳو پلو ۽ ڪرڙو يا ڪرڙيون کائبيون ھيون. گھاڙ جي ڪپ جي ان ٽاري جي وڻ جي ڇانو تان سو بار صدقي آئون گھاڙ واھ جي ڪنارن ۽ ان جي دلنشين ۽ دلڪش نظارن کي ڪڏھن وساري نٿو سگھان. وڻن تي چڙھي ويھڻ جو لطف به پنھنجو اور ھوندو ھو. انبن ۽ کجين جي وڻن تي چڙھڻ جي مھارت گجڻ پور ۾ سکي ھئي. مزي ۽ لطف حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ڀيري مان ان ٽالھي تي چڙھي ويس جنھن جو سمورو جھڪاءُ ۽ نوڙت گھاڙ جي پاڻي مٿان ھئي. مٿي چڙھي ھڪ ڏار تي ويھي ھيٺ شيشي جھڙي شفاف پاڻي ۾ مڇين جي فطري سرگرمين ۽ سرگوشين سان گڏوگڏ انھن جا جسماني خدوخال ۽ رنگ روپ ڏسي بي حد لطف اندوز ٿيس ايتري قدر جو اھو نظارو ۽ اھو نقشو اڄ ڏينھن سوڌو ذھن تي نقش آھي.