نئون جيئدان
سنڌو درياهه اسان جي گهر واري روڊ جي آخر ۾ تقريبن هڪ فرلانگ جي پنڌ تي هو. گھر جا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ اسان اڪثر پنهنجي پيءُ سان گڏجي درياهه تي ويندا رهندا هئاسي. ڪپڙن کي بلڪل صاف شفاف پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ وڏن ڊرمن يا ڪونرن ۽ ٽبن ۾ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ پاڻي تيار ڪرڻو پوندو هو. بالٽين سان درياهه جو ڇڙيو پاڻي ڊرمن ۾ ڀري ان ۾ ڦٽڪي وجھي ڏهه پندرهن منٽ ڇڏڻ کان پوءِ پاڻي نج صاف ٿي ويندو هو. منهنجو پيءُ ان عمل ۾ مصروف هو. آئون دريا جي ڪناري هڪ وڏي پٿر تي ويٺو هوس وهنجڻ جي خيال سان دريا ۾ هيٺ لهي بيٺس. ڪنهن سمي هڪ اهڙي لهر آئي جو منهنجا هٿ پٿر مان ڇڏائجي ويا ۽ آئون درياهه جي لهر جي حوالي ٿي ويس. بابي سائين جي مون ۾ نظر هئي هو بالٽي ڦٽو ڪري مون ڏانهن هليو آئيو ۽ ٻڏندڙ حالت مان مونکي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. جي لمحي ٻن لاءِ بابا سائين جي نظر کان اوجھل رهان ها ته زندگي درياهه شاهه جي حوالي ٿي وڃي ها. پنجن سالن جي ڄمار ۾ بابا سائين جي هٿان اهو پهريون جيئدان مليو. نه ته زندگي جو تماشو ان ڏينهن ئي ختم ٿي وڃي ها. لکيو منجھ نراڙ... قلم ڪياڙي نه وهي. قادر قلم ڪار منهنجي نراڙ تي گھڻو ڪجھ لکي ڇڏيو هو تنهنڪري زندگي بچائڻ وارو ذريعو اک ڇنڀ ۾ حرڪت ۾ اچي ويو. هن وقت اهي گھاٽ اهي تڙ سڀ لب مهراڻ تي لڳل ٻارن جي رائڊس هيٺ اچي ويا آهن. مان ۽ منهنجا ٻار جڏهن به سکر گھمڻ ويندا آهيون ته انهن هنڌن ماڳن تي جھولا به کائيندا آهيون ۽ ڇولن ڏهي ڀلن ۽ آئس ڪريم جا مزا به وٺندا آهيون ۽ اهڙي ريت ننڍي هوندي جون يادون تازيون ٿي وينديون آهن. مون ذڪر ڪيو هيو ته ورهاڱي کان پوءِ اسان جي گھر لڳ گائو شالا خالي ٿي ويو هو ته ان وقت ان گائو شالي کي چوڌاري قد آدم ڀتيون هونديون هيون جنهنجي پرين پاسي منهنجي پڦي ۽ امڙ جي سوٽن جا گھر هئا. سج لڙي مان پنهنجون لغڙيون ۽ ڍيرا کڻي گائو شالا جون ڀتيون ٽپي اندر وڃي لغڙيون اڏائيندو هوس. اندر بلڪل خاموشي هوندي هئي. نه ماڻهون ڇيڻو نه بني نه بشر اهڙي ماحول ۾ لغڙ اڏائڻ جو مزو ڪجھ اور هوندو هو. ڇاڪاڻ جو اسان ننڍا ٻار پيچ وغيره لڙائڻ جي متحمل ٿي نه سگھندا هئاسين نه ئي وري پيچ ويڙهائڻ جي اسانجي وستا هئي. نه اهڙو مانجھو هوندو هو ۽ نه ئي پيسي پنجڙ جي فرواني هئي تنهنڪري لڪي ڇپي اڪيلا لغڙ بازي جا مزا وٺندا هئاسي.
اسان جو گھر مين ورڪس روڊ تي هو. ٻاهرين دروازي جي آڏو چونڪ کجين جو جھڳٽو هوندو هو ۽ اندر گھر حويلي نما هو. پهريون گھر منهنجي ٻالڪپڻي جي پڪي دوست گلزار ۽ وزن علي جن جو هو. ٻيون گھر اسان جو هو ۽ آخري ٽيون گھر الهه ڏتي ۽ لطيف جن جو هو. جيڪي اصل پنجاب جا رهاڪو هئا ۽ ذات جا چوڌري هئا. اسان ٽنهي گھرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ هڪ ئي دروازو ۽ هڪ ئي گھٽي هوندي هئي. منهنجي والده جي گھڻي دوستي الھ ڏتي جي والده بي بي جنتو سان هوندي هئي. ان وقت اسان جي گھر ۾ نانو ۽ ناني جي فيملي به اچي گڏ رهڻ لڳي هئي. ان حويلي جي ٽنهي گھرن جي جدا جدا ذاتين ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارن خاندانن ۾ مون ايڏو پيار ايڏو مان ۽ ايترو احترام ڏٺم جو وري زندگي ۾ ڪٿي نه ڏٺم. اسان ٽئي گھر هڪ ئي وقت پنجابي ۾ به ڳالهائيندا هئاسين ۽ سنڌي ۾ به.
عبداللطيف ۽ الھ ڏتي جو پيءُ چوڌري وڏو شفيق ۽ پيارو انسان هو. صبح جو نماز پڙهي رب جو ذڪر اذڪار ڪري پخال ڪلهي تي کڻندو هو ۽ معمولي معاوضي جي عيوض سڄي پاڙي جي گھرن جا مٽ مٽڪا ۽ ٽب ڀريندو هو. هو منهنجو آئيڊل هو. آئيڊل هو ان ڪري جو اسان جي علاقي جو نه رڳو سڀ کان وڏو لغڙ باز هو. مگر لغڙن ٺاهڻ جو. مانجھي لائڻ جو ۽ پيچ لڙائڻ جو وڏو ماهر ۽ استاد ڪاريگر هو. اسان جي گھرن جون ڀتيون ننڍيون هونديون هيون. جڏهن هو پنهنجي گھر جي آڳر ۾ ويهي درزي وانگڙ لغڙ جي پنن جي ڪٽنگ ڪندو هو ۽ بانس جي ڪاٺين کي وڍي چيري لغڙن جون ڪمانون تيار ڪندو هو ته مان کٽ تي چڙهي ڀت کان سندس سڄي ڪاريگري نوٽ ڪندو هوس. شام ٿيندي هئي ته هو ڳڙ لوڻ ۽ کير سان تيار ٿيل چانهن جو پيالو پي لغڙ ۽ چرخيون کڻندو هو ۽ گائو شالا اڳيان ورڪس روڊ تي لغڙ چاڙهيندو هو. چوڌري جا لغڙ هوندا هئا ڀاري ڀرڪم گڏا. ٽڪنڊي تيلين واري پڇ جي جاءِ تي هو گڏي کي رنگين ڦندڙن وارو پڇ لڳائيندو هو. جيڪو هوا ۾ اڏامڻ وقت نهايت سهڻو لڳندو هو. سندس پٽ لطيف جنهن کي هو تيفو سڏيندو هو ۽ مان سندس ڍيرا ۽ چرخي سنڀاليندا هئاسين. ان وقت جي ماحول جي سڌ اٿم ته سکر ۾ اڃا مهاجرن جا ڪٽڪ ڪونه لٿا هئا. سنڌي پٺاڻ ۽ پنجابي سکر ۾ موجود هئا. اسان جي علاقي ۾ بهشتي ۽ ٽانگي گاڏين هلائڻ جي ڪم ۾ پنجابي هوندا هئا. ۽ ڪاٺي جي اعلاترين ڪم لاءِ خصوصن خالصا پنجابي گھڻا هئا. پٺاڻن جا چانهن جا ۽ کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ فروٽ جو ڪاروبار هوندو هو. باقي سکر جو واپار آفيسون بينڪون ۽ ٻيا وڏا ڪاروبار هندن سيٺين جي هٿ ۾ هئا جيڪي ان وقت هندوستان اسهڻ جي تيارن ۾ مصروف هئا. اسان جو بيراج ٽائون شپ وارو علاقو ورهاڱي کان اڳ سکر جو جديد ۽ پوش علاقو ڄاتو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هن علاقي ۾ بيراج کي اڏڻ ۽ تيار ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار گورن انجنيئرس جي رهائش لاءِ وڏا وڏا بنگلا تيار ڪرايا هئا گورن عملدارن جي آفيسن ۽ ريزڊينس ڪري هن علاقي ۾ عام ماڻهو جو اچڻ وڃڻ گھٽ هوندو هو ٻيو ورڪس روڊ تي سرڪاري وڏيون ورڪشاپون ۽ ڪارخانا هئا ازانسواء ريلوي کاتي جي آفيسرن جون رهائشون، ڪالونيون ۽ ريجينل ڊپو هوندا هئا تنهنڪري پرائوسي ۽ سڪيورٽي جي ڪري هي علاقو پنهنجي خاص حيثيت رکندو هو.