ڳوٺ ڪنگن ۾ گھاريل ڏينهڙا
جنهن ڏينهن ڪنگن جي پرائمري اسڪول جي ڪچي پهرين ۾ داخلا ملي اهو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشي جو ڏينهن هو ان وقت اسڪول ۾ ڪنهن قسم جو يونيفارم ڪونه هو ۽ ڪچي پهرين ۾ ڪو ڪتاب به نه هو. ٻي ڏينهن مان سکر مان آندل ڦرهي کڻي سوير وڃي اسڪول پهتس. اسڪول جو دروازو مينهن جي واڙي کي لڳل دروازي جهڙو هو. سامهون هڪ دالان ۾ ميز ڪرسي ۽ بينچون پيل هيون. جڏهن ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيو تڏهن ڪي چار پنج ٻار بينچن تي ويٺا هئاسين. منهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد وڏي ڦڙتي سان اٿيا ۽ وڃي استاد کي پيرن تي هٿ رکيائون. انهن سان گڏ مون به ساڳي نوڙت ڏيکاريندي استاد صاحب کي پيرين پيس. استاد صاحب اسان سڀني کي مٿي تي پيار جو هٿ ڦيرايو. ٻٽي منٽ ڪرسي ته آرام ڪرڻ کان پوءِ علي نواز نالي ڇوڪري کي سڏي چيائين اڙي ڏس پاڇو ڪلي ته پهتو آهي ته گھنٽ وڄاءِ. علي نواز وڌي دروازي ڀرسان زمين ۾ کتل ڪلي کي ڏٺو ۽ وراڻيو سائين اڃان ٿورو پري آ. استاد وراڻيو ٺيڪ آ. ڪلي تي پڄي ته گھنٽ وڄائجان. منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ڳالهه هئي معلوم ٿيو ته موڪل تڏهن ملندي جڏهن سج جو پاڇو لڙي ڀت جي ڀرسان وراي ڪلي تي پهچندو.
ڇا دور هو سڄي ڳوٺ ۾ سواءِ وڏيري جي ٻي ڪنهن وٽ وقت ڏسڻ لاءِ واچ ڪانه هئي ۽ اسڪول جو ڪم به ڪلين تي پئي هليو. مان اسڪول کان پڙهي بابي جي دڪان تي وڃي ويهندو هوس. يا وري آس پاس جي ماحول کي ڏسڻ چڪاسڻ جي ڪم کي لڳي ويندو هوس. اسان جي دڪان جي پٺ ۾ اٽي پيهڻ جي مشين هئي بابي کان موڪل وٺي ڪڏهن ڪڏهن مل ۾ ڏسڻ ويندو هوس ته ان اٽو ڪئين ٿو پيسجي. مل ۾ موٽرن جا آواز پٽن جي ڦرڻ جي ٺڪ ٺڪ جو شور هر طرف ڊيزل آئل جي عجيب بانس پکڙيل هئي. هڪ پاسي ان اٽي ۽ چانورن جون ڀريل ڳوڻيون پيون هيون، اهو سڄو جو سڄو ڪم ڪار سٺو لڳو. سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالھ مونکي سٺي لڳي سان انجڻ مٿان ڪوٺي تي وڏي پائپ تي لڳل لوٽي ۽ ان مان نڪرندڙ آواز جو رڌم هو. جيڪو ڳوٺ کان دور دور تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ ڳوٺ جي زينت وڌائيندو هئو. دڪان جي اڳيان سڙڪ پار وڏي چمني وارو هڪ ٻيو سارين ڇڙن جو اوائلي ڪارخانو هو. ورهاڱي کان گھڻو اڳ جو هو شايد ڪنهن واڻيي سيٺ جي ملڪيت هو. مگر ان جا هن وقت مون وٽ ڪي تفصيلات ڪونهن. باقي ايتري خبر آهي ته بابا سائين صبح جو سوير اٿي ان ڪارخاني ۾ ڪهاڙي سان مڻن پيري ڪاٺيون ڏاريندو هو. بابي سائين جو اهو ڪهاڙو جيڪو کيس هٿن ۾ لڦون وجھندو هو وفات بعد سائي سندس ڪل ميراث هئي جيڪا منهنجي ملڪيت ۾ آئي هئي. جنهن کي مون پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو آهي.
ڪنگن ۾ هڪ ڏينهن ميدان تي لغڙ اڏامندي ڏٺم بس پوءِ ته منهنجي خوشي جي حد نه رهي ۽ وڃي ميدان تي نڪتس. هڪ ڇوڪرو جيڪو لغڙ کي اڳڙي جو ڊگھو پڇ ٻڌي پيو اڏائي ۽ مزا وٺي. سلام دعا عليڪ سليڪ ٿي ٻڌايائين ته هو ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ آهي ٿوري دير ۾ ساڻس منهنجي دوستي ٿي وئي. مون سندس ڌاڳا ڍيرا ڏٺا وٽس ٿورو گھڻو مانجھو هو پر گھڻو ڪم 999 وارن ريلن جي ڌاڳي سان پيو هلائي. ڏينهن ٻن کان پوءِ مون کيس ٻڌايو ته مونکي لغڙ ٺاهڻ ايندا آهن پر پنا ڪونهن جو مان توکي سهڻا لغڙ ٺاهي ڏيان. هن ٻڌايو ته اسان جي گھر ڀرسان دڪان وارو هفتي ۾ هڪ دفعو لاڙڪاڻي بازار ويندو آهي ان کان مان لغڙائي پنا گھرائيندس. ٿيو به ايئن ٻئي هفتي لغڙ جا پنا اچي ويا. مون کجي جا سنڍا ۽ ٻهارا هٿ ڪري رکيا هئا جن مان ڪمانون تيار ڪيون ۽ استاد چوڌري جي ڏٺل ڪاريگري ۽ ڪٽ سٽ ۽ پنهنجي ڪامن سينس کان ڪم وٺي ٽن چئن رنگن جا پٽا پٽي گڏا تيار ڪري ان ڇوڪر کي پيش ڪيم لغڙ ڏسي دوست ڏاٺو خوش ٿيو پوءِ جيترو وقت ڪنگن ۾ رهياسين گڏجي لغڙ اڏائيندا هئاسين.
آڪٽوبر نومبر جا مهينا هئا ڳوٺ جي گھٽين ۽ دڪانن اڳيان هڪ ماڻهو مناديون ڏيندو پيو وتي ته ايندڙ آچر جي شام جو چئين وڳي ڳوٺ جي ٻاهر رڇ ۽ ڪتن جي ميل ٿيندي. اسان کي ته اهڙي ميل ۽ مقابلي جي ڪا سڌ هئي نه ڪا ڄاڻ سو جيستائين آچر جو ڏينهن اچي تيستائين روز بابي سائين کان پڇندو هئس ته اها رڇ ڪتن جي ميل ڇا ٿيندي آهي. بابي نٽ شيل ۾ ان ميل مقابلي جو سڄو معاملو سمجھايو. بس پوءِ ته مان آچر جي ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳس. آچر جي ڏينهن اسڪول جي موڪل هئي پر ميل جي شوق ۾ اڌ رات تائين مونکي ننڊ ئي نه آئي. صبح جو نيرن ڪري دڪانن جي چونڪ تي واءُ سواءُ لهڻ ويس ته ٻهراڙي جي ماڻهن جي خوشي ڏسي منهنجي خوشي ۽ شوق ۾ اضافو ٿي ويو. هر ماڻهو جي وات تي ڪتن جي ڇتڪتائي، انهن جي بهادري ۽ ڪتن جي نالن جا قصا پيا ڪٽجن. شام جو ٽي ٿيا ته مان بابي سان سنڀري ڳوٺ ٻاهران ماڻهن جي هنبوه ۾ وڃي بيٺس. ميدان تي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا سوين ماڻهون ڪٺا ٿيا هئا. ميدان جي وچ ۾ اوڏڪي ڀت جو هڪ وڏو ڪوٽ هو. جنهن ۾ رڇ ۽ ڪتن جا مالڪ ۽ شرطائي جمع ٿيل هئا. چئين ساڍي چئين بجي ڪوٽ اندر رڇ ۽ ڪتن جي ميل شروع ٿي. اسان تماشائي ۽ سموري خلق ڪوٽ جي ديوارن کان ٻاهر ميل جا سمورا لقاء بيٺي ڏٺاسين. ڪلاڪ ڏيڍ ميل هلي ڪتن پئي رڇ کي چوڌاري ڦيرايو ۽ پٽيو. ڪي ڪتا رڇ جي پٺيان پيا وڃن ته ڪي هن جي منهن تي پيا وار ڪن. هڪ ڪتو رڇ جي واري ۾ آيو ته ان ڪتي کي ڀاڪر ۾ ڀري هيٺ اڇلائي پنهنجي پيرن ۾ قبضي ۾ ورتو. ڪتي جا ڪيڪاٽ اسمان تي پيا ٻڌجن. مون ماڻهن جي واتان ٻڌو ته ابا ڪتي جي تيڪ نڪري وئي آهي. ڪتا به وڏا ڀاري ڀرڪم تازي ۽ ويڙهاڪ هئا. ڪنهن ڪتي جو چڪ رڇ جي دون ۾ پئجي ويو. ڪتو مڇڏو هو رڇ گھڻي ڪوشش ڪئي مگر بيحال ٿي هيٺ ليٽي پيو. ميل ملاکڙي ۽ ماڻهن جا هشام ڪٺي ٿيڻ جي مونکي گھڻي خوشي ٿي پر ميل جي اختتام تي ڪتن ۽ رڇ جي جيڪا حالت ٿي سا نهايت دردناڪ ۽ رنج پهچائيندڙ هئي. موٽ تي بابو مونکي اداس ۽ غمگين ڏسي دلداري ڏيڻ لڳو ته پٽ هي سڀ ظالمانا ڪم آهن پر ڇا ڪجي ٻهراڙين ۾ فصل لهندا آهن ته ماڻهون اهڙا شغل ميل ملاکڙا ڪندا رهندا آهن.