آتم ڪٿاڪاري ۽ تعليم جا مرحلا
منهنجي نظر ۾ پنهنجو پاڻ تي لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، افسانوي ادب ناول نگاري، ڊرامه نويسي، يا ڪهاڻيڪاري جي موضوعات تي قلم ڪاري ڪرڻ نسبتن سهنجو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته قلمڪار انهن موضوعات جي پلاٽن جو بنياد ان جي تشڪيل ڪن. مقرر اصولن کي نظر رکي ڪري ٿو. هن قسم جي ادب جي اصناف ۾ قلم ڪار اُهي ڪردار چٽي ٿو جيڪي ممڪنات جي حدن اندر رهي نکرجن ٿا، يا ايئن چئجي ته قلم ڪار اُهي ڳالهيون بيان ڪري ٿو جيڪي سماج ۽ معاشري ۾ ٿي سگهن ٿيون ۽ وري آسان جو ڪامن سينس انهن کي مڃي سگهي ٿو ته واقعي قلمڪار جيڪي ڪجهه تخليق ڪيو آهي يا ان پٺيان جيڪي هو ميسيج ڇڏي ٿو، سو ضرور سچ هوندو، وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته افسانوي ادب ۾ قلمڪار پنهنجا ڪردار سامهون آڻي انهن کان جيڪي سماجي، معاشرتي، نفسياتي يا ديگر علوم ۽ موضوعات تي مبني اصلاحي يا غير اصلاحي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو سو ممڪن طور سماج قبول ڪري ۽ سچ اهو آهي ته انهيءَ بنياد تي سماج کيس تخليقڪار سمجهي ٿو، مگر آتم ڪهاڻوي ادب جي قلمڪار کي منهنجي نظر ۾ تخليقڪار چئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ جو هو آتم ڪهاڻي لکڻ وقت نه واقعا تخليق ڪري ٿو، نه ئي پنهنجي مرضيءَ سان ڪردار تخليق ڪري ٿو، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جيڪي ڪردار سامهون آهي سو هو پاڻ آهي، ان سلسلي ۾ ڪهاڻي جي پلاٽ جو اسٽرڪچر به هو پاڻ تشڪيل نه ٿو ڏئي، پنهنجي جنم ڪٿا ۾ هو اُهو ڪجهه بيان ڪري ٿو جيڪي ڪجهه هن جي زندگيءَ ۾ مٿس حقيقي طور وهيو واپريو ۽ گذريو آهي، هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ڪاري به اهڙي ڪرڻ جو پابند رهي ٿو. جنهن جو بنياد محض سچ تي آهي، ان بنياد ۽ بنياد جي سٽاءَ تي پنهنجي زندگي جي سچائن کي لکڻ واري کي سادن لفظن ۾ هڪ ليکڪ چئي سگهجي ٿو.
افسانوي ادب ۾ ڪردار نگاري واقعات نگاري توڙي ڪهاڻي يا قصي جو پلاٽ ۽ حقائق سڀ فرضي ٿي سگهن ٿا مگر ليکڪ پنهنجي مرڪزي خيال، سماج جي سچائين ۽ حقائق کي پڙهندڙن جي سامهون آڻيندو آهي. باقي ڪهاڻيءَ جو سڄو مصالحو فرضي ۽ تخيلاتي هوندو آهي. تنهن ڪري ان قسم جي تخليق ڪيل ادب کي تخليقي ادب چئبو آهي، اهڙو ادب بائيوگرافيڪل اسٽوري رائيٽنگ جو حصو سڏجڻ ۽ سمجهڻ جي لائق نه هوندو آهي. مون پنهنجي آتم ڪٿا، سرجڻ وقت پنهنجي زندگيءَ متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي، يا لکڻ گهران ٿو، اُن ۾ ڪو به واقعو ڪردار يا ڳالهه فرضي يا تخليقي نه آهي، هي منهنجي ڪٿا يا منهنجي ڪهاڻي منهنجي زندگيءَ جو حقيقي روپ آهي، ۽ مان زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ کي قرطاس تي رڳو ان مقصد خاطر تحرير ڪريان ٿو ته جيئن پنهنجي نسل يا ايندڙ نسل کي ميسيج ڏئي سگهان ته حقيقي زندگي ڇا ٿيندي آهي؟ ڪاميابيون ناڪامايون ڇا ٿينديون آهن ،يا زندگيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪيتري قدر جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، يا انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي سنگين معاملن سان ڪيئن جوجهڻو پوندو آهي.
گرمي جون موڪلون گذاري ڪراچي پهتاسين ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معمولات ۾ مصروف ٿي وياسين. جڏهن اسان وسيم صاحب سان رشتي جون ڳالهيون مڪمل طور طئه ڪري چڪا هئاسين ته اُن مهل منهنجي ٿيڻ واري گهر واري مئٽرڪ پاس ڪري چڪي هئي ۽ محمد وسيم شادي ٿيڻ تائين پنهنجي ڌيءَ کي وڌيڪ پڙهائڻ جو عمل روڪي ڇڏيو هو. آئون پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ بهتر کان بهتر تعليم جي حصول جو حامي ۽ قائل هوس. تنهن ڪري مون ڪراچي انٽرميڊيئٽ بورڊ جي لاءِ مطلوب ڪتابن جي ڪورس جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏ پنهنجي گهر واريءَ کي سنڌي ٻولي سيکارڻ، سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ سنڌي لکڻ پٺيان ڪوششون تيز ڪري ڇڏيم، الله رب العزت جي ڪرم سان 31 ڊسمبر 1976ع تي اسان جي گهر نياڻي جي ولادت ٿي. ٻاجهاري جا ٿورا مڃيندي مٺايون ورهايون سين، اولاد جي سلسلي ۾ اسان نهايت خوشنصيب هئاسين، ٻن ٻن سالن پٺيان بيبي، بابو، بيبي، بابو سان رب سائين اسان جون جهوليون ڀريندو ويو. ٻه ٻار لاڙڪاڻي ۾ ڄاوا ۽ ٽي ٻار ڪراچيءَ ۾ ، اسان جي زندگيءَ ۾ خوشين جي حد ڪانه هئي، زندگيءَ ۾ منهنجو ۽ منهنجي گهرواريءَ جو فوڪس تعليم جي حصول پٺيان گهڻو رهيو آهي. زندگيءَ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ منهنجي گهر واري گهر مڙني ذميدارين ۾ منهنجو گهڻي کان گهڻو ساٿ ڏيندي رهي آهي. منهنجي والده اسان جي زندگيءَ ۾ هر وقت هر مرحلي ۽ مسئلي ۾ نه رڳو پنهنجو ڪردار نڀائيندي هئي بلڪه پنهنجي دعائن ۽ عملي ڪردار سان به اسان جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪندي هئي. مان عرض ڪري چڪو آهيان، ته منهنجي گهر واريءَ کي سنڌي ٻولي ڪانه ايندي هئي. پر جي انسان ايثار محبت ۽ هم آهنگي کي پنهنجو شعار بڻائي ٿو ته زندگيءَ جي مڙني مسئلن کي وڏي سهنجائيءَ سام منهن ڏئي سگهجي ٿو.
انٽر ميڊيئٽ جي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏو گڏ منهنجي گهر واري سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو استعداد وڌائيندي بي مثال ڪاميابيون ماڻيون، انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان پاس ڪرڻ کان پوءِ هن يونيورسٽي آف ڪراچيءَ مان خانگي طور گريجوئيشڻ به ڪري ورتي.
زندگيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ اسان جو فوڪس تعليم جي حصول تي هوندو هو، منهنجي گهر واري شادي کان اڳ جڏهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي ته نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، تقرير ڪرڻ جو هنر به هن اسڪول مان سکيو هو. هن جي اهڙي قسم جون سرگرميون جو تجربو، اسان جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ معان ۽ مددگار ثابت ٿيو، اسان جي ٽن وڏن ٻارن جي تعليم انچولي سوسائٽيءَ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ شروع ٿي، ڪي. جي اسڪولنگ پوري ڪرڻ کان پوءِ وڏي ڌي رابعه بلاڪ سترهين جي سرڪاري اسڪول ۾ زير تعليم رهي. امجد ۽ فرحان هڪ ٻئي پٺيان پهريون پرائيويٽ اسڪول جناح ماڊل ڪنڊر ڪارٽن اسڪول ۾ پڙهيا، اسڪول جي تعليم کان علاوه ديني تعليم لاءِ به اسان پنهنجي ٻارن کي تيار ڪيو، نياڻيون پنهنجي نانيءَ جي گهر ۾ پنهنجي ناني ۽ پڙنانيءَ کان سيپارا ۽ قرآن پڙهنديون هيون، ڇوڪرا، انچولي سوسائٽي واري مسجد ۾ قائم مدرسي ۾ ديني تعليم پرائيندا رهيا.
انچولي سوسائٽيءَ ۾ رهڻ دوران مون کي پنهنجي تعليم جو فڪر به رهندو هو، انهيءَ ڏس ۾ منهنجا رابطا محترم پروفيسر اياز حسين قادريءَ سان مسلسل رهندا هئا، توڙي جو کڻي هاڻ منهنجي بدلي گورنمينٽ لياري ڪاليج کان گورنمينٽ دهلي ڪاليج فيڊرل بي ايريا بي ڪريم آباد ۾ ٿي چڪي هئي، پروفيسر اياز حسين قادري صاحب کي جيئن ئي يونيورسٽي آف ڪراچي کان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ٿي ته مون به هوشياري ورتي هن جي صلاح سان مقرر ڪيل موضوع لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي تاريخ تي لکيل سيناپسز کڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ سائين جن کي مبارڪ باد چوڻ پهتس ۽ پنهنجي موضوع واروڪاٻارو پڻ ڏيکاريم. هُن مهربان به پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيندي منهنجي موضوع جا وچور سناپسز ۽ مطالعي لاءِ گهربل ڪتاب ۽ ڪتابن جي حصول لاءِ لائبريرين جون فهرستون ڏسي چيو ته تنهنجو ڪم بلڪل صحيح سمت ۾ آهي. مگر مان هن جي نوڪ پلڪ درست ڪري توکي ڏيندس ته پوءِ تون ان کي ريرائيٽ ڪري ڏجانءِ ته مان تنهنجي ايم فل ۾ رجسٽريشن ڪرائيندس.
گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ رهي، مون گورنمينٽ لياري ڪاليج ۾ جن زائد نصابي سرگرمين ۾ مصروف رهيو هوس. تن جو ذڪر مون دهلي ڪاليج جي پرنسيپل محمد يوسف ميمڻ سان ان نيت سان ڪيو ته هو جيڪي اسائينمينٽس ڊيوٽي طور ڏيڻ چاهي ته مون کي ڏئي سگهي. پرنسيپل محمد يوسف ڪراچيءَ جو مڃيل ۽ معروف فزڪس جو استاد هو. امتحان جي سيزن ۾ هن صاحب سان بورڊ آف انٽر ميڊيئٽ ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي هئي، جتي هو پيپرن جي چيڪنگ جي عمل دوران اسان پيپر چيڪرس جي گروپ جو هيڊ چيڪر مقرر ٿي ايندو هو. منهنجي نظر ۾ هو هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ هو جنهن کان اسان کي سکڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه موجود هيو. مسٽر محمد يوسف شڪل ۽ صورت ۾ سهڻو، سٻاجهڙو ۽ ڏاهو انسان پيو لڳندو هو. مان هميشه اُن گمان ۾ هوندو هوس ته هو سنڌي آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪري مان جڏهن وٽس پيپر ۾ ڏنل مارڪن جون غلطيون درست ڪرائڻ لاءِ دستخط وٺندو هوس ته ساڻس سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هوس، جواب ۾ هو بهترين سنڌي ۾ ڳالهائيندو هوس. اها حقيقت مون تي دهلي ڪاليج ۾ اچي کلي ته هو گجراتي ميمڻ آهي. محمد يوسف صاحب دهلي ڪاليج ۾ مون کي آجيان ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين هو مون تي مهربان رهيو، مرحوم 55 سالن جي عمر ۾ بلڊ ڪينسر جي موذي مرض جي ور چڙهي ويو، سندس وفات کان پوءِ ڪاليج جي پرنسيپل جي چارج عبدالعزيز کتري سنڀالي. گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ ڪراچيءَ جي بهترين استادن جي ٽيم هوندي هئي، جن ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ ڊرامانويسن سان گڏ بهترين پيپر سيٽرس، بهترين ممتحن سائنسٽسٽس ۽ ٽيوٽرس موجود هئا، اهڙي قابل استادن جي ماحول ۾ اسان جهڙن کي سکڻ لاءِ نه رڳو گهڻو ڪجهه هو پر پنهنجي اولاد کي اهڙي ماحول ۾ تعليم وٺرائڻ جو پڻ بهترين موقعو هو.
مان سيوا ڪنج ۾ جڏهن رهندو هوس تڏهن محترم اياز حسين قادري سان گڏجي ريڊيو پاڪستان ويندو هوس جتي هو سُٺي پئمينٽ جي عيوض ادبي پروگرام ڪندو هو. قادري صاحب نئين ٽهيءَ کي همٿائڻ جي تات ۾ لکندو رهندو هو. مون کي به پاڻ سان ان ڪري گڏ رکندو هو ته جيئن منهنجي سُٺي تربيت ٿي سگهي. جڏهن به مان ساڻس ڊگهي واڪ تي ڪوئنس روڊ يا ڪنهن ٻي پاسي ويندو هوس ته هو مون کي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ فهم و فڪر جو دل کولي اظهار ڪندو هو. هُن صاحب عالي مرتبت جي سمجهه سڀاءَ، فڪر ۽ فراصت مان ڪيترائي انمول موتي هٿ ڪري مون پنهنجي زندگيءَ کي سنواريو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري نه رڳو يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ڊائريڪٽر اعليٰ تعليم هو مگر هو منهنجو هڪ محسن ۽ هادي پڻ هو.
دهلي ڪاليج جي استادن جي گروپ مان منهنجو گهڻو تڻو واسطو لٽريچر گروپ جي استادن سان رهندو هو. جن ۾ ليبرل سوچ رکندڙن جي اڪثريت هئي. انهن دوستن منهنجي زندگيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻي ساوا بادام ۽ ليبر يونين ازم جي ڪٿا، روسي لٽريچر ۽ خليل جبران جي تخليقات جي اڀياس وغيره جو ٻڌي اندازو لڳايو هو ته مان به ڪو پڪو ليبرل آهيان. انگريزيءَ جو پروفيسر شاعر حسن اڪبر ڪمال ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ ٽي وي ڊرامه نويس نسيم احمد نيشو فوز ۽ اردو جو پروفيسر قيصر امام گيلاني منهنجي گهڻو ويجها اچي ويا هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته هو ڪاليج جي مئگزين جي انگريزي اردو ۽ سنڌي سيڪشن جي سهيڙپ ۽ ڇپائيءَ جي ڪم ۾ اسان هڪ ٻئي سان اڪثر لهه وچڙ ۾ رهندا هئاسين، فزڪس جو پرفيسر نعيم علي خان جيڪو هر گهڙي هر وقت اسٽوڊنٽس جي سماجي، فلاحي ۽ تعليمي خدمات ۾ مصروف رهندو هو. هڪ بهترين آرٽيسٽڪ مائينڊيڊ، بهترين ڦوٽو گرافر، بهترين سائنس ايوينٽ پروگرامر ۽ ڪاليج جو ٽوئر آرگنائيزر هو، سو ڪاليج جي مئگزين جي ڇپائي جا سمورا امُور اڪلائيندو هو. ميڊم شهناز اردو جي پروفيسر اسان جي لٽرري گروپ جي کاڌي پيتي، ناشتي پاڻي وغيره جي آرگنائيزر هوندي هئي. ۽ بهترين کاڌا تيار ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جو ڪم هوندو هو.
ڪاليج جي مئگزين جي اردو سيڪشن ۾ هوءَ جيلاني صاحب جي معاونت ڪندي هئي، ماضيءَ ۾ پروفيسر حسن اڪبر ميڊم شهناز ۽ منهنجو تعلق سکر ضلعي سان رهيو هو. تنهن ڪري اسان هڪ ٻئي جي گهڻو ويجها ٿي ويا هئاسين، اسان ٽيئي فيڊرل بي ايريا ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ هڪ اڌ گهٽيءَ جي فرق سان رهندا هئاسين، تنهن ڪري ڪاليج اچڻ وڃڻ ۾ پڻ اسان جو اڪثر ساٿ رهندو هو ۽ هڪ ٻئي جي گهرو پروگرامن، نجي گڏجاڻين ۽ ڪم ڪارن ۾ به اسان جو ساٿ رهندو هو.