سامٽيا روڊ علي گوھر آباد
علي گوھرآباد ۾ سامٽيا روڊ 1950ع واري ڏھاڪي ۾ پڪين سرن جو رستو ھوندو ھو ۽ ھر ھنڌ تي ان جي حالت نھايت خسته ھئي. روڊ جي ھڪ پاسي کان بگي گھوڙن تي چڙھي ٻئي پاسي سفر پورو ٿيندو ھو ته روڊ جي جھاڪن سبب ماڻھوءَ جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو ھو. پنجاھ کان پنجونجاھ وارو زمانو ھو ميونسپالٽي جي اعلي سرواڻ ۽ ميمبرن جون چونڊون ٿيڻ واريون ھيون. روڊ ٺھڻ لاءِ شھر جي ميونسپل آفيس جي عملدارن کي پبلڪ ڪيتريون ئي عرضيون ڏئي چڪي ھئي مگر ڪنھن قسم جو کڙ تيل نٿي نڪتو. اليڪشن ۾ متوقع چونڊجندڙ ميونسپل سربراھ کي سامٽيا روڊ جي ماڻھن علائقي جي معائني جي دعوت ڏني. طئي ٿيل ڏينھن تي ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن ۽ متوقع چونڊجندڙ سربراھ کي ٽانگي تي علي گوھر سامٽيا روڊ جي سير سپاٽي تي وٺي آيا. ٽانگي واري کي اڳواٽ چيل ھو ته ڪنھن به حالت ۾ ڪجھ به ٿي پوي ٽانگي کي نه بيھاري جيسيتائين رستي جي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ٽانگو پھچي نه وڃي. سفر جي شروعات ۾ جڏھن گھوڙي سامٽيا روڊ تي اڏار ڪئي ته متوقع چونڊجندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن جون رڙيون ڪوڪون پئجي ويون ۽ جھل جھل جون صدائون شروع ٿي ويون مگر ٽانگي واري جو گھوڙي تي چھبڪ جو وسڪارو لڳو پيو ھو. جڏھن ٻئي پاسي منزل آئي ته ٽانگي جي مڙني مسافرن پنھنجي پيشاني تان پگھر اگھندي فرمايو ته ھي ڪھڙو ظلم؟ خلق خدا وراڻيو ته اھو ظلم اسان روز سھون ٿا. ھاڻي روڊ ٺھرايو ته ووٽ وٺو. چونڊون ختم ٿيون ته اللہ اللہ خير صلا ساڳوڻي سال جي آخر ۾ پڪو ھيڊرالڪ پريسڊ روڊ ٺھي تيار ٿيو.
جڏھن سامٽيا روڊ پڪين سرن جو ھو ان زماني ۾ روڊ تي اليڪٽرڪ لائيٽس جو ڪنھن قسم جوبندوبست ڪونه ھوندو ھو بلڪه ديوارن ۾ کتل فانوسن جي ذريعي ميونسپل ڪاميٽي گھٽين ۽ رستن تي روشني جو انتظام ڪندي ھئي. سامٽيا روڊ تي اھڙو انتظام سنڀالڻ لاءِ ٻه ملازم رکيل ھئا جيڪي ھفتيوار پاڻ ۾ ڊيوٽي مٽائيندا رھندا ھئا. ھڪ جو نالو محمد پريل ھو ٻيو الھڏنو سومرو پڙھي وارو مقرر ھوندا ھئا. ياد رھي ته الھڏنو سومرو علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ جو ڪارڪن هو ۽ پنھنجي سموري عمر سوشل ۽ سماجي ڪمن ۾ خدمت ڪندي گذاري ڇڏيائين. سج لڙڻ وقت انھن مان ھڪڙو جڏهن سامٽيا روڊ تي ايندو ھو ته پاڻ سان گڏ ڪلھي تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ، گاسليٽ جو دٻو. ڊسٽر نما ڪپڙي جو رومال ۽ پاٺي تيلي وارو ماچيس کنيو ايندو ھو. انھن ميونسپل جي روشني ڪندڙ ڪارندن کي مان اڪثر ڏسندو ھوس جڏھن انھن مان ڪو ھڪ اسان جي گھر جي سامھون جليل واري گھر جي ڀت ۾ لڳل فانوس کي ٻارڻ ايندو ھو. فانوس ٻارڻ وقت ڇا ڪندو ھو جو پنھنجي ڏاڪڻ فانوس جي کٻي پاسي ڀت سان لڳائي رکندو ھو ۽ ساڻ آندل سامان کڻي ڏاڪڻ ذريعي فانوس تائين پھچندو ھو. پھرين ساھي سان فانوس جي دري کوليندو ھو تنھن بعد اندر رکيل ليمپ کي ٻاھر ڪڍي ان جي شيشي کي ڪپڙي سان چڱي طرح منڃيندو ھو، ان کانپوءِ بتي جي وٽ کي چڱي طرح چيڪ ڪري ان جي ڪنڊيشن ڏسي وائسي ھيٺ مٿي ڪري ھر طرح اطمينان ڪري بتي ۾ گاسليٽ وجھندو ھو. تنھن بعد کيسي مان ماچيس ڪڍي ليمپ کي ٻاري فانوس ڪيس ۾ رکي ان جو در لاڪ ڪري ھيٺ لھي ايندو ھو ۽ اھري طرح اسان جون گھٽيون راتين جو روشن ٿينديون ھيون.
جنھن ڏينھن سامٽيا روڊ سيمينٽ ڪارپيٽيڊ ٿي ويو، علي گوھرآباد جي ماڻھن جون خوشيون ڏسڻ وٽان ھيون. ايترو ياد آھي ته ان وقت جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ورڪرن نه روڊ جي افتتاحي تقريب ۾ ڳاڙھين ربنين تي قينچون ھلايون نه بريانين جون ديڳون چاڙھي مينڊيٽ ملڻ تي پنھنجي مشھوري ڪئي نه وري پنھنجي مخالف ڌرين کي ساڙڻ لاءِ ٽين طبلا وڄايا. سال ٻن کانپوءِ روڊ تي بجلي جا پول لڳا ۽ رب سائين جي مھرباني سان بلبن واريون لائٽيون به لڳي ويون ۽ سامٽيا روڊ روشن تارا ٿي ويو. ان ڀلي ڪم جي سھڪار تي علي گوھرآباد جا رھواسي امير علي لاھوري، ميان غلام عباس قادري ۽ فقير محمد انڙ لاءِ ھٿ کڻي دعائون ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ ته ورھاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽين جا اھي سربراھ چونڊجي ايندا ھئا ۽ شھر جي ترقي، تعمير ۽ صفائي سٿرائي جو ڪم سرانجام ڏيندا ھئا. ياد رھي ته علي گوھرآباھ امير علي لاھوري جي وڏي فرزند علي گوھر لاھوري جي نالي تي ٻڌل آھي.
جڏھن سامٽيا روڊ تي بجلي لڳي ھئي ته رات جي اونداھي ۾ ڪريل سُئي به آساني سان لڀي ويندي ھئي. جڳ روشن ته دل ما شاد. پاڙي ۾ بجلي لڳڻ جو وڏو فائدو پاڙي جي شاگردن کي ٿيو. رات جي ماني کائي اسڪول جا شاگرد منجيون، موڙا، اسٽول ۽ ڪرسيون کڻي بجلي جي ٿنڀن جي ھيٺان جمع ٿيندا ھئا. مونکي به وسريل سبق ياد ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سو آئون به پنھنجا ڪتاب کڻي بلب جي روشني ھيٺ پڙھندو ھئس. سخاوت حسين جو گھر اسان جي گھر سان لڳو لڳ ھوندو ھو سو اھو به بلب جي روشني جو فائدو وٺڻ لاءِ اچي گڏ اسٽڊي ڪندو ھو. پاڻ اردو اسپيڪنگ ھو مگر پاڙي واري اسڪول ۾ پرائمري تعليم سنڌي ميڊيم ۾ حاصل ڪيائين. سندس شمار ھوشيار شاگردن ۾ ٿيندو ھو. مان اڪثر ھن کان مدد وٺندو ھوس. عابدہ پروين معروف صوفي گايڪ اسان جي گھر جي سامھون واري واڻڪي گھٽي ۾ رھندي ھئي، سندس جنم ڀومي به اھا ئي گھٽي آھي. سندس پڦي مائي جيوائي پاڙي جي ھر دل عزيز خاتون ھوندي ھئي ۽ پاڙي جي گھرن ۾ جيڪي به خوشيءَ جون تقريبون ٿينديون ھيون تن ۾ پنھنجي گروپ جي ساھيڙين سان اچي سھرا، لاڏا ۽ گانا وغيرہ ڳائيندي ھئي. مائي جيوائي اسان جي پاڙي جي رونق ھوندي ھئي. سوشل به ھوندي ھئي سڄي پاڙي جون عورتون ھن جي سھڻي سلوڪ ۽ سھڻي سڀاءُ ڪري کيس پسند ڪنديون ھيون. سندس ڀاءُ غلام حيدر ھارمونيم وڄائڻ جو ماھر ھوندو ھو ۽ پنھنجي گھر جي اوطاق ۾ پنھنجي پٽ عابد حسين ۽ ڌيءَ عابدہ پروين کي راڳ ۽ ڊانس جي سکيا ڏيندو ھو. مطلب ته مائي جيوائي جو گھرڻو فن ۽ آواز جي دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. مگر ھن گھر جا ٻار تعليم سان به خاص شغف رکندا ھئا. ھڪ ڀيري مائي جيوائي پاڙي وارن جي دلچسپي ۽ خوشي لاءِ پنھنجي گھر ۾ پتلي تماشي جو کيل منقعد ڪرايو جنھن کي ڏسڻ لاءِ سڄي پاڙي جون عورتون ۽ ٻار جمع ٿيا ھئاسين. منھنجي لاءِ اھو لائيوَ اسٽيج شو بلڪل نئون ھو. جنھن کي ڏسي مان، منھنجي ڀيڻ ۽ والدہ ڏاڍو خوش ٿيا ھئاسين. جنھن گھر ۾ عابدہ پروين جنم ورتو ھو ان سان لڳو لڳ ھندن جي ھڪ وڏي ٻه ماڙ حويلي ھوندي ھئي جنھن ۾ منھنجا ھم ڪلاسي دوست گرڌاري لال، ٿانورداس، سدارنگ، صفرمل، پمومل ۽ سندرمل رھندا ھئا. جن مان سدا رنگ ۽گرڌاري اسان سان اچي بلب جي روشني ۾ مطالعو ڪندا ھئا. جيڪي مونکان تقريبن انگريزي، ميٿميٽڪ ۽ جنرل ناليج وغيرہ ۾ گھڻو اڳتي ھوندا ھئا. انھن مان ھڪ شاگرد انند مل پٽ بلندمل مٺائي واري جو ھوندو ھو جيڪو مون جھڙو ڪچو ڏڏ شاگرد ھوندو ھو ۽ منھنجو گھرو سنگتي ھوندو ھو. رلڻ گھمڻ ۽ گھاڙ واھ تي وھنجڻ لاءِ مونسان ھر وقت تيار ھوندو ھو. بجلي جي بلبن ھيٺان پڙھي جن صحيح فائدو ورتو سي ڪامياب ٿي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا مگر مان بھترين نتيجو نه آڻڻ سبب ميونسپالٽي جي زير انتظام ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس. پنجين اسٽينڊرڊ تائين مون ۾ ڪو به سڌارو نه آيو. مگر ان سال جي آخر ۾ اسڪول سسٽم يڪسر مٽجي ويو ۽ پنجين اسٽينڊرڊ وارن شاگردن کي نائين جماعت ۾ آندو ويو. گھڻن شاگردن کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھوندي يا انھن جي وڏن کين سمجھايو ھوندو ته پنجين کان نائين درجي ۾ پھچي وڃڻ وارو فلسفو ڇاھي پر مونکي ڳالھ بنھ سمجھ ۾ نه آئي. مون کي گھر ۾ سمجھائڻ وارو به ڪوئي ڪونه ھو.
منهنجي والدہ جي گھڻي خواھش ھوندي ھئي ته مان پڙھي ڪنھن منزل تي پھچان. بس ھن جو خواب ھو ته پاڙي واري رسول بخش ميراڻي جھڙو آفيسر ٿيان جيڪو اسانجي پاڙي ۾ وڏو عزتدار ماڻھو سمجھيو ويندو ھو. سندس گھرواريءَ سان منھنجي والدہ جي ڏيٺ وائٺ ۽ اڄڻ وڃڻ ھوندو ھو. والدہ ان خوشحال ۽ خوش اخلاق ميراڻين جي گھراڻي مان چڱو ڀلو متاثر ھئي. رسول بخش ميراڻي پاڙي ۾ ڪلارڪ جي حوالي سان مشھور ھوندو ھو. منھنجي والدہ جو آئيڊيل ضرور ھو مگر منھنجو آئيڊيل نه ھو. پاڙي جي جن پڙھيل ماڻھن کان آئون متاثر ھوس انھن ۾ ڪمال احمد پيرزادو ان جو ڀاءُ مطفر علي پيرزادو ھوندا ھئا. ڪمال احمد انجينيئر ھوندو ھو ۽ مظفر علي ٽريسر ڪلارڪ محمد نواز پيرزادي جي سھڻي شخصيت گھڻن لاءِ پرڪشش ھوندي ھئي. محمد نواز مھيسر وڏو پاڙھاڪو ۽ ذھين شاگرد ھو ۽ ان جي شخصيت به دلنواز ھوندي ھئي. نثار احمد سامٽيو به انھن پڙھيل شخصن مان ھڪ ھو جنھن کان تعليم جي لحاظ کان مان متاثر ھئس. بس ان وقت اھا ئي منھنجي لاءِ وڏي ڳالھ ھئي جو مان پڙھندڙن ۽ ذھين ماڻھن جي شناخت رکندو ھوس. ھڪ لحاظ کان منھنجي اندر اھا مثبت سوچ جي شروعات ھئي.
گھر جي اڳيان بجلي جي ٿنڀي ھيٺان کٽ رکي پڙھڻ جون ڪوششون جاري ھيون ته منھنجي وڏي سئوٽ پنھنجي ڪوشش سان گھر ۾ اڍائي پوائنٽ جي اليڪٽرڪ سٽي ڪنيڪشن حاصل ڪئي. گھر ۾ ٻه بلب ۽ ھڪ ٽيبل فين لڳڻ سان اسان جو گھر به روشن ٿي پيو. مگر والد صاحب جي مسلسل صحت ڪرڻ سبب والدہ تي گھر جي معاشي مسائل جو بار ڏينھون ڏينھن وڌندو پئي ويو. جيتوڻيڪ گھر ۾ وڏي سئوٽ جو وڏو تعاون حاصل ھو. پوءِ به منهنجي دل پنھنجو ڪجھ ڪرڻ چاھيندي ھئي ۽ پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ لاءِ مجبور ڪندي ھئي. اسان جي پاڙي جون عورتون ڪپڙا استري ڪرائڻ اسان جي گھر اينديون ھيون. والدہ استري ڪرڻ جو ڪم وڌائي ڇڏيو ھو صبح شام تائين رڳو ٻن ڪمن جي حوالي ھوندي ھئي ھڪ ماني پچائڻ ۽ ٻيو ڪپڙا استري ڪرڻ. عابدہ پروين ننڍي ھوندي اسان جي گھر پنھنجي پڦي مائي جيوائي سان گڏ ڪپڙا استري ڪرائڻ ايندي ھئي. منھنجو ننڍو ڀاءُ غلام اڪبر ۽ عابدہ پروين ھڪ ھفتي جي فرق سان ڄاول ھئا. والدہ سان ٻانھن ٻيلي ٽي بيھڻ لاءِ مون کي گھڻي اڻتڻ ھوندي ھئي پر منھنجي ھٿ ۾ جيڪو ھنر ھو ته رڳو ھڪڙو ھو، جو آئون پنھنجي اڏائڻ لاءِ بھترين لغڙ ٺاھي ويندو ھوس. تنھنڪري ان کي پيداواري ذريعي لاءِ استعمال ڪندي لغڙ ٺاھي پاڙي جي لائق حسين جي دڪان تي وڪري لاءِ رکندو ھوس ۽ ھو اھي کپائي پنھنجو فائدو رکي باقي پئسا منھنجي حوالي ڪندو ھو.