ليکڪ پاران - سنڌوءَ ڪناري
سنڌوءَ ڪناري جي موضوع تي ٻڌل هي ڪتاب منهنجي زندگيءَ جون ساروڻيون آهن. منهنجي پيدائش سکر ۾ بيراج ٽائون شپ لڳ ورڪس روڊ تي اڏيل هڪ حويلي نما گهر ۾ 1943ع واري بهار جي مند ۾ ٿي. مون 1948ع کان اتان جي ماحول، ٻاروتڻ، پنهنجي رشتن ۽ ٻالڪپڻي جي دوستن جي زندگيءَ جي واسطن ۽ لاڳاپن جي ڪن پاسن کي ساروڻين جي روپ ۾ ذڪر ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي خاندان جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن لڏپلاڻ سان انهن جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جي رنگ ڍنگ ۽ صورتحال جي ان وقت جي حالتن موجب پچار ڪئي آهي.
سکر کي ڇڏي لاڙڪاڻي جي تعلقي ميروخان لڳ ڳوٺ ڪنگن، اتان لڏي لاڙڪاڻي شهر جي پاڙي جيلس بازار، گجڻ پور، علي گوهر آباد ۽ لاهوري محلي وري موٽي علي گوهر آباد ۾ رهندي زندگي جي حالات، محرڪات ۽ سماجي سرگرمين تي لکندي پنهنجي دوستن، احبابن ۽ مٽن مائٽن جي ڳالهين جا ڳڻ ڳايا آهن جن سان گڏ رهندي منهنجي شخصيت سازي ۽ ڪردار سازي جي اوسر ٿي.
پنهنجي زندگي جي غم ۽ خوشي ڀاڳ ۽ نصيب، سماجي، معاشي ۽ تعليمي مراحل انهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين سان گڏ پنهنجي فڪري نشونما ۽ حساس جذبن جو ادراڪ جيترو مون کي ٿي سگهيو تن کي پوري سچائ سان ساروڻين جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي منهنجي هي نماڻي ڪوشش آهي.
ڪجهه آتم ڪٿا ڪاري جي باري ۾:
منهنجي نظر ۾ آتم ڪٿا ڪاريءَ کي قرطاس تي آڻي ٻين اڳيان پيش ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي، ان جو سبب ۽ سوال اهو آهي ته آتم ڪٿا ڪاري ڪندي ليکڪ پنهنجي باري ۾ ڪيترو سچ لکي ٿو.
حقيقت هي آهي ته آتم ڪٿا ڪار جنهن ڪالب ۾ پنهنجي سماجي، معاشرتي ۽ ٻين موضوعن ۽ پهلوئن سان لاڳاپيل زندگي جي محرڪات تي لکي ٿو ته اوس اهو علم ادب ۽ سخن جي هر سٽ لکندي سچائي ۽ حقيقت جي اصولن جو پابند رهي ٿو.
آتم ڪٿا ڪاري ڪنهن قصي، ڪنهن جڙتو ڳالهه، فرضي افساني بازي ۽ تخيلاتي پلاٽ تي ٻڌل ڪا نه هوندي آهي ۽ نه ئي اها ڊرامائي، افسانوي يا ڪهاڻيڪاري جي فن سان مزين ادب جو حصو ليکجي ٿي. ڇاڪاڻ ته افسانوي ادب جنهن ۾ قصو، ڊرامو، ڪهاڻيون ۽ واقعات نگاري ادب جا موضوع آهن جن ۾ سماجي ۽ معاشرتي زندگي جي حقائق کي قلم ڪار چٽي طرح پيش ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ هو معاشري جي اوڻاين ۽ اصلاحي موضوعات سان گڏوگڏ معاشري جي سماجي، سياسي، تاريخي ۽ نفسياتي رخن کي به پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪري ٿو، ۽ اهڙي عمل ۾ هو علم ادب جي ڪن مقرر ڪيل اصولن کي اڳيان رکي پلاٽ ۽ رٿابندي جي بنياد تي موضوع، ڪهاڻي ۽ ان جي ڪردارن کي چٽي ٿو. اهڙي قسم جي ادب تخليق ڪرڻ وقت ممڪنات جي حدن اندر رهي قلم ڪار سماجي حقائق اسان جي آڏو آڻي ٿو. اهڙي طرح هڪ تخليقڪار ادب سرجڻ وقت معاشري جي اهم سماجي، معاشرتي، نفسياتي ۽ ٻين ادبي علم تي مبني موضوعات تي پنهنجا اصلاحي پيغام ڏئي هڪ تخليقڪار واري هستي بڻجي ٿو تنهن ڪري اهڙي ڪم سرانجام ڏيڻ ڪري هو ادب جي سرجڻهار ۽ تخليقڪار جو رتبو پڻ ماڻي ٿو.
ادب جي دائري ۾ ڪردارن ۽ پلاٽ جي رٿابندي هيٺ سماج جي مسئلن کي پيش ڪرڻ وارو عمل هڪ ليکڪ لاءِ ڪو ايترو اوکو ڪم ناهي جيترو اوکو ڪم هڪ آتم ڪٿا ڪار لاءِ پنهنجي ۽ پنهنجي زندگي جي سچاين کي پڙهندڙن جي سامهون آڻڻ وارو عمل آهي. آتم ڪٿا ڪار زندگي جي باري ۾ حقيقت جا رخ ڏيکارڻ يا انهن جي نقش ڪاري ڪرڻ وقت ڪيترن جڙتو سانچن جي دائرن کان آزاد رهي ٿو. پاڻ تي لکڻ وقت خود نوشت جي پلاٽ کي تشڪيل ڪرڻو نٿو پوي، هو ادب جي ڪيترن اصولي پابندين کان پڻ آجو رهي ٿو، پاڻ تي لکڻ وقت جنم ڪٿا ڪار ڪردارن جي تلخين جي عمل کان به آزاد هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان اهم ڪردار ته هو پاڻ هوندو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪجهه پڙهندڙن آڏو آڻي ٿو.
هڪ آتم ڪٿاڪار جي حقيقت هي آهي ته پنهنجي زندگي تي جيڪي ڪجهه هو لکي ٿو اهو هن جي زندگي تي حقيقي طور گذريل معاملو هوندو آهي، تنهن ڪري آتم ڪٿاڪار جيڪڏهن پابند رهي ٿو ته اهو رڳو پنهنجي زندگي جي باري ۾ سچ لکڻ جو پابند رهي ٿو.
ادبي ميدان ۾ مان پاڻ کي ڪو ڪهاڻيڪار تصور نٿو ڪريان ۽ نه ئي وري منهنجو نالو ڪو اهڙي سٽ ۾ لکيل آهي، ها ايترو ضرور آهي ته مون چند ڪهاڻيون لکيون آهن، ٻه چار اردو ۾ ٻه چار سنڌي ۾ جن مان ڪي منهنجي فيس بڪ وال تي ۽ ڪي ڪهاڻيون ڪاليج ميگزين ۽ ڪي ادبي رسالن جي پنن تي لکيون پيون آهن.
منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ ڪهاڻي آهي، تنهن ڪري پنهنجي ڪجهه تخليقي ڪهاڻين ۽ پنهنجي سنڌوءَ ڪناري ساروڻين کي به مون ڪهاڻي واري انداز ۽ اسلوب ۾ لکيو آهي. ساروڻيون سنڌوءَ ڪناري جي شروعاتي زندگي جي احوال وارن عنوانن،نئون جيئدان ۽ چاچو عبدالرحمان ٽپاليءَ ۾ جيڪو منهنجو لکڻ جو بياني انداز آهي ان ۾ اوهان کي هڪ ڪهاڻوي خوشبو محسوس ٿيندي، ان کانسواءِ ساروڻين جي موضوعات جي فهرست جي پکيڙ ۾ مرزا اسحاق بيگ، ڪاري پکي جو اثر، جمن فقير جي جهوپڙي، ولي ٿيڻ جي خواهش، آهنگرن جي بستي، خدا جا پراسرار ٻانها، ٽرام جو آخري اسٽاپ ۽ سليم سينڊو جو اڀياس ڪرڻ وقت پڙهندڙن کي پڻ ڪهاڻي جو رنگ ۽ ڍنگ ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪتاب جي عنوان کي ويچار ۾ رکي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ وارن لاءِ منهنجا هي ٻه اکر توجهه جي لائق رهندا ته پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي کي منڍ کان ئي مون سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن ۽ ڪنارن تي آباد پنهنجي خاندان جي قيام کي ۽ لڏپلاڻ جي مرحلن مان لنگهندي ڏيکاريو آهي.
اسان جي ابن ڏاڏن جا گهر ۽ جهوپڙا سنڌو درياءَ جي ڪناري لاڙڪاڻي تعقلي جي ڳوٺ عاقل ۾ آباد هئا، ڳوٺ عاقل جا اٽڪل ڇهه ست ڳوٺ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ آهن ۽ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن ۽ ڪنارن تي اسان جي وڏڙن جون قبرون موجود آهن، ان کان سواءِ انهن مان ڪيترن وڏڙن جا مڙهه گهاڙ واهه جي ڪنڌي تي شاهه بهاري واري قبرستان ۾ مدفون آهن ته ڪي لاڙڪاڻي جي ابوبڪر واري قبرستان ۾ آرامي آهن.
آخري ڳالهه: مون کي پنهنجي، جنم ڪهاڻي تحرير ڪرڻ جو خيال گهڻو اڳ هئو مگر ان کي پائيه تڪميل تي پهچائڻ ۾ زندگي جون مصروفيات پئي رڪاوٽون وجهنديون رهيون. پر پنهنجي زندگي جون ساروڻيون لکڻ جو خواب ڪيناڊا جي برفاني منفي اٺ درجي حرارت ڊگري واري وقت جي واندڪائي ان کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. آئون پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا کي سمارٽ فون تي لکي فيس بڪ ذريعي سوشل ميڊيا جي حوالي ڪندو ويس، جنهن جي مون کي ساڳئي وقت پنهنجن ادبي علمي حلقن جي طرفان سٺي، موٽ ملي، خاص طور لاڙڪاڻي ۽ سکر جي سڄاڻ ۽ ساڃاهه وند دوستن منهنجي تحريرن کي تاريخي، سماجي، معاشرتي، ثقافتي ۽ سياسي تناظر ۾ ڪڙيون ڪڙين ۾ ڳنڍيل ۽ ڪن ڪردارن جي زندگي تي روشني وجهڻ واري عمل تي پنهنجو ادبي، علمي ۽ سنجيده ردعمل ڏيکاريو، جن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر احسان دانش، پروفيسر رضوان گل، پروفيسر مختيار سمون، امجد رسول انجنيئر، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، محترم ذوالفقار علي قادري، محترم اشتياق انصاري، پروفيسر ارشاد علي سولنگي، ڊاڪٽر پروفيسر هدايت ابڙو، پروفيسر غلام شبير سومرو، پروفيسر ثريا مگسي، ڊاڪٽر فرحان رسول سومرو، پروفيسر عبدالغفار سومرو، محترم ذوالفقار شيخ ۽ الماس فاطمه قابل ذڪر آهن. ڳڻڻ جي ڳالهه هي آهي ته ادب ۽ علم سان دلچسپي رکندڙ سنجيده طبقي جي پاران منهنجي ڪم جي پذيرائي ۽ حوصلا افزائي نه ٿئي ها ته شايد آئون اهڙي اورچائي سان اهو ادبي پورهيو ڪري نه سگهان ها. نامياري محقق پياري ڀائٽي ڊاڪٽر احسان دانش جا وڏا قرب جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت مهاڳ لکي ڏنو آهي.
ٿورا ياد رهندا ڊاڪٽر فرحان سومري جا جنهن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر تي راتين جو ويهي مون کي ساروڻين جو سموريون ڪهاڻيون ۽ مضمون فيس بڪ ان باڪس مان ڪڍي ٺاهي جوڙي ڪتابي صورت ۾ ڪري ڏنا جنهن سبب ڪتاب جي ڇپائي جو ڪم سهنجو ٿي پيو. مهرباني مرڪ پبليڪيشن جي روح روان محترم مرتضيٰ لغاري جي جنهن هن ڪتاب کي وڏي محنت سان خوبصورت نموني ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو