ڳالهيون جي وسريو نه وسرن
منهنجو والد گرامي محمد اسماعيل پنهنجي زندگي ۾ کائڻ پيئڻ توڙي اوڍڻ ڪرڻ ۾ نهايت سادو انسان هو. ارادي جو پڪو مزاج جو سخت محنتي ۽ جانٺو جوان هو پر قسمت جو ماريل هو، زندگي جي ڪا به بازي کٽي نه سگھيو. ميرن کي گھران لڳي هئي. ساڳي ڪهاڻي منهنجي ڏاڏي سائين محمد عمر جي مڙني پٽڻ جي ڀري تري آباد گھراڻي سان ٿي. اسان جا وڏا دريا شاه جي ڪناري آباد لاڙڪاڻي جي معروف ڳوٺ عاقل خالد جا رهواسي هئا. هندوستان جي ورهاڱي کان گھڻو اڳ محمد ايوب کهڙي جي والد مرحوم شاه محمد کهڙي جي چوڻ تي لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي آباد ٿيا. سندن پهرين رهائش پرڀداس تولاڻي واري بنگلي واري سنهي گھٽي جنهن ۾ ڊاڪٽر امان الله سومري جن رهندا ها اتي ٿي جتي هو مسواڙي جاءِ وٺي رهڻ لڳا. ڪجھ سالن کان پوءِ مڙني ڀائرن گڏجي علي گوهر آباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙائي جتي هو ڪٺا ٿي رهڻ لڳا. اسان جو وڏو چاچو رسول بخش سومرو شاه محمد کهڙي جو اردلي هو. پنهجي وڏي سئوٽ محمد عمر کان ٻڌو هو ته جڏهن محمد ايوب کهڙو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو هو ته چاچو سائين ان سان گڏ بطور اردلي ٿي ويو هو. علي گوهر آباد واري وڏي ۽ ڪشادي جاءِ جنهن ۾ هاڻي اسان جو دوست منظور احمد سامٽيو رهي ٿو سا ڀائرن ۾ ويڇا پوڻ ڪري وڪامجي وئي جيڪا ورهاڱي کان اڳ هندن خريد ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد منظور سامٽي جي والد محترم ان کي خريد ڪيو. ڀائرن ۾ ويڇي وڏا وڇوڙا وڌا ها پر پوءِ به سڀ لاڙڪاڻو ڇڏي پير ڳوٺ ۾ گڏجي ويٺا. ٿوري ڪي گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪن اختلافن سبب هو هڪ ڀيرو وري هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا، منهنجا ٽي چاچا سڳورا پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ وري لاڙڪاڻي لڏي اچي علي گوهر آباد ۾ رهيا. مگر منهنجو والد جيڪو پنهنجن ارادن ۾ ڪجھ ارڏو هو سو ”اپني قوت اپني جان“ جي اصول تي پنهنجي زندگي سان جهيڙيندو رهيو ۽ 1930 ڌاري پير جي ڳوٺ مان لڏي سکر ۾ ورڪس روڊ تي بيراج ٽائون جي سامهون اچي رهڻ لڳو. ان جاءِ ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ منهنجي پيدائش ٿي. مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو ته بابا سائين سڄي زندگي پنهنجي مقدر سان ويڙهه ڪندو رهيو مگر هي زندگي جنهن ۾ قسمت جي بنياد تي ڪنهن کي آسمان ملي ٿو ته ڪنهن کي زمين تي ٻه گز ڀي مشڪل سان ملن ٿا. والد صاحب پنهنجي زندگي سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو رهيو. هو پنهنجي زندگي جي پوئين حصي جي پنجين ڏهاڪي ۾ باقائدي پنهنجي مقدر سان ڀاڪرين پئجي ويو هو.
هو سکر ۾ بيراج ٽائون وارن انگريز انجنيئرس جي ڪنهن بنگلي تي ڪاٺين جي سپلاءِ ۽ منشگيري جي ڪم سان لڳو هو. هندوستان پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن انگريز عملدار ملڪ ڇڏي ويا تڏهن هن ڪپڙي جي ڪاروبار ۾ هٿ وڌا. سکر مان انگوشا پوتڙا کڻي وڃي گوگھاري نڪتو اتان ٽٽو ته اچي ميروخان لڳ ڳوٺ ڪنگن ۾ مسواڙ تي گھر ۽ دڪان وٺي بالم ٿي ويهي رهيو سکر مان ڪهول لڏائي آيو. مونکي ياد آهي ته دڪان ۾ سندس ٻه ڪم هوندا هئا هڪ ته نيرولي جو ڪم شروع ڪيائين ٻيو چانور خريد ڪندو هو. اتي به سندس دال نه ڳري ته ڪنگن کي الوداع ڪري اچي جيلس بازار ۾ گھاڙواهه جي پل جي پهرين در لڳ خالي پيل مندر ۾ اچي ٽپڙ لاٿائين الله الله خير صلا. پراڻي لاوارث مندر جي اجاڙ ماحول ۾ اسان جيڪي زندگي جا ڏينهن گذارياسي سي اسان جي زندگي جا مشڪل ترين ڏينهن هئا سواءِ پارومل پڪوڙائي جي پڪوڙن جي مزي ۽ سواد کان علاوہ ڪا به اهڙي مزي جي يا خوشي جي ڳالھ ڪانهي جنهن کي ياد رکي سگھئون. علي گوهر آباد آياسين ته ڪجھ بهتر ماحول مليو. مگر پوءِ به مونکي الائي جي ڇو ان هنڌ ان جوءِ ۽ ان پاڙي جي گھڻي اڪير رهي ٿي. گھاڙ واه جي پل وارو منظر ۽ ان سان وابستا يادگيرين کي وساري سگھيو آهيان نه وري مندر واري اڱڻن کي ۽ نئي اتي قائم ميخاني ۽ ميخاني جي موالين جي ڪرتوتن کي. آءُ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته منهنجيون اکيون اهي هنڌ ماڳ ڏسڻ لاءِ آتيون رهنديون آهن. ان مندر ڀرسان ميونسپل آفيس لڳ سرلا ديوي جي اسپتال جي هڪ يادگيري ايندي اٿم ته جڏهن اسان مندر ڇڏي گجڻ پور گھاڙ واه جي ٻي ڀر تي وڃي رهياسين ته مونکي جڏهن ڪا بيماري بڙي ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر سرلا ديوي وٽ علاج معالجي لاءِ ويندا هئاسين. والده چوندي هئي ته سرلا ديوي منهنجي پٽ کي نظر ٿي هڻي. پڦي عظيمان پڇيس اهو وري ڪيئن ٿي چوين، ڪاڏي سرلا ڪاڏي تنهنجو ٻلونگڙو. والده کيس جواب ۾ وراڻيو ته جڏهن ٿي پٽ کي علاج لاءِ وٺي وڃان ته ڇوڪر کي ڏسي اچي ٿي تعريف ڪري ٻار جي اکين جي. بهر حال امان جي ڳالھ سو سيڪڙو سچ هئي. ان سروپ ۽ سرلا ديوي جي ڳالهين جو ذڪر پنهنجي هڪ مضمون ”سام اور سرلا“ سنڊي ميگزين جنگ اخبار ۾ مون ڪيو هو ۽ مزي جي ڳالھ ته ان رسالي جي هڪ ڪاپي سرلاديوي جي مڙس امرت راءِ جي سنگهاڻي سام صاحب کي علي گوهر آباد واري گھر ۾ هڪ ادبي ملاقات دوران ڏني هئي جنهن کي پڙهي هو ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ پنهنجي خوشي سان سرلا ديوي جي لکيل ادبي و علمي پورهي تي ٻڌل ڊائري “رهاڻ” ۽ پنهنجا ڪي ڪتاب تحفي طور عنايت ڪيا هئا. ساڳيو مضمون لاڙڪاڻي ساه سيباڻي جي اردو حصي ۾ پڻ شايع ڪيو ويو هو. مندر، ميونسپل آفس ۽ سرلا ديوي واري اسپتال ۽ اسپتال جي ڪوٺي تي منعقد راڳ رنگ صوفي فقيرن جون محفلون اهي سڀ گھاڙ واه جي ڪناري ۽ لاڙڪاڻي جي ماحول جي سونهن هئا هڪ تاريخ هئي. هاڻي نه اهو مندر رهيو نه گھاڙ واه نه ئي اهو خوبصورت ماحول.
ٻاروتڻ جي هڪ وڏي ٻي ياد ذهن تي اڀري ٿي اچي جنهن جو ذڪر جيئسنگھاڻي سام صاحب ۽ سرلا ديوي ۽ انهن جي اسپتال سان سلهاڙيل آهي. ننڍي هوندي آئون هڪ گليل باز رولو شڪاري هوس سو هڪ ڀيري ڪبوترن جو شڪار ڪندي گھاڙ واه جي ڪپ تي ميونسپل اسپتال جي پٺين پاسي کان اسپتال جي ديوار تي چڙهي ويس. ديوار سان لڳ ڪمرو هو جنهنجي دري جي ڀڳل شيشي واري حصي مان مون پنهنجو هٿ اندر ڪري ڇت پکي تي ويٺل ڪبوتر کي ڳوڙهو هنيم. ڪبوتر هيٺ ڪريو ۽ مان هن ڀڳل شيشي واري ڳڙکي مان پهريان پير اندر ٽپايا پوءِ پوري جسم کي آهستي آهستي ڳڙکي مان ٽپائي ڪمري ۾ داخل ٿيس زخمي ڪبوتر کنيم مگر ڇا ڏسان ته ڪمري ۾ رکيل وڏي ميز تي چمڙي جي ڪيس ۾ هڪ دونالي بندوق پئي هئي. اهو سين منهنجي لاءِ بلڪل فلمي هو. بندوق کي ڪيس مان ڪڍي چڪاسي ڪري ساڳي جاءِ تي جيئن جو تيئن رکي ساڳيو سرڪسي ڪم سر انجام ڏئي ٻاهر نڪري آيس. ڪبوتر هٿ ۾ هو ۽ مان علي گوهر آباد واري اڇي مسجد وٽ ملان پڪوڙائي جي دڪان تي اچي ويهي رهيس. ان خيال سان ته دوست اچن ته کين ڪبوتر ڏيکاريان ۽ پنهنجي ڪامياب ڪاروائي وارو قصو بيان ڪريان. ياد آهي ته اهو ڪبوتر ادي بشير احمد جي پراڻي گھر واري گھٽي ۾ پنهنجي ٻاروتڻ جي يار محمد ابراهيم سومري کي ڏيکاڻ وقت هٿن مان نڪري اڏامي ويو هو.