سنڌوءَ جي ڪناري
جتي پيار ٿا پلجن پيارن جا ۽ جٿي جيون سڦل آ جانيئڙن جو......... اسان جي وڏڙن جا گھر سنڌوء جي ٻنهي ڪنارن تي آباد رهيا آهن. خيرپور ميرس ۾ وارث ڳنڀير منهنجي ناني محمد برادي جو ڳوٺ هو. جتان هو لڏي اچي سنڌوء جي ٻئي ڪناري سکر شهر جي واري تڙ واري علاقي پراڻي احاطي ۾ آباد ٿيو. منهنجي والد صاحب جو ڄم سنڌوءَ جي ڪناري لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ عاقل خالد ۾ ٿيو. جنهن زماني ۾ سکر ۽ ميرن جي خيرپور جي وچ ۾ وڏي بيراج ٺهڻ جا هاواڻا هئا ۽ سنڌ ۾ چوطرف اها ڳالھ پکڙيل هئي ته انگريز سرڪار خيرپور ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ ۽ سڄي سنڌ ملڪ کي آباد ڪرڻ لاءِ بيراج اڏي رهي آهي تن ڏينهن اسان جا وڏا لاڙڪاڻي مان لڏي پير جي ڳوٺ خيرپور ۾ وڃي آباد ٿيا، جتان منهنجو والد صاحب لڏي اچي ان علاقي ۾ويٺو جنهن ۾ بيراج تيار ٿي رهي هئي. سچ چوندا آهن ته ڍنڍ جا پکي ڪڏهن هن پار ته ڪڏهن هُن پار. منهنجي والد صاحب جي شادي احاطي ۾ مقيم محمد برادي جي وڏي ڌيءَ سان 1935ع ڌاري ٿي. ان زماني ۾ بيراج واري علاقي بيراج ڪالوني ۾ بيراج اڏڻ جي ڪم ۾ جٽيل آفيسرن جون رهائشگاهون ۽ دفتر قائم ٿي چڪا هئا ۽ ورڪس روڊ سکر ۾ وڏي گھما گھمي رهندي هئي ڇاڪاڻ جو بيراج تعمير ٿيڻ جو عمل 1922ع کان شروع ٿيو هو جيڪو 1935ع تي مڪمل ٿيو هو ۽ درياءَ شاهه جي کلي وهڪري تي وڏا وڏا بند ٻڌجي چڪا هئا ۽ سنڌو لائڊ بيراج جي درن مان لنگھڻ جو پابند ٿي چڪو هو.
دنيا جي هن وڏي آبپاشي نظام کي جاري ڪرڻ لاءِ درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واري ڪکن مان ست وڏا واهه جاري ڪيا ويا جن مان خيرپور پاسي ويندڙ چار ۽ لاڙڪاڻي شڪارپور ڏانهن وهندڙ ٽي وڏا واهه تيار ٿيا. 1935ع ۾ بيراج جي مڪمل ٿيڻ تي انگريز سرڪار جي طرفان هڪ وڏو يادگار قسم جو جشن ملهائيو ويو ۽ ان سيليبريشن جي باقاعدي فلم تيار ڪئي وئي هئي. ياد رکڻ جي ڳالھ آهي ته سنڌ جي هن وڏي واٽر ڊسٽريبيوشن تي مشتمل سسٽم جي بيراج جو نالو بمبئي ۾ مقيم انگريز سرڪار جي گورنر مسٽر لائيڊ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو جڏهن ته هن عظيم آبپاشي نظام جو نقشو ۽ ڊيزائن برطانيه سرڪار جي نمائندي سر چالٽن هيريسن جي صلاح مصلحت ۽ هدايتن موجب انجنيئر سر آرنالڊ مستو تيار ڪيو هيو. ان زماني ۾ هي آبپاشي نظام سنڌ جي تقريبن هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي لائق هو. هن پراجيڪٽ سان سنڌ ۾ وڏي خوشحالي جي لهر آئي مگر چند ئي سالن کان پوءِ جنگ عظيم جي دنيا ڀر ۾ تباهڪارين جي اثرات ڦهلجڻ هيٺ اسانجي پياري سنڌ به ان جي چنبي ۾ اچي وئي ۽ هي اهو ئي زمانو هو جڏهن منهنجي پيدائش سنڌوءَ جي ڪناري اڏيل بيراج ٽائون شپ واري پاڙي موجوده حرا ميڊيڪل سينٽر جي بلڪل سامهون روڊ پار جاءِ ۾ 1943ع ۾ ٿي. اسان جا وڏا آزاد ۽ ڇڙ واڳ وهندڙ سنڌوءَ جي عروج ۽ موج جون ڳالهيون ڪندا آهن ته جڏهن سنڌوءَ سانوڻي ۾ اٿلندو ۽ ڇلڪندو هو ته درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ڪئين ايڪڙ ڪچي جون زمينون ريجي ڇڏيندو هو. جنهن سبب ملڪ ۾ ان آجڪو ٿي ويندو هو ۽ ملڪان ملڪ خوشحالي ٿي ويندي هئي. منهنجي والد صاحب بيراج جي تعميرات جون سموريون ڪاروايون ۽ گهماگهميون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. انگريز آفيسرن ۽ انجنيئرن جو موٽرن ۽ گھوڙن تي علاقي جي روڊن رستن تي وڏي ڪر ۽ ڦر سان گھمڻ ۽ گشت ڪرڻ جا قصا هو اسان کي ائين ٻڌائيندو هو جيئن اڳين زماني ۾ ماڻهو پرين ۽ جل پرين جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. بيراج پوڻ وقت اسانجي والده به ٻاروتڻ ٽپي چڪي هئي جڏهن سنڌو جالارو پنهنجي مزاج ۽ مرضي سان وهندو هو. والده اسان کي درياءَ جي ويرن ڇولين ۽ ٻوڙان ٻوڙ جون ڳالهيون ڪندي هئي. ان زماني ۾ سکر ۾ ڊالفن جنهن کي هوءَ ٻلهڻ چوندي هئي ۽ پلي مڇي جي جام هجڻ ۽ فرواني جو پڻ ذڪر ڪندي هئي. مگر ان کان وڌيڪ قصا اسانجي ناني ۽ نانو ٻڌائيندا هئا جنهن ۾ سنڌو جي موجن ۽ سنڌ جي خوشحالي جا وڏا قصا بيان ڪندا هئا ۽ دعائون ڪندا هئا ته شل خدا ائين سنڌ ۽ سنڌوءَ کي آباد رکي.