گھاڙ واھه جي ڪپ تي محفل ميلاد ۽ مولوي قاري خير محمد
گھاڙ واھ لاڙڪاڻي جو صورتگر ھو لاڙڪاڻي جو املھ ورثو ھو. مگر پنھنجي ھن تھذيبي ۽ ثقافتي ورثي تي ڪنھن به ڌيان نه ڏنو. اھو سڀني جي اکين اڳيان ڦٽي ويو لٽجي ويو مٽجي ويو مگر ڪنھن جي اک آلي نه ٿي. گھاڙ واہه تي مڇي ماري پنھنجي ڪامياب مھم تي خوشيون ملھائڻ ۽ مڇي جي پلائن جون ديڳيون چاڙھي ايندي ويندي غريب غربي کي دعوت عام ۾ شريڪ ڪرڻ وارين سرگرمين ھڪ لحاظ کان لاڙڪاڻي شھر کي سماجي ۽ ثقافتي حسن بخشيو. ڪو وقت ھو جو گھاڙ واھ جي ڪپن تي جشن ميلاد و سيرت نبي ڪريم صلعم جو انعقاد ٿيندو ھو جيڪو فجر تائين ھلي لنگر عام کارائڻ بعد اختتام پذير ٿيندو ھو. اھڙي جشن و مجالس جو انعقاد گھاڙ تي ڪپڙا ڌوئيندڙ ڌوٻين جي چڱ ڀلائي واري انتظامي ڪميٽي ڪندي ھئي. جنھنجو مک امير بخش سومرو ھوندو ھو. صلاحڪارن ۾ ڀائو محمد صالح سومرو، محمد قاسم سومرو ۽ احمد سومرو وغيرہ شامل ھوندا ھئا.
ھڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي بيباڪ مولوي قاري خيرمحمد کي سيرت النبي تي بيان پڙھڻ لاءِ جشن ميلاد تي گھرايو ويو. قاري صاحب حقيقي معنيٰ ۾ صاحب علم ھو، گھڻو وقت سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير عبدالفتاح سان بطور ترجمان ٿي رھيو ھو ۽ عمر عزيز جي پوين ڏينھن ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسہ الاسلام ۾ سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. عربي مادري زبان وانگر ڳالھائيندو ھو اعلي درجي جي مٺي ۽ خوش الحان قرائت ڪندو ھو. بيان به پُر اثر ھوندو ھوس اھو سڀ ڪمال سندن ديني علوم جي مطالعي جو ھو. پر جي ڦوٽي الاچي کير پتي واري چانھ ھر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سائين جن کي ملندي ايندي ھئي ته بيان ۽ بيباڪي ۽ شعلا بياني ۾ اضافو ايندو ھو. جڏھن کيس گھاڙ واھ ڀر تي عيش گھرن جي اڳيان ڪپڙن سڪائڻ واري وسيع ميدان جي پر سڪون پنڊال ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو ته سندس موضوع ته سيرت ۽ ميلاد نبي ھو پر ٽي ڪلاڪ دوارانيا بيان مان ڪلاڪ کن مولوي صاحب اصلاح سماج و معاشرہ ۽ عصيان کان دامن پاڪ ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي ورتو. شھر کان ٻاھر خاموش فضا ۽ سندس آواز عيش گھرن جون کڙڪيون کڙڪائي ڇڏيون. قاري صاحب گناھن جي دنيا کي خير باد چوڻ ۽ پنھنجو دامن پاڪ صاف رکڻ لاءِ ڪيتريون حديثون پر اثر نموني بيان ڪيون. اڌ رات لڙي بيان جي اختتام تي عرس جو طعام نوش ڪرڻ جي منادي ٿي. مان ٻه چار گھڙيون قاري صاحب جا ھٿ چمڻ لاءِ ويس ۽ سندس پيار حاصل ڪيم اھو مون تي لازم ھو ڇاڪاڻ ته ھو اسانجي سڄي اسڪول واري سنگت جو عربي جو استاد ھو.
گھاڙ واھ تي سومرا برادري جو ٻارنھن ربيع الاول وارو عرس ساليانو ٿيندو ھو. اسان ننڍا ھئا سي، گھر به گھاڙ واھ لڳ ھو سو وڏي چاھ سان شرڪت ڪندا ھئا سي. دراصل اسان ٻارن جي لاءِ اھو وڏي خوشيءَ جو موقعو ھوندو ھو. پوري رات جاڳندا ھئا سي. رات جي ٻاٽ اونداھي ۾ ڪشادا تل ۽ ميدان اھڙو روشن ڪيو ويندو ھو جھڙو ڏينھن. شاميانا، اسٽيج، ڪرسي، ميز مولوي صاحب لاءِ لائوڊ اسپيڪر مائيڪ سڀ نھايت وڻندڙ ڳالھيون ھونديو ھيون. ازانسواءِ ٻن ڪونھنٽن جي ڪسڻ جو منظر، ھڪ پاسي اڏيءَ تي گوشت ٺھڻ جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڀر ۾ باھ تي چڙھيل ديڳين ۽ ڪفگيرن جا کڙڪا ۽ اوٻاريل سگداسي چانورن جي ھٻڪار ڪامين کي ۽ محفل ۾ موجود ماڻھن کي مست ڪري ڇڏيندي ھئي. اسان سان انتظاميا جي مھربان وڏڙن جون مھربانيون ڪجهه اھڙيون ٿينديون ھيون جن کي پنھنجي دلين مان اڄ سوڌو ڪڍي نٿو سگھجي اھو ھي ته تازا تيار ٿيل ڌاڻن واري مصالحي لڳل گوشت جي ٻوٽين ۽ ڀُڳل جيرن جو ٿالھ ملي وڃڻ ھڪ خداوندي انعام ھوندو ھو. گهاڙ واهه تي ڪو وقت اھڙا جشن رھيا مگر افسوس جو زماني جي ستم ظريفي. جو وقت اھڙو ڦيرو کاڌو جو اھڙي قسم جون خوبصورت ثقافتي روايتون زماني جي گردش جي نظر ٿي ويون ۽ سڀ ڪجھ بدلجي ويو.