ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

نگار سينما جو داداگير ڇاڇو مڪراڻي

نگار سينما جو داداگير ڇاڇو مڪراڻي

نگار سينيما ورهاڱي کان پوءِ اسان جي سانڀر ۾ اسان جي پياري دوست نادر علي مرکياڻي جي والد محترم سردار الله بخش مرکياڻي خريد ڪئي. هن سينيما تي به وڏي رش رهندي هئي. سنيما جي مرڪزي دروازي جي ٻنهي پاسي چانهه جا هوٽل هئا انهن هوٽلن مان پٺاڻ واري هوٽل جي چانهه تمام ڀلي هوندي هئي جيڪا اسان دوست پيئڻ لاءِ بلڪل اندرين پاسي سينيما جي آڳر لڳ ڪمري ۾ ويهي پيئندا هئاسين ڇاڪاڻ جو اتي ڪچهري ڪرڻ جي گهڻي آزادي هوندي هئي. اهو ڪمرو اڪثر ڪري ٿڌو رهندو هو تنهنڪري هوٽل جا ملازم کير جا وڏا ٻاٽلا گرم ڪري ان ڪمري جي هڪ حصي ۾ ٺارڻ لاءِ رکندا هئا. اسان منجهان ڪي شرارتي انهن ٻاٽلن مان پنهنجي چانهن جي ڪپن ۽ چينڪ ۾ ڪجهه سرس کير اوتي پيئندا هئا. سنيما جي در تي پان ٻيڙي جي شاندار مانڊي هوندي هئي جنهن جو مٺو پان ان وقت گهڻو مزيدار ۽ مشهور هوندو هو جيڪو مان پاڻ وڏي شوق سان کائيندو هوس. مين گيٽ تي ڏهي ڀلن ۽ ڇولن وارو شام جو پنهنجو گاڏو سينگاري ٺاهي اچي بيهندو هو. ان جي ڏهي ڀلن جو لاڙڪاڻي ۾ جواب ڪو نه هوندو هو. نگار سنيما تي جڏهن نئين فلم لڳندي هي تڏهن ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ شريف قسم جي ماڻهن کي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ ۾ وڏي دقت پيش ايندي هئي. ڇاڪاڻ جو ڪي ماڻهون ٽڪيٽ بليڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي داداگيري جي ٻل تي بار بار اچي ٽڪيٽ وٺندا هئا ۽ اڪثر انهن سان ماڻهن جو پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪندو هو. اهڙن جهيڙن جهڳڙن جي ڪري سينيما تي امن و امان جو مسئلو کڙو ٿي بيهندو هو ۽ اهڙن ڦڏن ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ سينيمائن تي داداگير مڪراڻي رکيل هوندا هئا. نگار سينيما تي لاڙڪاڻي جو مشهور ڇاڇو مڪراڻي داداگير رکيل هوندو هو. ڇاڇو مڪراڻي بذات خود هڪ سٺو ۽ شريف ماڻهو هو پر جهيڙي ۽ فساد ڪرڻ وارن لاءِ پويون ڏينهن هوندو هو. هو قد جو ڊگهو ۽ رنگ جو ڪجهه سانورو هوندو هو مگر شڪل ۽ صورت ڏاڍي ڀوائتي هوندي هئس. اڪثر منهن ۾ سونڊ پائي گهمندو هو. مون جيترو وقت کيس ڏٺو ته تن تي ننڍي ٻانهن واري گنجي ۽ هيٺ تي پينٽ پائيندو هو. شام جو جڏهن شوشروع ٿيندا هئا تڏهن هٿ ۾ ڪين کڻي سنيما جي اڱڻ ۾ پيو ڦرندو هو. اسان جي پاڙي جي سينيما جي واتا ورڻ ۾ هن جي وڏي دهشت ويٺل هئي. هڪ ڀيري سينيما تي ايندڙ ڪن غنڊن هن سان اچي جهيڙو ڳنڍيو. بس پوءِ ڇا هو سينيما تي وڏو ڪهرام مچي ويو هو. ڇاڇو مڪراني پهريون ته سينيما مان اندران انهن غنڊن کي کديڙي مين گيٽ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڏسندي ڏسندي پاڻ ڦڙتي سان سينيما واري هوٽل ۾ هليو ويو. هن هوٽل ۾ اندران بيهي جيڪا ڪارروائي ڪئي سان خوفناڪ ثابت ٿي. هن ڇا ڪيو جو هوٽل ۾ رکيل چدي واريون سوڊا ۽ ليمن جون بوتلون هڪ هڪ ڪري ويو روڊ تي اڇلائيندو ۽ انهن بوتلن مان هڪ اڌ دنگي فساد ڪرڻ وارن جي مٿان ڦٽي ڪيائين اهڙي طرح ڏسندي ڏسندي هڪ اڌ ڪلاڪ ۾ سينيما جي ماحول ۾ ٺاپر آئي. هن شير دل ماڻهو جي رهائش سينيما جي اندر ئي هوندي هئي. اسان پارا ڇاڇو مڪراني جا سلامي هوندا هئا مان کيس سلام ڪندي فخر محسوس ڪندو هوس.
ايمپائر سينيما ۾ گڏيل هندوستان واري زماني ۾ هوندراج دکايل ۽ ڪشنچند بيوس جي مقابلي ۾ ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا. انهن ڊرامن کي ڊائريڪٽ ڪرڻ ۽ رچائڻ ۾ ميان غلام عباس قادري جوش مرحوم جو وڏو هٿ ۽ سهڪار هوندو هو. ايمپائر سينيما ۾ نيون نيون معياري فلمون لڳنديون هيون. هي سينيما وڏي ڪشادي ۽ هڪ وسيع آڳر سان هوندي هئي منجهس اندر هڪ بڪ اسٽال ۽ اخبارن جو اسٽال هوندو هو ۽ سينيما جي در تي هڪ شاندار هوٽل هوندو هو جيڪو اڪثر ڪري گاد هلائيندا هئا. مين گيٽ تي گادن جو پان ٻيڙي جو دڪان هوندو هو ۽ هڪ پاسي مٺائي جو دڪان هوندو هو جنهن وٽان آئون نڪتي ۽ سنڱر ملائي وٺي کائيندو هوس جيڪا منهنجي من پسند مٺائي هوندي هئي. هن مٺائي واري جي ميسو ۽ بالوشاهي مٺائي بهترين هوندي هئي جيڪا عيدن ۽ خوشين جي ڏهاڙن تي اسان خريد ڪندا هئاسين.
رائل سينيما اسان جي گهرن کان گهڻو پري هئي پوءِ به اسان ان جو چڪر لڳائيندا هئاسين. ان سينيما جي صدر دروازي تي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جو اسٽال هوندو هو جنهن جي ڀر ۾ رڳو شاندار بلڪه هڪ اعليٰ درجي جو مٺائي جو مرڪز ۽ چانهه جو هوٽل هوندو هو جنهن جي ڪراڪري ٻين سينمائن جي هوٽلن کان بهتر ۽ جديد هوندي هئي جنهن ڪري هتي اڪثر شهر جي جينٽري به اچي چانهه نوش ڪندي هئي. اسٽيشن روڊ جي لڳ هجڻ ڪري هوٽل تي گهڻي رش رهندي هئي. جڏهن 1968ع ڌاري اسان پنهنجي سنگت سان ايم اي جي امتحانن جي تياري لاءِ جناح باغ جي تجر واري لان ۾ رات جو دير تائين پڙهندا هئاسين ته رائل سينيما هوٽل وارا وڏي ڪرٽسي جو مظاهرو ڪندي اسان کي پنهنجي بيري جي سهڪار سان چانهه جو آرڊر جناح باغ ۾ پهچائيندا هئا.
رائل سينيما جي دروازي تي لاڙڪاڻي جو مشهور ڇولن وارو محمد يعقوب سومرو شام جو پنهنجو گاڏو تيار ڪري اچي بيهندو هو. هي واحد ڇولن جو ڪاريگر هو جيڪو ساون ڌاڻن، بصرن، پٽاٽن، ۽ بهن جي ڪاتر جي گارنش سان ڇولن جي پليٽ گراهڪ کي سينگاري ڏيندو هو. رائل سينيما جي ارد گرد کاڌي پيتي جا ننڍا وڏا هوٽل هوندا هئا ۽ ڏهي لسي ۽ مٺاين جا دڪان هئا. جن مان مندر جي دروازي تي دليپ جي ناريل جي مٺائي ۽ عباس جو گجرن جو حلووه جڳ مشهور هوندو هو ان کان سواءِ هتي ٻاڪري گوشت جي ڪڙهائي به ڪيترا هوٽل تيار ڪندا هئا مگر جيڪو مزو ۽ لذت عباس هوٽل جي ڪڙهائي ۾ هو اهو ٻئي ڪنهن جي ڪڙهائي ۾ ڪو نه هو.