ماڻڪ چوڻو جن جو
ج. ع. منگهاڻي
مھاڳ لکڻ واري روايت مان آئون ڪڏهن به مطمئن نه ٿيس. نه ئي متاثر ۽ متفق ٿيس. او، محمد ابراهيم جوئي کان وٺي.
سنڌي ادب ۾ ”مھاڳ“ لکڻ معنيٰ ڪنھن جھڙي تھڙي کي به عرش پڄائڻ آهي. اسين اڳ ته اهڙا منھن جا مائٽ نه هئاسين. بلڪ جيڪو جھڙو هو تنھن کي تھڙو ئي منھن ڦھڪائي ڏيندڙ هئاسين. چوندا هئاسين ”سِڌي ڳالهه سوٽي جي ماءُ مري کوٽي جي،“ پوءِ هاڻي هي خوشامند ڪرڻ ۽ اڳيان پويان ڦِت ڦِت ڪرڻ واري ريت ڪٿان آئي؟ اسان منجهه اهو چاپلوسيءَ وارو ٻج ڪنھن ڇٽيو؟ جو هاڻ جيڪو ٿو ٻه اکر لکي اهو گندي ڇنڊي اٿي ٿو، راڄ ۾ چوي ته مون ڪي ڦاڙها ماريا آهن. مون لاءِ مورا ڏيو/ لکو.
اهو ئي سبب آهي جو آئون مھاڳ لکڻ ۽ لکائڻ کان ونئون ويندڙ آهيان. مون پنھنجي پھرين شعري مجموعي ”خوابن جا ايوان“ جو مھاڳ پاڻ لکيو پر منھنجي ٻي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ جو مھاڳ محترم ڀاءُ انور پيرزادي لکيو آهي، جنھن جو پڻ هڪ سبب آهي. منھنجو اهو ڪتاب جيئن ته لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپايو آهي، سو ڀيڻ فھميده صاحبھ چيو ته ، ”ڪتاب جي ضخامت گهٽ آهي. ڪنھن کان ٻه اکر لکائي وٺان.“
اها ئي مجبوري ڪتاب جي مھاڳ لکائڻ جو سبب بڻي. حالانڪ ان ڪتاب کي مھاڳ جي ڪا ضرورت به نه هئي، ڇو جو اهو تحقيقي ڪم ۽ محدود پڻ هو.
آئون ڄاڻان ٿي ته شهري ماڻهو مڃتا جو محتاج آهي. ماڻهو چاهيندو ته، هو جيڪو به (هن جي خيال ۾) سٺو ڪم ڪري ٿو، ان جي ساڌ ٿئي/ تعريف ٿئي/ واکاڻ ٿئي.
هئڻ ته ائين گهرجي ته ماڻهو اکيون ٻوٽي ڪم ڪري پوءِ وقت تي ڇڏي ڏئي، وقت پاڻهي ان جو قدر ڪندو/ مڃتا ڏيندو. دنيا جو اهو ئي دستور آهي. جڏهن اسان وٽ اونڌي نظام جي موجودگيءَ ۾ اهو خوف به وڏي ڪَرَ سان موجود آهي ته وقت تائين ان ڪم کي ڪير پھچائيندو؟ ڪير پيش ڪندو؟
هتي ته سنئين سيبتي ماڻهوءَ کي ٻوٿ تي هٿ هڻي پوئتي ڌڪي پنھنجن موڳن/ اڌ مغزين کي انعامن/ ايوارڊن سان نوازي اڳيان آندو ٿو وڃي. سچي، اهڙي صورتحال ۾ سٺي ۽ خراب ڪم جي پرک ڪير ڪندو؟ خطرو آهي ته متان اصل ڪم مفاد پرستن هٿان ضايع نه ٿي وڃي. ”الله ايئن مَ هوءِ.“
واقعي به اهو خطرو عام ڪونهي تدارڪ ٿيڻ گهرجي، ترياق ڳولڻ کپي. باقي ڀاءُ الطاف شيخ ته هٿين سڄو آهي ۽ پنھنجي ئي مڙسيءَ تي منڊل منڊي ويٺو آهي، نه ڪنھن جي محتاجي اٿس نه ئي ڪنھن جي منٿ ميڙ سان ڪو غرض. نه هاءِ نه گهوڙا. ٻيڙو اُهاري وڃي ۽ اُڪاري اچي لکي ۽ ڊوڙ ڪري ڪتاب ڇپائي ڇڏي. نه هات نه تات. نه هل نه هنگامو، سٻاجهو ماڻهو ٻاجهاري مرڪ مُرڪي مُڇَ کي وٽ ڏيئي وهيو رهي. (مڇيون الائي وٽ ڏيڻ جيڏيون اٿس ڪي نه!!) .
الطاف شيخ جو وجود سنڌي ادب جي کيتر لاءِ مون کي وَسَ جي وڏ ڦڙي مينھن جھڙو ڀاسندو آهي. ڏسجي ته الطاف شيخ سفرنامن جو اهو وڏڦڙو نه وسائي ها ته يقينن سنڌي ناول وانگيان سنڌي ادب جي کيٽ ۾ سفرنامن جو پڻ ڏڪار هجي ها.
سو، ڀاءُ الطاف شيخ جو فون ڪري مھاڳ لکڻ لاءِ چوڻ سٺو لڳو ۽ پڻ سندس ڳالهائڻ مان ڇلڪي پوندڙ سندس شخصيت جي معصوميت ۽ پنھنجائپ وڻي جيڪا لطيف چواڻي : ”وڃن سور سندا ڪيو“ جي مثل آهي.
سندس سفرناما ڪيئن آهن؟ ڀانيان ٿي انھي پرک جي کيس به هاڻي ضرورت نه هوندي. هو ته سفرنامن جي اڻ هوند واري زماني کان ئي جسڪارون ميڙيندو/ کريندو پيو اچي. وڏي ڳالهه ته مون سندس هڪ به سفرنامو پڙهيو ناهي پر ان جو اهو مطلب ڪونهي ته مون کيس پڙهيو ئي ناهي. مون ته ڪتابي صورت ۾ نه پڙهڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. باقي ٽڙيو ڦڙيو ، ڪنھن جو منھن ته ڪنھن جو پڇ اخبارن / رسالن مان پڙهندي پئي اچان، جيڪو سدائين وڻيو اٿم.
هاڻي ته رسالي ”سوجهرو“ جي ايڊيٽر ان چيف جي حيثيت ۾ سندس جپان واري سفرنامي جا حصا هر مھيني عام کان اڳ پڙهڻ لاءِ ملندا اٿم. جنھن ۾ مائي نتسوميءَ جي رهاڻين ريس ڏياري آهي ته آئون به بي دعوتي وڃي وٽس مھمان ٿيان ۽ شاعره هئڻ جي ناتي سان وڃي هائيڪو جي مشھور شاعر ’ڪانيڪو مي سوزو‘ جي جنم ڀومي ’شمونو سيڪي‘ گهمي ڏسان. نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ جي پسنديده شاعر ماتسوئو باشوءَ جا ٻه هائيڪا مڌ جا مزا ڏياري ويا:
بازن جون اکيون پڻ
چُوچيون ٿي وينديون
هاڻ اونداهي رات جو ٿيڻ واري آهي....
۽ ٻيو هائڪو آهي
بھار جي رت ڄاڻ آئي
ان جو منظر تيار ڪري رهيا آهن
بادام جو وڻ ۽ چنڊ.
ڀاءُ الطاف شيخ جي لھجي جي نمرتا موهيندڙ آهي. ٻار جھڙي معصوميت سان پنھنجو اندر اورڻ ۽ کولڻ وارو انداز نيارو اٿس.
ڏوڪڙ پئسي جي هوندي سوندي سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ دير ٿيڻ ۽ پبلشرن طرفان delay ٿيڻ واريون خير جون خبرون کلي کلي پرده پوشيءَ سان ٻڌائڻ به ڏاڍو وڻندو آهي.
ادب جي اهڙي سادي سوڌي ۽ موهيندڙ شخصيت سان به اهڙيون چالاڪيون ٿيون ڪيون وڃن!!
ايئن الائي ڪيئن ماڻهو ڪندا آهن!! ڇو ڪندا آهن ايئن؟
لطيف پاڪ فرمائي ٿو:
”جر ۾ ڦوٽو جيئن، لھريون لڳندي اڌ ٿيئي،
تون پڻ آهين ايئن، دنيا ۾ ڪو ڏينھڙو.“
سندس سفرنامن جو تعداد ڪيترو آهي؟ ان جو جواب پاڻ به نه ڏيئي سگهيو. يعني:
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي. (شاهه)
الطاف شيخ تي لکڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو“ کوليم ته هڪ بيت مليو، جيڪو سچو پچو سندس شخصيت جو عڪاس آهي:
ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
چلر ۾ چھنج هڻي، مڇي کين نه اي،
لوڪ نه لکيا تي، جيلانھين ڀوڻن ٻگهن گڏيا. (شاهه)