۽ مڙس به نئون هٿ ڪيائين
مرڻي ۽ پرڻي تي جپاني وڏو خرچ ڪن ٿا. هونءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ هو وڏا هوشيار آهن بلڪ خرچڻ کان وڌيڪ ڪمائڻ ۾ ڀڙ آهن پر مٿين ٻن ڳالهين ۾ مار کايو وڃن. زماني کان هلندڙ ريتن رسمن مان هو جان ڇڏائي نه سگهيا آهن. پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو مانُ مريادا مٿانهون ڪرڻ لاءِ جپاني ماڻهو انهن ٻن ڳالهين تي دل کولي خرچ ڪرڻ تي مجبور آهن. ايتري قدر جو پنهنجن وڏن جي قبر مٿان ڪُتبي وارو ٽُڪ جي ڪم جو پٿر لک ڏيڍ کان ٻن ٽن لکن وارو رکن ٿا. اهڙيءَ طرح شاديون به وڏين هوٽلن ۾ ڪن ٿا. هو اهوئي چون ٿا ته زندگيءَ ۾ اهو موقعو هڪ دفعو ئي ته ملي ٿو. ان کي ڇو نه اهڙي طرح ملهائجي جو هميشه يادگار رهي ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته ڪجهه پنهنجو نڪ مٿانهون ڪرڻ لاءِ به ان جو ڦاهو ڦڪين ٿا جيئن ڪو ائين نه چوي ته فلاڻي ڪٽنب جي بزنيس مئن ههڙي سادي نموني سان شادي ڪئي. ڪجهه وري ڏيکاءَ خاطر ته اسان جو سوشل Status (سماجي رتبو) مٿانهون آهي يا هاڻ مٿانهون ٿي ويو آهي، هو قرض کڻي به وڏي شان شوڪت سان هي فنڪشن ڪن ٿا چي ”کٽل آهيون پر خان ته آهيون“.
جپانين جو ملڪ آهي سو گهڻي ڀاڱي ٻئي ڌريون هتي جون مڪاني ڌريون ٿين پر ڪي شاديون جيڪي ڪجهه وڌيڪ رونق ڀريون ئي ٿين اهي ڌارين جون، خاص ڪري مغربي ملڪن (انگلينڊ، يورپ، آمريڪا) جي مردن جون جپاني ڇوڪرين سان ٿين ۽ ڪڏهن ڪڏهن (جيتوڻيڪ تمام گهٽ، ورلي ڪو) ڪنهن جپاني مرد جي يورپي، آمريڪي يا ٿائي يا فلپينو ڇوڪريءَ سان شادي ٿئي.
هونءَ ته پراڻين ريتن رواجن موجب جپانين جي شادي شنتو يا ٻڌ ڌرم جي مندر (Shrine) ۾ ئي ٿئي ٿي پر جيئن ته ان شاديءَ جي رسم ۾ رنگيني گهٽ آهي ان ڪري اڄ جا شوقين نوجوان جپاني گهوٽ عيسائين جي ڪليسا گهر (Church) ۾ شادي ملهائين. ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو هنن جو Christianity سان تعلق آهي پر هو ان کي هڪ ڪلچرل ۽ رسم طور ملهائين ٿا جيئن سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ويندي جپان جا ماڻهو ڪرسمس ڊي ۽ نئين سال جي پهرين جنوري تي نيو ييئر ڊي ملهائين ٿا. جيتوڻيڪ جپانين جو ٻڌ ڌرم موجب نئون سال ڪنهن ٻي تاريخ تي اچي ٿو.
شاديءَ جي دعوت تي وڃڻ لاءِ مهمان لفافي ۾ ڪجهه پئسا پوئي يا تحفي طور کڻي ويندا آهن، جنهن کي جپاني Goshuugi سڏين، جيئن چيني ان کي ”انگ پائو“ چون ٿا ۽ اهوئي لفظ رشوت لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. تحفي طور ڏنل هن خرچيءَ جو تعداد اِڪي انگ ٿئي ڇو ته ٻَڌي انگ ته ڪنهن به انگ سان ونڊجي سگهي ٿو ۽ ان معاملي ۾ جپاني ڏاڍو Sensitive آهن. ڪنهن انگ جو ونڊجڻ معنيٰ سندن شادي يا پيار محبت ۾ به وَنڊ يعني وڇوڙو اچي سگهي ٿو.
ورگيلو نالي هڪ آمريڪن همراهه جي اسان واري پريفيڪچر فڪوڪا جي هڪ جپاني ڇوڪري اِشي ڪاوا سان هتي شادي ٿي. هڪ مڪاني اخبار وارن کانئن شاديءَ بابت سوال پڇيا.
تنهنجي هن آمريڪن گهوٽ سان ملاقات ڪٿي ٿي؟
اِشي ڪاوا: اسين آمريڪا ۾ ملياسين جتي آئون JICA (جپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي) جي نمائندي طور ٽي سال رهيس. منهنجو گهوٽ جنهن يونيورسٽيءَ ۾ ايڪنامڪس جو ليڪچرر هو ان يونيورسٽيءَ جي ڀرسان اسان جي جپاني آفيس هئي.
توهان جي شاديءَ جي رسم ڪيئن رهي؟
اِشي ڪاوا: اسان جي هيوشي نالي مندر ۾ شادي ٿي جيڪو يانا گاوا ۾ آهي ۽ پوءِ هتان جي خوبصورت باغيچي ۾ مانيءَ جو بندوبست هليو.
جپان ۾ شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻ جو ڪو خاص سبب؟
اِشي ڪاوا: منهنجي آمريڪن مڙس کي جپان ۾ شادي رچائڻ جو شوق هو جو هتي شادي رنگينين سان ڀرپور رهي ٿي. رنگين ويس وڳا، رنگين گل ڦل ۽ وڻ ٽڻ، رنگين عمارتون ۽ کاڌا.
گهوٽ صاحب! توکي جپان جي شادي ڪيئن لڳي؟
ورگيلو: آئون خوش آهيان جو منهنجي لاءِ اهو نئون تجربو ٿيو. شاديءَ جي جپاني ريتن ۾ ڪجهه ڪجهه عجيب ڳالهيون آهن ته ڪجهه ڪجهه اجايون پڻ آهن، جهڙوڪ ايرو نائوشي (O’Iro Naoshi) جنهن ۾ ڪنوار کي ٻه ٽي دفعا هڪ پوشاڪ لاهي ٻي پائڻي پوي ٿي. هر هڪ دعوتي گهوٽ ڪنوار کي مبارڪ ڏيڻ کان اڳ شراب سان ننڍڙو گلاس ڀري پيئڻ لاءِ ڏئي ٿو. آئون ته پي پي جلد ئي نشي ۾ اچي ويس. بعد ۾ مون کي خبر پيئي ته ان جي پيئڻ کان بچڻ لاءِ ٽيبل هيٺان ٽب رکيو ويو هو جنهن ۾ اهو پيار ڀريو شراب جو گلاس هاري جان ڇڏائي سگهجي ٿي پر ان ٽب جي خبر اسان کي دير سان پيئي.
هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ڪو خاص سبب؟
ورگيلو: منهنجي اِشي ڪاوا سان دوستي ٿي وئي ۽ مون هن کي پنهنجين آمريڪي ڇوڪرين کان وڌيڪ خوش مزاج، Humble ۽ مڙس جي عزت ۽ قدر ڪرڻ وارو محسوس ڪيو. منهنجي مائٽن کي اِشي ڪاوا پسند هئي جو هن وڏن جو به خيال رکيو ٿي.
ڪجهه جپاني جوڙا ملڪ کان ٻاهر ڏکڻ پئسفڪ جي ڪنهن ٻيٽ يا يورپ جي ڪنهن رومانوي شهر ۾ به شاديءَ جي رسم رچائين ٿا جنهن جو بندوبست (۽ هني مون ملهائڻ جو پڻ) ڪيترائي ٽريول ايجنٽ ڪن ٿا. ان قسم جي شادي ۽ هني مون تي وڏو خرچ اچي ٿو ۽ اهڙين شادين ۽ هني مون ملهائڻ جي بندوبست جا اشتهار ڪيترين ئي ٽريول ايجنسين جي آفيسن ٻاهران نظر ايندا.
جپان ۾ هڪ ٻيون شاديون ”پوسٽ ذريعي“ سڏجن ٿيون. جپان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب هاري نموني جا ماڻهو جن وٽ ايترو پئسو ڏوڪڙ ناهي جو هو پنهنجي ڪنهن جپاني عورت سان شادي ڪري سگهن يا اُهي گهٽ نوڪرين ۽ ڪمائڻ وارا ۽ وڏي عمر جا جپاني، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ سڱ نٿو ملي، اهي فلپين، ٿائيلينڊ ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جي ڇوڪرين سان شادي ڪن ٿا. هي جپاني پوڙها، گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ پگهار وارا ان ۾ خوش ته کين هڪ عدد ننڍي نيٽي ڪنوار گهر ويٺي مليو وڃي ۽ مٿين ملڪن جون غريب ڇوڪريون ان ۾ خوش ته هنن کي پيٽ گذر لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ ۽ Unsecure (غير محفوظ) زندگي گذارڻ بدران جپان جهڙي ملڪ ۾ رهائش مليو وڃي، جتي جهڙي تهڙي رهائش ۽ زندگي به پنهنجي ملڪ جي ڏکي زندگيءَ کان آسودي ۽ عزت واري سمجهن ٿيون.
ان قسم جي Postal Marriages جا اڄڪلهه ڪيترائي ايجنٽ جپان توڙي فلپين ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ رشتا هٿ ڪري ڏيڻ جون آفيسون سجايو ويٺا آهن ۽ ٻنهي ڌرين کان ڪميشنون وٺي کين خوش ڪن ٿا. ان قسم جي هڪ فلپينو Bride (ڪنوار) جي حيرت انگيز ڪهاڻي ڏئي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ فلپينو عورت پورهئي لاءِ ٽوڪيو پهتي جتي ايئرپورٽ جي ٻاهران هڪ جپاني هاري فلپين کان سندس لاءِ ايندڙ ڪنوار جو انتظار ڪري رهيو هو. هوءَ موقعي مان فائدو وٺي هن هاريءَ سان گڏ هلي وئي ۽ ان هاريءَ لاءِ فلپين کان آيل اصل ڪنوار جو ڇا حال ٿيو، ان جي ته خبر نه پئجي سگهي پر هن کي ٽوڪيو جي مئخانن ۾ ذلالت جي زندگي گذارڻ بدران هن غريب هاريءَ سان گڏ رهڻ جو موقعو ملي ويو ۽ پوءِ هوءَ اٽڪلن، عقل ۽ حالتن جو جائزو وٺي ٽن چئن سالن ۾ هڪ امير عورت بنجي وئي ۽ مڙس به دل وٽان نئون هٿ ڪيائين.