يامانو گاوا
جپاني زبان جون ٽي لکڻيون آهن. هڪ شڪلين (مورتين) واري جيڪا ڪانجي Kanji سڏجي ٿي ۽ ٻه اُچارن واريون، جن مان هڪ هراگانا Hiragana (平仮名)آهي ۽ ٻي ڪاٽا ڪاناKatakana (片仮名). ڌارين زبانن جا لفظ جيڪي جپانيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، اهي ڪاٽا ڪانا ۾ لکيا وڃن ٿا. مثال طور سنڌيءَ جو هڪ لفظ آهي ”ور“ جنھن جي معنيٰ مڙس به آهي ته سٿڻ جو ور به آهي ته رستي جو ور وڪڙ به ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻي معنيٰ به، پر لکڻ لاءِ هر هڪ ۾ ساڳيا ٻه اکر ’ و‘ ۽ ’ر‘ ايندا. يعني اسان جي سنڌي، اڙدو، عربي ۽ انگريزيءَ اچارن موجب لکي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسان جون لکڻيون اچارن واريون Phonetic آهن. جپاني لکڻيون: هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا به اهڙي طرح اچارن واريون آهن پر ڪانجيءَ ۾ ساڳي اُچار لاءِ جي شيون جدا جدا آهن ته هر شيءِ جي شڪل مختلف ٿيندي. ور جنھن جي معنيٰ مڙس آهي، ان جي ڪانجي (شڪل) هڪڙي ٿيندي، ته سٿڻ جي ور جي ٻي ته موڙ واري رستي (ور) جي شڪل ٽين ٿيندي. ڪانجيءَ مان اهو فائدو ضرور آهي ته لکڻي (شڪل) ڏسڻ سان خبر پئجيو وڃي ته ان لفظ جي صحيح معنيٰ ڇا آهي پر سائين جتي انگريزيءَ جا 26 اکر لکڻ، سکڻ ۽ ياد ڪرڻ به ٻار لاءِ وڏي منزل آهي، اتي ڪانجيءَ جون هزارين شڪليون ياد ڪرڻ هڪ جپاني ٻار لاءِ ڪيڏو دماغي بار ٿي سگهي ٿو ۽ هتي جي ٻارن کي ڪيڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي! اهو ئي سبب آهي جو جنھن جپاني گهر ۾ وڃ ته ٻار کيڏڻ بدران لکڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا سولي آهي ته به اسان جي ”الف، بي“ يا انگريزيءَ جي ‘ABC’کان ڏکي آهي ۽ انهن ۾ به هڪ سؤ کان مٿي مختلف اچارن جا اکر آهن.
تصوير ۾ نموني خاطر ٻه اکر ”ڪا“ ۽ ”هو“ ڪانجي، هراگانا ۽ ڪاٽاڪانا ۾ ڏيکاريل آهن ۽ اهي ڪنھن لفظ جا فقط اکر آهن. مثال طور ڪاواساڪي لکڻ لاءِ ”ڪا“ بعد ٽي ٻيا اکر ” وا“ ، ”سا“ ۽ ” ڪي“ ڳنڍڻا پوندا.
جپاني ڪتابن ۽ رسالن جا صفحا ساڄي کان به شروع ٿين ٿا جيئن سنڌي، اڙدو، فارسي، عربي وغيره جا ته کاٻيءَ کان به شروع ٿين، جيئن انگريزي، بنگالي، هندي وغيره جا ۽ هر صفحي تي کاٻي کان ساڄي، مٿان کان هيٺ ۽ ساڄي کان کاٻي لکي سگهجي ٿو. تصوير ۾ ويھين صديءَ جي شاعر ميزوهارا (Mizuhara Shoushi) جو هڪ خوبصورت هائيڪو آهي، جنھن جون سٽون مٿان کان هيٺ ۽ ساڄي کان کاٻي آهن ۽ هن شعر ۾ جپان جون ٽئي لکڻيون (هراگانا، ڪاٽا ڪانا ۽ ڪانجي) استعمال ٿيل آهن.
مثال طور ، شعر جو پھريون لفظ جيڪو بلڪل ساڄي پاسي آهي. يعني ساڄي پاسي واري مٿان کان هيٺ ويندڙ سٽ جو مٿيون لفظ ”ياما“ 山آهي_ معنيٰ جبل. اهو لفظ ڪانجي ۾ لکيل آهي. يعني ان شڪل جو مطلب آهي جبل. هي شعر قلم بدران برش سان لکيل آهي، ان ڪري ان مان ياما جي شڪل ۽ ٻين لفظن جي شڪل عجيب ٿي وئي آهي، نه ته اها شڪل ” ب“ وانگر آهي، جنھن جو هيٺيون نقطو ڊاهي پوري وچ تي ”الف“ ٺاهڻ سان ياما 山 ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻيا لفظ: نو، گو ۽ وا آهي. ٻي سٽ جي ساڄي پاسي وارو مٿاهون اڌ ڪاٽا ڪانا لکڻي ۾ ’رنپو‘ لکيل آهي، جيڪو انگريزي لفظ لئمپو آهي، پر جپانيءَ ۾ لام نه هجڻ ڪري ڪيترن انگريزي جي جپاني ۾ آيل لفظن وانگر هي به لئمپ بدران رنپو ٿي ويو آهي. جيئن مون کي به ڪيترا جپاني الطاف بدران ”اريطافو“ سڏين ٿا ۽ جپانيءَ ۾ هر اکر پويان واول ضروري آهي، ان ڪري ٺلهي ”پ“ يا ”ف“ چوڻ بدران پُو ۽ فُو اُچاريو وڃي ٿو. ڪاليج جي هڪ جپاني شاگرد ته مون وٽ لام جو اُچار سکڻ آيو ته ڪيئن اچاريان. جو جپانين لاءِ لام اُچارڻ ڏکيو آهي.
ٻي سٽ جو باقي اڌ ڪانجي ۽ هراگانا ۾ آهي ۽ ٽي سٽ ڪاٽا ڪانا ۽ ڪانجيءَ ۾ آهي. مون کي جپاني گهڻي نٿي اچي، پر سکڻ سان جيتري دلچسپ لڳي ٿي، اوتري ئي هڪ نئين ماڻهوءَ کي مٿي جو سور لڳي ٿي. سڄو شعر (هائيڪو) جيڪو سترهن Syllable جو آهي، هن ريت آهي:
ياما نو گاوا_ جبل جا پتنگ
رنپو ني ماوازو _ ڏيئي جي چوڌاري نٿا اڏرن
تُسوڪي نِي مائو _ هو ته چنڊ ڏي رخ ڪن ٿا
ڏيکاريل تصويرن ۾ ٽي تصوير ۾ سڀ لفظ ڪانجيءَ ۾ لکيل آهن. جپان جي مشھور خطاط (ڪيليگرافر) توشوءَ (Ogawa Toshu) هن شعر جي ڪانجي برش سان لکي آهي.
ان کان علاوه پڙهندڙن کي ڪانجيءَ بابت وڌيڪ آئيڊياز ڏيڻ لاءِ ست کن لفظن جي ڪانجي ڏجي ٿي. پکيءَ کي جپانيءَ ۾ توري سڏجي ٿو ۽ توري حجي ڪري لکڻ بدران ڪانجيءَ ۾ لکيل آهي، يعني مورت ٺھيل آهي. چين ۾ ڪيتريون ئي چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. جھڙوڪ: منڊارن، ٽيوچو، فڪا، ڪنٽونيز، هڪا وغيره وغيره . هر زبان ۾ پکيءَ لاءِ مختلف نالا آهن، جيئن اسان وٽ پرنده، Bird، طائر، پکشي وغيره پر چين جي هر زبان ۾ جڏهن پکي لکبو ته ان لاءِ اها ساڳي شڪل ٺاهڻي پوندي جيڪا جپانيءَ ۾ ڪانجي لکڻي ۾ ٺھيل آهي. ان ڪري چين جي مختلف صوبن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي چيني ڳالهه ٻولهه نٿا سمجهي سگهن، پر لکيل ڳالهه پڙهي سگهن ٿا.
پکيءَ جي ڪانجيءَ کان علاوه چنڊ (تسوڪي)، ڪمي (ڪامي) ۽ هٿ (تي) جي آهي ۽ ان جي ڀرسان مٿان کان هيٺ وڻ (ڪي) 木، هڙي/ وڻڪار (هاياشي) جنگل (موري) جي ڪانجي ڏنل آهي. اها ئي شڪل هڪ دفعو لکڻ سان فقط هڪ وڻ ٿيو. ٻه دفعا木木ڏيڻ سان هُڙي (Woods) ۽ وري ٽي دفعا ساڳي شڪل ٺاهڻ سان ٻيلو ٿيو پوي.
جتي هيءَ تصوير واري لکڻي ڏکي آهي، اتي سمجهه ۾ اچڻ بعد مزو به ڏئي ٿي. ڪوشش نه ڪرڻ جي باوجود جپان ۾ رهڻ دوران ڪيترائي مورتن وارا لفظ (ڪانجي) ياد ٿيو وڃن. لکڻ کڻي نٿا اچن پر شڪل ڏسي ڏسي سمجهيو وڃجي ته ڇا آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪانجي لکڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا. اسڪول توڙي گهر ۾ ننڍپڻ کان هر جپاني پرئڪٽس ڪندو رهي ٿو. منھنجا جھازي دوست چوندا آهن ته جپاني انجنيئر جھاز سازيءَ جي ڊرائينگن ٺاهڻ ۾ ڏاڍا هوشيار آهن ته آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته جيڪو ٻار ڏهه ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنج ڇھه هزار کن ڪانجي (مورتين وارا لفظ) لکڻ سکي ٿو، ان لاءِ اڳتي هلي مشين ڊرائينگ ڇا آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مون گذريل چوٿو صدي کن ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ پڙهائڻ دوران Observe ڪئي آهي ته اهي ملئي يا پاڪستاني مسلمان شاگردَ، جيڪي قرآن جا ياد حافظ آهن، اهي جھاز رانيءَ جا ڏکيا امتحان سڀ کان اڳ پاس ڪن ٿا ۽ هنن کي ايمرجنسيءَ جي حالتن ۾ به ڏکئي کان ڏکيا فارمولا ۽ جدولون ياد رهن ٿيون، جن کان ڪم وٺي هو جھاز کي مشڪل Situation مان ٻاهر ڪڍيو وٺن. اهو شايد ان ڪري جو ننڍي هوندي کان قرآن کي ياد ڪرڻ ڪري يعني پنهنجي ياداشت کي تيز ڪرڻ ڪري هنن لاءِ هي سائنس ۽ نيويگيشن جا فارمولا ۽ انگ اکر ياد ڪرڻ، هڪ معمولي ڳالهه ٿيو پوي.