سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

جپانين جي محبوب مڇي يا موت جو ملائڪ

جپانين جي محبوب مڇي يا موت جو ملائڪ

جپان جابلو ملڪ آهي ۽ هن ملڪ ۾ جيڏو عوام آهي اوتري پوک ناهي. ماڻهن کي رهائش لاءِ ئي جاءِ ناهي، پوک ڇا تي ڪن. ان ڪري جپان جي ماڻهن جو صدين کان سامونڊي کاڌي تي گذارو هلندو اچي. جپاني ماڻهو سمنڊ ۾ ترندڙ هر مڇي، گانگٽ، کيکڙو ته کائين ٿا، پر وهيل ۽ شارڪ جهڙين وڏين مڇين کي به نٿا ڇڏين، ويندي سامونڊي گاهه (Sea Weeds) ۽ ڪائي به کائيو ڇڏين.
سامونڊي دنيا ۾ هڪ پفر (Puffer) نالي بيحد زهريلي مڇي ٿئي ٿي، جنهن کان وڏا سامونڊي جانور به پاسو ڪن ٿا، پر جپاني ان کي به نٿا ڇڏين. نه فقط هن کي وڏي شوق سان کائين ٿا، پر ان ڳالهه کي Status Symbol (ناموس ۽ وڏ ماڻهپيءَ جو نشان) سمجهن ٿا. جپان ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي چيم ته اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي، جو جپاني ڍير پئسن جا ڏئي موت کي سڏڻ (زهريلي مڇي کائڻ) کي مردانگي سمجهن ٿا.
”اهو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي مڇ رکائڻ وارو باهمت ۽ مرد جو پٽ سمجهيو وڃي ٿو.“ هن وراڻيو.
بهرحال جپانين جون ٻه ڳالهيون مون کي اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ نه آيون آهن. هڪ پبلڪ باٿ ۾ ٻارن ٻچن توڙي پاڙي وارن سان گڏ اگهاڙو ٿي وهنجڻ، جيتوڻيڪ هونءَ جپاني _ خاص ڪري عورتون، بنيادي طرح بيحد شرميليون آهن ۽ ٻيو پفر جهڙي زهريلي مڇي، جنهن کي جپانيءَ ۾ Fugu (فُوگو) フグ سڏين، کائڻ وڏي شان ۽ برڪت واري ڳالهه سمجهن ٿا. جپان جي هوٽلن ۾ جتي برگر يا سئنڊوچ هڪ سؤ يين (هڪ سؤ رپئي) جي ملي ٿي ۽ ٻي عام مڇي، بيف يا چڪن واري ماني مهانگي مهانگي ته به هڪ هزار يا ٻن هزار يين جي، اتي اها ڊنر جنهن ۾ هيءَ زهريلي مڇي (فوگو Puffer) سَروِ ڪئي وڃي ٿي، ان جي قيمت پنجويهه هزار يين (اٽڪل 25000 رپين) کان گهٽ ناهي ۽ اها مڇي ايڏي زهريلي آهي جو بورچيءَ کان ٿوري به بي ڌياني ٿي وڃي ۽ هن مڇيءَ جي زهريلن حصن جو هن جي کائڻ واري گوشت کي ڇهاءُ ٿي وڃي ته ماڻهو اڦٽ مريو وڃي. يعني کائڻ وارو ٻڪ پئسن جا پنهنجي کيسي مان ڏئي پنهنجي زندگي هوٽل جي بورچيءَ جي قدمن ۾ اچيو رکي. ٻيو ڀلا ان کي ڇا چئجي؟ بورچيءَ جي معمولي غلطي يا سُستي، هوٽل ۾ آيل مهمان کي اڦٽ ماري سگهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ مڇي (فُوگو) صاف ڪرڻ، ڇلڻ ۽ رڌڻ وارا بورچي تجربيڪار ۽ قابل ٿين ٿا، پر ان هوندي به انسان کان سوچي سمجهي يا بي خياليءَ ۾ غلطي ٿيو وڃي ۽ بورچي به هڪ انسان آهي. هن مڇيءَ کي تيار ڪرڻ وارن بورچين کي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قلمي ڪورس ڪرڻا پون ٿا، ان بعد هنن کي ڪيترائي سال قابل بورچيءَ جي نگهباني هيٺ ڪم ڏسڻو، سکڻو ۽ ڪرڻو پوي ٿو- ويندي بورچي ٿيڻ لاءِ لکت جا ڏکيا امتحان به ڏيڻا پون ٿا، جيڪي هوائي جهاز جي پائليٽ يا ڊاڪٽر ٿيڻ وارن امتحانن کان به ڏکيا ۽ سخت ٿين ٿا، ان هوندي به ڪيترا مانوارا مهمان بورچين هٿان موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا ۽ تازن انگن اکرن موجب جپان جي مختلف هوٽلن ۾ هر سال 70 کان سؤ ماڻهو پفر مڇي کائڻ وگهي مرن ٿا ۽ اهي ماڻهو ڪي عام ته نه هوندا. جيڪي ماڻهو معمولي ماني کائڻ لاءِ ڏهن کان 25 هزار رپيا ڏئي سگهن ٿا اهي امير ۽ اهم ماڻهو ئي هوندا.
مون کي ياد ٿو اچي ته 1975ع ۾ اهڙي موت جو شڪار هتي جو هڪ مشهور ائڪٽر متسو گورو (Matsugoro Bando) ٿيو هو. هي همراهه هتي جي خاص اسٽيج ڊرامن (ڪابوڪي) جو بهترين اداڪار هو، جنهن هتي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿي ۽ جنهن کي مرڻ بعد هتي جي حڪومت ”جپان جي قومي خزاني جو سدا حيات هيرو“ جو خطاب ڏنو هو. ڪيوٽو جي هڪ اعليٰ ريسٽورنٽ ۾ جتي بيحد قابل ۽ ناليرا بورچي ڪم ڪن ٿا، اُتي هو فُوگو (پَفر) مڇي کائڻ سبب مري ويو. باوجود ڪوشش ۽ محنت جي بورچي مڇيءَ مان مڪمل طرح زهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هوندو ۽ متسو گورو جهڙي اداڪار کي هيءَ مڇيءَ کائڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ پئسن سان گڏ پنهنجي جان به ڏيڻي پيئي.
هڪ هوٽل جي مالڪ ٻڌايو ته هن مڇيءَ جي زهر جو شڪار عجيب ڏکوئيندڙ موت مري ٿو. ڪيڏي بيوسيءَ جي ڳالهه آهي ته مرڻ واري جو آخري ساهه تائين دماغ سالم رهي ٿو، پر ڳالهائي نٿو سگهي. هو هر هڪ ڳالهه صاف سمجهي رهيو هوندو آهي، پر هن جو ڳالهائڻ ۽ چرپر صفا بند ٿيو وڃي ۽ پوءِ جلدئي ساهه کڻڻ کان عاجز ٿيو پوي.
”هن مڇيءَ جو زهر ڪيترو خطرناڪ آهي؟“ شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن مون هن مڇيءَ بابت ٻڌو ته هڪ ڏينهن يوڪوهاما بندرگاهه ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي ڊاڪٽر کان پڇيو هو.
”توکي ڪهڙي نموني سان سمجهايان....“ هن ڪجهه گهڙيون سوچي مون کان پڇيو: ”Cynide جو زهر سمجهين ٿو؟“
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو جو مون کي ان بابت معلوم هو ته ان مان ٻوڙيل سئيءَ جي چهنب ڪنهن کي لڳي وڃي ته مري پوي. جنگ دوران ان ڪيميڪل جي گوري جاسوس سپاهين کي ڏني ويندي آهي ته دشمن جي ملڪ ۾ پڪڙجي پوڻ بعد ذهني ۽ جسماني عذاب کان بچڻ لاءِ هيءَ گوري کائي پنهنجو جهٽ پٽ موت آڻين.
”فُوگو مڇيءَ جو زهر“ ڊاڪٽر ٻڌايو، ”سائينائيڊ جي زهر کان 1200 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
اسان وٽ عاشق صاحب محبوبا جي محبت کان مايوس ٿيڻ تي زهر جو ڪٽورو پيئڻ جو هن کي دڙڪو ڏيندو آهي. يا سچي محبت ثابت ڪرڻ لاءِ محبوبا طرفان تحفي ۾ آيل وِهه جو وٽو اکين تي رکي پي ويندو آهي چي:

جن نه پيتا ٿي لڙڪ
تنهنجي چئي زهر پي ويا.

اهڙيءَ طرح جپاني عاشق کي عشق ۾ ناڪامي حاصل ٿيڻ تي فُوگو مڇي ياد ايندي آهي، تڏهن ته جپانيءَ جي هڪ مشهور شاعر يوسانو (Yosano Buson) پنهنجي محبوبا جي بي وفائين ۽ واعدي خلافين کان بيزار ٿي اڄ کان اڍائي سؤ کن سال اڳ چيو هو:

”اڄ رات به جيڪڏهن هوءَ نه آئي
ته پوءِ مونکي هن جي پچر ڇڏڻي پوندي
آئون وڃي فُوگو کائيندس.“

منهنجي خيال ۾ شاعر جو پنهنجي محبوبا لاءِ هي انتها درجي جو پيار آهي. هن جي بيوفائين بعد هو پنهنجي محبوبا کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو. يعني هن کي عقل اها راهه ٻڌائي ٿو. پر هن کي خبر آهي ته هن جي دل ۾ پنهنجي محبوبا لاءِ ايڏو پيار آهي جو ٺلهو فيصلو ڪرڻ سان هو ان کي ڇڏي نه سگهندو. هن کي موت ئي ان راهه تان هٽائي سگهي ٿو ۽ هو يقيني ۽ اڻ ٽرندڙ موت چاهي ٿو. يعني هو فوگو مڇي کائيندو، جنهن جي زهر کان بچڻ ناممڪن آهي.
جپاني ته هن مڇي (فُوگو) جي تعريف ڪن ٿا، پر اسان ڌارين مان جن هيءَ مڇي چکي آهي ٻڌائين ٿا ته ”پَفر (فُوگو) جو گوشت عام مڇيءَ جهڙو هجڻ بدران ڪڪڙ جي گوشت جهڙو لڳي ٿو ۽ کائڻ بعد هاضمي ۾ هڪ وڻندڙ ۽ گرم اثر جو احساس ٿئي ٿو.“
سوال ٿو پيدا ٿئي ته پَفر (فُوگو) フグ مڇيءَ جو سواد ڪڪڙ جهڙو هجي يا تتر جهڙو پر ڇا اها ڪا اهڙي وڏي ڳالهه آهي جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي ايڏو وڏو Risk کڻڻ کپي. مڇيءَ جا ڪجهه حصا جهڙوڪ جيرو، آنڊا، بڪيون Ovaries وغيره سخت زهريلا آهن، جيڪي ڪڍڻ مهل باقي گوشت کي رڳو Touch ٿي وڃن ته به کائيندڙ مريو وڃي ۽ هي موت منٽن جا فيصلا ٿئي ٿو. کائيندي کائيندي مانواري ميزبان جا هٿ ڏڪن ٿا ۽ هٿ ۾ جهليل Chop Sticks جو پليٽن تي وڄڻ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ يڪدم هن جي هٿن مان چاپ اسٽڪس (يا ڪانٽو ڇُري) ڇڏائجيو وڃي. هن جي جسم جي چرپر بند ٿيو وڃي. ايتري قدر جو هو چَپ چوري ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن کي ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف محسوس ٿئي ٿي ۽ گهُٽجيو مريو وڃي. نانگ جي زهر يا ٻين زهرن جو ته ڪونه ڪو علاج آهي، پر پَفر مڇيءَ جي زهر Tetrodotoxin جي اڄ ڏينهن تائين ڪا دوا (Antidote) ايجاد ٿي نه سگهي آهي. ”هڪ جوان مڙس جي موت لاءِ هن زهر جو هڪ يا ٻه ملي گرام ڪافي آهي.“ اهو هڪ دفعي هتي جي ٽي ويءَ تي هڪ نيورو سرجن ٻڌايو هو، ”۽ اهو زهر جو ايترو ذرڙو آهي، جيڪو ٽاچني يا سبڻ واري سئيءَ جي چهنب تي اچي وڃي ٿو.“ ڊاڪٽر معلومات ۽ خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جپان ۾ رهندڙ اسان جهڙن ڌارين، خاص ڪري جهازين کي ٻڌائي رهيو هو.
"Puffer toxin block sodium channels in nerve tissues, ultimately paralyzing muscles. Respiratory arrest is the cause of death."
جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته پفر (فوگو) مڇي صاف ڪرڻ ۽ ڇلڻ وارا بورچي تمام تجربيڪار ۽ ڄاڻو ٿين ٿا _ خاص ڪري جپان ۾ ته پفر مڇي تيار ڪرڻ وارن بورچين لاءِ ٽريفڪ جي قانونن کان به وڌيڪ قانون ٺهيل آهن، جيئن مڇيءَ جا زهريلا حصا اهڙي نموني سان ڪپي ڌار ڪيا وڃن جو اهي باقي کائڻ واري گوشت اڳيان نه ڦاٽن ۽ نه وري ان کي ڇُهن. پر ڪڏهن ڪڏهن بدقسمتيءَ سان گوشت جي ڪا ڳڀي، ڪا ذرڙي زهريلي ٿي وڃڻ ڪري اها کائڻ وارو مهمان مريو وڃي. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ڪجهه دوست گڏجي هوٽل ۾ ماني کائڻ وڃن. ويندي وقت کلندا ڪڏندا وڃن ۽ پوءِ ڪلاڪ اڌ بعد هو هڪ جو لاش کڻي ٻاهر نڪرن.
اهڙي ئي هڪ نظاري تي جپاني هڪ گيت (Senryo) جو شعر آهي:

رات هوءَ ۽ آئون فوگو کائڻ وياسين
اڄ هن جي لاش کي
ڪلهو ڏيو پيو وڃان.

هيڏي خطرناڪ موت بعد به پفر (فوگو) مڇيءَ جو وڪرو ڏينهون ڏينهن نه رڳو وڌي رهيو آهي، پر ان جي قيمت به وڌي رهي آهي. سمنڊ مان ملڻ جي کوٽ تي ڪيترن ماڻهن پفر مڇيءَ جا فارم ٺاهيا آهن، جتي حوضن ۾ هيءَ مڇي پالي وڏي ڪئي وڃي ٿي. هڪ هوٽل ۾ هن مڇيءَ بابت ڀت تي لڳل وڏي پوسٽ تي لکيل هو:
Those who drink fugu soup are stupid.
But those who don't drink fugu soup are also stupid.
پفر (فوگو) مڇي جپان جي هر شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ۾ Serve ٿئي ٿي، پر سڀ کان گهڻي شمونوسيڪي شهر جي هوٽلن ۾ هلي ٿي. شمونوسيڪي شهر کي ان ڪري ”فوگو جو شهر“ (Fugu City) پڻ سڏيو وڃي ٿو. جپان کان ٻاهر رهندڙ جپاني پڻ هن مڇيءَ جو سواد وٺڻ چاهين ٿا، پر ڪن ملڪن ۾ پفر مڇيءَ جي وڪري ۽ رڌ پچاءَ تي سخت بندش آهي. آمريڪا پڻ انهن مان هڪ آهي. هاڻ ڪجهه سالن کان شمونوسيڪي جي هڪ ڪمپنيءَ کي آمريڪا ۾ فوگو مڇي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملي آهي ۽ آمريڪا جي ”فوڊ ۽ ڊرگ ائڊمنسٽريٽر“ ان مڇيءَ جي اجازت ان شرط تي ڏني آهي ته اها مڇي جپان مان ئي صاف ٿي ايندي. يعني هن جا زهريلا حصا جپان ۾ ڪڍي صاف ڪري پوءِ آمريڪا موڪلي ويندي ۽ ان ڳالهه جي هر دفعي تصديق شمونوسيڪيءَ جو ميئر ڪندو. آمريڪا ۾ جن هوٽلن ۾ هيءَ مڇي Serve ٿئي ٿي، انهن مان نيويارڪ جي ”نپان ريسٽورنٽ“ هڪ آهي، جتي فوگو جي ڊنر لاءِ هر ماڻهوءَ کي 160 ڊالر (يعني 13 هزار رپيا) قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، جيڪڏهن هن جي قسمت سٺي آهي ته، نه ته ان 160 ڊالرن سان گڏ قيمت ۾ پنهنجي جان به ڏيڻي پئجي سگهي ٿي!
هونءَ فوگو مڇي گهڻو ڪري ڪچي کائي وڃي ٿي ۽ بورچي هن جون وڏيون ڳڀيون ڪرڻ بدران تمام سنها پاپڙن جهڙا ذرڙا بلڪ بلڪل ڇلرن جهڙا ٽڪرا، سنهي ڪپ سان ڪپي رکي ٿو ۽ اهي Corn Flakes جهڙا سنها ۽ ننڍڙا ڇلر پليٽ تي گلن ۽ پکين جي شڪل ۾ سينگاري گراهڪن اڳيان پيش ڪري ٿو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جنهن همراهه جو هن مڇي کائڻ سان موت ٿيو آهي، ان جي اڳيان هن مڇيءَ جي ٽڪرن کي ڪونج (Crane) جي شڪل ۾ سينگاري رکيو ويو هو ۽ مرڻ واري جي ڇا ته بدقسمتي چئبي جو جپانين جي عقيدي موجب هي پکي (ڪونج) وڏي ڄمار جي علامت مڃيو وڃي ٿو ۽ هن غريب جي ڄمار وڏي ٿيڻ بدران اتي جو اتي مختصر ٿي وئي!
اسان کي ته وري به خبر آهي ته هيءَ مڇي خطرناڪ آهي، پر بکايل جانور هن مڇيءَ جا هر وقت شڪار ٿيندا رهن ٿا. جپانيءَ جو هڪ مشهور هائيڪو آهي، جنهن جي شاعره هاشيموتو (Haishimoto Takako) چوي ٿي:

Fugu no wata
Tobetaru ino ga
Umi o miru

فوگو مڇيءَ جا زهريلا حصا (آنڊا، گجي، بڪيون، جيرو وغيره)
ڪتي کاڌا (سمنڊ جي ڪناري تي بک ۾ پاهه ڪتي کائي ته ورتا)
سمنڊ ئي ڏسڻو پيس. (يعني هو موت جي منهن ۾ هليو ويو)

آئن فلمينگ جي مشهور ناول From Russia with Love ۾جيمس بانڊ کي جنهن زهر سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ان بابت Dr.No ناول (۽ فلم) ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو زهر ڪنهن نانگ جو نه پر فوگو مڇيءَ جو هو.
دنيا جي هيءَ سخت ترين زهريلي مڇي، جنهن کي جپاني ته فوگو سڏين ٿا، پر انگريزيءَ ۾ پفر کان علاوه ٻين نالن سان پڻ سڏجي ٿي، جهڙوڪ: بِلو (Blow) فش، Globe Fish, Swell fish وغيره. اهي سڀ نالا سندس ڦوڪجي ٿلهو ٿيڻ ڪري رکيا ويا آهن. هن جي پيٽ ۾ هڪ قسم جي ڳوٿري ٿئي ٿي. ڊپ جي حالت ۾ هوءَ ان ڳوٿريءَ کي پاڻي يا هوا سان ڀري پنهنجي سائيز کان ٻيڻو بنائي ٿي. دشمن کان بچڻ لاءِ يا حملي ڪندڙ کي ڊيڄارڻ لاءِ قدرت هن کي اهو طريقو بخشيو آهي. ڦوڪجڻ وقت هوءَ اهڙو سخت ٿيو وڃي جو ان مٿان جيڪر ماڻهو چڙهي بيهي ته به اِها نه دٻجي! پفر مڇيءَ جو سائنسي نالو Tetrodontiformes آهي.