سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

مھاڳ

مھاڳ

هڪ پنجابي لوڪ گيت آهي ته ”جتي ناچڻي پير ڌَر دي_ اُٿي اُگدا سَرو دا بُوٽا“ يعني جتي نچڻي پير ڌري ٿي، اتي سرنھن جو ٻوٽو ڦٽي پوي ٿو. سرنھن جو ٻوٽو جڏهن ڦولاربو آهي ته ڏند ڪٿائن موجب چٽي چانڊوڪيءَ ۾ اُتي پريون رقص ڪرڻ اينديون آهن. انھيءَ ”سرنھن جي ٻوٽي وانگر“ جڏهن به الطاف شيخ ڪنھن جھاز تي پير ڌري ٿو ته ڪونه ڪو عظيم سفرنامو سرجي پوي ٿو.
بيشڪ! عظيم تخليقڪار انسان کي خلقي ٿو پر سفر انسان جي ”ضمير ۽ خمير“ کي محبت ۽ درد جي مٽيءَ مان ٻيھر ڳوهي منجهس نوان ڪيف جا رنگ ڀري ٿو. ڊگهي سفر جي سڦلتا اها هجي ٿي جو انسان خوشين کي کلي ڀليڪار ڪري ئي ٿو پر ڏکن کي به سنگي ۽ سکي بڻائي وٺي ٿو. سفر جي فلسفي کي ”من عين“ سمجهڻ کان سواءِ ڀٽ ڌڻي بادشاهه جون هي سٽون پوريءَ ريت هيانءُ سان هنڍائي نه سگهبيون:

تنين ڏکن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو،
جان ڪي هياس جبل ۾، تان هئا مون پاس،
جڏهن پنهل کي ملياس، ته ويچارا ويا هليا. (شاهه)

هالا حويليءَ جو شھزادو نينگر عبداللطيف، بادشاهه جنھن جا مريد هجن سو پيراڻي گهر جو سڄو سک ۽ چين ڇڏي، انھيءَ وهي ۾ سفر تي نڪري ٿو، جنھن وهيءَ تي جنس جي تفريق کان سواءِ سچل، بيدل ۽ افلاطون وغيره جي ڌرتين جا ماڻهو عشق ڪمائيندا آهن انھيءَ ”ٻال_ جتيءَ“ واري وهيءَ ۾ سفر جي سڦلتا سان ڀٽائيءَ تي انڪشاف ٿيو ته :

اڳي ائين هئاس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا ،
هاڻي هينءَ ٿياس، جو جت نه نين پاڻ سين. (شاهه)

آءٌ اڪثر سوچيندي آهيان ته ”رام“ ته ”سيتا“ کي اڳ ۾ ئي حاصل ڪري ورتو هو پر پوءِ هن چوڏهن سالن جو بنواس ڇو ورتو. سيتا جنھن لاءِ ”رامائڻ“ ۾ آهي:
”... وڻن جي جهڳٽي مان سيتا رام ڏانھن نھاريو، سندس نظرون رام تي ايئن ڄمي ويون، جيئن چڪور سرءَ جي چنڊ کي ڏسندو آهي. هن رام کي اکين وسيلي دل ۾ اوتوي ۽ اکين جي ڇپرن جا طاق بند ڪري ڇڏيا...“
سيتا جي ملڻ کان پوءِ هن ”بنواس“ ورتو، ڇاڪاڻ ته بنواس وٺڻ کان سواءِ هو ڪڏهن به رام بڻجي نه سگهي ها. بلڪل ايئن،جيئن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعراه ”امرتا پريتم“ پنھنجي ”ڪروڙين ڪرشمن“ واري هن نظم ۾ لکيو آهي ته :
”اي رانجها! جيڪڏهن هيءَ تتي هير توکي پيار مان ’رانجهو‘ نه ڪوٺي ها ته ڀل سڄي ڪائنات توکي ’رانجهو‘ چوي ها، ته به توکي دنيا ۾ ’پيار ڀرئي رانجهي‘ جي نالي سان سڃاڻڻ وارو ڪو به نه هجي ها.“
صدين کان پوءِ به اڄ ڇوڪريون
پنھنجي پنھنجي سڄڻ جو رکن ٿيون رانجهن نالو
آئي هير! رانجهن تنھنجو نالو

ٿورڙو تصور ڪريو! جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ آهن، انهن ماڻهن لاءِ ڪي گهڙيون سوچيو. انهن ٻارن لاءَ سوچيو جن کي مائرون گناهه وانگر ڄڻي روڊن ۽ رستن تي اڇلائي ويون. روڊن جي ٻنهي پاسن کان راتين جو فوٽ پاٿ تي سمهندڙ فقيرن جا ٽولا ۽ هيروئني جيڪي نشي جي علت سبب پنھنجي گهر ۽ عزيزن قريبن کان ڏور بي گهر بڻيل آهن. يا ڪي پرديسي آهن، جيڪي فساد يا جنگ جدل سبب پنھنجي وطن کان ڏور رهڻ تي مجبور آهن، انهن سڀني لاءِ ”نتن مڪيش“ جي ڳايل هن گيت جون هي سٽون هنيانءُ ۾ اڻ ڳڻيا وڍ وجهندڙ هونديون يا نه؟

جب رات ہوئیاورجنکےگھرتھے
گھروںکوگئےاورسوگئے
اور جب رات ہوئیہمجیسےآوارہ
گلیوںمیںگئےاورکھوگئے۔

جن ماڻهن وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آهي، انهن کي سفر جون اهي ڀوڳنائون ۽ گھرا مشاهدا عظيم انسان بڻائين ٿا. اڻ ڏٺي جو تجسس ۽ انھيءَ تجسس واري راهه تي هلڻ جي تمنا ئي ماڻهوءَ کي مھان بڻائي ٿي. تڏهن ته بلهي شاهه پنھنجي ”همزاد“ سان صلاح ڪري چوي ٿو :

”چل وےبلیااوتھےچلیےجتھےسارےآنے
ناں کوئی سادی ذات پچھائی ناں کوئی سانوں منے“

انھيءَ ”اڻ ڏٺي جي سفر“ مان ئي ماڻهوءَ جي محبوب سان ڏيٺ وائٺ ٿئي ٿي ۽ هو ايئن عظمت پڻي جي انھيءَ منزل تي پھچي ٿو، جتي کيس هر ٻيو ماڻهو پاڻ کان اتم ۽ اوچو نظر اچي ٿو. مثال طور:

”تسیں اُچےتسادی ذات اُچی، تسیں اُچ شہردےرہنڑ والے
اسیں قصوری تے ساڈی ذات قصوری، اسیں قصورشہردے رہنڑ والے“۔

سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ بلڪل ئي ٻه الڳ ڪم آهن ۽ مان اهو به چڱيءَ طرح سمجهان ٿي ته الطاف شيخ جو سفر ڪرڻ ۽ ڀٽائي ۽ بلهي شاهه واري سفر ۾ ڪافي فرق آهي ۽ ٻئي پاسي وري مان اهو قبولڻ لاءِ به تيار نه آهيان ته ڪو الطاف شيخ ”جھاز رانيءَ واري شعبي ۾ ملازم هئڻ ڪري مڙوئي پاڻ کي ڪرت ۾ جنبيل رکڻ لاءِ لکڻ کي ترجيح ڏي ٿو. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هن جا سفر ناما سنڌ اندر ايترا مقبول ۽ پبلشرن کي ڪمائي ڏيڻ واري صنف بجاءِ ذاتي ڊائريءَ کان وڌيڪ حيثيت نه رکن ها.“
الطاف شيخ سچ پچ به انھيءَ قول وانگر آهي ته : ”اديب انساني روح جا انجنيئر ٿيندا آهن.“ هڪ اهڙو مئرين انجنيئر جنھن سنڌي ٻوليءَ اندر، سفر نامي جي صنف کي پسنديده صنف بڻائي ڇڏيو. الطاف شيخ کي سنڌي ٻوليءَ اندر سفرنامي جي صنف جو سرواڻ ڪوٺجي ته هروڀرو وڌاءُ نه ٿيندو.
شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ”سَرَ لوهيڙا ڳڀيا“ ۾ ڪڏهن لکيو هو ته اها صورتحال اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي، ته سنڌي ادب اسرافيل جي صُور تي اُٿي ته اٿي باقي في الحال ته ان جي نبض بيھجي وئي آهي. سو اسان جي ادب ۾ ٻيون صنفون ته کڻي ڪٿي به بيٺل هجن، پر سنڌي سفرنامي جي نبض گهٽ ۾ گهٽ بيٺل نه آهي ۽ اهو سڄو ڪريڊٽ سمنڊ جي سيني تي وڌ کان وڌ سفر ڪندڙ هن شخص ڏانھن وڃي ٿو، جنھن جي لکڻيءَ ۾ جاذبيت آهي. سندس خيال سادا ۽ عام فھم آهن. جڏهن ته تصور ۽ لفظن جي اڻت ڏانءُ آهي، انھيءَ ڪري هر منظر ۾ هو اهڙا ته رنگ ڀري ٿو جو پڙهندڙ کي ايئن پيو لڳي ڄڻ الطاف شيخ ڪنھن سفر دوران سندن سونُھون (Guide) هجي ۽ ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس سفرناما ڪنھن (Guide) جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن.“ اها ئي سندس ڊڪشن جي خوبصورتي آهي جيڪا کيس منفرد ۽ نرالو بڻائي مھان ليکڪن جي صف ۾ بيھاري ٿي.
سفرنامو لکندي الطاف شيخ ڪٿي به دانشوراڻي ٺاهه ٺوهه ڪندي ويھن ئي ننھن ۽ ٻٽيھن ئي ڏندن جو زور نه ٿو لڳائي ۽ هن جپاني هائيڪي وانگر ته :

”ڪيڏي نه خوشي ٿي ٿئي
جڏهن آءُ ڪاغذ پکيڙي
پنھنجو برش کڻان ٿو
۽ ڏسان ٿو ته هو
منھنجي توقع کان چڱي
مصوري ڪري رهيو آهي.“

بلڪل مٿين سٽن وانگر جڏهن هو سفرنامو لکڻ ويھي ٿو تڏهن کيس اهو اندازو بلڪل نه هوندو ته سندس لکڻي ڪيڏي نه ”پراثر“ ۽ ”پر سوز، معنيٰ خيز ۽ وڻندڙ آهي.“ سندس لکيل ڳالهيون ايتريون ته دل جي ويجهو هونديون آهن جو ساڻس ڪتابن ذريعي سفر ڪرڻ ۾ بلڪل ئي پڙهندڙ کي اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي. سندس قلم چٽساليءَ وارو ڪم ڪري ٿو. هن جا بيان ڪي ڪردار پڙهندڙ جي آڏو گهمندي ڦرندي جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. جايون، هنڌ ۽ ماڳ ته ايئن محسوس ٿين، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ اتي موجود هجي. نه صرف ايترو پر سنڌي سفرنامي جي سونھري سفر جو هي سرواڻ ليکڪ جتي به وڃي ٿو اتان جو علم، ادب، فلسفو، تاريخ، مذهب ۽ جاگرافي وغيره کڻي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏئي ٿو ته وٺو ۽ وڃي علم ۽ عقل سان ڀرجهلا ٿيو.
هونءَ به سمنڊ اندر هڪ الڳ ۽ انوکي ڪائنات آباد آهي، جيڪا هميشھ کان تخليقڪار، ليکڪن، شاعرن لاءِ سڪون، اتساهه ۽ آٿت جو ثمر ثابت ٿي آهي. پيار مان ’پپو‘ ڪوٺجندڙ ’الطاف شيخ‘ ڪنھن انٽرويو ۾ ذڪر ڪندي پاڻ به چيو هو ته : ”منھنجي خيال ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن جن کي ڏسي ماڻهو بيزار ناهي ٿيندو. هڪڙو سمنڊ ۽ ٻيو آسمان. لکڻ وقت چاهيندو آهيان سمنڊ هجي، ٻيڙي هجي، بادل هجن ۽ مينھن پيو وسندو هجي.“ سندس انھيءَ شاعراڻي اظھار مان محسوس ٿئي ٿو ته پراسرار سمنڊ جون ڇوليون ئي سندس حياتيءَ ۾ ڪشش جو سبب آهن.
اها حقيقت ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي ”سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جَرَ وهي ٿو جال“ مان پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿي. لڳي ٿو ته الطاف شيخ ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي انھيءَ دعا مان رڱجي ويو آهي:
”جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين“ (شاهه)
ملڪان ملڪ سفر ۾ رهڻ ۽ مھينن جا مھينا پنھنجي وطن کان ڏور رهڻ جي باوجود به هو پنھنجي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کان هڪ پَلُ به ڌار نه ٿي سگهيو آهي. محاورن، مثالن، چوڻين ۽ تشبيھن جو ته ڄڻ خزانو کيسي ۾ کڻي هلندو هجي. جپان جي خوبصورت ثقافتي لباس ”ڪمونو“ جي ذڪر کان وٺي اتان جي جبلن جي خوبصورتيءَ جي منظرڪشيءَ تائين ۽ ٽوڪيو جي ”گيشا گرل“ جي سماجي ڪارج، حسن ۽ ادائن ۽ آخر ۾ پوڙهن عاشقن کي ڦاسائي انهن کي ڦري فقير بڻائڻ تائين ۽ هيروشيما جي پوڙهي عورت ”يائيڪو“ جي ڏک ڀري ڪھاڻي ڪندي ڪندي، جڏهن اوچتو ئي اوچتو هالا جي اجرڪ ۽ سوسي، سنڌي رلهي ۽ ٽُڪ جو قصو ڪڍي ٿو ته پڙهڻ واري کان ڄڻ ڇرڪ نڪريو وڃي.

نَوَ نيئر ڏهه ڏانوڻيون، پندرهن پند پياس
بگهاڙيو بغلن ۾، کين لوهه لڳياس
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي. (شاهه)

الطاف شيخ جي ”قصي گوئيءَ“ جو هي ڏيک مون کي مشھور داغستاني شاعر رسول حمزاتوف جي ياد ڏياري ڇڏي ٿو. پنھنجي وطن جا وڻ ۽ گاري جا لنبيل ڪچا گهر، مصر جي اهرامن ۽ آمريڪي عظيم شاهراهن کان وڌيڪ مٺا ڪيئن ٿا ٿين؟ هن جي نظر ۾ دنيا جي سڄي خوبصورتي سندس ننڍڙي ڳوٺ داغستان تي دنگ ڪيئن پئي ٿئي؟ اچو ته رسول حمزاتوف جي انهن املهه سٽن کي وري ياد ڪريون:
”مان هندستان جي مندرن کان، مصر جي اهرامن کان، اطالوي محلن کان معافي ٿو وٺان. آمريڪا جي شاهراهن، پئرس جي خيابانن، برطانيا جي پارڪن ۽ سوئيٽزرلينڊ جي من موهيندڙ پھاڙن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. پولينڊ ،جپان ۽ روم جون خوبصورت عورتو! مون کي معاف ڪجو. مان توهان سڀني جي جلون کان متاثر ٿيو آهيان...
”پر جڏهن مان پھاڙن جي سربلند چوٽين جي وچ ۾ ٽڙيل پکڙيل پنھنجي ڳوٺ جي انهن ٽيھن ڪچن گهرن کي ڏسان ٿو ته ايئن ڇو ٿيندو آهي ته منھنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي. منھنجي پاسراٽين ۾ مون کي درد گاڏڙ ڇڪ محسوس ٿيندي آهي. منھنجي اکين ۾ کيپ چڙهي ويندا آهن، منھنجي دماغ کي چڪر اچڻ لڳندا آهن، ائين لڳندو اٿم ڄڻ آءٌ مدهوش ٿيندو پيو وڃان ....
”ڇا انھيءَ جو مطلب اهو آهي ته داغستان جو هي ننڍڙو ڳوٺ وينس، قاهره يا ڪلڪتي جھڙن شھرن کان وڌيڪ خوبصورت آهي. يا مان پھاڙن جي اوٽ مان ڪاٺين جي ڀري کڻي ويندڙ جنھن سادي عورت کي ڏسان ٿو، اها ’اسڪينڊي نيويا‘ جي ڪنھن قداور ۽ سونھري وارن واري دوشيزه کان وڌيڪ حسين آهي.“
الطاف شيخ موجوده وقت ۾ اهو اڪيلو ليکڪ آهي، جنھن جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي رفتار ٻين اديبن ۽ شاعرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هڪ ئي وقت جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن. نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ اخبارن لاءِ ڪالم پڻ لکي رهيو آهي. مان ته سوچيان ٿي هي سيلاني هيڏا سارا ڪم هڪ هنڌ ڪيئن ٿو ڪري؟ مھينن جا مھينا سفر ۾ لکڻ لاءِ ماحول ڪيئن ٿو جوڙي؟ پر انھيءَ جي باوجود هن جي لکڻين ”مقدار ۽ معيار“ واري چوڻيءَ کي پڻ ڪنھن حد تائين ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. انھيءَ چوڻي مطابق ”گهڻو لکبو ته معيار برقرار رهي نه سگهبو“ پر الطاف شيخ جي هن ”معيار ۽ مقدار“ جي وچ ۾ وڇوٽي نه وجهڻ واري وارتا انھيءَ سچ کي هڪ دفعو ٻيھر سچو ثابت ڪيو آهي ته : ”انسان پنھنجا قائم ڪيل رڪارڊ پاڻ ئي ٽوڙيا آهن.“ سو سفرنامن جي سرواڻ پنھنجي پوري معيار سان قلم جي اڃا تائين مس سُڪڻ نه ڏني آهي تنھن ڪري سندس هر سفرنامو اهڙو حسين محبوب بڻجي پوي ٿو جنھن لاءِ نظير نيشاپوريءَ هيئن چوي ٿو:

”محبوب جي پيرن کان وٺي
مٿي جي چوٽيءَ تائين جسم جي
جنھن هنڌ نظر وجهان ٿو
ان هنڌ جو حسن
دل جي پلاند کي سٽ ڏئي چوي ٿو
سڀ کان سھڻي جڳھه هيءُ اٿئي!“

مون جھڙي ننڍڙي ليکڪا لاءِ سچ پچ به اهو هڪ اعزاز آهي ته الطاف شيخ جھڙو مھان ليکڪ پنھنجي ڪنھن عظيم سفرنامي جي مھاڳ لکڻ لاءِ مون کي چوي . آءٌ بلڪل سچ ٿي لکان ته مون کي ڪجهه به نٿو اچي. هي ڪجهه سٽون ته الطاف شيخ لاءِ منھنجي عقيدت جو صرف اظھار آهن.
منھنجي حصي ۾ آيل سفرنامو ”جپان جي سفر“ تي مشتمل آهي.
”گرم پاڻِيءَ جي چشمن“ ۽ خوبصورت جبلن جي هن ديس جپان جي سفرنامي جو آغاز به الطاف شيخ جپان جي خوبصورت پوشاڪ ”ڪمونو“ پھريل پوڙهين جي ڏينھن سان ڪري ٿو ۽ هو پڙهندڙڻ کي ڄڻ ته انٽرٽين ڪندو هجي ته ڪيئن نه جپاني عورتون (پوڙهيون) سارو سال پئسا گڏ ڪري، هن خاص ڏينھن جي محفل سجائين ٿيون. پاڻ به جهمريون پائين ته آيل مھمانن کي به پارائين ٿيون. هن ڏينھن تي اهي تحفن جي ڏي وٺ پڻ ڪن ٿيون. الطاف شيخ جي هن سفر جو هي پھريون باب ڄڻ ته اسان جي پوڙهن لاءِ اتساهه ۽ ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته سبق هجي، جيڪي چاليھن سالن جي عمر کان پوءِ ”نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ“ واري زندگي گهارين ٿا، جن جي خيال مطابق ته هاڻي هو پٺتي پيا وڃن، تنھن ڪري گوڙ گهمسان، دهلن دمامن، ٺينگ ٽپن واري ڳالهه کين سونھي نٿي. جڏهن ته خوشين ڏيڻ وٺڻ ۽ ورهائڻ لاءِ مھل، موقعن کي ملهائڻ لاءِ ڪا به حد مقرر ڪيل نه هوندي آهي.
دنيا جي خوبصورت پوشاڪ ”ڪمونو“ واري باب ۾ ته مون کي الطاف شاعر لڳي ٿو. ٻارنھن تيرنھن وال ڪپڙ ي ۽ رنگ برنگي ڌاڳي سان اڻيل هن ڳري وڳي جي سونھن کي بيان ڪندي، جڏهن ماساجو (Masajo) جي شاعريءَ جو حوالوڏئي ٿو ته:

”سلڪ جي لَسي ’ڪمونو‘ جو
جسم کي ڇھڻ
يار جي دل ۾ وَڍَ وجهي رهيو آهي.“

۽ گڏوگڏ سندس ذاتي زندگيءَ جي وارتا ٻڌائي ٿو ته هوءِ شادي شده هوندي به پاڻ کان ڏهه سال ننڍي عمر واري جھازي دوست سان ڀڄي وئي هئي، تڏهن ائين ٿو لڳي ته الطاف شيخ جپان جي ادب کي ڪنھن جپانيءَ وانگر ئي پڙهيو ۽ پروڙيو آهي. بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل واري حصي مان خبر پوي ٿي ته جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هڪ ڪيوٽو ٻيٽ آهي، جنھن جي قدرتي سونھن ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا سياح اتي اچي ميڙاڪا ڪن ٿا. خوبصورت باغيچن جي وچ ۾ ٺھيل ننڍڙا ننڍڙا حوض سچ ته اکين کي آٿت ۽ من کي سرور ۽ ڪيف بخشين ٿا، پر ڪيڏو نه خوشنصيب آهي اهو سنڌي سفرناما پڙهندڙ جنھن کي الطاف شيخ چيچ کان وٺي اهي منظر ڏيکاري ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ته پڙهندڙ انهن گرم پاڻيءَ جي خوشبودار چشمن مان وهنجي سھنجي ڄڻ ته هلڪو ۽ صاف شفاف ٿي پيو هجي. چون ٿا ته جپان ۾ انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ ڳريون ڳريون ٽڪيٽون ڀرڻيون پون ٿيون. جڏهن ته الطاف شيخ کي پڙهندڙ اهو مزو ڪتاب جي معمولي قيمت مان ماڻي سگهن ٿا.
جپان جي سفر نامي ۾ Tujiجو اسڪول ۽ هڪ اڻوڻندڙ واقعو مون کي ڏاڍو وڻيو. مينھن ۾ ڀڄندڙ هيسيل ڇوڪريءَ کي پوڙهي ٽيڪسي ڊرائيور جي ڇٽي ڏيڻ واري وارتا الطاف شيخ ايئن بيان ڪئي آهي ڄڻ ڪا آرٽ مووي اکين آڏو هلندي هجي ۽ ماڻهو انھيءَ تجسس ۾ هجي ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ ۽ پوڙهو ٽيڪسي ڊرائيور جيڪو پھريان سڄي فلم ۾ ولن جو ڪردار نظر اچي ٿو پر ڪلائيميڪس سندس هيرو پڻي تي ٿئي ٿو. اهو ڏاڍو وڻندڙ هو، پر هيروشيما جي عورت ”يائيڪو“ جي درد جو داستان نه وري هينئن ۾ وَڍَ وجهي ٿو، جنھن جي ڌيءُ ”هيرو يوڪي“ نائين آگسٽ 1945ع تي هيروشيما تي ڪيرايل بم جو شڪار ٿي وئي هئي.“ ۽ هوءَ کيس چرين وانگر ڳولي ڳولي اڌ مئي ٿي پئي هئي، پر پوءِ به رڳو هڪ آس ئي سندس جيئڻ جو بھانو هئي ته اجهو سندس ٻچڙي موٽي آئي ۽ سندس ڪلهن تي هٿ رکي پنھنجي مٺڙي آواز ۾ کيس سڏ ڪندي ته : ”اوڪا سان“ (منھنجي ماءُ) آءٌ اچي وئي آهيان. هيروشيما تي بم ڪرڻ جو روداد ٻڌائيندي يائيڪو جا ڳچ ڳرن ٿا پر جس ته لھڻي الطاف شيخ جيڪو ان منظر کي پنھنجي برش بڻيل قلم سان ڪنھن مصور وانگر ذهن جي ڪينواس تي ائين چٽي ٿو جو پڙهندڙ پاڻ کي کنڊر بڻيل هيروشيما جي گهٽين ۾ محسوس ڪري ٿو. ڄڻ چؤ طرف لاشن ۽ مرڻينگ ماڻهن جا ڍير لڳا پيا هجن، اڀ ڏاريندڙ رڙيون آسمان کي چيرينديون، ڦاڙينديون هجن، ماڻهن جي جسم جا عضوا وڻن ۽ تارن مٿان ٽنگيل هجن ۽ هر هڪ بيوس بڻيل هجي.
ڌرتيءَ تي ٿيل انسان سان انهن ڏاڍاين کي پنن تي پلٽائڻ ڪو ايڏو سولو ناهي جيترو نظر اچي ٿو، پر ان لاءِ به رت پت ولوڙڻو پوي ٿو.
الطاف شيخ ڪيڏين نه محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو، پر سندس مقصد شين کي جيئن ڏسڻ تيئن پيش ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي، هو دنيا ۾ جتي به ڪنھن انسان سان ويساهه گهاتي ٿيندي ڏسي ٿو ته ان کي نندي به ٿو ۽ انهن موضوعن کي هاءِ لائيٽ به ڪري ٿو، جيئن ”انسان ذات جو دشمن پير“ واري حصي ۾ اوسھارا بابت ذڪر ڪيل آهي، جنھن تي الزام آهي ته هن ٽوڪيو اسٽيشن تي مسافرن تي سارن Sarin گئس سان حملو ڪرائي ڪيترائي ماڻهو ماريا ۽ زخمي ڪيا ۽ سندس من پسند ماڻهو هٽلر آهي.
يا وري اڳتي خبر پوي ٿي ته جپاني ماڻهو جيترا ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ آهن، اوترائي سادڙا به آهن جيڪي ڪنھن گروءَ جي چنبي ۾ ڪيئن نه آسانيءَ سان اچي وڃن ٿا ۽ سندس حڪم مطابق مھينن جا مھينا وهنجن به نٿا ۽ وارن جي چڳن مان ٺاهيل چانھه پي ڪيئن نه پنھنجي پير کي خوش ڪن ٿا.
پر جيئن انهن چيلن کي سندس گروءَ جي اصل ڪرتوتن جي خبر پوي ٿي ته هو هيساڪو بڻجي (ان ڌرم جي وزير خزانھ) پنھنجي مرشد کي ڪورٽ ۾ کلئي عام نندڻ کان نه نٿا ڪيٻائين.
جپان جي هن سفرنامي ۾ ”ڪجهه گيشائن بابت“ واري موضوع تي نه لکجي/ ڳالهائجي ته مھاڳ جيڪر اڌورو رهجي وڃي. هونئن به گيشائن بابت الطاف شيخ جي لکيل ڪتاب ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ پڙهيل هيم تنھن ڪري ان ۾ ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي پر ڪنھن به نئين پڙهندڙن لاءِ هي باب يقينن ڪشش جو سبب هوندو. جپان جي روايتي ڳري ۽ مھانگي وڳي ’ڪمونو‘ ۾ ڍڪيل ڪنھن ڪنوار وانگر خوبصورت، اعليٰ ڄاڻ رکندڙ، ادب آدابن کان واقف، مردن جي محفل ۾ ڪچھري قائم ڪرڻ ، راڳ روپ يا ناچ گاني ذريعي سندن دل وندرائڻ (نه ڪي انهن سان رات گذارڻ) واري گيشا جو ڪردار واقعي اسان جي سماج لاءِ هڪ نئين ڳالهه آهي ۽ اهي ڳالهيون اسان کي هڪ هنڌ سھيڙي ڏيڻ وارو صرف هڪڙو الطاف ئي آهي، جيڪو تجويزن، اعتراضن ۽ تنقيدي پرک واري بٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ کان پوءِ به پنھنجي شخصيت ۾ نياز نوڙت، سٻاجهي طبيعت، ڳالهائڻ ۾ ميٺاج ۽ هر ڪنھن سان گهلي ملي وڃڻ واري روا برقرار رکيو اچي. نه صرف ڀلوڙ ليکڪ پر هڪ سٺي ۽ سچي انسان الطاف شيخ سان پنھنجي پھرين مني ملاقات (فون ذريعي) اڄ به دل و دماغ تي ڇانيل آهي، جنھن هڪ ڏينھن پنھنجي آفيس ۾ معمول مطابق ماڻهن سان ڊيلنگ ڪندي ٽيبل تي پيل CD’s کي سھيڙيندي اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، جيئن ئي فون کنيم ته پريان آواز آيو. ”هيلو ماهين!“
مون چيو: ”جي.“
آواز آيو: ”مان الطاف شيخ ٿو ڳالهايان.“
پوءِ ته ڄڻ منھنجي ڳالهائڻ جو انداز ئي مٽجي ويو ۽ جي جي ۾ پوري ٿي ويس. (جيئن ڪو ماڻهو پنھنجي من پسند ماڻهوءَ سان ملي گهٻرائجي ويندو آهي).
الطاف شيخ صاحب ڳالهه کي مختصر ڪندي چيو ته جپان جي سفر بابت نئون ڪتاب (سفرنامو) لکيو اٿم، سوچيان ٿو ته اوهان ان لاءِ مھاڳ لکو. اهو ٻُڌي مون کي ته ڄڻ چپ لڳي وئي. (جنھن مھان ليکڪ سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ جي حسرت ئي اڃا پوري نه ٿي ته سندس ڪتاب تي مھاڳ لکڻ، منھنجي لاءِ نه صرف اعزاز آهي، پر تمام وڏو اعزاز آهي) سندس ڳالهه ٻڌي ٿورڙو گهٻرائيندي چيم، ”توهان جي سفر نامي لاءِ مھاڳ مان ڪيئن لکي سگهنديس؟“
چيائين، ”ڇو نه؟ اوهان ايترو سٺو ڪم ڪيو پيا، مان اوهان جا پروگرام ڏسندو آهيان، ڪالم پڙهندو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته توهان سٺو لکي سگهو ٿا.“
آخر ۾ چيائين ته: مان ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڪتاب جو مواد ۽ ڪجهه ٻيا پنھنجا ڪتاب موڪليندس. بس پوءِ ته ٻيا سڀ ڪم ويا وسري، دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيس ته واهه ماهين تنھنجي لئي _ الطاف شيخ جھڙي وڏي ليکڪ توکي پنھنجي ڪتاب جي مھاڳ لاءِ چونڊيو آهي. جيئن ئي گهر پھتيس ته امان کي به لفظ به لفظ ٻڌايم، هوءَ به خوش ٿي ۽ چيائين : ”مان به جوانيءَ ۾ الطاف شيخ جا ڪتاب ڏاڍي شوق سان پڙهندي هيس.“ جھڙوڪر امان کي به ماضيءَ جي موجن ۾ وٺي هلي ويس، پوءِ هوءَ به ڪيئي قصا ڪڍندي وئي.
نيٺ سڄو سفرنامو پڙهي پورو ڪيم ۽ پڙهڻ دوران شيون نوٽ به ڪندي ويس پر لکڻ جي سگهه نه پئي ڀانيم ته هيڏي ڀلوڙ ليکڪ جي لکڻ لاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان لکڻ شروع ڪيان، پر پوءِ هي مھاڳ به هن جپاني هائڪي وانگر اوچتو وجود ۾ اچي ويو ته :

اها ڪھڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي
ته سَون ڏينھن جي مٿي ماريءَ کان پوءِ
جو نظم تخليق نه ٿي ٿيو
اوچتو وجود ۾ اچي ويو.

ماهين هيسباڻي
فيبروري 2005ع
maheenhisbani@yahoo.com