سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

ڇا جپان ۾ اڇوت به آهن؟

ڇا جپان ۾ اڇوت به آهن؟

جپان وارن کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هنن جي قوم Homogeneous آهي، يعني ان ۾ ڪا گهٽ وڌائي، ڦِڏ ڦير، ننڍ وڏائي ۽ ملاوت مَير نه آهي. هڪ ئي قوم، هڪ ئي زبان، هڪ ئي قسم جي سوچ، عادتون، ريتون رسمون ۽ ڪلچر آهي. سندن منهن مهانڊا به هڪجهڙا ته قدبت به ساڳيو. جپان ۾ ڪو وچ ايشيا يا يورپ کان منگول يا سڪندراعظم جو لشڪر اچي نه رهيو ۽ نه عربستان يا ايران کان ڪو سيد يا شاهه اچي رهيو ۽ نه وري ننڍي کنڊ جي هيٺين ذاتين جا شودر شڪاري ۽ ٻيا اڇوت اچي جپان ۾ رهيا، جن مڪاني ماڻهن سان مڪس اپ ٿي هڪ نئون اتاهون يا نيچ نسل پيدا ڪيو. جپان هڪ الڳ ٿلڳ ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي ۽ جپاني پنهنجي فطرت ۾ ايڏا پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا Conservative ثابت ٿيا آهن جو ڪيترين صدين تائين ته هنن ڪنهن ڌارئين کي گهمڻ لاءِ به جپان ۾ اچڻ نٿي ڏنو. ساڻن هميشه لاءِ گڏرهڻ ۽ مڪس اپ ٿيڻ ته ٿي پري جي ڳالهه، گذريل صديءَ ۾ جيڪي ڪجهه اوسي پاسي جا چيني ۽ ڪورين اچي جپان ۾ رهيا اُهي به اڄ ڏينهن تائين ”ڪار ٻُوٿا“ سمجهيا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻ انهن جا پوٽا ۽ پڙپوٽا ۽ ڏهٽا پڙڏهٽا رهن ٿا ۽ جپاني ڳالهائين ٿا، ويندي سندن نالا به جپاني آهن ۽ سندن مذهب جپانين وارو ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم آهي ته به جپاني هنن کي ڌاريون سمجهن ٿا جو هنن جا وڏا ٻئي ديس کان آيا ۽ هو اڄ به پنهنجي ڏاڏن جي شڪلين سان ملن ٿا ۽ کين منهن مهانڊي مان ئي سڃاڻي سگهجي ٿو ته هي ڪوريا يا چين جا آهن. جپانين لاءِ پنهنجا ۽ عزت جا لائق فقط سندن جپاني آهن. غريب هجي توڙي امير، شهري هجي يا ڳوٺاڻو پر جي هو جپاني آهي ته اهو هنن لاءِ اتم اتاهون آهي.
پر اها ڳالهه سؤ سيڪڙو به صحيح نه آهي. جپاني هوموجينس قوم ضرور آهي پر جپان جي تاريخ جو اهو هڪ راز ۽ حقيقت آهي ته جپان ۾ جپانين جي هڪ ننڍڙي اقليت اهڙي به آهي جنهن کي پنهنجا جپاني ئي نيچ سمجهن ٿا ۽ هنن کان ائين پري ڀڄن ٿا جيئن برهمڻ اڇوتن کان. اهي اڇوتن جهڙا جپاني بوراڪومن (Burakumin) يا اِيٽا (Eta) سڏجن ٿا.
جپان ۾ انهن بوراڪومن جو تعداد اٽڪل 30 لک کن چيو وڃي ٿو، جيڪي پنهنجين ڪميونٽين ۾ مختلف ڳوٺن ۾ رهن ٿا. بوراڪومن (جن کي ٻيا جپاني ذري گهٽ اڇوت ئي سمجهن ٿا) شڪل شبيهه مان هرگز غير نٿا لڳن ۽ حقيقت ۾ غير آهن به ڪونه. انهن سان سندن ئي جپانين جو نفرت جو اظهار ڪو Racially ناهي ته انهن جو ڪو ڌارئين يا گهٽ ذات واري قوم سان واسطو آهي. بوراڪومن کي پنهنجي طرفان اها نفرت ۽ دوري سندن وڏن جي نوڪري ۽ ڪم جي نوعيت ڪري رهي آهي، جن جو ڪم قبرون کوٽڻ، ڪاسائي ٿي جانور ڪُهڻ يا گوشت ڪٽڻ، جانورن جي کلن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ هو، جن کي جپاني (جيڪي ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جا پوئلڳ آهن) خراب ۽ گندو ڌنڌو سمجهن ٿا جو انهن ڪمن ڪرڻ جو واسطو مئل شين سان رهي ٿو.
دراصل ٻڌ ڌرم جي پرچار موجب ڪنهن جانور يا جيت جڻيي کي مارڻ پاپ جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ٿائلينڊ ۾ (جتي جو مذهب پڻ ٻڌ ڌرم آهي) گهڻي ڀاڱي ڪاسائي اسان جا مسلمان نظر اچن ٿا. ٿائي ماڻهو پاڻ اهو ڪم ڪرڻ ۾ گناهه ۽ گهٽتائي سمجهن ٿا. سو هتي جپان ۾ به ٻڌ ڌرم مطابق اهي ماڻهو پاپي ۽ هيٺائين درجي جا سمجهيا وڃن ٿا جيڪي مارڻ جو يا مئل شين تي ڪم ڪن ٿا. ساڳي وقت شنتو ڌرم (جيڪو پڻ جپانين جو مذهب آهي) به ڪنهن کي مارڻ يا مئل شين جو وڪرو يا Treatment ڪرڻ (جيئن جانور جي کلن کي لوڻ ۽ ڪيميڪلن سان صاف ڪرڻ يا انهن مان جوتا ۽ بئگون ٺاهڻ) کي گندگي تصور ڪري ٿو. ان ڪري ڪيترا ڪاسائي ۽ چمڙي جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ انهن جو اولاد نفرت مان Eta پڻ سڏيا وڃن ٿا. جپاني لفظ اِيٽا جي معنيٰ آهي گندگيءَ سان ڀريل. ان کان علاوه اهي Hinin به سڏيا وڃن ٿا جيڪو پڻ هيٺائين درجي جو لقب آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”غير انسان“. ڪنهن زماني ۾ ته هي ڪم ڪندڙن ۽ انهن جي اولاد کي مقرر ٿيل ڳوٺن جي خاص حدن تائين محدود رکيو ويو ٿي ۽ کين ٻين سان ڳالهائڻ وقت عزت خاطر مٿي تي ٻڌل رومال يا ٽوپي لاهڻي پئي ٿي. ڪن هنڌن تي ته هنن بوراڪومن (اِيٽائن) کي مٿي ڍڪڻ کان مڪمل طرح منع ٿيل هئي. چاهي مينهن پيو پوي پر هنن کي اها اجازت نه هوندي هئي ته مٿي تي ٽوپي رکن يا ڇَٽي جهلي بيهن.
شيما زاڪي نالي هڪ جپاني ليکڪ 1859ع جو هڪ ڪورٽ ڪيس لکيو آهي جنهن ۾ مئجسٽريٽ اعلان ٿو ڪري ته ايٽا (يعني مٿي ٻُڌايل ڌنڌا ڪندڙ جپاني ۽ سندن اولاد) عام ماڻهن جي ستين حصي برابر آهن. يعني ست ايٽا (بوراڪومن) هڪ عام جپانيءَ جي برابر آهن.
ميجي حڪومت پنهنجي دور ۾ جپان کي ماڊرن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ 1871ع ۾ بوراڪومن کي ذليل نالن سان سڏڻ تي پڻ بندش وڌي ۽ انهن سان جيڪا Discrimination رکي وئي ٿي، ان تي بندش وڌي وئي يعني هو به ٻين عام جپانين وانگر جتي ڪٿي وڃي سگهيا ٿي ۽ مختلف نوڪرين لاءِ Apply ڪري سگهيا ٿي. ان قانون جي هڪ محدود پوئواري ضرور ٿي، خاص ڪري معاشي حالتن ۾، باقي سماجي طرح اڄ به بوراڪومن (Eta) گهٽ درجي جا تصور ڪيا وڃن ٿا. ويندي خانگي نوڪرين ۾ به، جيڪڏهن ڪارخانيدار کي خبر پئجي وڃي ته سندس ڪنهن ملازم جا ابا ڏاڏا ڪاسائي يا چمڙي جا واپاري هئا يعني ”ايٽا“ هئا ته ڪارخانيدار هن کي اهاني بهاني نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندو. خاص ڪري شاديءَ جي معاملي ۾ ته جپاني تمام احتياط کان ڪم وٺن ٿا ته سندن پٽ يا ڌيءَ جو عشق يا دوستي بوراڪومن جي پٽ، پوٽي يا پڙپوٽي سان نه ٿئي.
جيتوڻيڪ بوراڪومن ۽ غير بوراڪومن جپانين جو مذهب، زبان، شڪل شبيهه هڪ جهڙا ٿين ۽ جيسين ڪو ٻڌائي نه تيسين ڪنهن جپانيءَ جي شڪل ڏسي، اهو چوڻ ته هي بوراڪومن آهي ناممڪن آهي ۽ هر اهو جپاني جيڪو بوراڪومن آهي، يعني جنهن جي وڏن ڪاسائين، قبر کوٽڻ يا جانورن جي کَلن جو ڪم ڪيو، اهو پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن سوسائٽيءَ ۾ هو ننديو نه وڃي. شادين مرادين ۾ ڪنوار جا ماءُ پيءُ ڇوڪري جي اصل نسل جي وڏي پُڇا ڪن ٿا ۽ خبر پوڻ تي ٺهيل ٺڪيل رشتو ٽوڙيو ڇڏين. هنن کي ڇوڪري جي بوراڪومن هجڻ جي ڄاڻ پرائيويٽ جاسوسن کان به پوي ٿي جيڪي هِتان هُتان جون کوجنائون ڪريو بوراڪومن جون لسٽون ٺاهيندا رهن ٿا. ڪيترين حالتن ۾ ڪارخانيدار به انهن پرائيويٽ جاسوسن کي رجوع ڪن ٿا ۽ جڏهن پڪ ٿئين ٿي ته چونڊ لاءِ آيل ماڻهو بوراڪومن نه آهن ته پوءِ هنن کي نوڪري ڏين ٿا.
بوراڪومن کان علاوه ڪو غير بوراڪومن به ڪنهن اهڙي هنڌ تي نوڪري ڪري ٿو جتي مٿي بيان ڪيل ڌنڌا ٿين ٿا ته هن کي به گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. جپان ۾ رهندڙ منهنجن ڏهٽن کي پڙهائڻ واري هڪ ”غير-بوراڪومن“ ماسترياڻيءَ مون کي ٻڌايو ته هن کي هيءَ نوڪري ملڻ کان اڳ ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪريءَ لاءِ Apply ڪرڻ تي Reject ڪيو پئي ويو، فقط ان ڪري جو سندس انجنيئر پيءُ هڪ چمڙي جي ڪارخاني جو انچارج هو ۽ پوءِ جيئن ئي هن جي ٽرانسفر ٿي ۽ اليڪٽرڪ جي شين جي فئڪٽريءَ ۾ آيو ته کيس نه فقط مختلف هنڌن تي نوڪريون ملڻ شروع ٿي ويون پر شاديءَ لاءِ پڻ جلدي رشتو اچي ويو.
هونءَ ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اسان کڻي چئون به ته قبرون کوٽڻ، جانورن جي کَلن کي صاف ڪرڻ يا ڪاسائيءَ جو ڪم ڪرڻ ڏوهه يا گناهه جو ڪم آهي، جنهن جي سزا ملڻ کپي ته به اصول مطابق پيءُ جي ڏوهه جي سزا پٽ کي ۽ پٽ جي ڏوهه جي سزا پيءُ کي ته نه ملڻ کپي. ان حساب سان مٿيان ناپسنديده يا ڏوهن جا ڪم جيڪڏهن ڪيا ته به اڄ جي بوراڪومن جي وڏن ڪيا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به انهن جي نائين ڏهين پيڙهي کي Eta (گند سان ڀريل) سڏيو وڃي ٿو پوءِ چاهي اهي ڪهڙي به نوڪري يا ڌنڌو ڪندا هجن، ڪهڙي به شهر يا محلي ۾ رهندا هجن. جيئن اسان وٽ اڄ به باگڙي ڀيل کي گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو. نه فقط ڪولهي چُهڙو پر هر ماڻهو Discrimination جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. ويندي شيخ ميمڻ کي به گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ڀلي ڪو سيد پير چوي ته منهنجا وڏا پاڪستان ۾ ڊائريڪٽ عربستان کان آيا پر جيئن ته هو سنڌي آهي ته هن کي اسلام آباد يا لاهور ته ٺهيو پر ڪراچيءَ ۾ به ڄٽ سمجهي نوڪري يا جاب کان ڌڪاريو وڃي ٿو. ان نفرت ۽ ڌڪار لاءِ اسان جي ووٽن تي چونڊيل ميمبر به اسيمبليءَ ۾ نٿا ڪُڇن. پر هيڏانهن جپان ۾ اندازي مطابق رهندڙ ٽيهه لک بوراڪومن سان وڌيڪ خراب حشر آهي. جتي ٻي سڄي جپاني قوم اُتم ۽ اعليٰ آهي سواءِ هنن جي ۽ جتي جيتوڻيڪ اسيمبلي جا ميمبر ۽ انسانن جا حق ڏياريندڙ تنظيمون ان Discrimination کي مِٽائڻ لاءِ دانهون ڪن ٿيون ۽ باقي عوام دل سان اها ڳالهه مڃي به ٿو ته به Practically ان تي عمل نٿو ٿئي. بوراڪومن کي اڄ به اِيٽا (اڇوت) سمجهي ڌڪاريو وڃي ٿو. اسڪولن، ڪاليجن ۾ داخلا جو مسئلو، ٻين ٻارن سان راند کيڏڻ جو مسئلو، نوڪري حاصل ڪرڻ جو مسئلو، ويندي ڪنهن سان پيار محبت ڪرڻ جو مسئلو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته بوراڪومن ۽ باقي جپانين ۾ ڪو به ظاهري فرق ناهي. زبان ساڳي، ڌرم ساڳيو، جسماني بناوٽ ۽ سونهن سوڀيا ساڳي پر هو ڌڪار جو سبب ان ڪري بڻيل آهي جو هنن جي تڙڏاڏن جي به تڙڏاڏن اڄ کان سؤ يا ٻه سؤ کن سال اڳ قبرون کوٽڻ يا گوشت وَڍڻ جو ڪم ڪيو ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته جيئن اسان وٽ ڪيترائي باگڙي ڀيل جن کي اسان جي علائقي جا مسلمان توڙي هندو هيٺاهين درجي جا ماڻهو سمجهن ٿا، محنت ۽ عقل ڪري پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ڪيترن سيدن پيرن ۽ سمن سومرن کان مٿاهين ڏاڪي تي آهن ۽ اهي ئي باگڙي ڀيل ۽ ڏکڻ هندستان جون ٻيون اڇوت ذاتيون جن جا ماڻهو ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ڏي هليا ويا، اتي انسانن کي برابر جا حق ملڻ ڪري انهن جو اولاد، روينيو، قانون، بئنڪن وغيره ۾ وڏين نوڪرين ۽ عهدن تي آهن. اهڙي طرح جپان ۾ ڪيترائي بوراڪومن (اڇوت) موقعا ملڻ تي وڏا امير ٿي ويا آهن. پر ان هوندي به هنن کي پنهنجي ئي ذات پات ۽ ڳوٺ برادريءَ جا ماڻهو ڌڪارين ٿا.
ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد جڏهن جپان تي آمريڪن جو قبضو ٿيو ته آمريڪا سڀني لاءِ تعليم ڪمپلسري ڪري ڇڏي ۽ ڪيترائي بوراڪومن (جپاني اڇوتن) ان موقعي مان فائدو وٺي پڙهي ورتو، نه ته بوراڪومن کي پنهنجو نالو به لکڻ پڙهڻ نٿي آيو. ان دور جي هڪ مشهور هستي ناڪاگامي (Kenji Nakagami) آهي.
ناڪاگامي 1946ع ۾ وڪاياما علائقي جي شنگو ڳوٺ ۾ بوراڪومن (جپاني اڇوتن) جي گهر ۾ ڄائو ۽ پاڙي جو پهريون ڇوڪرو هو جيڪو اسڪول ويو. اسڪول جا ٻار کانئس پري ڀڄندا رهيا ٿي. ٻارن جا مائٽ خارون کائيندا رهيا ٿي ته هي آمريڪن ساڻن ڪيڏو ظلم ڪيو آهي جو اڇوتن کي علم ٿا ڏيارين. هڪ انگريزي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ناڪاگاميءَ چيو هو:
“If Japan hadn’t been defeated in the war, I wouldn’t have become what I am today”.
ناڪاگاميءَ پنهنجي ڳوٺ شنگو جي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ٽوڪيو مان گريجوئيشن حاصل ڪئي ۽ ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ بدران اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو. Bungei-Shuto نالي هڪ ادبي رسالي جي ادارتي بورڊ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو ۽ اخباري ڪمن سان گڏ ناول لکڻ تي پڻ ڪم شروع ڪيو. 1976ع ۾ سندس لکيل هڪ ناول مِساڪي تي کيس جپان جو اعليٰ ايوارڊ “Akutagawa” مليو. ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ناڪاگامي پهريون جپاني هو، جنهن کي اڪوتاگاوا انعام مليو.
ناڪاگامي پنهنجي مٿين ناول مساڪي (جيڪو The Cape جي نالي سان انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي) ۽ ٻين ناولن ۽ طويل ڪهاڻين ۾ پنهنجي ماحول بابت ٻين کي آگاهه ڪيو آهي ته اڇوت هجڻ جي حيثيت ۾ هڪ انسان کي ڪهڙين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ زندگي ڪيڏي ڏکي گذري ٿي. ناڪاگاوا جو هڪ ٻيو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول Snake Lust آهي. هي ٻئي ناول دنيا کي ٻڌائڻ خاطر ته جپان جنهن لاءِ مشهور آهي ته اتي جا سڀ ماڻهو هڪ ئي گروپ ۽ نسل جا آهن، اتي بوراڪومن جي هڪ ننڍي Minority کي سندن ڏاڏن پڙڏاڏن جي پورهئي جي نوعيت ڪري ”ايٽا“ (اڇوت) سمجهيو وڃي ٿو ۽ نه فقط کين ”گند جو ڍير“ سمجهيو وڃي ٿو پر هنن کان هرڪو پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناڪاگامي پاڻ کي بوراڪومن سڏائڻ کان هرگز لِڪَ نٿو ڪري. هو جپاني عوام ۽ دنيا کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جيتوڻيڪ جپان ۾ Caste System تي 1871ع ۾ مڪمل طرح بندش لڳائي وئي، ان هوندي به هن جهڙا انيڪ ننڍا وڏا تعصب ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسبا رهن ٿا. ٺهيل ٺڪيل رشتا شاديءَ جي موقعي تي ٽوڙيا وڃن ٿا. مليل نوڪريون واپس ورتيون وڃن ٿيون. پنهنجن ۽ پراون جون ٽوڪون ۽ طعنا ٻڌڻا پون ٿا.
جپاني ڪارخانيدار ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪنهن کي نوڪري يا ڌيءُ جو سڱ ڏيڻ کان اڳ اميدوار جو نسل ۽ وڏن جي اصل رهائش معلوم ڪري ٿو ته هن جي وڏن جو تعلق انهن ڳوٺن سان ته نه آهي جن ۾ بوراڪومن کي محدود رکيو ويو هو. جپان ۾ هر هڪ جي وڏن جي رهائشي ائڊريس جو رڪارڊ رهي ٿو ۽ ان ذريعي هر هڪ جي اصل جي خبر پئجيو وڃي توڙي کڻي هينئر هو ٽوڪيو جي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي گنزا يا شنجوڪو ۾ رهي ٿو. بقول اوساڪا جي ڪنسائي يونيورسٽيءَ جي هڪ تاريخدان مسٽر ساتوشي اوئيسڪوگي جي:
“We have the same skin and colour and we speak the same language. So the burakumin discrimination is difficult to understand from outside Japan. It’s because Japanese judge others by bloodline and birth place.”
انسانن جا حق وٺرائي ڏيڻ واريون ڪيتريون ئي بين الاقوامي تنظيمون توڙي ڪجهه اڪيلي سر مڪاني ماڻهو جپان جي هن Minority لاءِ لکت پڙهت ۾ ڪافي ويڙهاند ڪري رهيا آهن. انهن مان هڪ سوميئي (Sue Sumii) نالي نوي سالن جي جپاني عورت آهي جيڪا جيتوڻيڪ پاڻ بوراڪومن ناهي پر انهن جي حقن لاءِ گذريل اڌ صديءَ کان لکي رهي آهي. تازو هڪ جپاني فلم ”هاشي نو نائي ڪاوا“ نالي ٺهي آهي. (جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو The River with no Bridge سان ٿيو آهي) اها فلم سوميئي جي ساڳي نالي سان ڇهن واليومن جي ناول تي ٻڌل آهي جنهن ۾ بوراڪومن جي زندگيءَ جو غمگين داستان آهي. ان ۾ جپان جي هنن اڇوتن (بوراڪومن) جي هڪ مسڪين ۽ غيرتمند گهر جي ڪهاڻي آهي جيڪو تاريخي شهر نارا جي ڀرپاسي واري ڳوٺ ۾ آهي. گهر جو سڀ کان وڏو فرد ”هاتاناڪي“ بوراڪومن هجڻ جي ناتي هر هڪ جي نفرت ۽ حسد جو شڪار ٿئي ٿو. اسڪول ۾ سندس ڪلاس جا ٻار ويندي پاڻي پيئڻ لاءِ کيس ستائين ٿا. ڪلاس جي مَٽَ مان پيئڻ تي ان کي پليت سمجهي هاريو وڃي ٿو. ٻار ته ٺهيو پر اسڪول جا ٽيچر به هن کي ذليل ڪندا رهن ٿا.
ان فلم جي هڪ بيحد ٽچي سين آهي ته هي ڇوڪرو هاتا ناڪا ۽ سندس سوٽ ڇوڪري نانائي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻار ڪيئن ٿا پيدا ٿين. ٻئي اٺن نون سالن جا ننڍا ٻار آهن. نانائي پنهنجي سؤٽ هاتا ناڪا کان پڇي ٿي ته آيا هن جي پيٽ ۾ ٻار ته نه آهي ۽ پوءِ جڏهن نانائي جي پيٽ تي هاتاناڪا ڪن رکي پڪ ٿو ڏئيس ته هن جي پيٽ ۾ ڪو ٻار نه آهي ته اهو ٻڌڻ تي نانائي سڪون محسوس ٿي ڪري. ”چڱو جو منهنجي پيٽ ۾ ڪو ٻار ناهي“. هوءَ معصوميت مان چوي ٿي، ”ڇو جو منهنجو ٻار به مون وانگر اِيٽائي ٿيندو ۽ اهائي ڳالهه مون کي ڊيڄاري ٿي ته منهنجو ٻار به مون وانگر ننڍي هوندي کان ذلالت ۽ ٿُڪ بُجي جي زندگي گذاريندو.“
فلم جي آخر ۾ نانائي هاڻ هڪ جوان عورت ڏيکارين ٿا جنهن جي شاديءَ جي تياري ٿي رهي آهي. سندس ٿيڻ واري گهوٽ کي ان وقت جيل جي سزا ڏني وڃي ٿي. اها سزا سندس ان ڏوهه جي آهي جو هن ٻين نوجوان بوراڪومن ڇوڪرن سان گڏجي بوراڪومن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ۽ حقن جي گهر جي تحريڪ هلائي هئي. نانائي شادي جي دعوت ختم ڪرڻ بدران ان شاديءَ جي رسم کي پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. نڪاح وقت هوءَ گهوٽ جي غير موجودگيءَ ۾ ان اسڪرين جي اڳيان ٿي بيهي ٿي جنهن تي سندس گهوٽ جي تحريڪ جي مک Declaration لکيل آهي. ”اسان جي وڏن جانورن جون کلون لاٿيون ان جي عيوض انهن جون ۽ انهن جي اولاد جون جيئري کلون لاٿيون پيون وڃن.“ ان پڌرنامي تي لکيل آهي، ”جانورن جون دليون، جيرا ڪپڻ جي بدلي انسانن جون پيار ڀريون دليون پٽيون پيون وڃن. هنن تي ۽ هنن جي اولاد تي هر وقت ٿڪ لعنت پئي ٿئي. ههڙين ظالم راتين ۾ ڊپ جهڙا خواب ڏسڻ جي باوجود هنن جو انساني رت سندن جسم ۾ وهندو رهي ٿو. اسين، جيڪي ان رت جي پيدائش آهيون، پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ٻيا نٿا چاهين ته اسين جيئرا رهون پر مرڻ اسان به نٿا چاهيون.... وقت اچي ويو آهي جو اسان کي ان ڳالهه ۾ به فخر هئڻ کپي ته اسان اڇوت آهيون.“
۽ اتي فلم جي پڄاڻي ٿئي ٿي. فلم ڏسڻ وارا جپاني پنهنجن ئي جپانين تي سندن هٿان ٿيل ظلم ۽ ناانصافيون ڏسي ڏکويل دل سان سئنيما هال مان نڪرن ٿا. اسان جي آفيس جي 28 سالن جي جپاني مترجم توميڪو جيڪا اسان جهازين کي، منهنجي چوڻ تي اها فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلي هئي، ان ٻاهر نڪري مون کي چيو ته هن کي خوشي آهي ته هن اها فلم ڏٺي.
“It teaches the true meaning of human dignity”.
بهرحال هن فلم جي 90 سالن جي ڪهاڻي لکندڙ مئڊم ’سوميئي‘ جي ڇهن واليومن جون اٽڪل ڇهه ملين ڪاپيون وڪامي چڪيون آهن ۽ هاڻ سندس ستون واليوم به ڇپجي رهيو آهي. هن جي هر لکڻي غريب ۽ غيرتمند بوراڪومن جي cause لاءِ آهي. فلم جي ڪاميابيءَ بعد هڪ انٽرويو ۾ ٽي وي وارن کي پوڙهي سوميئي ٻڌايو ته بوراڪومن کي جپاني سوسائٽيءَ ۾ مٿاهون درجو ڏيارڻ لاءِ هن جي جنگ مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهندي.
“I will keep writing as long as I live. This is my own war against human stupidity”.