سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

جپاني مرد جي مردانگي ۽ ڀَت

جپاني مرد جي مردانگي ۽ ڀَت

جپاني مرد ۾ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي ٽون ڦان هجي يا نه پر کاڌي جي معاملي ۾ هو وڏو شوقين مڙس آهي. ملڪ ۾ پوک جو حال لڀي ڪونه. ٺلها چانور به ايترا ڪونه ٿا ٿين جو هن ملڪ جي هيڪاندي آدمشماري لاءِ پورا ٿي سگهن ۽ ٻيءَ جنگ عظيم دوران توڙي ان کان اڳ ته جپان جي هيڪاندي حالت خراب هئي، ته به انهن ٺلهن پاڻي پُسيل چانورن جا به هنن نموني نموني جا شوق ڪيا ٿي. هينئر ته جپان پئسي جي زور تي دنيا جو هر قسم جو کاڌو، ميوو ۽ ڀاڄي ڀتي حاصل ڪري مختلف نموني جا ڊش تيار ڪرائي ٿو ۽ اڄ جو ٽوئرسٽ سمجهي ٿو ته اهو سڄو ناز نخرو دولت جي اچڻ ڪري آهي پر اها ڳالهه نه آهي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته جپان ۾ غربت وارن ڏينهن ۾ به جڏهن جپان ۾ فقط اِري ۽ اَڌڙن جهڙا چانور هئا، تڏهن به جپانين انهن کي وڏي چَس ۽ چاهه سان کاڌو ٿي جنهن جو ذڪر جپاني ادب مان اڄ به معلوم ٿئي ٿو. ٺلهي ڪاري چانهه جنهن کي ڪو پُڇي به ڪونه ٿو ۽ جنهن کان سُٺي، مهانگي ڌوڌپتي واري چانهه سنڌ جي غريب ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي غريب هاري به هفتي ڏيڍ پيو پيئي، اتي اسان جي جپانيءَ لاءِ ڪاري سليماني چانهه پيئڻ جو شوق پورو ڪرڻ به شاديءَ جي رسم کان گهٽ ناهي. ”چانهه گهرن“ ۾ چانهه جو ڪوپ پيئڻ وارا خاص سججي ڌججي پهچندا، پوءِ چانهه پيارڻ واري مائي وڏي ناز نخري سان ٽيبل جي وچ تي ڪوئلي سان ڀريل سِگري رکي، پاڻي ٽهڪائي چانهه کي دم ڪندي، پوءِ پنجن چمچن جيڏي ماپ جي مختصر پياليءَ ۾ چانهه ڀري مانوارن مهمانن آڏو رکندي جيڪي چُسڪيون ڏيئي ايڏو آهستي آهستي پيئندا ڄڻ چانهه جو ڪوپ خالي ٿيڻ بعد هنن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهيءَ جو ڦندو پوندو.
بهرحال کاڌي پيتي جي معاملي ۾ جپانين جي چونڊ، سواد ۽ ناز نخرو اڄ جو نه پر پراڻو صدين جو آهي. جيئن عربن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام گهڻو ٿا کائين. ڪنهن چيو ته کين پيٽرول جو پئسو جو مفت ۾ ملي ويو آهي ان ڪري. پر بقول منهنجي هڪ عرب دوست ۽ نيول آفيسر جي عرب کائڻ جا شوقين اڄ نه پر اڳ کان هئا، ۽ هو گهڻو کاڌو اڳ به کائيندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ دولت اچڻ ڪري هو رڍون، ڪڪڙيون ۽ گانگٽ ٿا کائين، پر اڳ ۾ جڏهن غربت هئي، ته اُٺ ڪُهي ٿي کاڌائون.
بهرحال جپانين وٽ کاڌي جو ڪلچر تمام پراڻو آهي ۽ بقول هڪ جپاني ڪالم نويس ”ڪائوري شوجي“ جي ته Japanese are food snobs.
۽ پوءِ جتي کاڌي جو ايڏو خيال ۽ اهتمام هجي، جتي کاڌو وڏي ناز نخري ۽ ريتن رواجن پٽاندڙ اصولن تي کاڌو وڃي ۽ جتي کاڌو ماڻهوءَ جي معيار Social Status Symbol جي ساک ڏئي اُتي ماني تيار ڪرڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ جي فقط ماسي ايمڻا شيدياڻي ڪافي ناهي جيڪا آلين ڪاٺين جي دونهاٽيل باهه تي اڌ درجن ڪچيون پڪيون مانيون پچائي هلي وڃي ٿي. جپان جي فوڊ ڪلچر وڏا وڏا بورچي ۽ رڌ بچاءَ جا اسپيشلسٽ پئدا ڪيا آهن، جيئن هڪ هنڌ لکي چُڪو آهيان ته زهريلي مڇي پڦر کي کائڻ لائق تيار ڪرڻ لاءِ بورچيءَ کي هوائي جهاز جي پائلٽ وانگر هڪ ڊگهي ٽريننگ وٺڻي پوي ٿي ۽ امتحان پاس ڪرڻا پون ٿا. اهو به لکندو هلان ته جيئن اسان وٽ نه فقط حجام پر هيئر ڊريسر ۽ هيئر ڊزائينر به ملندا، تيئن جپان ۾ بورچين سان گڏ ٻيا به پروفيشنل نظر ايندا، جهڙوڪ Food Coordinator، ٽيبل اسپيشلسٽ (جيڪي کاڌي جا ٽيبل سجائين ۽ سينگارين)، سئنڊوچون ۽ سمبوسا ٺاهيندڙ چَيف- ويندي “Konamono Kenkyuka” (اَٽي مان ٺهندڙ شين جا ڪاريگر) - ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي!
جيئن اسان جي لاڙ جي ماڻهن جو اُترادين سان عقل تي جهڳڙو هلندو رهي ٿو (چي ”اُتر جو ڍڳو لاڙ جو ماڻهو“، يا شايد صحيح چوڻي هيئن هجي ته ”لاڙ جو ماڻهو اُتر جو ڍڳو“) تيئن اوڀر واري جپاني حصي Kanto جي ماڻهن جو Kansai (اولهه واري جپان) جي ماڻهن سان کاڌي جي معاملي ۾ هڪ ٻئي سان ننڍ وڏائي تي بحث ضرور هلندو رهي ٿو ۽ کاڌي جي بنياد تي هڪ ٻئي جي سماجي پوزيشن اعليٰ سمجهي وڃي ٿي. جيئن ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان جا پاڙيسري ملئي مسلمان توڙي چيني اسان پاڪستانين توڙي انڊين تان کِلندا هئا. جيتوڻيڪ اسان جا ماڻهو پنهنجي پر ۾ ڏاڍا حليم وغيره ٺاهي پاڻ کي وڏو ڪاريگر تصور ڪندا هئا، پر اڌ ڪچيون اڌ پڪيون رڌل ڀاڄيون کائڻ وارا ملائيشيا جا ماڻهو چوندا هئا ته هي اسان ڇا ٿا ڪريون! هر شيءِ جي چٽڻي بڻايو ڇڏيون. تورين، ٽماٽن ۽ گوبيءَ جهڙين ڪچڙين ڀاڄين کي به رڌيو رڌيو چٽڻي ٺاهيو ڇڏيون ۽ هي حليم آهي يا مسخري جنهن کي سڄي رات چُلهه تي رکيو ويٺا گهوٽيو، ايترو وقت تپش تي رکڻ بعد هن جون وٽامن ۽ طاقتون ته سڙي ٻري وينديون هونديون. بهرحال هتي جپان جا ڪانسائي ماڻهو (اولهه پاسي جا رهاڪو) هميشه چوندا آهن ته ”ڪانٽو اسٽائيل“ کاڌا (اوڀر جپان جي ماڻهن جا) کاڌا اڌ ڪچا اڌ پڪا، ۽ ذائقي بنا آهن. ساڳي وقت اوڀر پاسي جا جپاني ”ڪانساني“ رڌ پچاءَ کي سوادي پر ڏڦ نڪتل (Unnourishing) سڏين ٿا. ايتريقدر جو ڪانٽو ۽ ڪانسائي ماڻهن جي وچ ۾ شاديون به ڪي ورلي ٿين. آهي نه تعجب جهڙي ڳالهه! پنهنجو پاڻ کي ٻئي کان اُتم سڏائڻ يا محسوس ڪرڻ لاءِ بنيادي طور ڪا ته ڳالهه هجي! سڄي جپان جا ماڻهو به هڪجهڙا، زبان ۽ تعليم به ساڳي، سڀ جپاني پورهيت ۽ ايماندار به هڪ جهڙا، سڀني جپانين جي پوشاڪ به هڪ جهڙي، پوءِ ڪا ته ڳالهه هجي جنهن جي بنياد تي پاڻ کي سماٽ ۽ غير سماٽ سڏائجي. اها آهي کاڌو پيتو.
منهنجي هڪ جپاني سڃاڻو ٻڌايو ته هن جو سندس ساهيڙي (Girl friend) سان اختلاف فقط ان ڳالهه تان ٿيو جو هن غريب جي ٻار هر شيءِ مٿان مايونيز لڳائي ٿي کاڌي. بس ان ڳالهه تان منهنجي دل ٽُٽي پيئي ۽ يڪدم ڇڏي ڏنومانس. هو ڇا چوندا آهن ته Hyakunen no koimo sameta (سؤ سالن جي عشق جي تپش لحظي ۾ ٿڌي ٿي وئي).
توهان کي عجب لڳندو ته جپانين جي ڪلچر ۾ ايتري ته food snobbery آهي جو هو ٻئي جي اصل نسل ۽ personality (شخصيت) جو اندازو کاڌي جي ڪجهه شين جي نالن مان لڳائين ٿا. جيئن پاڻ وٽ ڪو هنداڻو سڏي ته ڪو ڇانهين. يا ڪو مٽر چوي ته ڪو پيز. ۽ ان مان ماڻهو اندازو لڳايو وڃن ته اڳلو اُترادي آهي يا لاڙ جو، ڳوٺ جو آهي يا شهر جو، ٿري آهي يا شڪارپوري. اهڙي طرح جپاني ٻئي جي ڳالهائڻ مان اُن جي شخصيت جو جائزو لڳائين ٿا ته هو جيڪو ”آپ آپ“ ڪري پيو ڳالهائي سو پڙهيل لکيل لکنوي يا دهلوي آهي ۽ هي ٻيو ائين ڄٽ رانگڙ آهي جيڪو پنهنجن ٻارن جون دانهون ڏئي رهيو آهي ته... نه کاريا هي نه پي رهيا هي... بس روئي ريا هي...
اسان وٽ ڪڻڪ جام ٿئي ٿي ۽ هر شيءِ ڪڻڪ جي ملندي. بسڪيٽ، ڊبل روٽي، نان پوريون ويندي سَويون ۽ سمبوسن جا تهه ڪڻڪ جي اٽي جا ٿين پر ملائيشيا، انڊونيشيا کان وٺي مٿي اُتر تائين (ڪوريا جپان تائين) سڄي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ چانورن جي پوک عام ٿئي ٿي ۽ هيڏانهن جپان ۾ ”ماني“ معنيٰ ڪڻڪ جي چپاتي يا اُڦراٽو نه آهي پر پاڻيءَ پُسيو ڀت آهي! ويندي هتي استعمال ٿيندڙ مختلف قسم جون سَويون (سنهيون توڙي ٿلهيون) چانورن جي اٽي مان ٺهن ٿيون- بلڪ هن پاسي اٽو معنيٰ چانورن جو اٽو ۽ نه ڪڻڪ جو اٽو. ۽ هتي گهڻيون شيون وينديون ڪيڪ ۽ بسڪٽ به چانورن مان ٺهن ٿا. هتي جي هڪ مشهور شيءِ جيڪا هتي جي سئنڊوچ يا سمبوسو چئي سگهجي، ”اونيگري“ آهي- بلڪه صحيح طرح اچارڻ لاءِ ”اوني گري“ سڏجي. اونيگري چنبڙيل چانورن جو بال ٿئي ۽ چانورن کي هٿ سان ايئن ملائي ٺاهبو آهي جيئن قيمي مان ڪوفتا ٺاهبا آهن. پر هي ڪوفتن کان ڪجهه وڏو ٿئي ۽ شڪل ۾ گول هئڻ بدران رس گلي وانگر ڪجهه ڊگهو ٿئي، منجهس وچ ۾ ڀاڄيءَ ذرو يا قيمون يا چڪن جي ڪاتر وجهبي آهي- يعني هڪ قسم جو سمبوسو يا سئنڊوچ ٿئي جيڪا هتي هلندي چلندي ننڍن وڏن دڪانن يا ڪئنٽين هوٽلن مان، ماڻهو وٺي کائين ٿا. هونءَ ڏٺو وڃي ته ان جو نالو فقط ”نيگري“ ڪافي آهي پر هتي جپان ۾ ڪيترين شين جي اڳيان، خاص ڪري کاڌي جي شين اڳيان عزت خاطر ’او‘ لڳايو وڃي ٿو. پاڻ وٽ اُن جو ڏورانهون مثال کڻي ”شريف“ سمجهو. سيوهڻ شريف، مٽياري شريف، درگاهه شريف. هڪ همراهه چيو ته ”مزار شريف“ تي ”رنگ شريف“ ٿي رهيو آهي _ يعني حد درجي جي عزت بخشڻ.
سو هتي جپان ۾ ڪيترين شين اڳيان ’O‘ لڳائي ڳنهن شين ڱي عزت بخشي وڃي ٿي. جيئن پاڻ ٺلهو ”ان“ چوڻ بدران ”ان نور“ چئون ٿا. سو هتي جپان ۾ به جيئن چانهه جو جپاني لفظ Cha آهي ته ان کي هتي جا ماڻهو ٺلهو ”چا“ چوڻ بدران ”اوچا“ سڏين ٿا. اهڙي طرح oniku (گوشت) آهي يا ويندي omizu (پاڻي)، obento (لنچ باڪس) آهي. ايتريقدر جو sara يعني پليٽ اڳيان به او لڳائي اوسارا سڏيو وڃي ٿو. يعني اها ئي وڃي مٿين ڳالهه ٿي ته ”رنگ شريف“ پيو ٿئي. سو اونيگري دراصل فقط نيگِري لفظ آهي جيڪو فعل nigiru مان نڪتو آهي، معنيٰ ”سوگهو ڪرڻ“ يعني ڀاڄي يا قيمي جي چوڌاري ڀَتَ کي سوگهو ڪري هڪ قسم جو چانورن جو ڪوفتو، بال يا کڻي چئجي ته رس گولو ٺاهيو وڃي ٿو. (هونءَ اها شيءِ فقط جپاني چانورن سان ئي ٺاهي سگهجي ٿي جيڪي جيتوڻيڪ سواد ۽ سڳنڌ ۾ اسان جي چانورن کان گهٽ سادا آهن پر منجهن کونئر جهڙي لئيدار (Sticky) شيءِ اهڙي آهي، جو رڌل چانور نارمل حالت ۾ به هڪ ٻئي سان پليٽ سان چنبڙيا پيا هوندا آهن. مُٺ ۾ جهلي ٿورو ئي زور ڏيڻ سان بال ٺهيو وڃي).
اسان ڌاريان جن جي جپاني جهڙي تهڙي آهي، توڙي جپان جا عام ماڻهو يعني ٻار ٻچا، ڪُڙمي ڪاسبي، ڪارخانن جا مزور ۽ شپ يارڊن جا ڪاريگر ۽ ڪم وارا (جن کان اسان جپاني سکڻ جي شروعات ڪئي) سڀ اونيگري سڏين ۽ اسان ٻين وڌيڪ مڪاني پڙهيل ڳڙهيلن( يعني جپاني سيدن پيرن يا کڻي چئجي ته جپاني دهلوي لکنوين) ۾ اسان ڄٽ سمجهيا وڃون ٿا جو هو ان ساڳي سئنڊوچ کي اونينگري سڏڻ بدران omusubu سڏين ٿا جيڪو لفظ فعل musubu مان نڪتو آهي معنيٰ ”ڳنڍڻ“.
مٿي ٻُڌائي چُڪو آهيان ته جپاني زيان ۾ ڪيترن اسمن اڳيان Honourific “O” عزت خاطر لڳايو وڃي ٿو، پر هتي جپان ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد توهان کي ڄاڻ ٿي ويندي ته ان قانون جي به وڏي پابند هتي جي عورت آهي. هتي جو جپاني مرد شينهن بادشاهه (وڻيس ته آنا ڏئي وڻيس ته ٻچا)، ان قاعدي قانون کان آزاد آهي ۽ هو اڪثر ’O‘ جو اُچار ڪاٽو ڪري باقي لفظ اُچاريندو وتندو. آخر ته هو هن اڀرندڙ سج جي ڌرتيءَ جو ”هسبنڊ مئن“ آهي- هو هر ڳالهه کان آزاد آهي. باقي هتي جي عورت ’او‘ جي اُچار بنا فقط چا، نيڪو، سارا، بينٽو ته چئي ڏيکاري! بقول ظفر شيخ جي:
Pity that woman who omits ‘o`.
(ظفر شيخ جرمني، آلجيريا، مصر، سوڊان وغيره جو سفير ٿيڻ بعد هاڻ ريٽائرڊ ٿيو آهي. هو ستر واري ڏهاڪي جو وڏو حصو مون سان گڏ جپان ۾ هو ۽ اڄ به بهترين جپاني ڳالهائي ٿو).
جپاني سوسائٽي بابت هڪ ٻي ڳالهه جيڪا گهڻو وقت رهڻ بعد هڪ ڌاريون به محسوس ڪري ٿو ته جپاني مردانگي جي اها به نشاني آهي ته جپاني مرد ڊبل روٽي يا ڪڻڪ جي ٻيءَ ڪا شيءِ بدران ڀت پسند ڪري ٿو جيئن اسان وٽ ”ڏهه لڳي ڏهه منٽن“ واريون وڏيون مُڇون مردانگيءَ جي نشاني سمجهيون وڃن ٿيون، (ايئن ته پنجابي عيسائي ڀنگين جون مُڇون به وڏيون ٿين پر اهي گهڻو ڪري چار لڳي چاليهه منٽن واريون مُڇون ٿين.) ڪيترا ته نوان جپاني گهوٽ صبح جو نيرن تي به جپان جو مشهور چانورن جو ڊش Asagohan Shiromeshi no گهرائي کائين يعني پهرين رات ئي ٻلي مارين، جيئن هتي جي جپاني عورت کي جيڪا اڳهين سُورن جي ستايل ٿئي ٿي، اُن کي خبر پوي ته گهر تي ڪنهن جو راڄ آهي؛ سندس يا مرد ڀٽاري جو.
۽ پوءِ جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن جپاني گهر ۾ نيرن تي عورت پنهنجي ”سرتاج“ لاءِ ڀت نه رڌي ته معنيٰ زال مڙس جا تعلقات ٻُڏتر ۾ آهن. ان جي خاطري يعنيKateinai Bekky (In-home Seperation) جي پڪ مڙس کي پان شوڪو (ڊبل روٽي) کائڻ مان لڳائي سگهو ٿا.
جپان ۾ کاڌي جي زبان جو واسطو Sex سان به آهي ۽ فعل taberu (معنيٰ کائڻ) Sexual act لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. پنهنجي هڪ پهاڪن جي انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۾ هتي جي هڪ مشهور جپاني چوڻي ڏئي چڪو آهيان ته: Suezen kuwanuwa otoko no haji معنيٰ اهو ماڻهو جيڪو سندس اڳيان سجايل کاڌو نٿو کائي، اُن جي مردانگي تي شڪ آهي ۽ اها چوڻي فقط کاڌي لاءِ نه پر sex لاءِ به آهي. ڪيترا جپاني مرد پنهنجي بي انتها پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ عورت کي هميشه اهوئي چوندا آهن ته: Tabechaitai hodo kawaii.
(تون ايڏي سهڻي آهين جو توکي کائڻ تي دل چوي ٿي.)
بهرحال، هن مضمون جي پڄاڻيءَ تي انگريزيءَ جي “The End” لکڻ بدران جپانيءَ جي Itadakimasu لکان ٿو جيڪو لفظ هو ماني شروع ڪرڻ کان اڳ چوندا آهن.