موٽي ماڳ اچڻ
جپان ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ خط پٽ يا سامان سَڙهو موڪلڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پوسٽ آفيسون بيحد ايماندار آهن ۽ مالڪ کي جلد از جلد سامان پهچايو ڇڏين. خط پَٽَ کان وٺي ڪا سوکڙي سوغات، هتي جي پوسٽ ذريعي، نه فقط اندروني ملڪ ۾ پر ولايت ۾ به موڪلي سگهجي ٿي. بس اهو آهي ته اها شيءِ وزن ۾ ويهه ڪلو کان گهٽ هجي ۽ پوسٽ طرفان مقرر ٿيل سائيز جي دٻي ۾ سمائجي اچي. جپان جي هر پوسٽ آفيس ۾ چئن ماپن جا خالي دٻا ٽنگيل نظر ايندا. سڀ کان وڏو دٻو ويهه ڪلو بار وجهڻ لاءِ هوندو آهي، ان کانپوءِ ڏهه ڪلو وارو، پوءِ پنجن وارو ۽ سڀ کان ننڍو پنج ڪلو کان گهٽ سامان لاءِ.
جپان ۾ رهائش دوران مون وٽ ڪافي ڪتاب گڏ ٿي ويا. مون انهن مان ڪجهه ڪتاب ۽ ٻيو سامان پاڪستان موڪلڻ چاهيو ٿي. هڪ ننڍي بئگ ۾ سامان وجهي پوسٽ آفيس پهتس ۽ انهن کان ويهه ڪلو سامان کڻڻ وارو وڏي ۾ وڏو دٻو وٺي، آندل سامان ان ۾ وڌم. دٻي سان گڏ ٻه انچ ويڪري اسڪاچ ٽيپ به ملي، جنهن سان دٻي کي بند ڪيم. ان بعد ان مٿان ربن ٽائيپ ٽيپ ٻڌم، جيڪو رڳو ٽائيٽ ٿي سگهي ٿو. کولڻ لاءِ ڇري يا قئنچيءَ سان ڪٽبو آهي. هي اهو پئڪنگ ٽيپ آهي جيڪو ڪپڙي يا ڪپهه جي پريس ٿيل ڳٺڙيءَ جي چوڌاري ٻڌو وڃي ٿو. هي ٽيپ پڻ پوسٽ آفيس وارا ڏين. ان بعد سندن ڏنل پني تي پنهنجي ائڊريس يعني فرام (From) ۽ مالڪ جي (To) لکي، پوسٽ آفيس جي ڪلارڪ کي ڏنم، جنهن تور ڪري تور مطابق پئسا چارج ڪيا ۽ رسيد ڏني.
ٻاهران ڪنهن ملڪ کان جپان ۾ سامان گهرائڻ لاءِ، پوسٽ آفيس جو اهو هڪ چڪر به نٿو لڳائڻو پوي. جيڪا ائڊريس آهي ان تي پوسٽ آفيس وارا گهر تي پهچايو وڃن.
پوسٽ آفيس کان علاوه جپان ۾ سامان، خاص ڪري ڳرو سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ، ڪجهه ڪمپنيون آهن جيڪي جپاني زبان ۾ تاڪيوبن (Takkyubin) سڏجن ٿيون. انهن جون آفيسون شهر ۾ هجڻ کان علاوه هر وڏي ننڍي ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ هر شهر جي بس اسٽاپ تي آهن. آئون ڪراچيءَ کان دبئي ۽ پوءِ ٻئي جهاز ۾ دبئي کان اوساڪا پهتس ته اتي جهاز ۾ ڪراچي وارو رکيل سامان ڏنو ويو، جيڪو ڪسٽمس کان ڪليئر ڪرائي مون کي اڳتي جي سفر لاءِ، ڊوميسٽڪ (مڪاني) اُڏام ذريعي اوساڪا کان فڪوئوڪا شهر وڃڻو هو، جتان پوءِ بس ۾ ڪوڪورا شهر ۾ پهچڻو هو جتي منهنجي ڌيءَ رهي ٿي. ڪوڪورا شهر فڪوئوڪا شهر کان سئو کن ڪلوميٽر پري آهي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي جيئن سامان مليو ۽ ڪسٽمس مان ڪليئر ڪرايم ته سامهون انهن ”تاڪيوبن“ وارن جون ٻه آفيسون نظر آيون. هڪ جو پيليڪان نالو هو ۽ ٻيءَ جو IAS، جنهن وٽ سامان جي ٽرالي کڻي آيس ۽ سڀ بئگون ۽ ڪوڪورا شهر جي ائڊريس ڏئي رسيد ورتم ۽ پوءِ اتان هٿين خالي هوائي جهاز رستي فڪوئوڪا پهتس. فڪوئوڪا کان بس ۾ چڙهي ڪوڪورا گهر پهتس. ٻئي ڏينهن واعدي مطابق تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ماڻهو گهر اچي بئگون ڏئي رسيد واپس وٺي ويو. هن هڪ بئگ جي پهچاڻي هڪ هزار يين (يعني پنج سئو روپيا) ورتا، جيڪي هونءَ کڻي گهڻا سمجهجن پر جپان جي حساب سان گهٽ آهن، جتي هڪ ڇانهينءَ جي قيمت هڪ هزار يين کان ٻارهن سئو يين آهي. جتي پورن ڏهن ڀينڍين جي قيمت ٻه سئو يين ۽ ٽن پتائي گجرن جي قيمت به ٻه سئو يين آهي. Slices واري ڊبل روٽيءَ جي قيمت ڏيڍ سئو يين آهي-ـــ اتي هي سامان ڍوئڻ، پهچائڻ ۽ رکڻ جون تاڪيوبن ڪمپنيون هڪ مسافر لاءِ وڏي سهولت آهن-ــ نه ته اهي بئگون مون کي بس ۾ چاڙهڻ لاءِ تڪليف هڪ طرف ٿئي ها ۽ وڌيڪ ڀاڙو ٻئي طرف ڏيڻو پوي ها جيڪو ڀاڙو ان کان تمام گهڻو اچي ها.
واپسيءَ تيجپان ڇڏڻ وقت Pelikan نالي تاڪيوبن ڪمپنيءَ کي ڪوڪورا فون ڪري گهر گهرايم ۽ ٻه ڏينهن اڳ سامان سندن حوالي ڪري کين ٻڌايم ته مون کي ٻن ڏينهن بعد فلاڻي فلائيٽ تي اوساڪا ۾ ڏنو وڃي ۽ پوءِ آئون هٿين خالي ڪوڪورا کان فڪوئوڪا بس ذريعي پهتس. ان بعد فڪوئوڪا ايئرپورٽ تي آيس، جتان ٽي بجي منجهند واري جپان ايئر لائينز جي اڏام ۾ ٻن ڪلاڪن بعد اوساڪا پهتس. فڪوئوڪا کان اوساڪا ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان لاهور.
پنجين بجي ڌاري اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ جي ٻئي فلور تي هوائي جهاز لاٿو. جهاز مان لهڻ سان مون پنهنجي سامان جي پڇا ڪئي ته هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي تاڪيوبن وارن جي آفيس ڪٿي آهي ۽ آيا منهنجو سامان ڪوڪورا کان هتي پهچي چڪو آهي يا اڃا رستي ۾ آهي. منهنجي ٻي فلائيٽ اوساڪا کان دبئي ۾ اڃا ست ڪلاڪ هئا پر مون کي سامان جو فڪر هو ڇو جو جيڪو جپاني همراهه کڻڻ آيو هو ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، بلڪه مون کي نه پئي آئي ته اوساڪا ايئرپورٽ تي سامان سندن ڪمپنيءَ کان نه پر هڪ ٻي ڪمپنيءَ کان ڇو وٺان ۽ هاڻ اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ تي پهچي مون ان جي پڪ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ٻي صورت ۾ اوساڪا شهر ۾ ان ڪمپني Pelican جي آفيس ۾ فون ڪرڻ چاهيو ٿي.
تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان پڇيم. هن ٻڌايو ته اها چوٿين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي اتي پهتس. چوڌاري مختلف ايئر ڪمپنين جا ڪائونٽر هئا. هڪ تان معلوم ڪيم ته اتي ويٺل همراهه هٿ جي اشاري سان ٻڌايو ته پٺيان بلڪل سامهون آهي جتي هي ڪاريدار وڃيو ٿو ختم ٿئي. ويجهو پهچڻ تي ان ڪمپنيءَ جو نالو چٽيءَ طرح نظر آيو ۽ ٿورو وڌيڪ ويجهو ٿيس ته منهنجون ٽئي بئگون هڪ ٽراليءَ تي، آفيس جي در ٻاهران ئي نظر اچي ويون.
”هي منهنجو سامان آهي.“ مون کين رسيدون ڏنيون. رسيدون وٺندڙ همراهه رسيدن تي نمبر ڏسي مون کي منهنجي سامان ڏي اشارو ڪري ”دوزو“ چيو- يعني ڀلي کڻ- يا جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ چئجي “You are welcome, sir”
”توهان جي آفيس ڪيڏي مهل بند ٿيندي؟“ مون پڇيو.
”ساڍي ڏهين بجي.“
”پوءِ ڀلا منهنجو سامان ڏهين سوا ڏهين تائين توهان وٽ پيو هجي جو اڃا ساڍا پنج ٿيا آهن. منهنجي فلائيٽ رات جو ٻارهين بجي ڌاري آهي.“
”ڀلي. توهان جي مرضي.“ هن چيو. ”توهان ڀلي هٿين خالي چڪر هڻو.“
ان بعد مون اتان ئي معلوم ڪيو ته بين الاقوامي اڏامن (International Flights) جو ڊپارچر ڪٿان ٿو ٿئي. معلو م ٿيو ته اهو اتان ئي چوٿين فلور تان ٿئي ٿو، جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل هو. مون کي Emirates وارن جي جهاز ۾ وڃڻو هو جن جو ڪائونٽر جپان ايئر لائينز سان گڏ “G” حصي ۾ هو. اتي پهچي انهن کان دبئي فلائيٽ جي پڪ ڪيم جو جپان ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان لڳندڙ Typhoon ڪري ڪيترين ئي اُڏامن جا وقت بدلجي رهيا هئا يا ڪئنسل ٿي رهيا هئا.
”دبئي واري اُڏام پنهنجي مقرر وقت تي ويندي. چيڪ ان (Check- In) لاءِ ڪلاڪ کن اڳ اچي وڃجو.“
”مهرباني“ چئي آئون سُڪون محسوس ڪرڻ لڳس جو هاڻ آئون Safe حالتن ۾ هوس ۽ بقول اسان جي هالا جي شاعر ۽ تعليمي ماهر حميد شهيد جي پاڻ کي ”رٽائرڊ بٽ ناٽ ٽائرڊ“ محسوس ڪرڻ لڳس. هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي- بقول ڪئپٽن رشيد ابڙو جي، ”اوساڪا جو هي نئون هوائي اڏو Kansai Air Port ته ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ کان به وڏو ۽ پيچيده آهي، جنهن جي اڳيان دبئي ۽ ملائيشيا جو ايئرپورٽ به ڄڻ ڪارڊ تي لڳل ٽڪليءَ برابر آهي.“ سو هاڻ هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي منهنجو سامان به اتي ئي پيو آهي جتي آئون بيٺو آهيان ۽ اتان ئي مون کي جهاز ۾ چڙهڻو آهي، سو وڌيڪ جوابداري يا پورهئي کان ڄڻ ته رٽائرڊ رهيس پر هاڻ ايئرپورٽ تي هوا خوري ڪرڻ لاءِ ٽائرڊ (ٿڪل) به نه هوس. چوڌاري ڪيترائي دڪان، بئنڪون ۽ هوٽلون هيون. مسافرن جي ويهڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽيبل ڪرسيون ۽ صوفا سيٽ رکيل هئا. انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون بوٿ جتي ڪٿي هئا.
ٽيليفون جو ڪارڊ ڪڍي هڪ ويجهي فون تان جپان ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ڄاڻن، سڃاڻن، واقفڪار دوستن کي آخري دفعو سايونارا ڪندو رهيس، جيسين ڪارڊ جا سڀ يونٽ خرچ ٿي زيرو تي وڃي پهتا. ان بعد ڪجهه واڪ ڪيم، چانهه پيتم، ڪجهه دير ڪنڊ ۾ رکيل صوفا تي ڊگهو ٿي سمهي به رهيس. اسپيڪرن تان رکي رکي مختلف ملڪن جي اڏامن جو اعلان ٿي رهيو هو. ڪڏهن ڪنهن مسافر سان ته ڪڏهن ڪنهن مسافر سان هيلو هيلو ڪري خبرچار به ڪندو رهيس. اوساڪا جي هن ايئرپورٽ تي آئون سڀ کان گهڻو وقت انتظار ڪرڻ وارو مسافر جو ٿيس! ڪجهه اهڙو گئپ به اچي ويو ٿي جو سڀ مسافر روانا ٿي ويا ٿي، باقي چند بچيل پئسينجرن کان ته هتي جي ايئرپورٽ سيڪيورٽي جي پوليس وڌيڪ لڳي ٿي. هڪ اهڙي پوليس آفيسرياڻي منهنجي صوفا جي اڳيان لنگهي ته مون هن کي هٿ جي اشاري سان سڏي خبرچار پڇي ۽ تصوير ڪڍيمانس.
”توهان جو ملڪ جپان ايترو باحفاظت آهي ۽ لا ائنڊ آرڊر جي صورت اهڙي سخت آهي جو شهر ۾ ڪو ورلي پوليس وارو (يا واري) نظر اچي ٿو. هاڻ آخري وقت تي تنهنجي ئي تصوير ڪڍي وڃان.“ مون چيومانس.
پوري ڏهين بجي پنهنجو سامانُ ”تاڪيوبن“ سروس ڪائونٽر تان کڻي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جي ڪائونٽر تي جمع ڪرايم ۽ جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ ورتم. قطار ۾ منهنجي اڳيان فقط ٽي مصري جوان هئا. هو 25 کان 30 ورهين جا ٿيندا.
”هتي جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد آهيو؟ نوڪري ڪريو ٿا هتي؟ بزنيس لاءِ آيا آهيو؟ گهمڻ لاءِ آيا آهيو جپان ۾؟ انگريزي نٿي اچانوَ؟ جپاني به نٿي اچانو؟“
آئون ساڻن خبرچار ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس، پر کين سواءِ عربيءَ جي ٻي ڪا زبان نه پئي آئي. خبر ناهي ڪيئن پيا هتي گذارو ڪن. انگريزي ته گهر کان نڪرندڙ هر شخص کي اچي ٿي ۽ هي هتي رهڻ جي باوجود جپاني نه سکي سگهيا آهن! بس هو خوش هئا ۽ ڏاڍو خوش ته پنهنجي وطن مصر (شايد موڪلن ۾) وڃي رهيا آهن. سوال پڇي پڇي مٿي ۾ سور پئجي ويو، نيٺ مون سندن معلومات وٺڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. ساڻن ڳالهائڻ ۾ ڪائونٽر تي ويٺل ان جپاني ڇوڪريءَ کي به مغز ماري ڪرڻي پيئي، جيڪا اسان مسافرن کان سامان وٺي رهي هئي، پر هن سندن پچر نه ڇڏي. هوءَ صاف انگريزيءَ ۾ کين چوندي رهي ته سامان گهڻو اٿانوَ، وڌيڪ وزن جا پئسا پهرين ڏيو ته پوءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيانوَ- آخر هوءَ پنهنجي ضد ۾ ڪامياب وئي ۽ مصرين 20 ڪلو سامان کان وڌيڪ سامان کڻڻ جا پئسا ڀري ڏنا.
بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سامهون وارن دروازن مان اندر روانا ٿياسين، جتي اميگريشن جو حساب ڪتاب صاف ٿيو، يعني ملڪ ۾ اچڻ وقت جيڪو ٺپو لڳو هو ۽ نالو ڪمپيوٽر ۾ اچي ويو هو، هاڻ ڪئنسل ٿي ويو، يعني آيل مسافر جپان مان نڪتو- ويزا ختم ٿيڻ بعد جپاني پوليس کيس ڳولڻ جي تڪليف نه ڪري ۽ هاڻ پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو لڳو- يعني هاڻ جپان واپس ورڻ جي ڪا واٽ نه آهي، اڳيان جهاز ۾ چڙهي جتان جو مسافر هجي اوڏانهن هليو وڃي. هڪ دفعو مون وري مڙي ڏٺو. پري پري تائين هن ايئرپورٽ جون هوٽلون ۽ دڪان نظر اچي رهيا هئا. هاڻ منهنجو اوڏنهن وري وڃڻ ناممڪن ڳالهه هئي. جن رستن ۽ گهٽين ۾ مون گذريل ٽي چار مهينا گذاريا، اوڏانهن وري وڃڻ جو نالو نٿو وٺي سگهيس- آئون ٿيلهو ۽ ڪئميرا ڪلهي تي لڙڪائي پٺيان نهارڻ بدران اڳيان وڌان ٿو. سامهون بيٺل بنا ڊرائيور جي ڪمپيوٽرائيزڊ اليڪٽرڪ ٽرام ۾ اچي ويهان ٿو. مون سان گڏ ساڳي اُڏام جا ڪجهه ٻيا مسافر به ان ۾ چڙهن ٿا. هن ٽرام اسان کي ايئرپورٽ جي مين بلڊنگ مان کڻي رن وي جي ويجهو ٺهيل انتظار گاهه ۾ اچي ڇڏيو. اسان کي گيٽ نمبر 73 مان هوائي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جتي اڳهين ڪجهه مسافر، دبئي وڃڻ واري اُڏام جو انتظار ڪري رهيا هئا. هي مسافر ڏکڻ ڪوريا جي هڪ شهر ’انچان‘ کان هتي ڪلاڪ کن اڳ پهتا هئا ۽ ٽرانزٽ پئسينجر هئا. انهن مان هڪ جيڪو مهانڊي ۾ عرب لڳو ٿي، درين واري پاسي جتان اسان کي دبئي کڻي ويندڙ جهاز نظر اچي رهيو هو، منهن ڪري نماز پڙهي رهيو هو. پٽ تي اڇي رنگ جو ٽوال يا رومال وڇايو هئائين.
”شاباس هجيس. وڏي دل وارو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ هن جي تعريف ڪئي. شام کان آئون واندو ويٺو هوس پر مون کي همت نه پئي ٿي ته کڻي نماز پڙهان. مون کي هڪ بيڪار ۽ بي سبب خوف دماغ ۾ هو ته جي نماز لاءِ بيهندس ته هتي جا ماڻهو شايد اهو سوچين ته هي ڇا پيو ڪري، ڏسڻ لاءِ چوڌاري ميڙ ڪري بيهن! ۽ هاڻ هي خدا جو بندو ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا بيٺو نماز پڙهي. آئون انهن ئي پيرن سان سامهون واش روم ۾ وضوءَ لاءِ هليو ويس. موٽيس ته هن نماز پڙهي بس ڪئي هئي. مون کيس سندس ڪپڙو کڻڻ کان جهليو جيئن آئون ان تي سومهڻي نماز پڙهي سگهان. سندس ڪپڙو جيڪو ٽوال نه پر گنجي هئي موٽائيندي وقت مهرباني (جزاڪ الله) چيومانس. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ڇهه ست مسافر گڏ ٿي چڪا هئا، جيڪي سڀ جپاني هئا. هو اسان کي غور سان ڏسندا رهيا، هنن ڪابه اهڙي Look نه ڏني، جيڪا اسان کي، خاص ڪري مون کي، عجيب لڳي. هتي جا ماڻهو هاڻ اسان جي مذهب بابت سمجهي ويا آهن. هو پاڻ مسلمان ملڪن ۾، توڙي پنهنجي ملڪ جي جپاني ٽي ويءَ تي مسلمانن کي نماز پڙهندو ۽ حج ڪندو ڏسندا رهن ٿا. بلڪ هن ڀيري مون کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته جپاني ٽي ويءَ تان روزانو اڌ ڪلاڪ جپاني زبان ۾ عربي سيکاري وڃي ٿي. عربي سيکارڻ وارو عرب هجڻ بدران جپاني رکيو ويو آهي ۽ ڇا جپاني ٿي ڪري سندس عربي آهي. هن پروگرام ذريعي جپانين کي عربيءَ جا لفظ صحيح طرح اچارڻ ۽ سٺي صورتخطيءَ ۾ عربي لکڻ سيکاري وڃي ٿي.
ٿوري دير بعد هي عرب جيڪو 35 سالن جو ٿيندو، پنهنجو سامان کڻي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
”ڪٿي جا آهيو؟ دبئيءَ جا؟.“ مون انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.
”نه. دبئيءَ جو نه آهيان. شام (Syria) جو آهيان.“ هن وراڻيو. سندس انگريزي تمام ڪمزور هئي- بلڪ جهڙي تهڙي گذاري لائق هئي، پر مڙيئي واندا هئاسين سو ويٺي مٿو هنيوسين، جيسين جهاز ۾ ويهڻ لاءِ اعلان ٿئي. عربي مون کي ڪانه ٿي آئي. هڪ هنڌ ته بيزار ٿي پڇيومانس ته ڀلا جپاني اچنئي؟“
”نه“ هن وراڻيو.
”ڀلا ٿوري ٿوري ته ايندي هوندءِ؟“ مون انگريزيءَ ۾ چئي وري جپانيءَ ۾ ورجايو:
”نهان گو سَڪوشي وَڪاري ماسڪا؟“
”نه. ڪورين اچي ٿي.“ هن جواب ڏنو ۽ مون حيرت مان پڪ ڪرڻ لاءِ ورجايو ”ڪورين؟“
”جي ها ڪورين.“ هن جواب ڏنو ۽ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هن علائقي جي ملڪن جي زبان سکڻي ئي هجي ته جپاني سکجي، جيڪا سولي به آهي ۽ سندس مانُ به آهي، پر هي عرب حضرت خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپان ۾ رهي ڪورين پيو ڳالهائي، جڏهن ته هتي رهندڙ ڪورين ماڻهو مڪاني جپاني ماڻهن سان ته ڇا پنهنجو پاڻ ۾ به جپاني پيا ڳالهائين.
”ڀلا هتي جپان ۾ خير ۾ اچڻ ٿيو آهي- گهمڻ خاطر يا نوڪريءَ لاءِ؟“
”دراصل آئون جپان نه آيو آهيان.“ هن ٻڌايو. سندس نالو بشير شربتي هو. ”آئون ڪوريا کان پيو اچان ۽ هتان اوساڪا مان ٻيو جهاز دبئي لاءِ وٺڻو اٿم، جتان پوءِ پنهنجي ڳوٺ دمشق هليو ويندس.“
بشير ٻڌايو ته هو گاڏين جي انجڻين جو بزنيس ڪري ٿو. هو پاڻ ۽ سندس ڀاءُ واري وٽي تي، سال ۾ چار پنج دفعا ڪوريا جي مختلف شهرن ۾ اچن، جتي هو ڪورين دوستن سان گڏ لارين، ڪارين ۽ ٽريڪٽرن جون پراڻيون انجڻيون وٺي هر دفعي ست اٺ ڪنٽينر ڀرائي پنهنجي ملڪ موڪلين.
”هڪ يا ٻن ڪنٽينرن مان فائدو نٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه هئڻ ضروري آهن، جيئن خرچ پکو لاهڻ بعد ڪجهه بچت ٿي سگهي.“
”ڀلا ڪوريا ۾ هوٽل ۾ هڪ رات رهڻ جو ڪيترو خرچ آهي؟“ مون پڇيومانس.
”گهڻو ناهي. انچان، ۽ پوسان جهڙن شهرن جي هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ ٽيهه کن آمريڪن ڊالر آهي. پر آئون مهينو ڏيڍ جيڪو ڪوريا ۾ رهان انهن مان چند ڏينهن هوٽل ۾ رهان، باقي ڏينهن مختلف شهرن ۾ انهن ڪورين جي گهرن ۾ رهان، جن سان بزنيس اٿم. ماني به اتي کاوان. گذريل ڏهن سالن کان پيو ڪوريا اچان وڃان.“
پاڻ ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ جيڪو هن کان سال ٻه ننڍو آهي، ان کي ڪورين کان علاوه انگريزي به سٺي اچي ٿي ۽ ٿوري ٿوري جپاني به اچي ٿي.
”ڀلا جپان مان سيڪنڊ هئنڊ مشينري ۽ ڪارون ڇو نٿا پنهنجي ملڪ شام ڏي ايڪسپورٽ ڪريو؟“ مون پڇيومانس.
هن يڪدم پنهنجي شڪل چٻي ڪري پنهنجي هٿ کي هيٺان کان مٿي ڪيو. ”جپان ۾ ڏاڍي مهانگائي آهي-ـــ رهائش، کاڌو پيتو-ــ هر شيءِ ايڏي مهانگي آهي جو بچت جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. شروع جي ڏينهن ۾ منهنجو ڀاءُ جپان آيو، پر ڪابه شيءِ واري ۾ نه اچي سگهي. اسان لاءِ ڪوريا صحيح آهي.“
موڪلائڻ مهل هن پنهنجو بزنيس ڪارڊ ڏنو، جنهن جي هڪ پاسي سندس پار پتا عربيءَ ۾ لکيل هئا ته ٻئي طرف انگريزيءَ ۾. هن ڪارڊ تي سندس ۽ سندس ڀاءُ جي نالي (بشير ۽ احمد شرباتي) جي هيٺان Al-Sharabati Store لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان Auto Used Spare Parts- Korean لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان شام جي ائڊريس ۽ فون نمبر آهي.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت مون سان گڏ ماريڪو (Mariko Masuko) نالي چاليهه سالن جي عمر جي عورت پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ ٻن پٽن (ڏهن ۽ ٻارهن سالن) سان گڏ هئي. هونءَ جپاني ٻئي سان فري نه ٿيندا آهن، پر هيءَ عورت خوش مزاج لڳي رهي هئي. اوساڪا ايئرپورٽ تي منهنجي نهارڻ تي هن مرڪي ’هيلو‘ ڪيو ته مون پڇيومانس ڪٿي جي آهين؟
”چيبا شهر جي.“ هن وراڻيو. چيبا ٽوڪيو جي ڀرسان آهي.
”۽ توهان جي ماءُ؟“
”اها اوساڪا جي آهي.“ ماريڪو وراڻيو.
”ڇا ڳالهه ڪجي هن اوساڪا جي!“ ۽ پوءِ مون پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا اوساڪا جي مختلف علائقن ۾ گذاريل ڏينهن ياد ڪري ساڻس ان وقت جي ڪجهه اهم جاين جي ڳالهه ڪئي ۽ اچي جهاز ۾ ويٺاسين. جهاز ۾ به هڪ ئي قطار ۾ جاءِ ملي.
ماريڪو ٻڌايو ته هوءَ ٻارن کي گهمائڻ لاءِ تنزانيا (آفريڪا) وٺي پئي وڃي ۽ ڏهه ڏينهن کن اتي رهندي. مون چرچي ۾ چيومانس ته ”خيال سان رهجو.“ منهنجو مطلب اهو هو (يعني منهنجي دل ۾ جنهن وقت اها ڳالهه ڪيم) ته شينهن ۽ جانورن جو خيال هو، پر ماريڪو ان مان منهنجو مطلب ”لا ۽ آرڊر“ جو سمجهيو ۽ يڪدم وراڻيو: ”تنزانيا آفريڪا جو ملڪ آهي، پر ڌارين لاءِ بلڪل باسلامت آهي.“
”I Know آئون سمجهان ٿو. آئون دارالسلام ۽ زنجبار ۾ رهي چڪو آهيان.“ مون وراڻيومانس. جيتوڻيڪ سؤ سيڪڙو پڪ اٿم ته هن جو مطلب اهو نه هوندو، پر الائي ڇو جڏهن هن مٿين ڳالهه ڪئي ته مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ چئي رهي هجي ته آفريڪا ڪارن شيدين (ماضي قريب تائين جاهلن) جو ملڪ هوندي به باحفاظت آهي ۽ ”اسان جهڙا حساس ٽوئرسٽ به اوڏانهن وڃڻ پسند ڪن ٿا ۽ توهان پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتيءَ جو Claim ڪندي به خوفائتا آهيو، جتي ڪو ڌاريون گهمڻ لاءِ ايندي ڏهه دفعا سوچي ٿو.“
”ٻئي دفعي اسان وٽ پاڪستان اچجو.“ مون چيومانس.
”ضرور اينداسين ۽ توهان به اوساڪا ۽ چيبا پاسي اچو ته اسان وٽ ضرور اچجو.“
”آئون ضرور ايندس-ــ جيڪڏهن وري جپان آيس ته. بهرحال اِي ميل تي هڪ ٻئي سان ٽچ ۾ رهنداسين.“ اسان هڪ ٻئي سان ائڊريسون مٽائيندي چيو. سندن ان وقت ۽ پوءِ جهاز ۾ پڻ هڪ ٻه فوٽو يادگار خاطر ڪڍيم. اوساڪا کان دبئي تائين لڳاتار ڏهه ڪلاڪ اڏام ۾ ٻه ٽي دفعا خراب موسم ڪري ۽ جهاز جو Altitude يڪدم گهٽجڻ ۽ وڌجڻ ڪري ڪَنن ۾ تاڙيون چڙهي ويون ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان فلائيٽ ۾ اهي تاڙيون اهڙي قسم جون زبردست چڙهيون ٿي جو نڪ بند ڪرڻ يا ڳت ڏيڻ سان منهنجا به ڪن يڪدم نٿي کليا. ماريڪو جي وڏي پٽ کي شايد اهو پهريون تجربو ٿي رهيو هو. هن کي شايد گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي يا نفسياتي طرح ڊڄي رهيو هو، جو هن هر دفعي اهڙي موقعي تي ايڏيون ته رڙيون ڪيون ٿي جو هن جي ماءُ ۽ ناني هڪ طرف پريشان ٿي ويون ٿي ته جهاز جا مسافر ۽ ايئرهوسٽسون ٻئي طرف. هن کي ماءُ ۽ جپاني ڳالهائيندڙ ايئرهوسٽس گهڻو ئي ڳراٽڙيون پائي سمجهايو ته آڱر ۽ آڱوٺي سان نڪ کي بند ڪري، زور سان ڳت ڏي ته ڪَن کلي پون، پر هو ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. روئڻ سان گڏ لتون به هڻندو رهيو. هن جي ان Symptoms ڪري ماريڪو (هن جي ماءُ) سخت پريشان ۽ گهٻرايل لڳي رهي هئي. هڪ وقت ڳالهين ڪندي اهو به چيائين ته ”وس پڄي ته دبئي مان تنزانيا لاءِ يڪدم ٻي فلائيٽ وٺڻ بدران ڏينهن ٻه دبئي ۾ ترسي پوءِ اڳتي جو سفر تنزانيا ڏي ڪريان.“ ان پريشانيءَ ۾ هنن نه رات جي ماني کاڌي ۽ نه صبح جو مليل نيرن.
هونءَ جهاز جو پائليٽ تمام سٺو لڳو ٿي. جهاز کي خراب موسم کان ڪافي بچائيندو هليو، جنهن ڪري هن کي پهرين جي مقرر ڪيل روٽ کان ٿورو گهڻو Deviate به ڪرڻو پيو ٿي. ايتريقدر جو پهرين جپان مٿان وٺي هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي (چين) ٽپائي، لاهور مٿان ٿيندو دبئي هلڻو هوس، پر پوءِ شايد موسم جي خراب ملڻ ڪري يا خبر ناهي ڪن ٻين سببن ڪري، هو منڊالي (برما)، چٽگانگ (بنگلاديش)، ڪلڪتي، ۽ احمدآباد بڙودا جي ويجهڙائيءَ کان ٿيندو گلف ۽ ڪڇ وٽ پهتو ۽ پوءِ باقي سمنڊ مٿان اُڏامي دبئيءَ اچي لاٿو. سفر جي اها سڄي ڪارروائي اڄڪلهه گهڻو ڪري هر جهاز تي GPS (گلوبل پوزيشنگ سسٽم) ذريعي ٽي وي جي اسڪرين تي مسافرن جي ڄاڻ لاءِايندي رهي ٿي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي جنهن وقت ”شام“ ملڪ جو بزنيس مئن بشير شربتي نماز پڙهي رهيو هو ته ويٺل چند مسافر مان ٻئي ڪنهن ته هن ڏي خاص ڌيان نه ڌريو، پر هڪ مسافر جيڪو قد ۾ ڊگهو هو- يعني جپاني نٿي لڳو، اهو پورو وقت هن کي گهوري ڏسندو رهيو. بشير بعد وري جڏهن مون نماز شروع ڪئي ته هر دفعي سلام ورائڻ مهل منهنجيون اکيون هن ڏي هلي ويون ٿي ۽ ڏٺم ته هو هاڻ مون کي ڏسي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ڪو ايجنٽ هجي. ڪو آمريڪن يا اهڙي مغربي ملڪ جو هجي جنهن کي مسلمانن جي ايڏي آزادي ۽ جرئت تي اعتراض هجي. مون سوچيو هو.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت هي همراهه منهنجي بلڪل ڀرواري سيٽ تي اچي ويٺو. منهنجو سيٽ نمبر 28F هو ۽ هن جو 28Gهو. مون ڏٺو ته هنِ پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو. پاڻ جپاني به سٺي ڳالهائي رهيو هو.
”منهنجو نالو منفريد (Manfred Huget) آهي ۽ آئون ٽيهه سال جپان ۾ رهيو آهيان.“ هن چيو ۽ ٻڌايائين ته هو جرمن آهي. سندس پيءُ جپان ۾ رهي ٿو، ان ڪري هو ننڍي هوندي کان وٺي هن وٽ ڪوبي شهر ۾ رهيو. تعليم به ڪوبي جي انگريزي اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ مان ورتائين ۽ هاڻ هو جرمني ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اتي ئي رهي ٿو. اٽڪل ٽن سالن بعد هو پيءُ وٽ ڪوبي (جپان) گهمڻ ويو هو ۽ هاڻ جرمني موٽي رهيو آهي.
”توهان جو والد ڪوبي ۾ ڇا ڪري؟“ مون پڇيومانس.
”هو ڪرسچن مشنري آهي.“ هن ٻڌايو. يعني سندس پيءُ عيسائيت جي پرچار ڪري ٿو ۽ ڪوبي شهر جي ڪنهن عيسائي ڪليسا گهر (Chruch) سان واسطو اٿس. منفريد پاڻ بيحد اخلاق ۽ نيازيءَ سان نه صرف ڳالهائي رهيو هو، پر منهنجي ۽ ٻين ڀروارن مسافرن جي، خاص ڪري ماريڪو وارن (جپاني فئملي) جي به مدد ڪندو رهيو ۽ سفر جي سڄي رات نه ستو. وچ ۾ مون کي سردي محسوس ٿي ته يڪدم پنهنجو بلينڪيٽ مون کي ڏئي پاڻ ٿيلهي مان پنهنجو سئيٽر ڪڍي پاتائين. ٻه دفعا کن پنهنجي لاءِ ڪِچن مان ڪافي کڻڻ ويو ته مون لاءِ به کڻي آيو. دبئي جي ويجهو ٿياسين ته هڪ مسافر چيس ته You are too good... مون به ان جي تائيد ڪئي ۽ کلي چيومانس ته منفريد! دل ۾ نه ڪرين ته چوانءِ ته يورپي ته هونءَ پاڻ کي سمجهن ٿا ۽ جرمن ماڻهن جو مٿو ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي، پر تون ان حساب سان عجيب ماڻهو آهين! ان جو سبب ڇا آهي؟
”دراصل آئون جپان جهڙي مشرقي ڪلچر ۾ نه فقط رهيو آهيان، پر مون ان کي پسند ڪري اپنايو به آهي. جنهن مطابق وڏن جو خيال ڪرڻ، پاڙيسرين ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ٻئي کي گهٽ نه سمجهڻ جهڙيون ڳالهيون منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويون آهن.“ هن ٻڌايو.
جهاز دبئي هوائي اڏي تي لٿو. ڄڻ اسٽيج جو سين ئي بدلجي ويو. ٻارهن ڪلاڪ کن اڳ جيڪي اوساڪا جي ايئرپورٽ تي بندري قد جا جپاني نظر اچي رهيا هئا ۽ هاڻ جبن ۾ عرب، پٽڪن ۾ سوڊاني ۽ شلوار قميص ۾ اسان جا پٺاڻ ۽ ڪراچيءَ جا پنجابي ۽ دهلوي سوداگر ڀائر نظر آيا. انهن جون نه فقط شڪليون ۽ ويس وڳا مختلف هئا پر ڳالهائڻ جو ڍنگ به نرالو هو. هو جو اوساڪا ايئرپورٽ تي ڪا شيءِ پڇڻ تي جپاني مردن توڙي ڇوڪرين جهڪي جهڪي منجهيل مسافر کي سمجهايو ٿي، سو هتي دبئي ايئر پورٽ تي نه هو. انفارميشن ڪائونٽر تي ويٺل هڪ عرب کان ڪراچيءَ جي Connecting اُڏام جو پڇڻ تي هن چڙ مان مون ڏي گهوري، پينسل سان مٿي ٽنگيل چئن ٽي وي سيٽن ڏي اشارو ڪيو. ”اتي پيو Display ٿئي، پاڻهي کڻي ڏس“ هن چڙ مان چيو.
هٿ منهن ڌوئڻ واري نلڪي مان پاڻيءَ جي بوتل ٿي ڀريم ته باٿ روم صاف ڪرڻ واري اسان جي پاڪستاني ڀنگيءَ رڙ ڪئي:
”پيني ڪي پاني ڪي نلڪي باهر هين.“
”اڇا ڀائي معاف ڪرو.“ دل ۾ چيم.
ايئرپورٽ جي 24 نمبر انتظار گاهه وٽ مسجد هئي. فجر جي ٻانگ اچي رهي هئي. وضو ڪري نماز لاءِ پهتس. نماز پڙهي مسجد جي ورانڊي ۾ رکيل بئنچ تي ويهي بوٽ پائي رهيو هوس ته ڀر ۾ ٽائي سان هڪ نوجوان به نماز بعد بوٽ پائڻ لاءِ اچي ويٺو. هو پاڪستاني يا ايراني ته نٿي لڳو نه وري ڪو عرب يا افغاني! ڪير ٿي سگهي ٿو؟ باوجود اهو سوچڻ جي ته مون کي پڇڻ نه کپي ته به ٻاهر نڪرڻ مهل پڇي ويٺوسانس ته ڪٿي جا آهيو؟
”مراڪش جو.“ هن وراڻيو.
”ڏاڍي خوشي ٿي توهان سان ملي.“ مون ساڻس هٿ ملائي موڪلايو. اتان پنهنجي 19 نمبر انتظار گاهه ۾ آيس، جتان ٻن ڪلاڪن بعد ڪراچيءَ لاءِ اُڏام وڃڻي هئي. جنهن ڪرسيءَ تي آئون پنهنجو ٿيلهو رکي ويو هوس، ان تي هڪ پروفيسر ٽائيپ پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني قبضو ڪيو ويٺو هو ۽ منهنجي ٿيلهي کي هيٺ لاهي ڦٽو ڪيو هئائين. باقي ڪرسيون مسافرن سان ڀريل هيون. ڪيترائي آفريڪي شيدي ۽ يورپي گورا ۽ گوريون پٽ تي چادرون تاڻي ستا پيا هئا. خبر ناهي هنن جي ڪيترن ڪلاڪن بعد اُڏام آهي جو ائين بالم ٿيو ستا پيا آهن. انهن جي ئي وچ ۾ ٿورو ڳرکو جاءِ جو هو، جتي پهرين ٿيلهو ڦٽو ڪيم، پوءِ پاڻ ويٺس ۽ پوءِ جيئن جيئن ستل همراه پاسو ورائيندا ويا ۽ چپر جاءِ جي ٿيندي وئي آئون به ٻين وانگر پٽ تي ليٽي ڊگهو ٿيندو ويس. يعني اٺ تنبوءَ ۾ عرب (مالڪ) ٻاهر. ٽيهن ڪلاڪن کان ڪرسيءَ تي ويٺي گذاريو هوم سو ليٽڻ سان فرحت اچي وئي ۽ تيسين نه اٿيس جيسين ڪراچيءَ جي اُڏام لاءِ اسان کي آخري سڏ نه ٿيو.