سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

ڪوڪورا کي ڪڪرن بچايو

ڪوڪورا کي ڪڪرن بچايو

پڙهندڙ کي شايد ان ڳالهه تان تعجب لڳي ته قبلائي خان جپان فتح ڪرڻ لاءِ هن شهر ڪوڪورا تي، جنهن ۾ اڄڪلهه آئون رهان ٿو، حملو ڪيو هو.
هي شهر ”ڪوڪورا“ فڪوڪا (صحيح لفظ فاڪوئوڪا آهي پر اسين غير جپاني چاهي پاڪستاني، انڊين هجون يا يورپي آمريڪن تڪڙ ۾ هن کي فڪوڪا چئون ٿا) ضلعي ۾ آهي. هي ضلعو (Prefecture) جپان جي ٽئين نمبر وڏي ٻيٽ ڪيوشو جو اتراهون حصو آهي، جيڪو ڪوريا ۽ چين جي سرزمين کي ويجهو آهي. يعني ڪوريا يا ٻين پٽن کان ادب ۽ ڪلچر جي، توڙي حملو ڪندڙن جي، جيڪا اچ وڃ ٿي سا گهڻي تڻي جپان جي هن حصي اندر ٿي.
قبلائي خان منگول سلطنت جي باني چنگيز خان جو پوٽو هو. چنگيز خان مار ڌاڙ ڪري، تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنهنجي سلطنت جا بارڊر هڪ طرف مغرب ۾ پولينڊ (يورپ) تائين وڃي پهچايا ته ٻئي طرف مشرق ۾ پِيلي سمنڊ (Yellow Sea) تائين، يعني چين جي ٻي ڪنڊ تائين، جتي هانگ ڪانگ ۽ تائيوان وغيره آهن.
قبلائي خان 1215ع ڌاري ڄائو ۽ 1260ع ۾ جڏهن هُن حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته هن کي صحيح طرح آرگنائيز ڪرڻ سان گڏ ان کي چين کان به اڳتي وڌائڻ چاهيو ۽ خاص ڪري جپان تي حملو ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ چين جي اڄ واري شهر بيجنگ وٽ ٺاهيو.
هي قبلائي خان ئي هو، جنهن جي ڪورٽ ۾ وينس جو مشهور سياح مارڪو پولو پنهنجي چاچي سان گڏ يورپ کان ٽن سالن جو سفر ڪري 1274ع ۾ پهتو ته قبلائي خان هن ويهن سالن جي نينگر جو سٺو ذهن ۽ هن جي ڪيترين ٻولين کان واقفيت ڏسي کيس پنهنجي ڪورٽ ۾ اهم عهدي تي عملدار ڪري رکيو ۽ کيس نه فقط هندستان، سريلنڪا ۽ ٻين اوسي پاسي جي ملڪن ۾ موڪليندو رهيو، پر جپان به موڪليو، جتان جو واءُ سواءُ هن قبلائي خان کي پهچايو. بهرحال مارڪو پولو جو تفصيلي احوال آئون پنهنجي هڪ سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، جيڪو قبلائي خان سان گڏ 17 سال کن رهي واپس وطن وڃي رهيو هو ته رستي تي (1294ع ۾) کيس قبلائي خان جي موت جي خبر پيئي.
قبلائي خان جي لشڪر جپان تي ٻه دفعا حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جپان ۾ ان وقت ڪماڪورا گهراڻي جو دور هو. هي دور 1192ع کان وٺي 1333ع تائين هليو، جنهن ۾ حڪومت جا هيڊ ڪوارٽر اڄ جي ٽوڪيو ڀرسان هڪ شهر ڪماڪورا ۾ هئا. (ان ڪري جپان ايندڙ سياح اڄ به نارا ۽ ڪيوٽو سان گڏ تاريخي شهر ڪماڪورا پڻ ڏسن ٿا).
قبلائي خان منگولن جو وڏو لشڪر وٺي چين ۽ جپان جي وچ وارو پِيلو سمنڊ ٻيڙين ذريعي اُڪري هن شهر ڪوڪورا وٽ هڪاتا نالي بندرگاهه ۾ لٿو. منگول، پهرين حملي ۾ چڱي سوڀ حاصل ڪري ويا ۽ جپانين جا اهڙا ڏوهه ڏڪايائون جو هنن بچاءَ لاءِ وڏي ڀت ٺاهي، جنهن جا ڪجهه ڪجهه آثار ساڍا ست سؤ سال گذرڻ بعد به هن ضلعي فڪوڪا ۾ نظر اچن ٿا.
1281ع ۾ منگولن جي ٻئي حملي ۾ هن ڀت جپانين جي ڪجهه مدد ضرور ڪئي، پر کين منگولن جي حملي کان صحيح معنيٰ ۾ سامونڊي طوفان بچايو. هن قسم جا ٽائفون (تمام تکيون هوائون جيڪي ڌرتي ۽ سمنڊ تي واچوڙا ۽ قهر جا ڪُن ٿيون پيدا ڪن) اڄ به هن علائقي ۾ لڳنديون رهن ٿيون ۽ منهنجي هوندي ٻن مهينن اندر ٽي ٽائفون اچي چڪيون آهن ۽ ساڳيون ٽائفون جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ به درپيش اينديون هيون ۽ ڪَلَ تي هلندڙ هيڏن آفت جيڏن جهازن تي هوندي به سمنڊ تي ته اسانجو ساهه سڪندو هو، پر ڪناري تي رسن ٻڌل جهاز به رسا ڇنائي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويندا هئا ۽ اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ اهڙي جهاز جي تصوير (جي گم نه ٿي وئي آهي ته) هتي ڏيڻ سان پڙهندڙ هتي جي طوفانن جو اندازو لڳائي سگهن ٿا، جن طوفانن منگولن جي سڀني ٻيڙين کي ڪک پن ڪري ڇڏيو ۽ انهن ۾ ويٺل هڪ لک منگول جوڌا ڀڳڙا ڀڳڙا ٿي ويا. جپانين جي عقيدي موجب هيءَ هوا (Kaze) يقيناً سندن ديوتا (Kami) طرفان ئي هئي. ان ڪري جپانين ان ٽائفون کي ڪامي ڪازي (Kami kaze) سڏيو. بهرحال جپاني وڏي کٽراڳ کان بچي ويا، نه ته ان زماني ۾ جپاني ڪي اهڙا جوڌا مڙس يا ٽيڪنيڪلي ايڊوانس نه هئا جو منگولن جو مقابلو ڪري سگهن ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو خبردار ضرور ٿي ويا ته پنهنجو پاڻ کي پهلوان بنائجي جو ڪمزور تي ڪنهن وقت به ڌاريا حملو ڪري سگهن ٿا. هوڏانهن ٻڏي ۽ لڙهي ويل منگولن جون مائرون منهن مٿو پٽي ويهي رهيون، جوين وڃي ٻيا مڙس ڪيا ۽ قبلائي خان جي باقي فوج هڪ دفعو وري پِيلو سمنڊ ٽپي جپان تي حملو ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا.
مٿيون لفظ ’ڪامي ڪازي‘ ٻي وڏي جنگ ۾ هڪ دفعو وري عام ٿيو هو. اهو لفظ (Kamikaze) جپان ايئرفورس ۾ انهن پائليٽن لاءِ استعمال ٿيو هو، جن بمن سان ڀريل هوائي جهاز کڻي آمريڪن بحري جهازن تي آپگهاتي حملا ڪيا هئا. هونءَ هوائي جهاز، مٿان اڏامندي هيٺ ٽارگيٽ تي بم اڇلائيندو آهي، پر ان ۾ هر وقت اهو خطرو هوندو آهي ته متان هيٺان ڪا ائنٽي ايئرڪرافٽ گن کيس نه ڪيرائي رکي. ان ڪري جپان ايئرفورس جي هنن ڪامي ڪازي پائلٽن جو جٿو سر تان آهو کڻي نڪتو ٿي. هر پائلٽ پنهنجي جهاز مان بم اڇلي موٽڻ بدران آمريڪن جي وڏي بحري جنگي جهازن جي چمنيءَ ۾ پنهنجي هوائي جهاز کي داخل ڪري ڇڏيو ٿي ۽ هڪ ئي وقت نه فقط ان جهاز ۾ موجود بم ڦاٽا ٿي پر ان جنگي بحري جهاز جو بارود به ڦاٽي پيو ٿي جنهن جي زوردار ڌماڪي تي اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيا جهاز ۽ بندرگاهه به تباهه ٿي ويو.
هنن دلير جپاني پائلٽن (ڪامي ڪازي) تي جپاني ادب ۾ ڪيتريون ئي ڪويتائون ۽ ڪهاڻيون لکيل آهن، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيل آهن.
مٿين ڳالهه اڄ صبح جو هڪ جپاني لئبريرن جي چرچي تان ياد آئي. لئبرريءَ ۾ ڇَٽي کڻي پهتس ته لئبرري جي انچارج ڇوڪريءَ تعجب مان پڇيو ته مسٽر الطاف اڄ مينهن (آمي) آهي ڇا جو ڇَٽي (ڪاسا) هٿ ۾ اٿئي؟ دراصل اڄ ڪيترن ڏينهن جي لڳاتار مينهن بعد اُس نڪتي هئي ۽ اُس به اهڙي تکي جو منهنجي ٽڪڻ ٿي سڙي، سو ان جي بچاءَ لاءِ ڇٽي کنئي هيم. هونءَ به اسان جي ملڪ ۾ مينهن پئي ڪٿي ٿو، ان ڪري ته ڇٽيءَ کي مينهن ڇٽيءَ بدران ڌوپ ڇٽي چئون ٿا ۽ اسان جي حساب موجب هن ڌوپ ڇٽي (اُس جي بچاءَ جي ڇٽ) جي اڄ ڪوڪورا ۾ ضرورت هئي پر هاڻ هن ويچاري درويش مس يوڪو اُچيدا (Yuko Uchida) کي ڇا ويهي ٻڌايان ته تون هتي ايئرڪنڊيشن ۾ ويٺي آهين سو ٻاهر جي اَس جو احساس نه اٿئي باقي مون جهڙن گنجن جي ٽڪڻ ٿي سڙي- ان بدران مون ساڻس ها ۾ ها ملائي چيو ”اهو به اچڻ وارو آهي. هتي ڪهڙو وقت آهي جڏهن آسمان ڪڪرن کان خالي آهي؟“
”مسٽر الطاف اهي ڪڪر ئي ته آهن جن ڪوڪورا کي بچايو“ هن ڏاڍي آرام سان چيو. پهرين مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ اٿي چيومانس ته واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. اها ڳالهه ته مون کي پنهنجي سفرنامي ۾ پهرين لکڻ کپي.
لئبرري جي هن انچارج يوڪو کي جيئن ئي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ ٻڌايو ته منهنجو مامو ليکڪ به آهي ته هن لاءِ آئون ڄڻ ڪامي (ديوتا) بنجي پيس. لئبرريءَ مان ڪيترا وڻيم ڪتاب گهر کڻي وڃان، جيترا ڏينهن وڻيم اوترا ڏينهن رکان مجال آهي جو هوءَ اعتراض ڪري. جپان بابت ڪا تصوير يا اسڪيچ ملندس ته اها به مون لاءِ رکي ڇڏيندي يا موڪلي ڏيندي. هر وقت موسم بابت آگاهه ڪندي رهندي، جيئن ڪيڏانهن وڃڻو هجيم ته موسم کي ڌيان ۾ رکي ان مطابق وڃان . هڪ دفعي هن شهر ڪوڪورا ۾ ايڏي وڏي ٽائفون اچڻي هئي جو صبح کان اسڪول ڪاليج بند ڪيا ويا. ٽائفون منجهند جو ٽين بجي کان شروع ٿيڻي هئي ۽ ظاهر آهي پوءِ ٻه ٽي ڏينهن پيو طوفاني مينهن هلندو آهي. آئون اهو سوچي جلدي ڪتاب بدلائڻ آيس. نڪرڻ وقت مس يوڪو در وٽ ڊوڙي اچي چيو: ”مسٽر الطاف پنهنجو خيال رکجان، ٽائفون اچڻ ۾ باقي ڪي ٻه اڍائي ڪلاڪ آهن.“
”ها مون کي خبر آهي.“ مون مرڪندي کيس چيو. يوڪو جو مون لاءِ اهو خيال هڪ انسان ۽ هڪ ڌارئين کان وڌيڪ هڪ ليکڪ لاءِ آهي، جنهن کي ههڙن ملڪن ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. دل ۾ سوچيم اسان وٽ اديب- خاص ڪري اسين سنڌي اديب ته پنهنجي ملڪ ۾ ائين ئي دربدر پيا ڦرون، تون اجايو ويٺي خيال ڪرين ۽ اسان جون عادتون خراب ڪرين.
بهرحال ان ڏينهن ڪوڪورا (هن شهر) جي بچاءَ لاءِ ڪڪرن واري سندس ڳالهه مون دل سان ساراهي. اسان ڌارين کي ته ڇا پر ڪيترن هتي جي رهاڪو جپانين کي به اها خبر گهٽ آهي ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ آمريڪن ناگاساڪيءَ تي بم ڪيرائڻ بدران هن شهر ڪوڪورا تي ڪيرائڻ چاهيو ٿي پر ان وقت هن شهر جي مٿان گهاٽا ڪڪر هجڻ جي ڪري آمريڪن پائلٽ ٽارگيٽ ڳولي نه سگهيو.
هونءَ هن شهر ڪوڪورا تي بم ڪيرائڻ جو آمريڪن وٽ پورو پورو جواز هو. ٻي وڏي لڙائيءَ جي خاتمي تائين ڪوڪورا جپان جو اهو اهم شهر هو جتي هنن جو سڀ کان وڏو بارودي ڊپو (Arsenal) هو. ولڪان ورڪشاپ نالي هٿيار ٺاهڻ جو ڪارخانو هتي هو. هن شهر ۾ نه فقط هٿيارن جا انبار هئا پر زهريلي گئسن جا اسٽاڪ هئا جن لاءِ اسان عراق کي ننديندا رهياسين. ٻيو ته ٺهيو پر جراثيمن جا ڪيترائي قسم هئا جيڪي Viruses (وچڙندڙ بيماريون) پيدا ڪري سگهن. بقول هڪ ليکڪ پال سافو جي جنهن پنهنجي ڪتاب: ‘دي روڊ فرام ٽرنٽي‘ جي چوٿين چئپٽر ۾ لکيو آهي ته:
"Bombs made in Kokura arsenal rained death not only upon American troops، but also on hapless civilians from Philippines to Singapore and Nanjing (China)."
9 آگسٽ 1945ع تي آمريڪن بامبر جهاز هن شهر ڪوڪورا مٿان ٽي چڪر هنيا پر ڪڪرن ۽ دونهين ڪري هو اها صحيح جاءِ ڳولي نه سگهيو جتي هن کي بم ڪيرائڻو هو. آخر بيزار ٿي جهاز جي پائيلٽ ناگاساڪيءَ ڏي رُخ رکيو ۽ پوءِ هڪ ڪلاڪ به نه گذريو هوندو ته ناگاساڪيءَ ۾ ائٽم بم ڪرڻ جي خبر پيئي جيڪو پوري يارهن لڳي ٻن منٽن تي ڪيرايو ويو هو. بم ڪرڻ سان ان جي ڌماڪي ۽ ائٽمي گرمائش ڪري شهر جون عمارتون ڊهنديون ويون ۽ هزارين شهري سڙندا ويا. بم جي تپش ايڏي هئي جو کل ۽ ماس ته ڇا انسانن ۽ جانورن جا هڏا به وٽڙي ويا پئي. لکين ماڻهو جيڪي بچي سگهيا اهي سڄي عمر پنهنجا زخم چيٺيندا رهيا ۽ ائٽمي لهرن ڪري پيدا ٿيل ٻين بيمارين ۾ پڄرندا رهيا.
هن وقت هي مضمون لکڻ وقت پنهنجي اٺين فلور جي فليٽ جي بالڪنيءَ مان نظر ايندڙ هن شهر ڪوڪورا جي آرمي برج (پل) جيڪا شهر مان وهندڙ موراساڪي نديءَ تي ٺهيل آهي، کي ڏسي اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن موراساڪي نديءَ جي هن ڀر جپاني فوج جا بارود ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، هٿيار ٺاهڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪارخانو Vulcan workshop هو ۽ هن پل Army Bridge ان بارودي گدامن ۽ ڪارخانن کي شهر جي اسان واري پاسي سان ڳنڍيو ٿي. آمريڪن پائليٽ جي پريشانيءَ جو ان وقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن هـُـن هـِـن پل ۽ بارودي گدامن کي گهوري ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي پر هيٺائين تي ترندڙ هنن ڪڪرن هن کي ڪامياب نه بڻايو.
اڄ آرمي پل سان گڏ موراساڪي نديءَ تي ٻيون به ڪيتريون پليون ٺهي ويون آهن ۽ ”آرمي برج“ جهڙي فوجي نالي بدران هاڻ هن پل ۽ ٻين پلين جا نالا رومانوي ۽ ڌرمي نوعيت جا رکيا ويا آهن، جيئن ته: Nakashima Bridge (هوا جي پل)، موراساڪي گاوا برج (لوهه جي پل)، Nakano (سج) جي پل، Ogai (سي گل پکيءَ) جي پل، katsuyama (پٿر) جي پل، Tokiwa (ڪاٺ) جي پل، Muromachi (باهه) جي پل.... وغيره. هن علائقي kita Kyushu (اتر ڪيوشو- جنهن ۾ ڪوڪورا کان علاوه ٻيا به چار شهر: هڪاتا، موجي، توباتا وغيره اچي وڃن ٿا) جو هاڻوڪو ميئر مسٽر ڪوئچي (Mr. koichi Sueyoshi) جيڪو تعليم ۽ پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهي، تنهن شهر کي نئون رنگ ڏئي ڇڏيو آهي. سندس آفيس پڻ هن نديءَ جي ڪناري تي ”ڪيٽا ڪيوشو سٽي هال“ نالي عمارت ۾ ٻارهن ماڙ تي آهي. ڪوئچي کي شهر جي صفائي سٿرائي جو نه فقط خيال آهي پر هن شهر کي جپان جو ماڊل شهر بنائي ڏيکاريو آهي. سال 2002ع ۾ جيڪا جهانسبرگ (سائوٿ آفريڪا) ۾ ماحوليات تي ورلڊ ڪانفرنس ٿي هئي، ان ۾ کيس ان ڳالهه تي ايوارڊ ڏنو ويو هو. سندس ٽيليفون نمبر 2121-093-582 آهي ۽ اي ميل ائڊريس:
koichi_sueyoshi01@mail2.city.kitakyushu.jp
ساڻس ويجهڙائي واري ملاقات ۾ ورلڊ وار II جي به ڳالهه اچي نڪتي. اڄ ماضيءَ جي ڪا به اهڙي ياد هن شهر ۾ نه آهي جيڪا ٻي وڏي لڙائي يا جپانين جي خوفناڪ هٿيارن جي ڪارخانن جي ياد ڏياري. اڄ کان 30 سال کن اڳ تائين جڏهن منهنجو جهاز ۾ هن پاسي اچڻ ٿيندو هو ته بمن جي ڪارخانن لاءِ ٺهيل هڪ Water Tower ئي اڪيلي شيءِ هن شهر ۾ رهيل هئي. ڪوئچي صاحب ٻڌايو ته ”هتي جي ماڻهن ان کي ياد خاطر بچائي رکڻ چاهيو ٿي پر ڪجهه سال اڳ ان کي به ڊهرايو ويو- بلڪه پاڻ ئي ڊهي ڪري پيو. هونءَ به هن شهر ڪوڪورا جي ماضيءَ جي اها ياد ڪا خوبصورت ياد نه هئي جنهن کي ساهه سان سانڍي رکجي. هاڻ ڪوڪورا ڪئسل (قلعي) جي ڀرسان Kokura Bomb Museum ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ ان وقت جي تباهڪار هٿيارن جا نمونا رکيل آهن.“
موڪلائڻ وقت آئون سندس مٿاهين فلور جي آفيس جي دريءَ مان هيٺ ڏسان ٿو. موراساڪي نديءَ جي ٻئي پاسي بمن ۽ بارودن جي ڪارخانن بدران اڄ هلڪين ڦلڪين گهرو استعمال جي شين جون فئڪٽريون آهن، انهن جي ڀرسان هتي جو وڏو ۽ خوبصورت پارڪ Katsuyama نظر اچي رهيو آهي. هيءَ اها جاءِ آهي جتي 1945ع کان اڳ جپاني فوجي ڊرل ڪندا هئا ۽ دنيا کي زير ڪرڻ جون Exercises ڪندا هئا. اڄ اتي ننڍڙا ٻار خوبصورت ڪپڙن ۾ راند کيڏي رهيا هئا. هڪ ڪنڊ ۾ ٻُڌ مندر جو هڪ ٻائو ڪنهن مورتي اڳيان ڪنول جا گل رکي رهيو هو.