دنيا جي خوب صورت ڊريس- ڪمونو
جپان جي روايتي ڊريس جو نالو ڪمونو (Kimono) آهي، جيئن اسان جي ڊريس ”شلوار قميص“ سڏجي ٿي يا ملئي ماڻهن جي ”باجو ڪرونگ“ آهي. هڪ جپاني عورت ڪمونو بابت ٻڌائيندي چيو هو: ”مغرب جا ماڻهو (يعني يورپي) ڪمونو تي اجايو الزام ٿا هڻن ته اها Impractical ڊريس آهي.“ يعني اها هلڻ چلڻ ۾ سهوليت واري ناهي.
مون کيس پنهنجي طرفان ته ڪجهه نه چيو پر دل ۾ سوچيم، يورپي ڳالهه ته صحيح ٿا ڪن. جيئن اسان جي شلوار قميص ڪيترين ڳالهين ۾ سهوليت واري نه آهي. ڇا يورپ جي ٿڌ ۾ ڪو شلوار قميص پائي ٻاهر نڪري سگهندو يا ڪارخانن ۽ انجڻين ۾ ان ڊريس ۾ ڪو ڪم ڪري سگهندو، جنهن ۾ قميص جو پلئه يا سٿڻ جو حصو گيئرن ۾ ڦاسي ماڻهوءَ کي ماري سگهي ٿو. پر اسان جي موسم ۽ ماحول مطابق سٿڻ قميص برمين ۽ تاملن جي گوڏين، دهلوي لکنوين جي چوڙيدار پاجامن ۽ نيپالين ۽ سريلنڪن جي ڌوتين کان تمام سٺي ۽ فضيلت واري ڊريس آهي. تڏهن ته آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جو سهڻو جوان ذوالفقار ڀٽو، دنيا جو مشهور ڪرڪيٽ رانديگر عمران خان ۽ ننڍي اسڪرين توڙي وڏي اسڪرين جو ڊگهي عرصي کان ماڻهن جون دليون موهڻ وارو اميتاڀ بچن ۽ ٻيا ڪيترائي سٿڻ قميص پائڻ پسند ڪن ٿا.
اهڙي طرح يارو جپاني ڪمونو ائين آهي جيئن ڪا ڇوڪري پنج ڇهه کليل تاڪيا ڪلهن تي رکيو پئي وڃي، جنهن ۾ هوءَ نه تکو هلي سگهي، نه هلڪو محسوس ڪري سگهي. گرم ملڪن ۾ ته ان ڊريس ۾ جيڪر ساهه نڪري جو ڪمونو ڊريس تهه مٿان تهه آهي. پر سٿڻ قميص وانگر ”ڪمونو“ پڻ ان جي پائڻ واري کي سونهن ۽ Grace بخشي ٿو. هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ڪمونو جا خوبصورت رنگ ۽ اسٽائيل هڪ پوڙهي ۽ ڪوجهي عورت کي به حسن بخشين ٿا. بقول هڪ جپاني دوست جي ڪمونو پهرڻ بعد ڪا ڇوڪري بي افعالي ٿي هلي نٿي سگهي. هن کي وک وک فضيلت سان کڻڻي پوي ٿي. هن جي ڳالهائڻ جي ادا ئي ڦريو وڃي.
اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي، جيتوڻيڪ جپاني سوسائٽيءَ ۾ گهڻو رهڻ سان توهان کي اهڙيون ڪمونو پهريل به ملنديون (خاص ڪري جوان عورتون ۽ يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون) جيڪي ڪمونو پائڻ بعد به پنهنجي لوفر پائيءَ کان باز نٿيون اچن. ايتريقدر جو رستي تان لنگهندي کلئي عام سگريٽ جا سُوٽا هڻنديون وينديون! پر اهڙيون ڪمونو پهريل تمام گهٽ ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. سو ٿلهي ليکي ڳالهه ڪجي ته ”ڪمونو“ اهڙي ڊريس آهي، جيڪا پائيندڙ جي نه فقط چال ڍال بدلايو ڇڏي، پر اندر به اُجاريو ڇڏي.
ڪمونو جپان جو قومي لباس آهي ۽ اڄڪلهه فقط شادين مرادين ۽ اهم فنڪشنن ۾ پاتو وڃي ٿو. ان ڪري ڪمونو هڪ قسم جي بيحد فارمل ڊريس ٿي پئي آهي. ان کان گهٽ پيماني واري ڊريس يوڪاتا (Yukata) آهي، جيڪا اڪثر هوٽلن ۾، خاص ڪري جپاني مسافر خانن (Ryokan) ۾ پاتي وڃي ٿي.
ڪمونو لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن کان تيرهن وال ڪپڙو کپي ٿو. ان ڪپڙي جا اٺ ٽڪرا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي هڪ خاص پئٽرن ۾ ڳنڍيو وڃي ٿو. ڪمونو گهڻو ڪري سلڪ جي ڪپڙي مان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ يوڪاتا ڪاٽن (سوٽي) ڪپڙي مان. ڪمونو کي رنگين بنائڻ لاءِ ان جو ڪپڙو مختلف رنگن جي ڌاڳن سان اُڻيو وڃي ٿو يا بعد ۾ رنگريز کان Dye ڪرايو وڃي ٿو. جيئن سوسيءَ جي ڪپڙن کان هالا مشهور آهي، تيئن ڪمونو جي رنگين اوڄي واري ڪپڙي Oshima Tsumugi کان امامي ٻيٽ مشهور آهي، جيڪو ڪيوشو جي ڏکڻ ۾ آهي. ڪمونو لاءِ هڪ ٻيو ڪپڙو Yuki Tsumugi پڻ مشهور آهي، جيڪو يوڪي شهر ۾ ٺهي ٿو. هن ڪپڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايڏو مضبوط ٿئي ٿو جو هن ڪپڙي جا ڪمونو ٽي سؤ سال به هلن ٿا. Dye، ڊاءِ وارو ڪپڙو ڪيوٽو ۽ ڪانازاوا شهرن جو مشهور آهي.
ڪمونو لاءِ چون ٿا ته هن جو رواج هيئيئان (Heian) دور (1192ع- 794ع) ۾ پيو. ڪماڪورا دور (1138ع- 1192ع) ۽ مورو ماچي دور (1573ع- 1338ع) ۾ مرد توڙي عورتون چمڪ وارن رنگين ڪپڙن جا ڪمونو پائيندا هئا. پوءِ ايڊو (Edo) دور (1868ع- 1603ع) ۾، جنهن ۾ جپان تي حڪومت تاڪو گاوا گهراڻي ٿي ڪئي (جيڪي ملٽري جا ماڻهو ۽ جنگجو خاندان جا هئا) ڪمونو مختلف سردارن جي سپاهين لاءِ مختلف رنگن جو ٺاهيو ويو، يعني هن کي يونيفارم واري حيثيت ڏني وئي. پوءِ ميجي شهنشاهيت (1912ع- 1868ع) واري دور ۾ جپان تي مغربي دنيا جو وڏو اثر رهيو. حڪومت عوام جي همت افزائي ڪئي ٿي ته مغربي ڊريس پايو ۽ اتي جي ماڻهن جون عادتون ۽ رسم رواج اپنائڻ جي ڪوشش ڪريو. اڄ جي دور ۾ جپاني ماڻهو ورلي ڪمونو پائي ٿو. عام زندگيءَ ۾ جپاني مرد توڙي عورت مغربي ڊريس ۾ نظر اچي ٿو. ڪمونو فقط شادين مرادين جهڙن ڪاڄن ۽ اهم فنڪشنن لاءِ رکيو ويو آهي، جيئن اسان وٽ شيرواني آهي.
جپاني جي هڪ مشهور شاعره مساجو (Suzuki Masajo) جو ڪمونو بابت هڪ خوبصورت شعر آهي ته:
”سلڪ جي لسي ڪمونو جو
جسم کي ڇهڻ
يار جي دل ۾ وڍ وجهي رهيو آهي“
Usumono Ya
Hito Kanashimasu
Koi O Shite
مئڊم ماساجو ۽ ”رومانيت“، اڃا به جي Exact جپاني لفظ استعمال ڪجي ته ”عشق جي آڳ“، هڪ ئي شيءِ جو نالو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ سونهن، پيار ۽ هائيڪو شاعريءَ جي ديوي پڻ مڃي وڃي ٿي. جپان جي هن شاعره ماساجو جي شروع واري زندگيءَ جو هڪ واقعو _ شادي شده ٿي ڪري هڪ نوجوان جهازي يار سان (جيڪو کانئس ڏهه سال کن ننڍو هو) ڀڄي وڃڻ، ليجنڊري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ جيستائين مون کي ياد آهي ته ان تي فلم به ٺهي چڪي آهي. ماساجو سان منهنجي ملاقات ٽوڪيو جي سندس هوٽل ۾ 1979ع ۾ ٿي، جڏهن هوءَ 73 ورهين جي هئي. ايڏي وڏي عمر جي باوجود به هوءَ ٻي ملڪا ترنم نورجهان لڳي رهي هئي. ان بعد منهنجي هڪ پاڪستاني جهازي دوست جي ساڻس 1991ع ۾ ملاقات ٿي، جڏهن پاڻ 85 سالن جي هئي. ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جو مون کي ڏاڍو شوق هو. ان وقت تائين سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. آخري ڪتاب Yuborarn) کڙکٻيتا) تي کيس ايوارڊ مليو هو.
”ان بعد وري ٽوڪيو اچان ها ته ساڻس گڏ ڪيترائي فوٽو ڪڍرايان ها. هن وقت جي جيئري هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ 100 سالن جي هجي ها جو هوءَ مون کان 38 سال وڏي هئي.“ مون هن سال ٽوڪيو اچڻ تي سوچيو.
۽ هينئر گنزا مان چڪر هڻندي سندس ريسٽورنٽ "Unami" وٽان لنگهندي منهنجا قدم ان طرف وڌڻ لڳا. ليئو پائي مئڊم ماساجو جو پڇيم ته هوءَ ڪهڙي سال گذاري وئي.
”ڇا مطلب؟“ ڪائونٽر تي ويٺل سندس ڌيءَ يا شايد ڏهٽي پوٽيءَ حيرت مان پڇيو، ”هوءَ ته هينئر مارچ ۾ گذاري وئي آهي.“
اهو ٻڌي مون کي حيرت ۽ افسوس ٿيو. تنهن جي معنيٰ ته هوءَ اڃا جيئري هئي ۽ هينئر ٻه مهينا کن اڳ منهنجي هتي هجڻ دوران گذاري وئي آهي! ريسٽورنٽ جي نئين مالڪياڻيءَ هڪ انگريزي اخبار جي ڪٽنگ پڙهڻ لاءِ مون ڏي وڌائي جنهن ۾ مئڊم ماساجو جي موت جي خبر هئي. ان هيٺان ٿلهي ٽائيپ ۾ لکيل هو:
Masajo has passed away. She was 96. She died a natural death peacefully in Tokyo on Friday 14th March 2003. Her life was one of love and haiku, which is chronicled in her own unforgettable poems and essays.
آئون انهي پيرين ٻاهر نڪتس. مون کي چوٿو صدي کن اڳ جا ڏينهن اکين اڳيان ڦري آيا، جڏهن منهنجي هن شاعره سان پهريون دفعو ملاقات، هن ئي ريسٽورنٽ ۾ ٿي هئي ۽ ان بعد ئي مون هن جي شاعري غور سان پڙهڻ شروع ڪئي هئي.
ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ هڪ ڏينهن دير تائين ڪم ڪرڻ بعد اتي جو فائننس ڊائريڪٽر اسان کي شهر وٺي هليو هو. ٽوڪيو جي هن شپ يارڊ ڀرسان ئي هتي جو مشهور علائقو گنزا آهي، جتي جا خوبصورت دڪان ۽ هوٽلون دنيا جا اعليٰ ترين سمجهيا وڃن ٿا.
”الطاف توهان کي هڪ اهڙي هنڌ وٺي ٿو هلان جتي گهٽ ۾ گهٽ توکي ڏاڍو مزو ايندو.“
”بس سمجهي ويس.“ مون ٺهه پهه وراڻيس. ”مئڪڊونالڊ تان ملڪ شيڪ پيارڻ ٿو هلين.“
۽ پوءِ فائننس ڊائريڪٽر جڏهن ’يونامي‘ نالي هن جپاني اسٽائيل ريسٽورنٽ جي ٻاهران اچي بيٺو ته مون خوشيءَ جو اظهار نه ڪندي چيومانس: ”يار هتي وٺي اچڻ ۾ اسان پاڪستانين جو ڪهڙو فائدو؟ تون ته ساڪي (جپاني شراب) به پيئندين ته بيف اسٽيڪ به کائيندين. اسان جي نصيب ۾ ته فقط ڪارن ڪِريم سُوپ ئي ايندو.“
”سُوپ سان گڏ مڇي ۽ سلاد کائجانءَ ۽ پوءِ رستي تان ملڪ شيڪ به وٺي هلجانءِ. هتي تنهنجي ملاقات اسان جي هڪ وڏي شاعره سان ٿو ڪرايان، جيڪا هن هوٽل جي مالڪڻ پڻ آهي.“
منهنجي ٻين پاڪستاني انجنيئر دوستن لاءِ اها ملاقات اهم هجي يا نه پر منهنجي لاءِ اها گهڙي ايتري ئي اهم هئي، جيتري اڄ کان ويهارو کن سال اڳ، جڏهن قمر شهباز مون کي شيخ اياز جي فليٽ تي وٺي هليو هو ۽ هن سان منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي.
جپان جي هيءَ مشهور شاعره سوزوڪي ماساجو (سوزوڪي سندس ذات آهي) 1906ع ۾ ڄائي. سندس ماءُ پيءُ يوشيدا نالي هڪ مسافر خانو هلايو ٿي. (اهو مسافر خانو اڄ به موجود آهي ۽ ’ڪامو گاوا گرانڊ هوٽل‘ جي نالي سان سڏجي ٿو). ماساجو جي هڪ عجيب ڏکن ڀري زندگي آهي جيڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مختصر طور لکان ٿو.
ماساجو (Masajo) پنجن سالن جي مس ٿي ته سندس ماءُ جيڪا ان وقت 27 سالن جي هئي، گذاري وئي. ٻن سالن بعد سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي. ماساجو جي هيءَ ماٽيلي ماءُ جيڪا سندس ماءُ جي همعمر، بيحد حسين ۽ مهربان هئي، هڪ گيشا هئي. چوڏهن سالن جي ٿيڻ تي جڏهن ماساجو گيشا ٿيڻ لاءِ پنهنجي ماٽيلي ماءُ کان صلاح ورتي ته هن ماساجو کي Support ڪيو، پر سندس ڀيڻن ۽ پيءُ گيشا ٿيڻ کان منع ڪيس.
ماساجو ٽن ڀيڻن ۾ سڀ کان ننڍي هئي. سندس وڏي ڀيڻ ريو (Ryu) به هائيڪو جي وڏي شاعره ٿي گذري آهي، جنهن پندرهن سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. هوءَ 33 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. ان وقت ماساجو 29 سالن جي هئي. ان ئي سال ماساجو جو مڙس جيڪو هول سيل مرچنٽ هو، اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويو. دراصل هن جوا ۾ ايڏو ته هارايو جو هو کُٽي ويو ۽ ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻي هلڻ بدران جهنگ منهن ڪري ويو. اخبار ۾ ”گم ٿي ويل جو پتو گهرجي“ اشتهار ڏئي ماساجو ٿڪجي پئي. ساڻس ڇهه سال اڳ ماساجو جي وڏي شوق سان شادي ٿي هئي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڇتو عشق هو. ”جيڪڏهن تون فقير ٿي وئين ته آئون به توسان گڏ پنڻ نڪرنديس.“ ماساجو ساڻس ان حد تائين وَچن ڪيو هو- يعني تنهنجو ڏک منهنجو ڏک آهي.
ان بعد ماساجو جي ڪٽنب جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ماساجو موٽي پنهنجي گهر اچي. مائٽاڻي گهر موٽڻ تي مڙس جي مائٽن سندس ڌيءَ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، يعني ماساجو کان هڪ ئي وقت ٻه پياريون شيون کسجي ويون: هڪ سندس مڙس ۽ ٻي ٻن اڍائي سالن جي ڌيءَ ۽ پوءِ ماساجو جي زندگيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ ڏک شامل ٿي ويا، جڏهن مٽن مائٽن هن تي زور آندو ته هوءَ پنهنجي مري ويل ڀيڻ جي مڙس سان شادي ڪري. نه چاهيندي به ماساجو کي پنهنجي ڪٽنب جو مان مٿاهون ڪرڻو پيو ۽ پاڻ کان وڏي مڙس سان شادي ڪرڻي پيئي. نه فقط شادي ڪرڻي پيئي، پر سندس مرحوم ڀيڻ جي چئن ٻارن کي به نپائڻو پيو. ساڳي وقت مٿس پنهنجي سڳي ڌيءَ سان ملڻ تي به پابندي وڌي وئي.
انهن غمن دوران، هن شايد پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ يا وندر خاطر، پاڻ کان ڏهاڪو کن سالن جي ننڍي عمر جي هڪ نيول آفيسر سان، عشق ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
ان دوران ساڻس ٻيون به ڪيتريون ٽرئجڊيون ٿيون. سندس مسافرخانو جيڪو سندن روزگار جو اڪيلو ذريعو هو، اهو سڙي ويو. سندس شاعر دوستن ان وقت سندس مدد ڪئي ۽ کيس نئون مسافرخانو ٺاهڻ لاءِ بنا وياج جي اوڌر ڏني. 50 سالن جي عمر تي پهتي ته سندس هي جهازي مڙس به کيس ڇڏي ويو- بلڪ سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري هن کي هٿين خالي گهران ڪڍي ڇڏيو. هڪ دفعو وري سندس دوستن هن جي مدد ڪئي ۽ اڌارا ورتل پئسن مان گنزا ۾ "Unami" نالي هيءَ ريسٽورنٽ اچي کولي. ان وقت کان ماساجو هتي رهي هن ريسٽورنٽ کي هلايو ۽ هائيڪو شاعري ڪئي. سندس هڪ شعر آهي:
Sae Kaeru
Sumajiki monono
Naka ni koi
روح ڏڪائيندڙ ٿڌ ۾،
ٻين ڳالهين سان گڏ،
ڪجو نه ڪنهن سان عشق