جپان ۾ ڌاريائپ جو احساس
جپان ۾ ڌارين کي خاص ڪري يورپي ۽ آمريڪن کيGaijin (گائيجن) سڏين ٿا. ڏٺو وڃي ته گائيجن ڪو خراب لفظ نه آهي، پر ماڻهوءَ ماڻهوءَ تي مدار رکي ٿو ته هو ڪهڙي نيت سان سڏي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻي ڀاڱي اهو لفظ ڌڪار يا ناپسنديدگيءَ جي حالت ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن بنگلاديش ٿيڻ کان اڳ ڪنهن بنگاليءَ کي گهٽ سمجهڻ يا هن سان چڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ سندس نالو وٺڻ بدران کيس ”بنگالي“ سڏيو ويو ٿي يا عربن مان خوش هونداسين ته سندن تعريفون ڪنداسين نه ته کين بَدو سڏينداسين. يا اسان وٽ مهاجر کي ”پناهه گير“ ۽ اسان کي ”سائين“ يا ”سنڌي ماڻهو“ گهٽتائي ڪرڻ جي خيال سان سڏيو وڃي ٿو. لفظي معنيٰ ۾ ته کڻي برائي ناهي، پر سڏڻ واري جي ٽون ۽ نيت تي مدار رکي ٿو. اهڙي طرح جپاني لفظ ’گائيجن‘ اسان ڌارين لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
جپان جي هن شهر ڪوڪورا ۾، اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انگريز همراهه، جنهن جي شادي جپاني عورت سان ٿي آهي، تنهن ”گائيجن“ سڏجڻ بابت ٻڌايو: ”يار آئون هتي جپان ۾ سالن کان رهيو پيو آهيان. منهنجي زال به جپانڻ آهي، پر جڏهن ڪو مون لاءِ Gaijin لفظ استعمال ڪري ٿو، ته نه فقط مون کي پر منهنجي زال کي به باهه وٺيو وڃي. هڪ دفعي نوڪري جي انٽرويو ۾ آفيس جي جپاني مئنيجر مون لاءِ ”گائيجن“ لفظ استعمال ڪيو. منهنجي زال کي ڏاڍي مٺيان لڳي. هن يڪدم مئنيجر کي چيو ته توکي ڇا محسوس ٿيندو، جيڪڏهن توکي ڪو جئپ (Jap) يا بوراڪومن سڏي؟ ياد رهي ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپانين جي هار بعد آمريڪن کين چڙ ۽ نفرت مان Jap سڏڻ شروع ڪيو هو. جيئن اسان پاڪستانين کي انگلينڊ جا رهاڪو پاڪستاني چوڻ بدران پاڪي سڏي اسن لاءِ پنهنجي نفرت جو اظهار ڪن ٿا، ۽ جپانين لاءِ ’بوراڪومن‘ لفظ ائين آهي، جيئن اسان وٽ اڇوت، يا ڪنهن کي باگڙي ڀيل سڏڻ.
جپاني جيتوڻيڪ هڪ ئي نسل ۽ مت ڀيد جي (Homogeneous) قوم آهي. پر هو پنهنجن انهن جپاني ماڻهن کان پري رهڻ چاهين ٿا، جن جو ڪاسائڪو يا موچڪو (چمڙي جو) ڪم آهي يا ڪنهن زماني ۾ انهن جي ابن ڏاڏن جو هو. (جپاني اڇوتن يعني ”بوراڪومن“ بابت آئون ڪافي لکي چڪو آهيان، ان ڪري هتي تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان.)
بهرحال هن انگريز مڙس جي جپاني زال انٽرويو وٺندڙ جپاني مئنيجر کان جڏهن اهو مٿيون سوال ڪيو ته هن يڪدم چيو؛”مون کي ڪو Jap چوندو ته مون کي خراب لڳندو جو اهو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ آمريڪين اسان جپانين کي نيچ ۽ ڇسو ڏيکارڻ لاءِ استعمال ۾ آندو.“
”تنهنجي معنيٰ ته توهان ڌارين کي Gaijin سڏيو ته صحيح آهي، باقي ڌاريان اسان کي جئپ سڏين ته صحيح ناهي؟“
ان تي هن جپاني مئنيجر، منهنجو ڪو رک رکاءُ ڪرڻ بنا، يڪدم وراڻيو ۽ سو به انگريزيءَ ۾:
"They are foreign devils that have invaded Japan. They take Japanese jobs, marry Japanese women."
مٿئين منهنجي پاڙيسي انگريز اهي ڳالهيون ڪرڻ بعد ٻڌايو: ”ڏس الطاف! مون کي هتي رهندي ويهه سال ٿي ويا آهن. مون شادي به هتان ڪئي آهي ۽ آئون هتي جي Citizenship وٺڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان، پر رکي رکي اهو به احساس ٿئيم ٿو ته هن ملڪ (جپان) لاءِ کڻي آئون جان به فدا ڪريان پر ان هوندي به هتي جي ماڻهن (جپانين) جي نظرن ۾ آئون هميشه ”گائيجن“ ۽ ”ڌارئين ديس کان آيل شيطان“ سڏيو ويندس. يعني جن ڪاڻ مران پيو اهي ڪانڌي به نه ٿيندا.
هونءَ جپاني مردَ به ٻين ايشيائي مردن وانگر (بلڪه انهن کان به ڪجهه وڌيڪ) ساڙ سڙيا آهن. هنن کي اها ڳالهه هرگز نٿي وڻي ته سندن ڪو جپاني مرد ڪنهن يورپي يا ويندي ڪنهن ڪورين، فلپينو، ٿائي جهڙي ايشيائي عورت سان گڏ هلي ۽ ساڳئي وقت جپاني عورت کي ڪنهن ڌارئين مرد سان ڏسي، کين اڃا به وڌيڪ خار لڳن ٿا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ٻئي جي معاملي ۾ ڪجهه ڪري نٿا سگهن، پر ان هوندي به وس آهر پنهنجي جپاني ڇوڪريءَ يا عورت کي ٽوڪڻ جي ڪوشش ضرور ڪن ٿا.
جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جپان جي بندرگاهن ۾ جڏهن جپاني عورتون اسان جو جهاز گهمڻ يا دعوت کائڻ لاءِ جهاز تي اينديون هيون ته رستي تي ڪونه ڪو جپاني واندو کين ٽوڪيندو يا تنبيهه ضرور ڪندو هو، توڙي کڻي هوءَ اڪيلي اچڻ بدران پنهنجي ماءُ پيءُ سان يا ٻين ساهيڙين سان گڏ هجي. ۽ هتي جون عورتون به اهڙيون گامون سچار آهن، جو سڄي ڳالهه اسان جهاز وارن کي ٻڌائي ڇڏينديون هيون ته سندن هم وطني مرد کين اسان سان ملڻ کان منع ڪن ٿا.
مهينو کن اڳ اسان جي پاڙي واري پوسٽ آفيس ۾ تومومي نالي هڪ پنجويهه سالن کن جي نوجوان عورت جي مونسان ملاقات ٿي. پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي ايتري انگريزي نٿي آئي جو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهي، سو منهنجي پٺيان بيٺل هن توموميءَ اسان جي مدد ڪئي. کيس ”جهڙي تهڙي“ کان ڪجهه وڌيڪ ئي بهتر انگريزي آئي ٿي ۽ اڃا به وڌيڪ سکڻ جو شوق هوس، ان ڪري هتي جي ماڻهن جي عادت وانگر هوءَ پنهنجي انگريزي بهتر بنائڻ لاءِ نه فقط ان ڏينهن پر پوءِ به ڪيترا دفعا مون سان اتي پوسٽ آفيس ۾ ملاقات ٿيڻ تي خبرون چارون ڪندي رهي. پاڻ ڪنهن اسپتال ۾ ڪلارڪ يا اسسٽنٽ جو ڪم ڪري ٿي ۽ سندس رهائش جو فليٽ پوسٽ آفيس جي سامهون واري بلڊنگ ۾ آهي. نائيٽ ڊيوٽي ڪرڻ ڪري صبح جو اڪثر پوسٽ آفيس وٽ يا ڀر ۾ سبزي مارڪيٽ ۽ ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ بس اسٽاپ وٽ نظر ايندي آهي. ياد رهي ته جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي ڪاليج آهن، اتي انهن جا شاگرد فارينرس کي پئسا ڏئي به ڪلارڪ ٻه ڌارئين زبان (خاص ڪري انگريزي يا فرينچ ۾) ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يعني Conversation جي پرئڪٽس ڪن ٿا.
تومومي کي پڙهڻ جو شوق آهي، پر ان کان وڌيڪ نوڪري ڪري پئسو ڪمائڻ جو شوق اٿس، ان ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هڙان پئسو ڏئي وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بدران هوءَ نوڪري ڪري رهي آهي. جنهن ۾ هوءَ آزادي محسوس ڪري ٿي ۽ پئسو خرچڻ بدران حاصل ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ پاڻ ٻڌايائين ته سندس وڏو ڀاءُ ۽ ننڍي ڀيڻ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بهرحال گس پنڌ ملاقات تي هن سان خبر چار ٿيندي رهي ٿي. هڪ دفعي هن مون کي پاڻ سان گڏ شهر کان ٻاهر هلڻ لاءِ چيو. ”آئون اڄ واندي آهيان، هلو ته شهر کان ٻاهر مشهور جاين تي هلون جتي توهان جي سٺي فوٽو گرافي ٿي ويندي.“
کيس پجيرو ٽائيپ گاڏي آهي ۽ پئسو خرچڻ جي به هيڊ ماسترياڻي آهي سو آئيڊيا سٺي هئي، پر اهو سوچي ساڻس اڪيلي هلڻ کان نٽائڻ جي ڪيم جو مون کي هتي جي جپاني مردن جي طبيعت جي ڄاڻ آهي. اسان ٽي چار ڄڻا هجون ها ته پوءِ اها ٻي ڳالهه هئي، پر اسان جو اڪيلو اڪيلو ائين پارڪن، مندرن، هتي جي تواريخي محلن ۽ قلعن ۾ گهمڻ ڪيترن کي خراب لڳندو. پر پوءِ توموميءَ جي زور ڀرڻ تي جيئن آئون جپان جون ڪجهه وڌيڪ شيون ڏسي انهن جون تصويرون ڪڍي اخبار ۾ ڏئي سگهان، مون ها ڪئي ۽ اهو به سوچيم ته منهنجي ۽ توموميءَ جي عمر ۾ ايڏو وڏو Gap آهي، جو هتي جي ڪنهن ساڙ سڙئي مرد کي اسان جي گڏ گڏ هلڻ تي اعتراض نه هئڻ کپي. هن کي گهاٽو ٿيڻ لاءِ شهر ۾ ڪيترائي پنهنجا ۽ ڌاريان جوان ملي سگهن ٿا ۽ نه منهنجي هيءَ اها عمر آهي، جنهن ۾ کيس ڀڄائي ويندس. پر سائين اسان سان اهڙو حال ٿيو جو پهرين آئون ۽ پوءِ هوءَ پاڻ به ماڻهن جي تکين ۽ گهور ڪندڙ نظرن مان بيزار ٿي پئي. خاص ڪري ٻهراڙي پاسي جا مرد اسان کي گڏ گڏ گهمندو ڏسڻ تي حيرت (۽ ضرور خارون به) کائڻ لڳا. خارون کائڻ جو مقام به هو جو ڪٿي سندن اتم اعليٰ ۽ سڌريل ماڻهن جي ملڪ جپان جي نوجوان غير شادي شده عورت ۽ ڪٿي هڪ ڌاريون (Gaijin) ۽ جپانين لاءِ ڌاريون معنيٰ ڄٽ ۽ اڻ آريو- چاهي هو ايشين هجي يا يورپي يا آمريڪن. هڪ ڌاريون، بقول جپانين جي، ڪيڏو به کڻي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري ته به هو هنن جپانين جي جتيءَ ۾ پير نٿو پائي سگهي.
هڪ جپانيءَ چيو ته ”جپان ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا ماڻهو Gaijin (ڌاريون) سڏجڻ تي اجايو چڙن ٿا ۽ گائيجن هجڻ کي بدنصيبي سمجهن ٿا. دراصل مون کي ته گائيجن هجڻ تي رشڪ ٿئي ٿو. ڇو جو ڌاريون هجڻ ڪري ۽ جپاني ٻوليءَ کان اڻ واقف هجڻ ڪري، ڪيترين ڳالهين کان بچيو وڃجي. مثال طور پوليس اسان مڪاني جپانين کي ننڍين غلطين تي به نٿي بخشي پر گائيجن بچيو وڃن. ۽ ڪيترا انگريزي ڳالهائڻ وارا گائيجن اسان سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جا به پئسا وٺن ٿا. ڌارين جي اسان جي ملڪ جپان ۾ ڇا ته عياشي لڳي پئي آهي. ان ڪري ته هو هتان واپس وڃڻ جو نالو نٿا کڻن.....“
ڪيترا جپاني چوندا ته ڌارئين (Foreigner) لاءِ جپانيءَ ۾ گائيجن ئي لفظ آهي پوءِ ڀلا اسان ڇا ڪريون....!“
پر جپانيءَ کي ٻي جي ملڪ ۾ گائيجن ته چئي ڏسو. مالمو سئيڊن ۾ تعليم دوران، جتي مون سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا اڍائي سؤ کن جهازي رهيا ٿي، هڪ ڏينهن اتي جي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ هڪ ٽيبل تي ٻن ٽن جپاني جهازن جي ڪئپٽنن کي چانهه پيئندو ڏسي چيومان. ”هاڻ توهان هتي گائيجن آهيو.“
منهنجو اهو چوڻ تي سڀني کان هڪ ئي وقت رڙ نڪري وئي: "Nannniiii" ڇا!
جپاني زبان ۾ ”ناني“ لفظ جي معنيٰ ”ڇا“ آهي. هنن تعجب مان ائين رڙ ڪري پڇيو ڄڻ مون کين گار ڏني هجي. تنهنجي معنيٰ جپاني جڏهن پاڻ ان لفظ تي چڙن ٿا ته پوءِ ٻين کي ائين ڇو ٿا سڏين؟ بقول اسان جي هڪ پاڪستاني دوست جي، جيڪو جپان ۾ رهي ٿو ۽ هتي ئي شادي ڪئي اٿس. ”جپانين کي ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي گائيجن سڏڻ بدران هنن کي سندن ملڪ جي قوميت سان سڏڻ کپي يا بهتر ٿيندو ته 'Gaikokujin' سڏيو وڃي. جيڪو ساڳي لفظ جو وڌيڪ Polite Form آهي. پاڻ جپاني ته اسان کان وڌيڪ دل ۾ ڪن ٿا ، جڏهن ٻاهرئين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ کين جپاني سڏڻ بدران "Japs" يا "Nips" سڏين ٿا.
هتي ڇهن سالن کان رهندڙ ملئي همراهه (جنهن جي شڪل جپانين سان گهڻي ملي ٿي) چيو ته گائيجن سڏجڻ تي هو پنهنجي بي عزتي نٿو محسوس ڪري.
”ڇو ڀلا؟ Why“
"Because it is easier to be a gaijin rather than go unrecognized and mistaken as a Japanese with expectations that you as a gaijin can not fulfil.”