سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل

بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل

صبح جو اٺين وڳي پروگرام مطابق هالا جي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جي جپاني دوست ياماناڪا (Yamanaka Yasuhida) اسان کي فڪوئوڪا پريفيڪچر کان علاوه ڀروارن علائقن ساگا (Saga)، اوئيٽا (Oita)، ڪماموتو (Kumamoto) ۽ ميازاڪي (Miyazaki) پريفيڪچرن جا مختلف شهر، جبل، گرم پاڻيءَ جا چشما (جن کي جپانيءَ ۾ Onsen سڏين ٿا) ۽ ٻرندڙ جبل Volcanoes (جن کي جپانيءَ ۾ Kazan سڏين) ٻن ڏينهن جي سفر دوران ڏيکارڻ چاهيا ٿي.
ياماناڪا- سانُ (مسٽر ياماناڪا) هيروشيما جو رهاڪو آهي ۽ مشتاق جو ست اٺ سال اڳ دوست ٿيو، جڏهن مشتاق انگلينڊ مان انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد هيروشيما جي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ آيو هو. پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد هو ريسرچ ورڪ لاءِ فڪوئوڪا- ڪين(Prefecture) جي شهر ڪوڪُورا ۾ آيو ته ياماناڪا جي بدلي به ڪوڪُورا ۾ ٿي، پر هن جي فئملي هيروشيما ۾ ئي رهي ٿي.
هيروشيما شهر هيروشيما پريفيڪچر ۾ آهي، جيڪو ڀر واري ٻيٽ هونشو ۾ ياماگچي پريفيڪچر کان پوءِ آهي. ياماناڪا هر هفتي Kanmon پل (جيڪا موجي ۽ شمونو سيڪي شهرن کي ڳنڍي ٿي) ذريعي سمنڊ ٽپي هن ڪيوشو ٻيٽ کان هونشو ٻيٽ تي پهچندو آهي، جتي هن جي فئملي ۽ ماءُ پيءُ هيروشيما ۾ رهن ٿا. هن هفتي ٻارن کي موڪلون هجڻ ڪري سندس فئملي (زال ۽ چار ٻار: ٻه پٽ ٻه ڌيئون) ٽوڪيو هليا ويا هئا. سو پهرين جي ٺهيل پروگرام موجب هن مون کي ڪيوشو ٻيٽ گهمائڻ چاهيو ٿي- جيڪو جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هونشو ۽ هوڪئدو بعد ٽي نمبر تي آهي ۽ قدرتي سونهن ۾ سڀني ٻيٽن کان سهڻو چيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا، پر جپان جا مڪاني ماڻهو پڻ. اهوئي سبب آهي جو اسان کي هر هنڌ ڪيترائي سياح مليا پئي.
هن ٻن ڏينهن جي سفر ۾ منهنجي لاءِ جيڪي نيون شيون هيون ۽ جن مون کي متاثر ڪيو، اهي سوگي ۽ ٻين چهچ ساون وڻن ۽ گاهه سان ڀريل جبل- ۽ جبل به هڪ يا ٻه نه پر جبلن جو اڻ کٽندڙ سلسلو (جيڪو ٽوڪيو يا اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن شهرن ۾ ويهي ڪو يقين نٿو ڪري سگهي ته جپان واقعي 85 سيڪڙو جبل ئي جبل آهي) ۽ انهن جبلن مان ڪن تي نانگن وانگر گول ڦرندڙ رستا ته ڪن اندر سرنگهون (Tunnel) جن مان لاريون موٽرون زوڪاٽ ڪنديون ٿي ويون ۽ انهن جو ETC ذريعي ڪَٽيل ٽئڪس حڪومت جي خزاني ۾ واڌارو آندو ٿي. انهن ڏورانهن جبلن تي ننڍڙا ڳوٺ يا ڪٿي ته فقط ٻه چار گهر ۽ انهن ۾ ٻرندڙ بلبن مان لڳو ٿي ته حڪومت هرهڪ جي در تائين نه فقط بجلي پهچائي آهي، پر امن امان پڻ- تڏهن ته هو ههڙن ويران هنڌن تي به اڪيلا رهيا پيا آهن. گرم پاڻيءَ جا چشما ۽ ڦاٽندڙ جبل- جيڪي هونءَ جهاز تي اچڻ وقت نه انهن بابت سوچ آئي ٿي ۽ نه چڱيءَ طرح ڏسڻ جي توفيق ٿي ٿي، اهي شيون هاڻ پهريون دفعو هلي ملي ڏسي رهيو هوس، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو يورپ ۽ آسٽريليا کان ته ڇا يو ايس اي ۽ ڪئناڊا کان به اچن ٿا. هتي جي گرم پاڻيءَ جي چشمن، انهن ۾ وهنجڻ ۽ ڦاٽندڙ جبلن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. بهرحال وڏو Credit ياماناڪا کي هجي، جيڪو سڄي واٽ صبر سان ڊرائيونگ ڪندو رهيو ۽ جتي اسان چيس ٿي يا کيس ڪا دلچسپ شيءِ نظر آئي ٿي ته گاڏي بيهاري اسان کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو موقعو ڏنو ٿي.
اوئيتا پريفيڪچر جي هڪ جابلو ڳوٺ وٽان لنگهندي ياماناڪا هڪ هنڌ گاڏي روڪي اسان کي ماکيءَ جو ڪارخانو ڏيکاريو، جيڪو هڪ فئملي بزنيس هو. اڳيان دڪان ۽ شوروم هو، پويان گهر ۽ ڪارخانو ۽ ماکيءَ جون مکيون پالڻ جا انيڪ دٻا جيڪي چوڌاري جنگل ۾ پکڙيا پيا هئا. چوڌاري خاص قسم جا جهنگلي گل هئا، جن مان ماکيءَ جي مکين رس چوسيو ٿي- يعني گلن ۽ ٻوٽن جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو- ٻين لفظن ۾ کنڊ جي پسيل شربت جا ٿالهه رکڻا نٿي پيا. اڳيان دڪان ۾ ماکيءَ جا شيشا وڪري لاءِ رکيل هئا ۽ آيل مهمانن کي ماکي ۽ اسٽرابيريءَ جو شربت مڪس ڪري مفت پياريو ويو ٿي. شوروم ۾ ڪيترائي ڪمرا هئا، جن ۾ ماکيءَ جا پلاسٽڪ جا مانارا ۽ انهن مان ماکي نچوڙڻ جا مختلف نمونن جا گهاڻا ۽ ماکيءَ جي مکين کي ڀَڄائي انهن جا مانارا کڻڻ لاءِ مختلف دور ۾ استعمال ۾ ايندڙ ڊريسون ۽ منهن ڍڪڻ جا Hood رکيل هئا.
هڪ شيشي جي ڀت پويان ماکيءَ جا مانارا هئا، جيڪي اسين مکين جي حملي بنا ڏسي سگهياسين ٿي. پٺيان ٺهيل ڪارخاني ۾ گهر جا ڀاتي ماکي نچوڙڻ ۽ ان کي شيشي جي بوتلن ۾ وجهڻ ۽ ليبل هڻڻ ۾ مشغول هئا. گهر جا نوجوان ڀاتي ۽ پگهار تي بيٺل ڪم وارا مکين کان بچاءَ وارا ڪپڙا پائي جنگل ۾ پري پري رکيل ماکيءَ جي مکين جا مانارا آڻي رهيا هئا. موڪلائڻ وقت مون ٻه چار فوٽو ڪڍيا ۽ ياماناڪا ٻئي هفتي هيروشيما کڻي وڃڻ لاءِ ٻه چار ماکيءَ جا شيشا ورتا ۽ دڪاندار ڇُوڪري ۽ ڇوڪريءَ مُرڪي سايو نارا چيو.
سفر دوران ڪٿي ڪٿي ننڊ به ڪندو هليس، جڏهن جاڳيس ٿي ته مختلف شهرن، سرنگهن ۽ جبلن جا نالا لکندو ويس، جيئن گهر اچي ڪنهن انگريزيءَ ۾ ڇپيل نقشي کي ڏسي Idea لڳائي سگهان ته ياماناڪا ڪٿان ڪٿان ڦيرائيندو رهيو. ڪار هلائڻ مهل ته هو ڊئش بورڊ مٿان لڳل GPS ذريعي رستو وٺندو پئي هليو، جنهن جي اسڪرين تي رستن ۽ جڳهين جا سڀ نالا جپانيءَ ۾ آيا ٿي ۽ آئون رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ اهي پڙهي سگهيس ٿي، جيڪي ”ڪاٽاڪانا“ واري جپاني الف- ب ۾ لکيل هئا. باقي گهڻا تڻا ڪانجيءَ (شڪيلن واري جپاني لکڻيءَ) ۾ هجڻ ڪري سمجهه ۾ نٿي آيا. باقي ٻاهر رستن تي هتي جي روڊ ڊپارٽمينٽ وارن هر جاءِ، جبل، شهر، سرنگهه جو نالو ڪانجيءَ کان علاوه ڪاٽاڪانا ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو آهي، جيئن جپاني ٻار يا اسان جهڙا ڌاريا (ڪانجي ۽ ڪاٽاڪانا کان اڻ واقف) پڙهي سگهون. هونءَ به جپاني شهرن جا نالا جرمني جي شهرن وانگر اُچارڻ ۾ ڏکيا نه آهن. جپاني لفظن ۾ واولن جي سخاوت هجڻ ڪري ڪوبه جپاني لفظ ڌارئين لاءِ اُچارڻ ڏکيو ڪم ناهي. آئون اهي نالا ڪاپيءَ تان پڙهي نقشي ۾ ڏسان ٿو.
اوڪاگاڪي Okagaki
ڪوگا Koga
فوڪائوڪا Fukuoka
دازائفو Dazaifu
ڪورومي Kurume
ساگا Saga
ڪوماموتو Kumamoto
تاڪاداڪي جبل جيڪو سمنڊ جي سطح کان 1600 ميٽر مٿي آهي.
ڪُوجو سان (Kujo- San) جبل، جيڪو 1800 ميٽرن تائين مٿي ويو ٿي. جپاني نه فقط ماڻهن کي سَانُ چون ٿا (يعني مسٽر يا مئڊم) پر جبل به هنن لاءِ مسٽر يعني (San) آهي ۽ فوجي ياما (فوجي جبل) جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. اهو ته تمام وڏو San (مسٽر) آهي.
اسان اوئيتا پريفيڪچر جي ٻن شهرن ۾ ترسياسين. پهرين ڏينهن بيپو (Beppu) ۾ ۽ رات اتي جي هڪ هوٽل ۾ گذاري ٻئي ڏينهن آسو (Aso) شهر ڏي روانا ٿياسين. بيپو قدرتي گرم چشمن کان مشهور آهي ۽ آسو اتي جي ٻرندڙ جبلن مان هڪ اهم جبل آهي جيڪو اسان ڏسڻ ويا هئاسين.
ڌرتيءَ هيٺ يعني دنيا جي گولي جي وچ ڏي جيترو وڃبو اوترو ٽيمپريچر وڌي ٿو ۽ هڪ فاصلي کان پوءِ ايڏي تپش آهي جو ويندي لوهه ۽ ٽامو به رجندو رهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڌرتي کي جي گدرو سمجهجي ته ان جو وچ جنهن ۾ ٻج آهي، اتي ٻرندڙ باهه آهي. ان باهه جي گرمائش ڪري پريشر پيدا ٿئي ٿو، جيڪو جبل جو وچ ڦاڙيو، ٻاهر لاوا جي صورت ۾ نڪري ٿو يا ڪٿي ڌرتيءَ اندر وهندڙ ندين جو پاڻي گرم ٿي ٻاڦ ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي صورت ۾ ٻاهر نڪري ٿو ۽ اها ٻاڦ ڌرتيءَ مان ٻاهر نڪرڻ مهل جنهن ڌاتو يا ڪيميڪل سان لڳندي نڪري ٿو، ان ۾ ان ڌاتوءَ جو اثر ٿئي ٿو. خاص ڪري سلفر جهڙن ڪيميائي شين جو. چشمي مان نڪرندڙ ان گرم پاڻي ۽ ٻاڦ جي رنگ تي پڻ ان ڪيميڪل جو اثر ٿئي ٿو. بيپوءَ ۾ جيڪي گرم پاڻيءَ جا هڪ ٻئي ڀرسان چشما اسان ڏٺا، انهن جو پاڻي جنهن حوض ۾ گڏ ٿي رهيو هو، انهن مان هڪ جو رنگ بلڪل واڱڻ جهڙو نيرو هو ۽ ٻئي جو ڳاڙهين سرن جهڙو، جيتوڻيڪ ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ويهه کن وکن جو فاصلو مس هو، پر هرهڪ جي چوڌاري ڌرتيءَ ۾ مختلف ڪيميڪل هجڻ ڪري جدا رنگ ٿيو آهي. ڪن جو ته بلڪل سفيد به هو.
چشمن جي پاڻيءَ ۾ مختلف ڪيميڪل ۽ ڌاتو مليل هجڻ ڪري اهو پاڻي چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو ۽ پاڻيءَ جو گرم هجڻ ڪري اهو جسم جي ٽاڪوڙ ڪري ٿو. هونءَ به ڪوسي پاڻي (يعني سَهپ جيتري ڪوسي پاڻي- اٽڪل 40-42 ڊگريون گرم) ۾ وهنجڻ سان ڪنڌ يا پٺيءَ ۾ سور آهي ته في الحال لهيو وڃي ۽ انسان تازو توانو محسوس ڪري ٿو. اهو ئي حال هنن چشمن جي گرم پاڻيءَ جو آهي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ، پئسو ڪمائڻ يا پنهنجي پنهنجي چشمي جي پاڻيءَ ۾ ماڻهن کي وهنجڻ لاءِ Attract ڪرڻ لاءِ ان قسم جا اشتهار گهڙيا ويا آهن ته ”هڏن جي سور (ريو ميٽزم) جهڙين بيمارين جو ڪلاڪ اندر علاج ٿيو وڃي.“ جيتوڻيڪ ڪهڙي به ڪوسي ۽ ڪيميڪل واري پاڻيءَ ۾ ماڻهو تازو ٿيو وڃي ۽ فرحت محسوس ڪري ٿو ۽ في الحال سور به لهيو وڃن.
ساڳي ريت چشمي جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون Skin Diseases ختم ٿيو ٿيون وڃن، جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي پر ڪوبه ائين نٿو چئي سگهي ته هر چشمي جو پاڻي ترياق آهي يا هر چمڙيءَ جي بيماريءَ جو علاج چشمي جو پاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ ته ان بيماريءَ جو علاج ضرور ٿي ويندو هوندو، جنهن جي علاج لاءِ گهربل Chemicals ان پاڻيءَ ۾ موجود هوندا. بهرحال صاحب شفا ڏي مولا مريضن کي. في الحال ته علاج کان وڌيڪ Enjoyment لاءِ ڳرا ڀاڙا ۽ چشمن ۾ وهنجڻ جون ڳريون ٽڪيٽون ڀريو نه فقط جپاني پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو به پهچيو وڃن. هونءَ به جپان لاءِ مشهور آهي ته جيترا گرم پاڻيءَ جا چشما، ٻرندڙ جبل ۽ زلزلا هن ملڪ جي حصي ۾ آيا آهن، اوترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه هوندا.
جپان ۾ ننڍا ننڍا منگهو پير ۽ لڪيءَ جهڙا ته ڪيترائي چشما آهن، پر وڏا جنهن مان ڏينهن رات ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ٻاڦ نڪرندي رهي ٿي، اهي به ٻه هزار کن ٿيندا. ڪيترن چشمن مان گرم پاڻي ۽ ان جي ٻاڦ ايڏي ته وڏي پريشر سان نڪري ٿي جو پري کان لڳي ٿو ته ڪٿي باهه لڳل آهي، جنهن جو دونهون مٿي آسمان ڏي پيو وڃي. بيپو شهر کان، جيڪو پڻ جپان ۾ گرم پاڻيءَ جي چشمن کان مشهور آهي، جتي اسان رات رهي پوءِ ٻئي ڏينهن جو سفر شروع ڪيو هو، اڃا پري هئاسين ته اسان کي ائين لڳو ڄڻ شهر ۾ جتي ڪٿي باهه لڳل آهي، جنهن جو دونهون آسمان سان ڳالهيون پيو ڪري. پر پوءِ ’ياماناڪا- سانَ‘ ٻڌايو ته جتي جتي اهو نظر اچي رهيو آهي، اتي اتي چشما آهن ۽ اهو دونهون نه پر ٻاڦ آهي. شهر جي ويجهو ٿيڻ تي ان نڪرندڙ ٻاڦ وارين جاين جو تعداد اڃا به وڌي ويو. ائين لڳو ٿي ڄڻ ننڍا وڏا ڪارخانا هجن، جن مان ٿورو يا گهڻو دونهون نڪري رهيو هجي. هڪ ئي ٽُڪري ۾ ايترا گهڻا چشما ڏسي تعجب ٿو لڳي ته ڌرتيءَ جي ان حصي هيٺ ڇا باهه ٻري رهي هوندي جو اهو پاڻي جيڪو اسان نل سان ڌمي ٻاهر ڪڍون، اهو هتي پاڻهي پريشر سان نڪري رهيو آهي ۽ سالن کان لڳاتار پيو نڪري.
انهن چشمن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ حڪومت جي پراپرٽي آهن نه ته ٻيا سڀ ماڻهن جا خريد ڪيل آهن، جن انهن جي چوڌاري وهنجڻ لاءِ مختلف نالن سان حوض ۽ باغيچا ٺاهي ڇڏيا آهن، جيئن ماڻهو پئسا ڏئي انهن حوضن (Ponds) ۾ وهنجن ۽ ساڳي وقت جپاني اسٽائيل باغن جو سير به ڪن. ڪيترن مالڪن انهن چشمن جي آسپاس رهائش لاءِ مغربي اسٽائيل جون هوٽلون جن جي ڪمرن ۾ پلنگ، ٽيبل ڪرسي آهن ۽ جپاني اسٽائيل جا مسافرخانا (Ryokon) ٺاهي ڇڏيا آهن، جن جا ڪمرا فرنيچر بنا ٿين. پٽ تي فقط تونئري (Tatami) وڇايل هوندي آهي. ٻاهرين ملڪن يا شهرن جا ماڻهو هتي اچي رات گذاري واپس وڃن يا اڳيان آسو (Aso) جبل تي هتي جو مشهور ۽ زنده Volcano ڏسن، جيڪو ٻن ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ضرور ڦاٽي ٿو ۽ پوءِ سال ٻه ان مان باهه جا اُلا ۽ دونهون لڳاتار نڪرندو رهي ٿو. اسان به گرم پاڻيءَ جي چشمن واري هن مشهور شهر بيپو ۾ رات گذاري ٻئي ڏينهن ٻرندڙ جبل ڏسڻ لاءِ آسو شهر روانا ٿي وياسين.
بيپو ۾ اسان ٽي سؤ کن يين هرهڪ جي ٽڪيٽ ڏني. جنهن هنڌ چشما ڏٺاسين، اتي هڪ وڏي ريسٽورنٽ ۽ ميوزيم پڻ هو. چوڌاري خوبصورت باغيچو هو جنهن جي حوضن ۾ ڪنول جا گل لڏي لمي رهيا هئا. هتي هڪ ٻئي جي ڀرسان يڪا ٽي چشما هئا، جن مان ٽهڪندڙ پاڻي ٻاهر نڪري حوضن ۾ ڪِري رهيو هو.
پاڻي نڪرڻ واري جاءِ جي ڀرسان جتي ڪٿي اوٻارڻ لاءِ لوهي وڏي ڇاڻيءَ ۾ ڪجهه بيضا لڙڪايا ويا هئا، جيئن ڏسندڙ کي آئيڊيا ٿئي ته پاڻي ڪيترو گرم آهي. حوض ۾ لڳل ٿرماميٽر 97 ڊگريون ٽيمپريچر ڏيکاري رهيو هو، يعني ان ۾ ته هٿ وجهڻ سان هٿ به سڙي پوي. وهنجڻ لاءِ هن گڏ ٿيل پاڻيءَ کي پمپ ذريعي ٻئي تالاب ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو ٿي، جتي ڪو وهنجي تازگي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين کان نجات حاصل ڪري سگهي. ان کان علاوه پٿرن جي هڪ قدرتي نموني جو وڏو حوض پڻ جتي ڪٿي هو، جنهن ۾ جپاني پنهنجي ڪلچر مطابق ڪپڙن کان آجا ٿي گڏ وهنجن. هونءَ هتي جون ڇوڪريون ڇڪ (نڇ) ڏيندي به شرمائين، ڳالهائڻ يا کلڻ وقت به وات اڳيان هٿ پيون ڏينديون، جيڪا شرم ۽ حياءَ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي ۽ اها خاصيت هڪ عورت- خاص ڪري جوان جپاني ڇوڪريءَ ۾ هجڻ ضروري سمجهي وڃي ٿي، پر هن قسم جي چشمن وارن حوضن ۾ توڙي شهر جي پبلڪ تالابن ۾ وهنجڻ مهل سڄا خاندانن جا خاندان، پاڙي وارا توڙي ڌاريا بنا ڪپڙن جي گڏ وهنجن. اها ڳالهه مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي ته جپاني (خاص ڪري هنن جي نازڪ جنس عورت) جيڪي هونءَ شرميليون آهن، پر بنا ان احساس ۽ Feeling جي هتي جي تالابن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيون آهن. جپاني سينسر بورڊ وارن کي هونءَ ته ڪنهن عورت جي اڌ اگهاڙي ڇاتي به معيوب لڳي ٿي ۽ سندن جذبات مشتعل ٿين ٿا، پر هي پبلڪ باٿ ۾ زالون ۽ مرد گڏ ٿي وهنجندي کين ڪجهه به Feel نٿو ٿئي ۽ هرهڪ هن ميڙ ۾ هوندي به اپاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ هرهڪ پنهنجو منهن وٺي حوض ۾ پيو آهي. هرڪو اچيو ڪپڙا لاهيو حوض کان ٻاهر لڳل نل تان پاڻ کي صابڻ سان ڌوئي صاف ڪري پوءِ ٻين سان گڏ حوض ۾ اچيو شامل ٿئي.... عجيب دنيا آهي هيءَ! هاڻ اڪثر ڌارين جي نقطه چيني ڪري جپاني ماڻهو ڌارين سان گڏ وهنجڻ ۾ پاسو ڪرڻ لڳا آهن ۽ مون ڏٺو آهي ته ڪيترائي ايشيائي ته ڇا يورپي ۽ آمريڪن پڻ ان گڏيل باٿ کان پاسو ڪن ٿا، جن لاءِ هن قسم جي مسافرخانن ۽ هوٽلن ۾ هڪ ٻه باٿ روم الڳ ٺهيل آهن، جن ۾ چشمي وارو پاڻي اوور هيڊ ٽئنڪ ذريعي نلڪن مان اچي ٿو ۽ هو پنهنجن ڪمرن مان نڪري انهن بند باٿ رومن ۾ بقول هڪ جپانيءَ جي ”الڳ الڳ ڌوڙ پائين ٿا ۽ پاڻي ضايع ڪن ٿا.“
بهرحال ڪنهن به ملڪ يا ڪنهن به هنڌ ٿڌي يا گرم پاڻيءَ جو چشمو نڪري اچڻ قدرت طرفان وڏي نعمت آهي ۽ جپان جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما جن مان ڪيترن ۾ جسم کي تندرست بنائڻ لاءِ ۽ بيمارين کي ڀڄائڻ لاءِ قيمتي ۽ پوري مقدار ۾ ڪيميڪل مليل آهن، قدرت طرفان انسان ذات لاءِ هيڪاندو وڏو تحفو آهي.
بيپو شهر جي چشمن (Hot Springs) مان ڪجهه ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مليل آهي ته ڪجهه ۾ مختلف لوڻ آهن (ضروري نه آهي ته فقط اسان وارو عام لوڻ Nacl هجي) ۽ ڪجهه نج پاڻيءَ جا آهن. هتي جي ماڻهن ٻڌايو ته هن شهر بيپو جا هي چشما ڦَٽ ڦرڙين، ٿڌ ۽ باهه جي سڙيل لاءِ بهترين آهن. جيتوڻيڪ فقط ڪجهه ڪلو ميٽر اولهه ڏي يوفو اِن (Yufuin) ۽ اوڀر طرف شڪاڪُو ٻيٽ جو دوگو (Dogo) شهر پڻ گرم پاڻيءَ جي چشمن (Onsen) کان مشهور آهي، پر اهي عام پاڻيءَ جا چشما آهن. انهن ۾ ڪن خاص ڌاتن يا ڪيميڪلز جو اثر نه آهي ۽ انهن چشمن ۾ وهنجڻ سان فقط ٿَڪ ۽ ٿڌ دور ٿئي ٿي. ائين هونشو ٻيٽ تي ’مي ساسا‘ (Misasa) ۾ گرم پاڻيءَ جا جيڪي چشما آهن، انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي Radiocative آهن ۽ انهن ۾ وهنجڻ سان- يعني ڪلاڪ ٻه پاڻي ۾ ويهڻ سان چمڙيءَ جون پراڻيون بيماريون- خاص ڪري خارش، ڏڍ وغيره ختم ٿيو وڃي.
جپان جي ڪيترن چشمن جي پاڻيءَ ۾ هائيڊروجن سلفائيڊ مليل آهي. جيئن ته ياماناشي پريفيڪچر ۾، جيڪو ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما جي ويجهو آهي. شيراهوني شهر ۽ ڪاگوشيما پريفيڪچر جي ڪِرِي شِيما شهر جي چشمن ۾ پڻ قدرتي طرح هائيڊروجن سلفائيڊ مليل آهي ۽ انهن چشمن لاءِ سڄي جپان ۾ مشهور آهي ته انهن چشمن ۾ وهنجڻ سان منهن جا موهيڙا ۽ زنانيون بيماريون ختم ٿيو وڃن. ناگاساڪيءَ جي اُن زين (Unzen) چشمن ۾ به ساڳيون ڪيميائي شيون مليل آهن ۽ ساڳين بيمارين لاءِ مفيد آهن. جپان جي ڪجهه چشمن ۾ سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ به آهي. هوڪئدو ۽ اتر هونشو جي ڪجهه چشمن ۾ سلفر ۽ سلفيورڪ ائسڊ (گندرف ۽ ان جي تيزاب) جو هلڪو اثر آهي. جپان جي ڪجهه چشمن ۾ ته اليومينيم سلفائيڊ به آهي. ذري گهٽ سڀني چشمن لاءِ چيو وڃي ٿو ته چمڙيءَ جون بيماريون دور ڪن ٿا ۽ ٻئي نمبر تي زنانيون بيماريون ۽ ٽئين نمبر تي ٿڌ، زڪام ۽ سڙيل چمڙيءَ کي فرحت ڏين ٿا. بهرحال ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عام گرم پاڻيءَ جي ٽب ۾ ئي اڌ ڪلاڪ ويهڻ سان جسم جو سور ۽ ٿڪ ڀڄيو پوي. Stiff Neck ۽ Back Ache ختم ٿيو وڃي. هي ته قدرتي طرح ٽهڪندڙ ۽ ڪيميڪل مليل پاڻي آهي، جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي جپان لاءِ خوشنصيبي آهي.
جپان ۾ هونءَ گرم پاڻيءَ جا ٻن قسمن جا چشما آهن، هڪ عام چشما جن کي جپانيءَ ۾ Onsen چون. هنن جو پاڻي ايترو گرم نٿو ٿئي. ان قسم جا چشما سڄي جپان ۾ ڪيترائي آهن، جن ۾ وهنتو وڃي ٿو. ٻيا چشما ايڏو ته ٽهڪندڙ پاڻيءَ جا ٿين ٿا جو انهن ۾ بيضا ئي بوائل ٿي سگهن ٿا، وهنجي ته نٿو سگهجي. اهي چشما پري کان بيهي فقط ڏسڻ لاءِ ٿين ۽ گرم پاڻيءَ جي انهن چشمن کي جپانيءَ ۾ Jigoku چون- يعني دوزخ. بيپو شهر اهڙن دوزخي چشمن کان به مشهور آهي، جن کي ڏسڻ جي ٽڪيٽ 400 کن يين آهي. انهن دوزخي چشمن ۾ اُمي جيگوڪو (سامونڊي دوزخ) اڳيان بيهي فوٽو به ڪڍرايم. ڪجهه ٻيا Jigoku جن جا هن وقت نالا ياد آهن ۽ هن شهر بيپو ۾ هئا، اهي آهن: ڪامادو جِيگوڪو (چلهي وارو دوزخ)، اوني ياما جيگوڪو (Oniyama) يعني شيطاني دوزخ، ياماگيگوڪو يعني جابلو دوزخ... وغيره.
هزار سال کن اڳ جپان ۾ هي چشما فقط نوابن، ساموئي سردارن ۽ جنگجو جوڌن لاءِ هوندا هئا- ڪنهن گري گنجي کي انهن جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي به اجازت نه هئي ۽ پوءِ ايڊو دور (Edo period) ۾ يعني 1603ع کان 1867ع واري دور ۾ هي چشما عوام لاءِ عام ڪيا ويا ۽ خاص ڪري صحت خاطر ماڻهو ڪَهي ڪَهي انهن تي پهچندا هئا، جيئن اسان وٽ اڌ صدي کن اڳ سنڌ جي ڳوٺن جا ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ لَڪي جبلن تي (دادوءَ) ۽ منگهوپير (ڪراچي) ويندا هئا. پر تيستائين به جپاني ماڻهو هر چشمي تي وهنجڻ لاءِ ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ نه صحيح رستا هئا ۽ نه موٽر لاريون. جپاني خاص ڪري بيمار، پنهنجي صحت لاءِ ڪشالا ڪڍي انهن چشمن تي پهچندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري جابلو علائقن ۾ آهن. هونءَ پبلڪ باٿ (پاڙي جي گڏيل تالاب) ۾ جيتوڻيڪ مرد ۽ عورتون ٻارن سميت گڏ وهنجن ٿيون، پر گذريل صديءَ جي به اڌ تائين چشمن تي وهنجڻ لاءِ فقط مرد ويندا هئا.
گرم پاڻيءَ جا چشما ڇڏڻ وقت هڪ دفعو وري بيپو شهر جو چڪر ڏيارڻ لاءِ ياماناڪا شهر جو ڦيرو ڪيو.
شهر جي پوسٽ آفيس، Oita bank، فڪوئوڪا سٽي بئنڪ، Green Hotal ۽ Scala- za سئنيما وٽان ٿي بيپو شهر جي بس اسٽاپ تي آياسين. رستي تي هڪ ٻه ٻيون شيون پڻ نظر آيون، جن جا نالا ياد آهن اهي آهن: "Kiyo Mizu- so" هوٽل، بينٽو شاپ، هانا بشي هوٽل. هڪ هنڌ KFC به نظر آيو، جنهن تان ملڪ شيڪ ورتوسين. بيپو (جيڪو شهر گرم پاڻيءَ جي چشمن کان مشهور آهي) کان آسو (جتي ٻرندڙ جبل Active Volcano آهي) ايندي رستي تي ڪِي جيما ريسٽورنٽ تي ترسي منجهند جي ماني کاڌيسين. چوڌاري جبلن تي ساوڪ سان گڏ ڍڳيون ئي ڍڳيون نظر اچي رهيون هيون. ياماناڪا ٻڌايو ته هي اهڙو علائقو آهي، جتي مڇي گهٽ کاڌي وڃي ٿي، جو هتان سمنڊ پري آهي ۽ هي مٿانهون علائقو آهي. هتي بيف سستو ملي ٿو. سستي سان هن جو مطلب اهو ته ڪوبي، اوساڪا، ٽوڪيو، ڪيوٽو ۽ جپان جي ٻين شهرن کان هتي گوشت سستو آهي جو هتي ڍڳيون جام آهن.
رستي تي هڪ هنڌان بانس (Bamboo) جي پوک مان لنگهندي ياماناڪا چيو ته بانس جي پوک ۾ ڏاڍا نانگ ٿين ٿا.
”جي ها.“ مون وراڻيومانس. هنن کي بانس جي ڏنڊن ۾ لڪڻ جي جاءِ ملي ٿي. اسان بئنڪاڪ مان ڪراچيءَ لاءِ جهاز ۾ بانس کڻي ويندا هئاسين ته روزانو ڊيڪ تي هڪ ٻه نانگ ماريندا هئاسين ۽ اهو سلسلو جهاز تان بانس لهڻ تائين هلندو رهيو ٿي.
جبل جي هر سرنگهه ۾ گهڙڻ وقت يا نئين هاءِ وي تي چڙهڻ کان اڳ هڪ بورڊ نظر آيو ٿي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ ETC لکيل هو. ياماناڪا کان پڇيم ته اهو ETC ڇا آهي؟
”اليڪٽرانڪ ٽال ڪليڪشن“ جو چتاءُ آهي، يعني ٽنل مان لنگهڻ يا نئون هاءِ وي اختيار ڪرڻ وقت ٽال پلازه وارن کي دروازن تي بيهي پئسا نه ڏيو. توهان جو ٽال (گذرڻ جي في) اليڪٽرونڪ مشين ذريعي توهان جي بئنڪ مان ڪٽجي ويندو. ان لاءِ بئنڪ جو پلاسٽڪ ڪارڊ ڊئش بورڊ جي مٿان رکي ڇڏيو آهي ۽ ٽال جي ادائگي وارن هنڌن تي لڳل اليڪٽرانڪ مشين ان بئنڪ ڪارڊ ڏي اليڪٽرانڪ Rays موڪلي گهربل ٽئڪس ڪٽيو وٺي ٿي. هي سسٽم سنگاپور توڙي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ پڻ گذريل ڏهاڪو سالن کان هلي رهيو آهي. گذريل سال ملائيشيا ۾ هئس ته اتي به ائين هو. هن سان ٽريفڪ جو گيٽ وٽ جئم ٿيڻ جو انديشو نٿو رهي. گاڏيون فل اسپيڊ مان لنگهيو وڃن.
آسو جبل ڏي ايندي هڪ هنڌ گولف راند ٿي رهي هئي. ياماناڪا ٻڌايو ته ”گولف جپان جي سڀ کان مهانگي ۾ مهانگي راند آهي، يعني گولف کيڏڻ وارن کي ميمبر شپ لاءِ لکها يين ڏيڻا پون ٿا جو جپان ۾ زمين مهانگي آهي ۽ سخت سيءَ ۽ گرميءَ ۾ ڇٻر کي Maintain ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ڪم ڪرڻ وارن مزدورن ۽ مالهين جا پگهار وڏا آهن. وغيره.“ ۽ مشتاق چيو ته اهوئي سبب آهي جو هتي ڳريون فيون ڏئي گولف کيڏڻ کان هتي جا ڪيترا ماڻهو ويڪ اينڊ تي هوائي جهاز جو ڀاڙو ڀري ٿائلئنڊ يا ملائيشيا هليا وڃن ٿا يعني جمعي ڏينهن شام جو وڃن ۽ آچر ڏينهن دير سان رات جو موٽن يا سومر ڏينهن صبح جو سڌا آفيس ۾ ورن. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڀرڻ، هوٽل ۾ رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي خرچ جي باوجود هنن لاءِ هِتي جپان ۾ کيڏڻ کان ٻاهر کيڏڻ جي اها ٽرپ سستي پوي ٿي.
آسو جبل تي منجهند جو ٻي وڳي ڌاري پهتاسين- يعني ان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل منهن (Crater) وٽ جتان گرم دونهون ۽ رکي رکي باهه جا اُلا نڪري رهيا هئا. هتي پهچڻ لاءِ ڪيبل ڪار به آهي، جيڪا مٿي پهچائي ٿي، پر اسان باءِ روڊ مٿي پهتاسين. ڪار پارڪ ڪري جبل جي بلڪل چوٽيءَ تي پهتاسين، جنهن جي چوڌاري لوهي پائيپ جو لوڙهو ڏنل آهي، جيئن ڪو ان کان اڳتي نه وڌي. پائيپ وٽ بيهي هيٺ کوهه وانگر غار نظر اچي ٿي ۽ اهو کوهه به ڪو ميٽر ڏيڍ جي قطر جو نه پر اڌ ڪلو ميٽر جو آهي. سمجهو ته جبل جي چوٽيءَ جو مٿيو چهنبدار حصو ڪيڪ وانگر ڪپيو ويو هجي ۽ پوءِ ان ۾ اندر وڏي کڏ ڪئي وڃي. دراصل ڌرتيءَ هيٺ ٻرندڙ ڌاتو، جڏهن پريشر پيدا ڪن ٿا ته اهو پريشر جبل جي چوٽيءَ تان Release ٿئي ٿو ۽ هيٺ تائين لاوا ڀرجيو وڃي. اهو لاوا جتي جتي لڳي ٿو، اتي سرسبز سايون ٻنيون ۽ وڻ ٽڻ ساڙيو رکي. ڳوٺن جا ڳوٺ ڍڪيو رکي. جبل ڦاٽڻ مهل باهه جا الا ۽ پگهريل ڌاتو آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. پريشر جهَڪي ٿيڻ بعد به ڇهه اٺ مهينا ان جبل جي چوٽيءَ مان دونهون ۽ رکي رکي باهه جا اُلا نڪرندا رهن ٿا.
هينئر به ان جبل مان دونهون نڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ هي جبل ٺڪاءُ ڏيئي ڇهه مهينا کن اڳ ڦاٽو هو. گاڏيءَ مان لهڻ مهل ياماناڪا چيو ته هلون پيا، پر جبل جي ڦاٽل منهن تائين پهچي ليئو پائي ڏسڻ جو مدار هوا جي رُخ تي آهي. جي جبل جي ٻئي پاسي کان اسان ڏي هوا اچي رهي هوندي ته پوءِ ڪوبه هلي نه سگهندو جو سڄو دونهون، جنهن ۾ سلفر مليل آهي، اهو ساهه سان گڏ اسان کي Inhale ڪرڻو پوندو، جيڪو خطرناڪ آهي.
خوش قمستيءَ سان هوا جو رُخ اهڙو هو جو سڄو دونهون پري طرف پئي ويو ۽ اسان بلڪل ٻَني وٽ اچي بيٺاسين. هيٺ جيستائين نظر وئي ٿي، دونهون نظر آيو ٿي. چوڌاري لڳل لائوڊ اسپيڪرن تان رکي رکي اعلان ٿي رهيو هو ته هوا جي رُخ بدلڻ تي يڪدم موٽڻ کپي. ان کان علاوه رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي آڏون ٺهيل هيون، جيئن جيڪڏهن اوچتو واچوڙو ٽائيپ هوا لڳي ته ان دونهين ۽ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کان بچڻ لاءِ في الحال انهن آڏن ۾ ئي اچي لڪجي.
لڳي ٿو ته هن جبل جي هيٺان سلفر (هئڊي رنگ جو گندرف) جون کاڻيون آهن سو ڦاٽڻ مهل لاوا ۾ به گندرف ڏاڍو نڪتو هو. ان گندرف جا گول سلينڊر ٺاهي، ٽي چار جپاني، جبل جي منهن وٽ وڪڻي رهيا هئا.
”ڪهڙي ڪم لاءِ آهي؟“ مون انهن مان هڪ دڪاندار کان پڇيو. هن پنهنجي گاڏي مٿان لڳل ڪپڙي جي پوسٽر ڏي اشارو ڪيو ته ان جا فائدا پڙهه.
”مون کي ڪانجي (شڪلين واري جپاني) پڙهڻ نٿي اچي.“ مون چيومانس ۽ ياماناڪا جيڪو منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن پڙهي چيو: ”سلفر جا ڪيترائي فائدا آهن: صحت لاءِ، اسڪول ۾ تجربا ڪرڻ لاءِ ۽ هتي جي يادگيري لاءِ ته هن جبل جي ڦاٽڻ وقت Crater مان گهڻو سلفر نڪتو هو.“
اسان جبل جي منهن وٽ ۽ هيٺ لڳل بورڊن وٽ جن تي هن جبل Aso جي ڦاٽڻ جي سڄي هسٽري لکيل هئي، بيهي تصويرون ڪڍرايون. آسو جبل جي ڦاٽل وات (Crater) وٽ لڳل هڪ بورڊ تي جپاني، انگريزي ۽ ڪورين زبانن ۾ دم ۽ ساهه جي تڪليف وارن مريضن لاءِ چتاءُ هو ته جبل جي کليل وات جي ويجهو نه اچو، جنهن مان نه فقط دونهون پر سلفيورڪ ائسڊ گئس به نڪري رهي آهي. اهو Warning آئون به هاڻ نڪتل تصوير ۾ پڙهي رهيو آهيان، جيڪو انگريزيءَ ۾ هن ريت آهي:
Warning! Now Mt. Aso is strongly activating and producing Sulphurous Acid Gas. We warn those who have the asthama or trouble with the respiratory organs. "Not to near Volcanoe.
پنهنجو شهر ڪَوڪُورا ڇڏڻ وقت توڙي واپسيءَ تي دازائي فُو (Dazaifu) نالي هڪ شهر ۾ ڪجهه دير ترسياسين ۽ ڪافي وغيره پيتيسين. جپان جو هي شهر ’دازائيفو‘ هونءَ ته ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جي مندرن ۽ درگاهن (Shrines) کان مشهور آهي، پر مون لاءِ ادبي واسطو رکي ٿو جو جپان جو مشهور شاعر ۽ اسڪالر سُگاوارا (Sugawara-no-Michizane) جو هن شهر سان تعلق هو. پاڻ 845ع ۾ ڄائو ۽ 58 سالن جي ڄمار ۾ سن 903ع ۾ وفات ڪيائين. هو تنهن زماني جي گادي واري شهر ڪيوٽو جي درٻار جي اهم شخصيت هو، پر پوءِ گهڻو مشهور ٿيڻ ڪري اتي جي گندي سياست جو شڪار ٿي پيو ۽ حاڪمن هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڪيوٽو کان تمام پري هن ننڍڙي ڳوٺ دازائيفو ۾ موڪلي ڇڏيو، جتي هو ٻن سالن بعد گذاري ويو. ان بعد ڇا ٿيو جو ڪيوٽو شهر توڙي حاڪمن تي هڪٻئي پويان مصيبتون اينديون رهيون ۽ عوام ۽ حاڪمن اهي ڳالهيون سُگاوارا سان ٿيل ظلمن سان تعبير ڏنيون ۽ هو شاعر ۽ اسڪالر کان علاوه ديوتا جو درجو حاصل ڪندو ويو ۽ هن کي اڄ تائين جپاني ماڻهو تيمان تنجن ۽ ڪانڪو سڏين ٿا، يعني ڪلچر ۽ علم جو ديوتا. هن شهر دازائيفو ۾ سندس عاليشان مقبرو ۽ خوبصورت درگاهه ٺهيل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي جپان کان ماڻهو اچن ٿا.
هونءَ ڪوڪورا، شمونوسيڪي يا فڪوئوڪا جهڙا شهر پوءِ مشهور ٿيا نه ته سن 300ع کان 710ع تائين ڪوفون دور ۾ ۽ 794ع کان 1185ع تائين هيئيئان (Heian) دور ۾ دازائيفو شهر هن سڄي ٻيٽ ڪيوشو جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بلي بلي شهر هو. پوري علائقي ۾ هي شهر اهم بندرگاهه پڻ هو، جنهن جا چين سان ڪمرشل ۽ ڪلچرل تعلقات هئا. پوءِ سورهين صديءَ ۾ جيئن جيئن ڀروارو بندرگاهه فڪوئوڪا وڌندو ويو ته هن شهر دازائيفو جي اهميت وئي گهٽ ٿيندي.
دازائيفو جون ڪجهه اهم شيون جيڪي شهر مان ايندي ويندي نظر آيون ٿي.
ڪانڪو تاريخي ميوزيم، تيمان گُو درگاهه، شهر مان وهندڙ ميڪاسا نديءَ مٿان پنجن ڪمانن واري پل، ’ڪام يو جي‘ مند، ڪائي دان مندر وغيره جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي ملي اچن ٿا.
آسو جيل جيڪو اڃا تائين ٻري رهيو آهي، پر هاڻ ٽهڪندڙ مواد (Lava) نڪرڻ بدران فقط ڪارو گهاٽو دونهون، کير جهڙو اڇو دونهون (جيڪا دراصل ٻاڦ آهي ۽ ڌرتي هيٺ ڪنهن وهندڙ درياهه جو پاڻي گرمائش ڪري ٻاڦ جي صورت ۾ ٻاهر نڪري رهيو آهي) ۽ زردي رنگ جي سلفر گئس نڪري رهي آهي، اتان موٽڻ تي اسان جو جپاني دوست ياماناڪا منهنجي چوڻ تي نوبي اوڪا (Nobeoka) وٺي آيو. ”نوبيئوڪا“ اوئيتا ۽ ڪوماموتو پريفيڪچر جي هيٺان ميازاڪي پريفيڪچر جو سامونڊي ڪناري وارو شهر ۽ ننڍڙو بندرگاهه آهي. هڪ دفعي ڪوبي کان ڪوگوشيما ويندي، اسان جو جهاز سامونڊي طوفان (Typhoon) جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. هيڊ آفيس سان وائرليس ذريعي صلاح ڪرڻ بعد اڳتي وڌڻ بدران اسان کي طوفان کان بچڻ لاءِ Shelter (ڪنهن بندرگاهه جي ويجهو بچاءُ) وٺڻو پيو هو ۽ اسان هن نوبيئوڪا جي سامهون اچي لنگر ڪيرايو هو. نوبيئوڪا ڪو اهڙو وڏو بندرگاهه نه آهي، جنهن ۾ اندر اسان جو اهو جهاز وڃي سگهي ۽ نه وري اسان کي پنهنجي آفيس طرفان بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ جي اجازت ملي هئي (جو بندرگاهه ۾ اندر جهاز کي بيهارڻ لاءِ تمام ڳريون فيون ڏيڻيون پون ٿيون- چاهي ڪو هڪ ڏينهن لاءِ جهاز بيهاري يا ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ).
بهرحال هن طوفاني رات ۾ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي هلائڻ بدران اسان کي ڪيوشو ۽ شڪاڪو ٻيٽ جي وچ ۾ (جتي طوفاني هوائن جو زور ڪجهه جهڪو هو) نوبيئوڪا بندرگاهه وٽ لِڪڻ ۽ ساهه پٽڻ جي اسان جي هيڊ آفيس طرفان اجازت ملي وئي هئي، پر جپاني بندرگاهه اٿارٽيءَ وارن جي سڄي رات رڙ پئي پيئي ته متان بندرگاهه جي ويجهو آيا آهيون.
”توهان جو جهاز بندرگاهه ڏي Drift ٿي رهيو آهي.“ جپاني بندرگاهه وارن وري رڙ ٿي ڪئي.
”نه سائين ڪونه ٿو ڊرفٽ ٿئي (رڙهي)، تنهن هوندي به اسان لنگر جو رسو (Chain) ڪجهه وڌيڪ ٿا ڇڏيون.“ اسان کين يڪدم آٿت ٿي ڏني. اسان جو حال هيسيل هرڻيءَ وارو هو.
ٿوري ٿوري دير بعد بندرگاه وارن جي طرفان وري V.H.F (وائرليس ريڊيو) ذريعي دانهون ٿي ويون ٿي.
”هاڻ طوفان ڪافي جهڪو ٿي ويو آهي. هاڻ ته نڪرو.“
”سائين منهنجا طوفان ڪٿي جهڪو ٿيو آهي. ٿوري دير ٻي اسان کي هتي بيهي ساهه پٽڻ ڏيو، جيئن ئي موسم بهتر ٿيندي، اسان لنگر کڻي هليا وينداسين. اسان کي پاڻ فڪر آهي جو ڪاگوشيما پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.“ اسان بندرگاهه وارن کي منٿ ميڙ ڪئي ٿي.
بهرحال ڏکي سکي رات گذاري صبح جو لنگر کڻي ڪوچ ڪيوسين، جيتوڻيڪ طوفان ۾ اڃا ڪافي شدت هئي ۽ جهاز اسپين جي روايتي ڇتي سانَ وانگر ڪُڏي رهيو هو ۽ اسان سي سڪنيس ڪري اپنڊاسائيٽس جي بيمار وانگر رکي رکي اٻڙاڪ ۽ الٽيون ڪڍي رهيا هئاسين، پر اها پڪ هئيسين ته اسان جي ٽرڻ بعد نوبيئوڪا بندرگاهه وارن سُک جو ساهه کنيو هوندو.
۽ اڄ ان بندرگاهه نوبيئوڪا جي ايڏو ويجهو پهچڻ بعد موٽي وڃڻ مون کي عجيب لڳي رهيو هو، ان ڪري منهنجي خاطر ياماناڪا سؤ کن ڪلو ميٽر وڌيڪ گاڏي هلائي نوبيئوڪا وٺي آيو. جيتوڻيڪ اسان اتي ترسياسين ڪونه، بس رڳو بندرگاهه واري علائقي ۽ وچ شهر جي اهم رستن تان گاڏي هلائي واپس ورياسين. بندرگاهه وٽ فقط ڪجهه منٽ گاڏي بيهارائي، اتي ئي ويٺي ويٺي ياماناڪا ۽ مشتاق وارن کي سامهون سمنڊ ڏي اشارو ڪري چيم ته هيءَ اها جاءِ آهي، جتي اسان جو جهاز سڄي رات لڏندو رهيو ۽ بندرگاهه وارا دڙڪا ڏيندا رهيا. ان سفر ۾ جهاز تي مون سان گڏ هي (منهنجي زال مستوران ۽ ڌيءَ مريم جيجل) به هئا. بندرگاه وارن کي اهو ڊپ هو ته متان اسانجو جهاز سندن بندرگاه جي مُنهن وٽ ٻڏي نه وڃي ۽ ان ڪري سندن بندرگاه جي ٽرئفڪ جئم ٿي وڃي.
نوبيئوڪا بندرگاهه ۽ آسو جبل جي وچ ۾ هڪ شهر آهي تاڪاچيهو، اتي ڪلاڪ کن ترسياسين ۽ ٻاهران ٻاهران مختلف مندر ڏسي هڪ هوٽل ۾ آئيس ڪريم کائي واپس ٿياسين.
تاڪاچيهو جابلو Resort وارو شهر آهي، جيئن اسان وٽ ڪوهه مري، ايوبيه ۽ دادوءَ واري گورک هِل آهي. هي شهر قدرتي آبشار کان به مشهور آهي. ملڪ جا ماڻهو هتي جبلن تان مٿان ڪِرندڙ پاڻي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هتي JR جي ريل گاڏي پڻ اچي ٿي. تاڪاچيهو جي هن ريلوي اسٽيشن کان ميل کن جي فاصلي تي تاڪاچيهو- جِنجا (درگاهه) آهي، جتي روز شام جو 8 کان 9 تائين مڪاني ناچ Iwato- Kagura ٿئي ٿو. شهر جي وچ مان ايواتو Ewato ندي وهي ٿي، جيڪا هتي جي هڪ مندر اَمانو ايواتو (Amano Iwato) کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هن مندر ڀرسان امانو ياسو گاوارا نالي مشهور غار پڻ آهي، جنهن لاءِ هتي جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته هن چُر (غار) ۾ ديوتائن ميٽنگ ڪئي هئي ته سج جي ديويءَ کي (جيڪا جپانين جي عقيدي موجب رُسي وڃي غار ۾ لڪي هئي ۽ دنيا ۾ اونداهه ٿي وئي هئي) ڪيئن پرچائجي جيئن اها وري موٽي ٻاهر اچي ۽ دنيا ۾ سج جي روشني ٿئي.
تاڪاچيهو جي ماڻهن جو اهو پڻ عقيدو آهي ته سج جي ديوي ”اماتيراسُو“ جي پڙپوٽي Ninigi-no-Mikoto سج مان هتي لٿي هئي ۽ جنت جي دروازي جو وڏو پٿر Amano- Iwato پڻ هتي ڪِريو هو، جنهن جي پويان سج جي ديوي اماتيراسُو لِڪي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ رات ٿي وئي هئي. هن کي ڌُتاري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻين ديوين گڏجي هڪ مسخرن وارو ناچ ڪيو هو، جنهن تي هوءَ اهڙو ته هرکي پئي جو ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ هڪ دفعو وري جپان ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينهن ٿي ويو. هي اهو ناچ ”اِيواتو ڪاگورا“ آهي جنهن جو احوال مٿي لکي آيو آهيان.