جپان ۾ قبرستان ۽ اُس جو مسئلو
جپان ۾ رهندڙ جپاني توڙي ڌارين ملڪن جي رهندڙ مسلمانن لاءِ جپان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قبرستان جو آهي. اهو ملڪ جتي رهائش ۽ پوک لاءِ ڌرتي فقط 15 سيڪڙو هجي ۽ باقي 85 سيڪڙو جبل هجن، جتي جي آدمشماري تمام گهڻي ۽ رهائش جي زمين دنيا ۾ مهانگي ترين هجي ۽ جتي زمين ايڪڙن يا جريبن ۾ وڪامڻ بدران فٽن جي حساب سان وڪامي ، اُتي انسان جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ ٻه گز زمين جاحاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي.
جپاني قانون مطابق، جپاني ماڻهوءَ جي مرڻ تي هن جي لاش کي ساڙڻ تمام ضروري آهي ۽ ڪيترا اهڙا علائقا آهن، جتي مسلمانن لاءِ قبرستان نه آهي، اُتي جپاني مسلمانن جي لاشن کي به ساڙڻ جو رکي رکي اطلاع ملندو رهي ٿو. اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ جپان جي هڪ شهر اين زان ۾ سعودي حڪومت قبرستان لاءِ زمين ڀور خريد ڪري ”جپان مسلم ايسوسيئيشن“ حوالي ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان جهاز کي وٺي جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ايندا هئاسين ۽ جپان ۾ جپاني توڙي ڌاريان مسلمان ايترا نه هئا. بهرحال اسان ان قسم جون خبرون هتان جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ۾ پڙهي خوش ٿيندا هئاسين. ان مٿئين موقعي تي ان شهر جي ميئر سعودي عرب جي سفير جي آڌر ڀاءَ ڪندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ته هن جي شهر ان حوالي سان هڪ بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي، جو هاڻ هتي دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ ايندا. هن ان موقعي تي هر قسم جي سهوليت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هينئر به اتي هر جپاني ۽ غير جپاني مسلمان جي دفنائڻ جي، ’شهر جي ميونسپالٽيءَ‘ طرفان اجازت آهي، جيڪا ڪوبي شهر ۾ نه آهي، جتي مسلمانن جو ٻيو قبرستان آهي. ڪوبي واري قبرستان ۾ فقط ڪوبي شهر ۽ اُن جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهندڙ ڌارين قومن جي مسلمان رهاڪن جي لاشن کي دفنائڻ جي اجازت آهي. باقي جپان جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ڪنهن به جپاني مسلمان (توڙي کڻي هو ڪوبي شهر مان لڏي آيو هجي) کي ڪوبي واري قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي موڪل نه آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته حڪومت طرفان ڪوبي جي هن قبرستان لاءِ مليل زمين تمام ٿوري آهي، جيڪا پڻ هاڻ ختم ٿيندي وڃي جو ڪوبي ۾ وڏي مسجد هجڻ ڪري ڌارين ملڪن جا مسلمان هتي گهڻا رهڻ لڳا آهن. هتي جا مسلمان وڌيڪ زمين خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر ان زمين کي قبرستان لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل شهر ڪوبي (Kobe) ۽ ان جي مسجد تان ياد آيو ته ڪجهه سال اڳ هتي جي رهندڙ مسلمانن کي ڪافي بيچيني پيدا ٿي پئي هئي، جڏهن مسجد جي اڳيان (اولهه ۾) هڪ نَو ماڙ عمارت ٺهڻ شروع ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون هتي جپان ۾ نه هوس پر دنيا جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ان بابت خبرون پڙهندو رهيس ته ڪوبي ۾ رهندڙ مسلمانن کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته ”ايڏي وڏي عمارت اسان جي مسجد جي اولهه پاسي ڇو ٺهي رهي آهي.“ اها خبر پڙهي جپان جي حالتن کان اڻ واقف، دنيا جي ڪيترن ماڻهن کي تعجب لڳو هوندو ته هي مسلمان ڪهڙي قسم جا آهن، جو مسجد جي اولهه ۾ (جنهن طرف منهن ڪري جپان جا مسلمان نماز پڙهن ٿا) ٻئي کي اوچي عمارت ٺاهڻ لاءِ جهلين ٿا. ويتر ڪجهه اسلام دشمن ۽ تعصب رکندڙ اخباري نمائندن هن قسم جون خبرون سنسني خيز انداز ۾ ڏئي، دنيا کي مسلمانن خلاف غلط تاثر قائم ڪرڻ لاءِ تقويت بخشڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي هن نئين ٺهندڙ گهڻ ماڙ عمارت تي اُن ڪري اعتراض آهي ته هن عمارت ٺهڻ سان مڪي کان ايندڙ نُور جا ڪِرڻا مسجد تائين پهچي نه سگهندا. ان قسم جي خبرن جي هڪ اخباري ڪٽنگ مون وٽ هن وقت به موجود آهي، جنهن جو عنوان آهي:
"Kobe mosque attacks plan that blocks light from Mecca."
جيتوڻيڪ جپان جا رهاڪو توڙي اهي ڌاريان جيڪي جپان ۾ گهڻو وقت رهي ويا آهن، اهي چڱي طرح سمجهن ٿا ته مسجد وارن جا اعتراض جائز آهن ۽ هو مسجد اڳيان وڏي عمارت ٺهڻ ڪري سج جي روشنيءَ جي نه اچڻ جي ڳالهه ٿا ڪن، جنهن کي تعصبي ميڊيا وارا مروڙي سروڙي غلط ڳالهه ٿا لکن. بهرحال جپان کان ٻاهر رهندڙ لاءِ هتي ڪجهه معلوماتي ڳالهيون لکي رهيو آهيان، جن جي پس منظر ۾ هو صحيح ڳالهه تائين پهچي سگهن ٿا.
جيئن پاڪستان مڪي جي اوڀر ۾ آهي ۽ اسان پاڪستان جا ماڻهو اولهه ڏي منهن ڪري نماز پڙهون ٿا. اهڙي طرح جپان به مشرق ۾ آهي ۽ هتان اولهه طرف منهن ڪري نماز پڙهي وڃي ٿي، يعني جپان کان قبلي جو رخ اولهه ڏي آهي. ان کان علاوه جپان ۾ سج جي روشني به اولهه طرف کان گهڻي اچي ٿي ۽ اهڙا گهر جن جون دريون اولهه ڏي کُلن ٿيون، انهن جا اگهه توڙي مسواڙون وڏيون ٿين ٿيون. جپان کي ”اڀرندڙ سج جي ڌرتي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ حقيقت به اها آهي ته دنيا ۾ نئين سج جي روشني پهرين جپان ۾ پهچي ٿي. هن ملڪ جي جهنڊي جو نشان به سفيد پس منظر ۾ ڳاڙهي رنگ جو سج آهي. هتي جي ڪجهه مذهبن ۾ سج جي پوڄا به شامل آهي. ايتريقدر جو فيوجي جبل جي چوٽيءَ تي وڃڻ وارا به ڪوشش ڪري رات جو ويندا، جيئن فجر تائين پهچي نئين سج جو ديدار ڪري سگهن. جيڪا ڳالهه هنن جي عبادت ۾ شامل آهي. گهڻن جپانين جو اهو خيال آهي ته اهي گهر جيڪي اهڙي طرح ٺهيل آهن، جو سج جي روشني نٿي پهچي يا گهٽ ٿي پهچي ته انهن گهرن ۾ جيتن جڻين جي ويجهه ٿئي ٿي ۽ انهن جيتن جڻين ۽ جراثيمن جي پيدا ٿيڻ سبب انهن اونداهن گهرن جا رهاڪو مختلف قسمن جي بيمارين جا شڪار ٿين ٿا. ان ڪري جپان ۾ اهڙن گهرن جون مسواڙون تمام گهڻيون ٿين ٿيون، جن ۾ گهڻو وقت اُس رهي ٿي.
هونءَ ته سج اوڀر کان اڀري اولهه ۾ وڃي لهي ٿو ۽ اوڀر پاسي وارين درين مان به سج جي روشني اچي ٿي، پر صبح پهر ايندڙ ان روشنيءَ ۾ اهو تاءُ نٿو رهي، جيڪو شام جي سج ۾ رهي ٿو ۽ اولهه کان ايندڙ شام جي پهر واري روشني گهڻي دير پڻ رهي ٿي. ٻي ڳالهه ته جپان جي روايتن موجب نئين عمارت ٺهرائيندڙ کي عمارت شروع ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوي ٿو ته سندس عمارت ٺهڻ تي ڀرواريءَ عمارت وارا سج جي روشنيءَ کان محروم ته نه ٿي ويندا. اهڙيءَ حالت ۾ حڪومت طرفان نئين ٺهندڙ عمارت جو ڪم روڪيو ويندو آهي ۽ هتي مسجد جي اڳيان هڪ گهڻ ماڙ عمارت ٺهڻ ڪري مسجد ۾ سج جي روشني نٿي آئي ۽ ان ڳالهه لاءِ مسجد وارن حڪومت ۽ عمارت وارن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ چاهيو ٿي ۽ کين اهو چوڻ چاهيو ٿي ته هو پنهنجي عمارت مسجد کان پنج کن ميٽر پري ڪري ٺاهين، جيئن اها عمارت سج جي روشنيءَ کي آڏي ٿي نه بيهي ۽ ڏٺو وڃي ته اها هڪ عام ۽ روزمرهه جي ڳالهين مان هڪ آهي، پر جپان ۽ ڌارين ملڪن جي ڪجهه اخبارن ان کي غلط رنگ ڏئي، ان نموني سان خبرون ڏنيون ته جپان ۾ رهندڙ مسلمانن کي مسجد جي اولهه ۾ ٺهندڙ عمارت تي اعتراض ٿئي ٿو جو اها مڪي (اولهه) طرف کان ايندڙ نور جي وچ ۾ آڏ ٿي بيهي ٿي.
جيتوڻيڪ هر شهريءَ وانگر مسجد وارن به اهو ئي چاهيو ته اها عمارت سج جي روشنيءَ ۾ آڏ نه ٿئي، جنهن لاءِ هنن عمارت جي مالڪن کي اها عمارت مسجد کان پنج ميٽر پري ڪري ٺاهڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ اهو پڻ ته اها عمارت پلان مطابق نو ماڙ بدران پنج ماڙ ٺاهين، جيئن روشنيءَ جو لنگهه برقرار رهي سگهي. ڏٺو وڃي ته اهو اڻ لکيل قانون اسان وٽ به آهي ۽ ويندي ڳوٺن ۾ به هڪ ماڙ ٺاهڻ وقت به اُتر ۽ اولهه وارن گهرن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کان اخلاقي طرح اجازت ورتي وڃي ٿي، جو اسان وٽ هند، سنڌ، پنجاب ۾ ڏکڻ واري طرف کي وڏي اهميت آهي جو اونهاري ۾ اسان کي ڏکڻ جي هوائن جي ضرورت پوي ٿي. سنڌ ۾ توهان کي اهڙو گهر ورلي نظر ايندو، جنهن جو اڱڻ اتر ۾ هجي! اڱڻ اتر ۾ هجڻ معنيٰ اونهاري ۾ هوا روڪي وڌيڪ گرمي پيدا ڪرڻ ۽ سياري جي پاري ۾ اتر کليل رکي وڌيڪ ٿڌ پيدا ڪرڻ. اهڙي طرح اسان وٽ سنڌ ۾ هرڪو چاهي ٿو ته هن جي گهر ۾ صبح پهر واري اُس اچي جو منجهند بعد اسان وٽ اُس ۾ تمام گهڻي تپش ٿئي ٿي ۽ اسان گرم ملڪن جا رهاڪو ايڏي تپش پسند نٿا ڪريون. اهي ملڪ جن ۾ هوا جو رخ ڏينهن ۾ 10 دفعا بدلبو رهي ٿو ۽ اونهاري توڙي سياري ۾ ساڳيو حال آهي اتي اهڙين ڳالهين جو ڪنهن کي به فڪر نٿو رهي ۽ ڪوبه اسان وانگر ”ويسٽ اوپن“ جي ڳالهه نٿو ڪري. ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جن ۾ ڀلي ڪو ڪنهن جي گهر اڳيان وڏي عمارت ٺهرائي يا پويان، ٻارهوئي ٿڌڪار لڳي پئي آهي، ٻارهوئي جهُڙڦُڙ لڳو پيو آهي. سئيڊن، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۾ ته ڪو سڄي سال ۾ هڪ دفعو به پنهنجي ڪمري جي دري نٿو کولي. بسن ۾ شيشن جون دريون ٿين، پر هميشه لاءِ بند ٿين. هرڪو سياري ۾ هيٽر، اونهاري ۾ ڪولر هلايو ويٺو آهي. سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته سج به سڄي سال ۾ فقط جولاءِ جي مهيني ۾ نظر اچي ٿو.