جپان ۾ رهندڙ سنڌي واپاري
جپان ۾ ڌارئين ماڻهوءَ لاءِ ”هميشه لاءِ رهڻ“ اڳ به مشڪل هو ۽ هينئر به اهوئي سلسلو آهي. ڪنهن جپانيءَ سان شادي ڪرڻ بعد به ڪنهن ايشين يا يورپين کي پڪ ناهي ته جپان گورنمينٽ هن کي ڏهن سالن بعد به ڪا پنهنجي ملڪ جي قوميت ڏيندي. ڪوبي شهر ۾ ’روڪو ساڙهي‘ نالي دڪان جي سک مالڪ جي زال جپاني هئي. هر سال سک کان پڇندا هئاسين ته کيس جپان جو پاسپورٽ ملندو يا نه. چوندو هو: ”ڪا خبر ناهي، ٻار به جوان ٿي ويا آهن. هر ڇهين مهيني ويزا Renew ٿو ڪرايان، ڪنهن وقت به هو چاهين ته مون کي ملڪ کان ڪڍي سگهن ٿا.“
بهرحال اهڙي طرح اڳ ۾ به ۽ هاڻ 22 سالن بعد وري جپان آيو آهيان ته هينئر به ڪيترائي اسان جا ايشين هتي نوڪرين ۽ واپار وڙي خاطر سالن کان رهيا پيا آهن. ڪي هتان آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاسي هليا ويا آهن ته ڪي وري ٻين ملڪن جا نوجوان جپان ۾ اچن به پيا.
ستر جي شروع وارن سالن ۾ جپان آيو هوس ته ان وقت ايشين ۾ ترڪ، روس جي رياستن جا ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جا انڊين ۽ پاڪستاني هئا. ان بعد اسي واري ڏهي جي شروعات ۾ يعني 1980ع ۽ 81ع کان ايراني به نظر اچڻ لڳا ۽ اڄڪلهه اهي چڱي تعداد ۾ آهن ۽ هن دفعي ڪيترائي عرب دڪاندار به نظر اچن پيا. انڊين ۽ پاڪستانين ۾ انڊين گهڻا آهن جو ظاهر آهي اهو ملڪ به اسان جي ملڪ کان وڏو آهي، انهن جي حڪومت به انهن جي مدد ڪري ٿي. اسان جي نه حڪومت جو حال آهي ۽ نه سفارتخانن جو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊين Adjust به جلد ڪريو وڃن جو هنن لاءِ ڪي خاص مذهبي يا سماجي Restriction نه آهن.
جپان ۾ جيڪي پاڪستاني رهن ٿا انهن ۾ پنجاب ۽ صوبي خيبرپختونخواه جا گهڻا آهن، جيڪي هتي بزنيس ڪن ٿا. ٽوڪيو کان جيڪا ڪمپني حلال گوشت ۽ ٻيو سامان اسان جي گهر موڪلي ٿي، ان ڪمپني ۽ دڪان جو مالڪ لاهور جو آهي. سندس زال يوريڪو نالي جپاني آهي. هو 1985ع کان هتي رهي ٿو. سندس ڪيترائي مٽ مائٽ ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ بزنيس ڪن ٿا جن کان هو سامان هتي گهرائي ٿو. ڪڪڙين ۽ ڳئون جو حلال گوشت هو ڏکڻ آمريڪا مان گهرائي ٿو جتي پڻ هن جا مائٽ رهن ٿا ۽ بقول هن جي پاڪستان کان گهرائڻ ۾ هڪ ته ڪسٽم وارن جي جهڪ جهڪ گهڻي آهي ۽ ٻيو ڪاسائي سٺو ۽ صحتمند گوشت نٿا موڪلين ۽ گراهڪ ٽهيو وڃن. پاڪستان کان آيل پٺاڻن جو جپان ۾ گهڻو ڪاروبار غاليچن، ڪپڙي ۽ سيڪنڊ هئنڊ ڪارين ۽ انهن جي انجڻين جو آهي. ڪجهه پنجابين جون جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هوٽلون به آهن.
انڊين ۾ اڳ به ۽ هينئر به گهڻو تعداد سنڌي هندن جو آهي جن مان ڪيترا ته ورهاڱي بعد نه پر ان کان اڳ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ آيا. ڪيترن جون زالون جپاني آهن ۽ سندن هتي ٻي ۽ ٽي جنريشن هلي رهي آهي. ڪيترن کي ته (خاص ڪري امير ترين واپارين کي ته) هتي جي قوميت به ملي چڪي آهي جو هو هن ملڪ (جپان) جي ايڪاناميءَ لاءِ وڏي هٿي آهن. ڪيترن ته پنهنجا اصلي نالا بدلائي جپاني رکيا آهن. اوڪيناوا ٻيٽ تي سنڌي هندن جا پنجاهه کن دڪان آهن ۽ اهي دڪان ڪي اهڙا تهڙا نه آهن پر ڪروڙن جي ملهه جا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي اخبار ۾ آيو ته اوڪيناوا ٻيٽ تي رهندڙ سنڌي بزنيس مين جي صدر گل بانيءَ سان اتي جي ميئر ناڪاسوني ملاقات ڪئي ۽ هن اوڪيناوا ۾ سنڌي واپارين جي ويلفيئر جو هڪ ادارو ٺاهيو آهي.
جپان ۾ رهندڙ سنڌي هندو واپارين ۾ سڀ کان امير ترين مسٽر هيرا آهي جنهن کي جپان ۾ پنهنجون يارهن فائيو اسٽار هوٽلون آهن. سندس اوڪيناوا واري هوٽل Rizzan Sea Park ۾ هينئر فرانس جو صدر رهيو هو، جڏهن هو G-8 Summit واري ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيو هو. انهن پنهنجين هوٽلن کان علاوه هيرا دنيا جي مختلف ملڪن جون هڪ سؤ کان مٿي هوٽلون Manage پڻ ڪري ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي هڪ انگريزي اخبار ۾ Little India in Kobe جي نالي سان هتي جي هڪ ڪالم نگار سعيد نقوي جو مضمون ڇپيو، جنهن ۾ هن هتي رهندڙ انڊين بابت لکيو آهي، پر گهڻي ڪهاڻي سنڌي هندن جي آهي. سعيد نقوي پاڪستان يا شايد انڊيا جو مسلمان ليکڪ لڳي ٿو. ان مضمون مان ڪجهه جملا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو.
”1923ع ۾ جيڪو جپان ۾ زبردست زلزلو آيو، ان ۾ يوڪوهاما شهر جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو ۽ يوڪوهاما ۾ رهندڙ ننڍڙي انڊين ڪميونٽي جنهن ۾ هڪ هزار کن واپاري ٿيندا ۽ جن جي مادري زبان سنڌي هئي، تن کي جپان حڪومت يوڪوهاما مان لڏرائي اوساڪا جي ڀر واري شهر ڪوبي ۾ Resettle ڪرايو هو. هندو سنڌي اها قوم آهي جنهن جو واپاري سورت کان سنڌ جي آخري ڪنڊ تائين سڄي دنيا ۾ سالن کان ڇانيل آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ اها چوڻي عام هئي ته دنيا ۾ جيڪي زبانون آهن اهي حيدرآباد سنڌ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. مطلب اهو ته سنڌ جو واپاري دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ويو ٿي ۽ هن اتي جي زبان سکي ۽ ڳالهائي ٿي.
”ٻي وڏي لڙائي (Word War II) کان اڳ سنڌ جي هنن واپارين کي واپار وڙي لاءِ جپان هڪ دلچسپ ملڪ لڳو جتان سلڪ خريد ڪري ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سٺا موقعا هئا. ان جي بدلي ۾ سنڌ ۽ مصر کان ڪپهه ۽ انگلينڊ کان سوٽي ڪپڙو جپان موڪلڻ ۾ وڏو فائدو هو. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد جپان جي ايڪاناميءَ جي حالت خراب ٿي وئي. ويتر Okinawa واري لڙائي جپان جي مستقبل بابت واپاري سيٺين کي مُنجهائي رکيو ۽ جنگ دوران ڪيترائي هندو واپاري جپان ڇڏي هليا ويا، پر اوڪيناوا تي آمريڪن جو Occupation (قبضو) ٿيڻ بعد ڪيترا ترسي به پيا بلڪ هنن اوسي پاسي جي ملڪن: هانگ ڪانگ، ملايا، برما وغيره کان پنهنجا مائٽ به گهرايا، جو هنن ڏٺو ته آمريڪن جي رهڻ ڪري پئسي ڪمائڻ جو سٺو موقعو ملندو. آمريڪن پئسي وارا هجڻ سان گڏ هٿ ڦاڙ به آهن. هنن جي سپاهين کي يونيفارمن جي ضرورت پوندي ۽ آفيسرن کي سوٽ ڪوٽن جي ۽ واقعي ريڊي ميڊ ڪپڙن جو رواج ايڏو ته عام ٿي ويو جو سڀ کان گهڻو ڌنڌو درزڪو هلڻ لڳو ۽ ٻئي نمبر تي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جو. جيڪو جيڪو سنڌي سکيو ستابو ٿيندو ويو اهو پنهنجي ڀاءُ ۽ سوٽ کي سنڌ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن مان گهرائيندو ويو. ڀائر ۽ سؤٽ ختم ٿيا ته دوست گهرايا ويا.
اوڪيناوا جي ڪادينا (Kadena) آمريڪن ايئربيس جي ڀر واري اوئيچي اسٽريٽ جهڙين گهٽين ۾ ته اڄ سڀ دڪان هندو سنڌين جا آهن. بوتيڪ شاپ، درزين جا دڪان، گفٽ شاپ.... وغيره وغيره. اهڙي ئي هڪ ”وينس امپورٽ“ نالي دڪان ۾ گهڙ ته توهان جي دڪان جي مالڪ گل باني ۽ سندس زال مالا بانيءَ سان ملاقات ٿيندي، جيڪي ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دڪان ۾ پنهنجي Sales Girls جي اٽالي سان گراهڪن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٽي آمريڪن سولجر جيڪي ڪپڙا خريد ڪري نڪري رهيا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته اسان کي هتي هر اهو ڪپڙو مليو وڃي جيڪو اسان چاهيون ٿا ۽ اڄ جي فيشن ۾ آهي.“
اوڪيناوا جپان کي واپس ملڻ ڪري آمريڪن پنهنجي ملڪ موٽن پيا، ان ڪري هاڻ ڌنڌي جي اها شوخي ناهي.
”اسان جا ٻار به آمريڪا ۾ پڙهن ٿا.“ گل بانيءَ ٻڌايو، ”ان ڪري اسان جا ڪيترا واپاري ڀائر ٻارن جي ڪري آمريڪا لڏي ويا آهن جتي واپار جا وڌيڪ سٺا موقعا آهن ۽ هاڻ سڄي جپان ۾ اسين ڪي ٽي هزار کن واپاري مس وڃي رهيا آهيون.“
گل بانيءَ ٻڌايو ته هتي جو ميئر سندن ڪافي مدد ڪري رهيو آهي، ”جيئن جيتري قدر ٿي سگهي اسان هتي ئي رهيا پيا هجون، جتي اسان جا ڏاڏا يا والدين ڪنهن زماني ۾ واپار لاءِ آيا.“
هونءَ هن ملڪ ڪيترن سنڌي هندو واپارين تي اهڙو ته جادو ڪيو آهي جو هو ڪنهن به صورت ۾ جپان ڇڏڻ نٿا چاهين. هو پنهنجو پاڻ کي جپان جو اٽوٽ انگ سمجهن ٿا. رميش انهن مان هڪ آهي، جنهن ويندي اباڻو نالو ۽ ذات ڇڏي جپاني نالو ميوڪو هيوا قبول ڪيو آهي ۽ هو جپان جو شهري آهي ۽ کيس حڪومت طرفان هن ملڪ (جپان) جو پاسپورٽ مليل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نالي بدلائڻ ڪري هن پنهنجو ڌرم يا خير خيرات ڪرڻ جي عادت ڇڏي نه ڏني آهي. اڄ به دنيا جي ڪيترن ”سائين بابا مندرن“ تي سندس کيسي مان خرچ ٿئي ٿو.
اڄ هيرا جپان جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. جنهن بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته يارهن پنهنجون هوٽلون اٿس ۽ 140 هوٽلن جو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ هلي ٿو.
هتي جپان ۾ رهندڙ سنڌين بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽ مشهور آهي.
http://www.sindhiinfo.com/nfi/japan.asp