سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

هيروشيما جي عورت يائيڪو جون خبرون

هيروشيما جي عورت يائيڪو جون خبرون

”منهنجي ڌيءَ کي مون کان وڇڙندي اڄ 60 سال اچي ٿيا آهن. هوءَ نائين آگسٽ 1945ع تي ائٽم بم جو شڪار ٿي وئي هئي.“ 90 کن سالن جي پوڙهي عورت يائيڪو اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ٻڌايو. ”هوءَ جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا حادثي ۾ مري وڃي ها ته هن جي جدائيءَ جو غم مون کي شايد ايڏو ڀڃي ڀوري نه ڇڏي ها، پر هن جو ائٽم بم جي ڌماڪي ۽ ائٽمي لهرن جي گرمائش ۾ ائين بيدرديءَ سان مرڻ جو غم لڳي ٿو ته مون کي سڄي حياتي جهوريندو رهندو. ماڻهو چوندا آهن ته وقت اها شيءِ آهي، جيڪا ڏکن جي وڏن زخمن کي به ڇٽايو ڇڏي، پر ڪو منهنجي دل کان به ته پڇي ته حقيقت ڇا آهي. جيئن جيئن آئون پوڙهي ٿي رهي آهيان، تيئن تيئن منهنجي پياري ڌيءَ جي جدائيءَ جي پيڙا منهنجي دل کي نپوڙي رهي آهي.“
يائيڪو جو گهر هيروشيما ۾ بم ڪِرڻ واري جاءِ (Hypocentre) کان ٽي ميل کن اوڀر ۾ Mukainda واري علائقي ۾ هو. ”منهنجي ڌيءَ انهن ڏينهن ۾ هاءِ اسڪول جي ٻئي سال ۾ هئي ۽ سندس ڪلاس جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ هُن پڻ ملٽري وارن جي شهري ڪمن ۾ مدد ڪئي ٿي. هن جون ٻه سٺيون ساهيڙيون هيون، جيڪي اسان جي ئي پاڙي ۾ رهيون ٿي، جن سان گڏ هوءَ روزانو ساڍي ڇهين وڳي ڪم لاءِ رواني ٿي ويندي هئي. پر ان ڏينهن جنهن ڏينهن هيروشيما تي بم ڪِريو، خبر ناهي ڇو منهنجي ڌيءَ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ نه وئي. هو جڏهن کيس سڏڻ لاءِ گهر آيون ته هُن کين چيو ته توهان هلو ته آئون اڌ ڪلاڪ بعد اچان ٿي.
”هوءَ ڪا دير پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ فوٽوءَ کي ڏسندي رهي جيڪو سندس پيءُ سان گڏ نڪتل هو ۽ هوءَ پنهنجي منهن چوندي رهي: ڪيتري ته سهڻي لڳان ٿي. ۽ پوءِ فوٽوءَ کي ٽيبل تي ڦٽو ڪري ڪم لاءِ رواني ٿي. هن کي پيرن ۾ زوري (Zori) جپاني سئنڊل ۽ ننڍين ٻانهن وارو بلائوز پهريل هو. جيتوڻيڪ هوءَ هميشه ڊگهين ٻانهن وارو پائي نڪرندي هئي. ڪنهن کي خبر ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي اهو آخري دفعو ڏسي رهي آهيان.“
۽ پوءِ جڏهن هيروشيما مٿان بم ڦاٽو ته سڄي دنيا ئي بدلجي وئي. ڇا مان ڇا ٿي ويو. بم جي تپش ۽ جتي ڪٿي لاشن ۽ مرڻينگ ماڻهن جا ڍير هئا. ماڻهن جي جسمن جا عضوا، ٻانهون، ٽنگون، هٿ پير وڻن ۽ تارن مٿان لڙڪيل هئا. آئون شهر جي گهٽي گهٽي پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڳوليندي رهيس. هيروشيما شهر جي حالت کنڊر بڻجي چڪي هئي. چوڌاري لاشن جي ڌپ برداشت کان ٻاهر هئي. جتان ٿي لنگهڻ ٿيو، اتي ڦٽيل ۽ سڙيل ماڻهن جون رڙيون هيون. هر هڪ بيوس هو، ڪنهن جي ٻُڌي ڪنهن جي ٻُڌجي. ماڻهو هڪ ٻئي پويان مرندا رهيا ٿي. هنن ۾ گهڻا تڻا سڙيل ڪوئلي وانگر هئا. هر هڪ پاڻيءَ جي گهُر ڪري رهيو هو.آئون انهن جي وچ مان لنگهندي ٿڙندي ٿاٻڙندي رڙيون ڪندي پئي ويس ته من ڪٿان منهنجي ڌيءَ منهنجو سڏ ٻڌي ورندي ڏئي. هيڏانهن هوڏانهن ڳولي آئون وري پنهنجي گهر موٽيس ٿي ته متان هوءَ گهر پهتي هجي، پر پنهنجي ڊٺل گهر کي ڏسي مون کي چڪر ٿي آيا ۽ ڌيءَ کي ڳولڻ لاءِ آئون وري چرين وانگر ٻاهر ڊوڙي ويس ٿي.“
يائيڪو سندس شهر هيروشيما ۾ بم ڪرڻ جي روئداد ٻڌائي رهي هئي. ٻي وڏي لڙائي هلڻ دوران جپان جي ڪيترن ئي شهرن تي گڏيل طاقتن طرفان ننڍا وڏا بم ڪيرايا ويا پئي، پر هيروشيما تي ڪڏهن به ڪو ائٽم بم نه ڪِريو هو. ناگاساڪيءَ تي بم ٽي ڏينهن اڳ ڇهين آگسٽ 1945ع تي صبح جو پوري سوا اٺين وڳي ڪيرايو ويو ۽ اٽڪل هڪ لک ماڻهو ته ان ئي وقت بم جي ڌماڪي ۾ مري ويا ۽ پوءِ ائٽمي لهرن ۽ تپش ڪري چند ڏينهن ۾ لک کن ٻيا ماڻهو تڙپي تڙپي مري ويا. باقي جيڪي ماڻهو بچيا انهن تي به Radiation جو اهڙو اثر ٿيو جو اڄ تائين هتي جا ماڻهو ڪجهه اهڙي قسم جي ڪئنسر جا شڪار ٿيندا رهن ٿا جو ان ٽائيپ جي ڪئنسر دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي.
هيروشيما ۾ جيڪو ائٽم بم ڪيرايو ويو هو، ان ۾ يورينيم استعمال ڪيل هو ۽ ناگاساڪي واري بم ۾ پليٽونيم، جيڪو بم ٽن ڏينهن بعد نائين آگسٽ تي ڪيرايو ويو. 2 سيپٽمبر تي جپانين Surrender ڪيو. اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي ڊبيٽ ڪئي وڃي ٿي ته آيا ائٽم بم ڪيرائڻ ضروري هو. بم ڪرڻ بعد جپانين جنگ بند ڪئي ۽ ڇا بم ڪيرائڻ بنا فقط وارننگ ڏيڻ تي جپاني ماٺ ڪري نه ويهن ها ۽ جيڪڏهن جپاني به ائٽم بم ايجاد ڪري چڪا هجن ها ته ڇا هو پڻ ان جو استعمال ڪري وڌيڪ تباهي نه مچائين ها.
بهرحال هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي جيڪي ٻه ائٽم بم ڪيرايا ويا، جن جپان جهڙي طاقت جا گوڏا کوڙي ڇڏيا، اهي ٽوٽل 83 ڪلو ٽن TNT جا هئا ۽ اڄ ائٽمي هٿيارن جي طاقت 50 ميگا ٽن برابر آهي، يعني هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪريل بمن کان هڪ هزار دفعا وڌيڪ آهي ۽ ايڏي وڏي طاقت جا هٿيار هن ڌرتيءَ تي موجود آهن!
”جيئن ڏينهن تي ڏينهن ٿي گذريو ته منهنجي حالت چرين جهڙي ٿيندي ٿي وئي. ڪاش منهنجي ڌيءَ کي ڪو مون سان آڻي ملائي! هوءَ ڪٿي ٿي سگهي ٿي. ڪهڙي حالت ۾ ٿي سگهي ٿي. آهي ڪو جو مون کي ٻڌائي.“ يائيڪو اها ڳالهه ٻڌائيندي وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
”هيروشيما مان وهندڙ نديءَ جي ڪناري تي جنهن وقت آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڳولي رهي هئس ته اتي مون کي ڪجهه سپاهي نظر آيا، جيڪي درياهه ۾ لڙهندڙ لاش ڏنڊي ۾ ٻڌل Hook ذريعي ڇڪي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا. سوين لاش هئا. آئون انهن سپاهين جي ڀرسان ٿي بيٺس ۽ هر لاش کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ تي مون ان کي چتائي ڏٺو ٿي ته متان منهنجي ڌيءَ جو لاش هجي. گهڻا تڻا لاش اهڙا سڙيل، ڪوئلي وانگر ڪارا ٿيل، سُڄيل ۽ چيريل هئا جو انهن کي ڪوبه سڃاڻي نه سگهي، ته به آئون انهن سپاهين کي منٿون ڪندي رهيس ته انهن کي هڪ ٻئي مٿان ڍير ڪرڻ کان اڳ منٽ ٻن لاءِ مون کي ڏسڻ ڏيو. ٿي سگهي ٿو انهن ۾ ڪو منهنجي ڌيءَ جو به لاش هجي، پر منهنجي ڌيءَ جو لاش انهن ۾ به نه هو.
”انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪاليجي شاگرد مون وٽان اچي نڪتو ۽ مون کي چيائين ته فلاڻي جبل تي هڪ مندر ۾ هڪ ڪراڙو ٻُڌ بکشو رهي ٿو. ٿي سگهي ٿو هو پنهنجي روحاني طاقت ذريعي تنهنجي وڃايل ڌيءَ جا پار پتا ٻڌائي سگهي. آئون ان ئي وقت ان جبل ڏي رواني ٿي ويس. منهنجو جسم ڏڪي رهيو هو، پيٽ ۾ پورو کاڌو به نه هو، پر ڌيءَ بنا جهڙي چري ٿي پئي هئس. آخر مون کي پري کان جبل تي ڏيئي جي روشني نظر آئي. آئون ان ڏانهن وڌندي ويس ته هڪ مندر ڏسڻ ۾ آيو. مندر ۾ جيئن ئي گهڙيس ته ان ۾ موجود اڌ اگهاڙي ٻائي رڙ ڪري چيو: ”تون پنهنجي ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪتي آهين. چئه سچ ٿو چوانءِ نه؟ تنهنجي ڌيءَ ان ئي ڏينهن آئوئي باشي ۾ مري وئي. باقي تنهنجو مڙس اڃا جيئرو آهي. ٿي سگهي ٿو مرڻ کان بچي وڃي.“
مون جيئن ئي هي لفظ ساڌو سنت کان ٻڌا ته آئون Aioi- Bashi ڏي رواني ٿيس. اتي پهچي ڏٺم ته چوڌاري سڙيل شين جا ڍير هئا. هر شيءِ ٻريل ۽ ڪوئلو ٿيل نظر آئي ٿي. گهر گهاٽ، وڻ ٽڻ ماڻهو ڇيڻو هر شيءِ سڙيل نظر آئي ٿي ۽ ان ڦلهير جي جبلن تان لنگهڻ به ڏکيو هو. پر جيئن تيئن ڪري آئون اڳيان وڌندي رهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڳولا ڪيم، پر ڪٿي به اهڙو لاش نظر نه آيو جو منهنجي ڌيءَ جو هجي يا جنهن لاش مان منهنجي ڌيءَ هجڻ جا اهڃاڻ ملن.
اهڙي طرح ڳوليندي ڳوليندي 10 ڏينهن گذري ويا، پر ڪنهن کان ڪو ذري پرزي جو به اشارو نه ملي سگهيو ته هوءَ جيئري آهي يا مري وئي ۽ جي مري وئي ته هن جو لاش ڪٿي ڳولي سگهان ٿي. مون کي شهنشاهه جپان جو براڊڪاسٽ ڪيل اعلان ته ”هاڻ جنگ ختم آهي“ جي خبر هڪ پاڙيسري عورت جي گهر ۾ پيئي جتي ڌيءَ جي ڳولا ۾ ٿڪجي اچي ساهه پٽيو هوم. ان بعد وري ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪري پئي هئس. ريڊ ڪراس اسپتال جي مين گيٽ ٻاهران سڙيل لاشن مان هڪ جو هلڪو آواز منهنجن ڪنن تي پيو ”اوبا- سان“، ”اوبا- سان“ ..(مئڊم، مئڊم..).
مون هن جي ويجهو ٿي ڏٺو ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل نالي جي پليٽ (Name Tag) تي ’سوني‘ نالو پڙهي مون کي تعجب لڳو ته هوءَ منهنجي ڌيءَ جي ٻن بهترين ساهيڙين مان هڪ هئي، جيڪي هن کي روز صبح جو ڊيوٽيءَ لاءِ وٺڻ اينديون هيون. هوءَ ويچاري ايتري ته سڙيل هئي جو سندس ڇاتيءَ جون هڏيون پئي نظر آيون، جن سان اها لوهي نالي واري پليٽ چمبڙي وئي هئي.
”اوبا- سان! ميزو ڪُداسائي“ (مئڊم مون کي پاڻيءَ ڍڪ پيار). هن مون کي جهيڻي آواز ۾ چيو ۽ ان کان اڳ آئون هن کي پنهنجي جهول ۾ کڻي چڪي هئس. مون وٽ پاڻيءَ جي بوتل هئي ۽ مون هن کي ان مان پاڻي پيارڻ چاهيو ٿي ته ايتري ۾ اسپتال مان نڪرندڙ نرس مون کي پاڻي ڏيڻ کان جهليندي چيو:
”ائين ڪرڻ سان هوءَ جلد مري سگهي ٿي. مهرباني ڪري جي هن جا والدين جيئرا هجن ته هنن کي ڪو گهرائي وٺندو؟“
مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ جي ڳولا ۾ نڪتل منهنجين پاڙيسري عورتن مان هڪ هن ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي سڏڻ لاءِ ڊوڙي ۽ ٻي هن وٽ ترسي پئي ۽ آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڳولڻ لاءِ اڳتي نڪري پيس.
آئون موتوياسو ندي (Motoyaso- gawa) جو ڪپر ڏيندي اڳتي هلي وري Aioi- bashi آيس، جتي مري ويل ماڻهن جي لاشن کي ساڙي رهيا هئا. هنن جي ڳچيءَ ۾ هار وانگر لڙڪيل لوهي پليٽون جن تي نالا لکيل هئا، هڪ پاسي ڍير ٿيل هئا. مون انهن مان سوين نالا پڙهيا، جن مان ڪيترائي منهنجي ڌيءَ جي ٽيچرن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ٻين اهم ماڻهن جا هئا، جن کي مون سڃاتو ٿي. پر افسوس جو منهنجي ڌيءَ جو اتي به نالو نشان نه هو.
ٻه چار ڏينهن ٻيا به مون پنهنجي ڌيءَ جي ڳولا جاري رکي، پر هوءَ نه ملي سگهي. آخري ڏينهن تي هن جي هڪ ڪلاس ميٽ مري ويل لاشن ۽ سڙي ويل عمارتن جي ڍير تي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي ڳولا ڪري رهي هئي. مون هن کي ٻڌايو ته آئون هيرو يوڪي جي ماءُ آهيان... منهنجي ائين چوڻ تي هن اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيو ”اوڪا- سان (منهنجي امڙ)! تون ڪنهن کي ڳولي رهي آهين! ’هيرو يوڪي چان‘ ته پهرين ڏينهن ئي بم جي ڌماڪي سان اڇلجي وئي هئي....“ ۽ هوءَ ان وقت جو دل ڌڙڪائيندڙ نظارو بيان ڪري هڪ دفعو جهڙو چرين وانگر سوچن ۾ گم ٿي وئي ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ هوءَ غش ٿي وئي. آئون هن کي ڪلهن تي کڻي پاڙي جي ٺهيل ايسوسيئيشن واري آفيس ۾ کڻي آيس.
پنهنجي ڌيءَ جو لاش نه ملڻ ڪري آئون ٻين جي سڙيل لاشن جو ڦلهير کڻي اچي گهر پيالي ۾ رکيم. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو گهر جو پيارو ڀاتي هليو وڃي ۽ پيالي ۾ مري ويل جي راک جو ذرو به نه هجي!
ان دوران، کائڻ لاءِ کاڌو هڪ طرف نه پئي مليو ته ٻئي طرف منهنجو گهر ڀڄي ڀري پيو هو. اهو هڪ ته رهڻ جي قابل نه رهيو هو، ٻيو ته ان گهر ۾ پنهنجي پياري ڌيءَ جي غير موجودگي منهنجي دل ۾ عجيب خوف پيدا ڪري رهي هئي. ٿوري گهڻي جيڪا ننڊ آئي ٿي، ان ۾ ڊپ جا خواب ڏسڻ ڪري اٿي ٿي ويٺيس. آخر ڪجهه ڏينهن جي بي چينيءَ بعد آئون اڪينوبي شهر پنهنجي ڀاءُ جي گهر هلي ويس، جيڪو هيوگو پريفيڪچر ۾ آهي.
آئون اڪينوبي شهر ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رهيس، پر جيئن ته مون کي اتي ڪا نوڪري نه پئي ملي، ان ڪري آئون اوبي شهر ڏي هلي آيس، جيڪو هونشو ٻيٽ جي اولهه واري ڪنڊ تي آهي. مون کي اهو معلوم ٿي ويو ته منهنجو مڙس جيئرو آهي، پر مون هن سان رهڻ پسند نٿي ڪيو.
مون کي پيٽ گذر لاءِ ڏاڍو هٿ پير هڻڻو پيو پئي ۽ منهنجي حالت آڻ ۽ چاڙهه واري هئي. مون ماڻهن جا ڪپڙا سبي ۽ ڪجهه شيون بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪڻي پيٽ لاءِ مانيءَ ڀور حاصل ڪيو ٿي ۽ ان دوران ائٽم بم جي شعائن ڪري جسم ۾ پيدا ٿيل بيمارين جا Symptoms ظاهر ٿيڻ لڳا. نڪ مان هر وقت نڪهير وهندي رهي ٿي ۽ نه فقط نڪ مان پر پيٽان ۾ به رت اچڻ لڳو.
اها نرس جيڪا مون کي بيمارين جي سئي هڻندي هئي، تنهن مون کي پيٽ سان ٿيڻ ۽ ٻار ڄڻڻ کان منع ڪئي، پر ٻن سالن بعد آئون پيٽ سان ٿي پيس. آئون وري پنهنجي ڀاءُ جي گهر اڪينوبي ۾ وڃي رهيس، جتي مون کي پٽ ڄائو.
منهنجي ڪرندڙ صحت بهتر ٿيڻ بدران ويئي خراب ٿيندي ۽ مون اهوئي فيصلو ڪيو ته ڪنهن وڏي شهر ۾ هلي رهان، جتي مون کي گهٽ ۾ گهٽ طبي سهولتون ته ملنديون رهن. اهو سوچي پنهنجي پٽ کي ڀاءُ وٽ ڇڏي آئون نِشي نوميا شهر ۾ هلي ويس. اهو 1957ع جو سال هو. نِشي نوميا شهر ۾ منهنجيون چار ماسيون رهيون ٿي ۽ اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اسپتالون هيون.
ٻن سالن بعد مون پنهنجي پٽ کي به گهرائي ورتو ۽ ان سرڪاري گهر ۾ رهڻ لڳس، جيڪو انهن ٻارن لاءِ هو جن جا پيئر نه هئا. مون پنهنجي نڪمي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏي. هن ڪو پورهيو ڪري ڪمايو ته نٿي بلڪ مونکي کيس کارائڻو پيو ٿي.
اها هڪ نهايت ڏکي زندگي هئي، جيڪا مون گذاري پئي. هڪ طرف پٽ کي پالڻ جو فڪر ته ٻئي طرف پنهنجي دوا درمل جو بندوبست. مون پنهنجي خرچ جو وڏو حصو ڪمونو (وڳا) سبي پورو ڪيو ٿي، پر ان کان علاوه ٻيو به ڪو ڪم ڪار مليو ٿي ته ڪيم ٿي. هفتي ۾ هڪ دفعو اسپتال جا ڪپڙا ڌوئڻ ويندي هئس، ڇو جو اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ سان اها آٿت هيم ته جيڪڏهن ڪم ڪندي آئون ڪري پيس يا بيهوش ٿي ويس ته منهنجو ضرور خيال رکيو ويندو.
اڄ آئون اهي گذريل ڏينهن ياد ڪريان ٿي ته ائين ٿو لڳي ته آئون هر وقت دوائن جي حوالي هئس. هر وقت ڊاڪٽرن اڳيان بيٺي رهيس ٿي ۽ ڪيتريون ئي آپريشنون ٿينديون رهيون- ڪنن جون، اکين جون، پيٽ جون. هڪ دفعو ته مون کي يڪا ٻه مهينا اسپتال ۾ رهڻو پيو هو.
هينئر منهنجي ڪنن تقريباً ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آهي، اکين مان نور هليو ويو آهي ۽ سواءِ پاڻيٺ جهڙين شين جي ڪا شيءِ کايو نٿي سگهان، تڏهن به خوش آهيان ۽ پنهنجي پٽ جي فئمليءَ سان گڏ رهان ٿي. هو هن وقت 51 سالن جو آهي ۽ مون کي چار پوٽا پوٽيون به آهن. اسان کي گهر جي اڳيان اڱڻ ڀور به آهي ۽ اڄڪلهه منهنجي وندر ان ۾ گل پوکڻ آهي. آئون هيروشيما پنج ڇهه دفعا وڃي چڪي آهيان. هر دفعي اتان موٽڻ تي منهنجي دل غم سان اٿليو اچي. مون کي هر وقت پنهنجي پياري ڌيءَ جي ياد ستائي ٿي. اجهو هينئر به، رکي رکي منهنجي اندر ۾ اها اُميد ڪَرَ موڙي ٿي ته اجها ته منهنجي ٻچڙي موٽي آئي ۽ منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي پنهنجي مٺي ۽ سريلي آواز ۾ مون کي سڏ ڪندي ”اوڪا سان“ (منهنجي ماءُ).
۽ اها سوچ مون کي سڀ کان وڌيڪ ديوانو بنائي ٿي.
(هتي منهنجي خيال ۾ نقاش ڪاظميءَ جو هڪ قطعو جيڪو ’نئين ڌماڪي‘ جي عنوان سان 16 مئي 1998ع تي اڙدو اخبار جنگ ۾ ڇپيو هو، ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.)
”هيرو شيما ڪي خاڪ و راک ڪو ديک
آدميت ڪي ڀي شڪست هي يه
ايشيا ڪي نئين ڌماڪي... سن
ناگاساڪي ڪي بازگشت هي يه.“