جپان جهڙي ملڪ ۾....!
جپان ۾ آمريڪا جي مافيا ٽائيپ گئنگ ’ياڪوزا‘ ۽ ڪوڙي پير ’شوڪو اساهارا‘ بابت ڪافي لکي چڪو آهيان، خاص ڪري ’شوڪو‘ ٺڳ بابت جنهن هڪ هٿ ٺوڪيو ڌرم ايجاد ڪري پنهنجو پاڻ کي ان جو گرو ۽ وڏو پهتل ٻانهو سڏائي ٻين کي اهو بانور ڪرايو ته هو پنهنجن چيلن کي دلي سڪون، اندر جي روشني ۽ نرواڻ ڏياري سگهي ٿو.
سنڌ يا پنجاب جي ڳوٺ ۾ ڪو ڪو ڪوڙو پير يا ٺڳ مرشد پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪجهه ڳوٺاڻا، اڻ پڙهيل، سادڙا ۽ غريب ماڻهو هن جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي لٽائين ڦرائين ٿا، تڏهن به اسان کي تعجب لڳي ٿو، اتي جپانين جون اهي ڳالهيون پڙهي توهان کي به مون وانگر ضرور حيرت ٿيندي هوندي ته ههڙا پڙهيل ڳڙهيل ۽ هوشيار ماڻهو، هڪ عام ماڻهوءَ جي چنبي ۾ ڪيئن ڦاسيو پون- سو به هڪ ٻن ڏينهن لاءِ هڪ ٻه ماڻهو نه پر سوين هزارين ماڻهو سالن تائين هڪ ڪوڙي پير کي پوڄيندا رهيا ۽ هيتريون ڳالهيون ظاهر ٿيڻ بعد به ڪيترا ان پير (شوڪو اساهارا) کي بي ڏوهي سمجهن ٿا. (جيتوڻيڪ هزارين ماڻهو هاڻ سندس ٺڳين ۽ ڪوڙن کان واقف ٿيڻ تي پاڻ تي افسوس پيا ڪن ته هو ڪيڏو ته غلط راهه تي هئا).
منهنجو جيڪو ذاتي خيال آهي، جيڪو ڪيترائي سال هن ملڪ ۾ هنن ماڻهن (جپانين) جي ويجهو رهڻ ۽ هنن جون ڳالهيون، رسم رواج ۽ ڪلچر جي اسٽڊي ڪرڻ بعد پيدا ٿيو آهي ته هڪ ته هنن جپانين وٽ هر Physical سک اچڻ بعد هاڻ هنن کي ذهني سڪون جي طلب ٿي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن درگاهن ۽ مندرن ڏي ڀڄن ٿا ۽ پوءِ کين ڪو اهڙو ماڻهو مليو وڃي ته هن جي اکيون پوري ڳالهه مڃين ٿا، ڇو جو جپاني ماڻهو فطرتن هڪ Robot مثل ئي آهي- بلڪ هنن پنهنجي زندگيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. روبوٽ وانگر هو صبح کان شام تائين ائين ڪندا رهن ٿا، جيڪو هنن جي ذهن ۾ رٿيل آهن. يا ٻين لفظن ۾ جيئن هنن جو دماغ Programmed ٿيل آهي.
ٻي ڳالهه ته جپاني انڊيا، نيپال يا هماليه جبل کي اهڙيون جايون سمجهن ٿا، جتي ڄڻ ته پهچڻ سان انسان جي اندر ۾ روشني اچي ويندي. جپاني جيئن ئي دنيا جي گوڙ گهمسان کان نجات حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو پنهنجن مندرن ڏي رُخ رکندو آهي ۽ اڃا وڌيڪ مذهبي بڻجڻ لاءِ انڊيا ويندو يا هماليه جبلن (نيپال، ڀوتان، سِڪم) وغيره جي مندرن ڏي ڊوڙندو. اتان ٿي ايندو ته پاڻ کي ”عالم فاضل“ تصور ڪندو. اهو شايد ان ڪري جو جپان ۾ ڇانيل مذهب (ٻڌ ڌرم) به اتان آيو آهي ۽ هو مذهب ۽ اندروني سڪون ماڻڻ لاءِ اوڏانهن جي مهاڙ ڪن ٿا ۽ جتي جپاني پئسي ڏوڪڙ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ آهن، اتي ٻين ڳالهين ۾ سادڙا آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته ستر جي شروع واري ڏهاڪي ۾ اسان جي جهاز تي ٻه پوڙها ڊگهين ڏاڙهين سان پٺاڻ خلاصي هئا، جيڪي ڪوبي ۽ يوڪوهاما بندرگاهن ۾ ڀروارن پارڪن (ڪلاڪ پارڪ ۽ ياماشيتا پارڪ) ۾ وڃي ويهندا هئا ۽ ڪيترائي جپاني خاص ڪري ڇوڪريون، انهن کي پنهنجو هٿ اچي ڏيکارينديون هيون ۽ موٽ ۾ کين ڪافي پئسا ڏئي وينديون هيون. هي همراهه جيڪي ڪنهن به ڪنڊ کان پامسٽ نه هئا، پر جپان ۾ اچي اهڙو هوشيار ٿي ويا هئا جو هنن سمجهيو ٿي ته ڇوڪريءَ جو هٿ جهلي رٺل محبوب جي پرچڻ ۽ سٺي نوڪري جلد ملڻ جي خوشخبريءَ کان ڳالهه شروع ڪجي. اهڙي طرح، اسان جي درگاهن ۽ مقبرن تي زيارتين جي نذراني سان ايتريون پيتيون نٿيون ڀرجن، جيتريون جپان جي مندرن، جنجائن ۽ اوتيرائن (درگاهن) ۾ رکيل ڪاٺ جون پيتيون پئسي سان پُر ٿين ٿيون.
جن ڏينهن ۾ ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشن ۾ زهريلي گئس جو واقعو ٿيو هو، ان کان پوءِ اوم نالي تخريبي ڌرم جي جپاني پير کي جهلڻ سان گڏ سندس سوين چيلا جهليا ويا، جن مان ڪيترن کي ته قيد جي سزا ملي ۽ ڪيترا بيڏوهي ۽ معصوم ثابت ٿيا ۽ کين باعزت نموني سان ڇڏيو ويو. اهڙن مان هڪ 28 سالن جو ماساتو نالي نوجوان پڻ هو، جنهن کي ٿاڻي تي پوليس کان ئي حقيقت جي خبر پئي ته جنهن کي هو پير سمجهيو ويٺو هو، اهو ته وڏو ظالم ۽ ٺڳ آهي. ماساتو هاڻ ان ڳالهه تي ڏاڍو شرمندو آهي، نه ته هن جو، پنهنجي پير/ گرو (اساهارا) تي ايڏو يقين هو جو هن ماڻهن اڳيان زمين تي جهڪي پنهنجي پير لاءِ وفاداريءَ جو وچن ڪيو هو. اها تصوير ان وقت اخبارن ۾ پڻ آئي هئي. پر هاڻ هو ان تي افسوس ٿو ڪري ته هن زندگيءَ جا ڪيترا سال هڪ ڪوڙي پير جي چنگل ۾ ڦاسي برباد ڪري ڇڏيا. ان بابت سندس ٻڌايل ڳالهيون توهان به پڙهو ۽ پڪ اٿم ته توهان کي به حيرت ٿيندي ته جپان جهڙي ملڪ ۽ اتي جي سوسائٽيءَ ۾ هيئن به ٿئي ٿو:
ماساتو انهن ڏيڍ هزار چيلن مان هڪ هو جيڪي گُرو (اساهارا) سان گڏ ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ رهيا ٿي. ٽوڪيو ۾ زهريلي گئس ڇڏڻ واري واقعي بعد ماساتو کي پوليس ٻه هفتا کن پاڻ وٽ نظربند رکي کانئس آڏي پڇا ڪئي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته گروءَ جي ڪُڌن ڪمن جي هرهڪ کي ڄاڻ هجڻ بدران فقط چند خاص چيلن کي ان راز ۾ شامل ڪيو ويو ٿي. بهرحال ماساتو کي آزاد ڪيو ويو، پر جيل ۾ پنهنجي گروءَ جي ڏوهن جو ٻڌي هن کي پڇتاءُ ٿيو ته هو ڪهڙي ماڻهوءَ جون اکيون پوري چيو مڃي رهيو هو. ”مون پنهنجي گرو شوڪو اساهارا کي هن ڌرتيءَ جو خدا سمجهي پوڄيو ٿي.“ هن ٻڌايو.
هن گروءَ هڪ خاص قسم جا ٽوپلا ٺهرايا هئا، جن تي ائنٽينا به لڳل هئي. هن جا پڪا مريد اهي ٽوپلا پائي هلندا هئا جو گروءَ هنن کي چيو هو ته اهي ٽوپلا پائڻ سان سندس (يعني گروءَ جي) دماغ جون لهرون مريدن جي دماغ ۾ وڃي عقل ۽ روشني پيدا ڪن ٿيون. ماساتو هاڻ ته ٽاءِ سوٽ ۾ نظر اچي ٿو، نه ته جيل ۾ وڃڻ کان اڳ تائين هو به هميشه اهو ٽوپلو پائي هلندو هو.
”اوم ڌرم جي چيلن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوهاري نه هئا.“ ماساتو ٻڌايو، ”بلڪ اسان ته پنهنجي هر شيءِ پئسو ڏوڪڙ پنهنجي گروءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ گروءَ جي چوڻ مطابق سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائيندا هئاسين. جپاني معاشرو مون کي بيمار معاشرو لڳو ٿي. ان ۾ ڪو اخلاق ناهي. مون دل و جان سان اهو قبول ڪيو ته هر ڏک ۽ غم جي پاڙ خواهش آهي.“
ماساتو ٻڌايو ته هن ’اوم‘ ڌرم جون گهڻي ڀاڱي تعليمات اهي ئي هيون جيڪي ٻڌ ڌرم جون هيون ۽ هن اهي پسند ڪيون ٿي. پر مصيبت تڏهن شروع ٿي جڏهن گروءَ ڪجهه ظالماڻيون روايتون ان ۾ شامل ڪيون، جن کي هو ’پاڪ ٿيڻ‘ سڏيندو هو. هڪ چيلي کي پاڪ ٿيڻ لاءِ تمام ٿڌي يا گرم پاڻيءَ جي حوض ۾ ٽٻيون ڏياريون ويون ٿي. کيس گهڻي کان گهڻو پاڻي پياري پوءِ الٽيون ڪرايون ويون ٿي ۽ ان بعد کيس رسيءَ جو ٽڪرو ڳهڻو پيو ٿي.
ماساتو هن ڌرم ”اوم“ ۾ 1986ع ۾ شامل ٿيو، ان وقت هو ڪاليج ۾ تعليم وٺي رهيو هو. ”آئون اساهارا جي تصوير ڏسي هن مان ڏاڍو متاثر ٿيس جو هن کي وڏي ڏاڙهي هئي ۽ سندس چهري تي پدرانه شفقت هئي. هو اسان جپانين کان بلڪل مختلف لڳو ٿي.“
ٽن سالن بعد جڏهن هو ٽوڪيو جي واسيدا يونيورسٽيءَ ۾ Law ڪري رهيو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کي روئندو ڇڏي ڪاليج مان نڪري اوم ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ پهچي ويو. هن لاءِ هاڻ نئين فئملي اوم ڌرم جا چيلا هئا، جن سان گڏ هو رهڻ لڳو.
”اوم ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ رهڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. جيتوڻيڪ پاڻ گرو لڪي لڪي پيالا ڀري مال کائيندو هو، پر اسان لاءِ سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائڻ ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ لاءِ هو. گروءَ اسان چيلن کي شادي يا سيڪس کان منع ڪئي ٿي، پر پاڻ هر جوان ۽ سهڻي ڇوڪريءَ سان دل وندرائي ٿي. ان جي جواب ۾ هن هميشه اهو چيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان سندس نون چيلن جي اندر روحانيت ۽ روشنيءَ جو اثر جلد پهچي ٿو.
ماساتو ٻڌايو ته هن ڌرم کي اختيار ڪرڻ وارن نون چيلن کي هڪ خاص چانهه پياري وئي ٿي، جيڪا گرم پاڻيءَ ۾ پنهنجي وارن جون چڳون وجهي ٺاهي وئي ٿي.
”مون کي ڇهه مهينا هڪ ننڍڙي ڪوٺي، هڪ ميٽر باءِ ٻه ميٽر ۾ رکيو ويو ته سڄو ڏينهن گروءَ جون نصيحتون ورجايان ۽ سوچ ويچار ڪريان. سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو کاڌو در اڳيان رکيو ويندو هو ۽ فارغ ٿيڻ لاءِ هڪ لوهي دٻو مليل هو. ڇهه مهينا وهنجڻ جي به موڪل نه هئي. باغي چيلن کي مارڪٽ ڪري سڌو ڪيو ويو ٿي. ان بعد به نه سڌرڻ تي هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي گهٽيو ويو ٿي ۽ ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو موجود نه هوندو هو.“
”اسان تي سڀ کان وڏو ظلم Mediation جي نالي تي ڪيو ويندو هو.“ ماساتو ٻڌايو. ”هن ۾ سڄو مهينو پٿل ماري هڪ هنڌ ويهڻو پيو ٿي. چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ منٽ به سمهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. مون ٻڌو آهي ته هفتو کن نه سمهڻ سان ماڻهو مري سگهي ٿو، پر آئون شايد ويٺي ويٺي ٿوري گهڻي ننڊ ڪرڻ ڪري بچي ويس. آخري وقت تي ٽنگن ۾ ايڏو سور ٿو ٿئي جو هر هڪ ڀڄڻ جي ڪري ٿو ۽ ان جي سزا اساهارا پاڻ چَهن سان ڏني ٿي. اڄ به انهن چهن جي مار جا ڦٽ منهنجي جسم تي موجود آهن.“
’ماساتو‘ کي جڏهن پوليس پنهنجي قبضي مان ڇڏيو ته هن جا ماءُ پيءُ ساڻس ملڻ لاءِ آيا. هو گهر ڇڏي وڃڻ بعد پهريون دفعو هنن سان مليو. ”هنن منهنجي جهلجڻ ۽ آزاديءَ جي خبر ٽي ويءَ تي ٻڌي.“ ان بعد ماساتو ٻن مهينن بعد هن تخريبي ڌرم کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ”آئون وري ڪڏهن به ان ڌرم جو چيلو نه ٿيندس. مون کي هن ڌرم ۽ ان جي گروءَ جي اصليت جي هاڻ خبر پيئي آهي. ڪيترا ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جون بيوقوفيون ۽ غلطيون لڪائيندا آهن، پر آئون هرهڪ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون ڪيڏو بيوقوف آهيان جو پنهنجي نوڪري، پنهنجو مال ملڪيت، پنهنجا مٽ مائٽ ڇڏي هڪ اهڙي گروءَ جي پويان لڳس، جيڪو انسان نه پر وحشي هو ۽ جيڪو اڃا به اهو سمجهي ٿو ته هن جيڪو ڪيو اهو صحيح ڪيو.“
ياد رهي ته هن اوم مذهب جي گروءَ اساهارا کي ماڻهن جي مرڻ جو ڪو افسوس ناهي. هو اهوئي چوي ٿو ته هو جيڪا خونريزي ڪري ٿو، اها هڪ نيڪ ڪم جو حصو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هو مئلن جا روح هڪدم جنت ۾ پهچايو ڇڏي.
ماساتو جهڙا سوين چيلا هن وقت به ان ڪمپائونڊ ۾ رهيل آهن، جيڪو هن ڌرم جو مرڪز آهي. هو اهو ئي سمجهن ٿا ته سندن گرو اٻوجهه آهي ۽ هن تي ڪوڙا الزام هڻي ڦاسايو ويو آهي. ڪجهه چيلا ڪمپائونڊ ڇڏي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر موٽي ويا آهن يا مختلف شهرن جا مندر وڃي وسايا اٿن ۽ ڪجهه ته اندر جي روشني ماڻڻ لاءِ انڊيا روانا ٿي ويا آهن. ڪي ته گهٽين ۾ ئي رلندا رهن ٿا. هو Homeless ماڻهو بڻجي ويا آهن.
ماساتو پنهنجو پاڻ کي اڃا Set ڪري نه سگهيو آهي. هو ان ئي سوچ ۾ آهي ته هن کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ نه وري ڪا کيس نوڪري ملي ٿي. ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي.“ ماساتو چيو، ”شايد مون کي ٻڌ ڌرم جي صحيح ڄاڻ معلوم ڪرڻ لاءِ تبت وڃڻو پوي.“
بهرحال ماساتو جي مٿين ڪهاڻي سنڌ جي رهاڪوءَ لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿيندي ته هن سائنس جي دور ۾ ۽ جپان جهڙي ماڊرن ۽ تعليم يافته ملڪ ۾ به ان قسم جي ٺڳين جا ٺاهه پڻ ٿين ٿا ۽ اها ڪهاڻي نه فقط هڪ ڄڻي ’ماساتو‘ جي آهي، پر ان قسم جون يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪهاڻيون ٻين به هزارين جپانين جون آهن، جيڪي نه فقط هتي جي ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون، بلڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي اخبارن ۾ پڻ اچن ٿيون. مٿين ڪهاڻي به مون کي نه فقط هتي اچي تفصيل سان معلوم ٿي، پر هانگ ڪانگ جي رسالي ۾ پڻ پڙهي هئم، جنهن ۾ تصويرون پڻ ڇپيون هيون.