ڪجهه گيشائن بابت
جپان جي نالي سان جيڪي شيون هڪدم ڌيان ۾ اچن ٿيون انهن مان ”گيشا“ هڪ آهي. ٽوڪيو جو بارونق ۽ سهڻو علائقو ”گنزا“، برف سان ڍڪيل ”فُوجي“ جبل، تيز رفتار ”بُليٽ ٽرين“، خوبصورت ٽڙيل ”سڪورا گُلَ“ پڻ اهڙيون شيون آهن، جيڪي جپان ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ ڏسڻ چاهين ٿا.
گيشا اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره وانگر ميڪ اپ ۾ سجيل، ڪنوار وانگر خوبصورت ۽ مهانگي ڪمونو (جپان جي روايتي وڳي) ۾ ڍَڪيل، ناز نخري ۽ ادائن سان هلندڙ، ناچ، گاني، چرچي ڀوڳ ۽ ڪچهريءَ قائم رکڻ جي ماهر ۽ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان وٺي مختلف راندين ۾ ڀڙ ٿئي ٿي. اسان ايشيائي ڌاريا توڙي يورپي ۽ آمريڪن سياح جپان جي گيشا کي اڪثر غلط تصور ڪريون ٿا. ڪيترا هن کي ناچڻي، ڳائڻي ۽ ويندي Prostitute سمجهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هوٽل جي ڪمري ۾ ايندڙ ڪال گرل پاڻ کي گيشا سڏرائي، آيل ڌارئين مهمان مان پئسو ڪڍي وڃي يا عياشيءَ جي اڏن تي ويٺل عورتون به پاڻ کي گيشا سڏرائي، هڪ ٽوئرسٽ کي بيوقوف بنائين، پر صحيح معنيٰ ۾گيشا جو مانُ مربتو توڙي شان ۽ آداب اطوار تمام مٿانهون آهي، جيئن هندستان ۾ ڪنهن زماني ۾ امرائو جان ادا ٽائيپ عورتن جو هو، جن وٽ ملڪ جي حاڪمن جا ٻار اٿڻ ويهڻ توڙي شعر و شاعري جهڙا اعليٰ هنر سکڻ آيا ٿي.
هتي گيشا بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکان ٿو.
پهرين ڳالهه ته ڪابه گيشا عام حالتن ۾ ڪنهن به اسانجهڙي توڙي يورپي يا آمريڪن فارينر کي پنهنجي محفل ۾ ويهارڻ پسند نٿي ڪري. توهان جو ڪو امير جپاني دوست آهي يا توهان جو واسطو ڪنهن امير جپاني ڪمپنيءَ سان آهي ته پوءِ توهان هنن جي معرفت يا هنن سان گڏ ان دعوت ۾ ويهي سگهو ٿا، جنهن ۾ وندرائڻ لاءِ گيشا کي سڏايو ويو آهي. گيشا آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ کان وٺي هنن کي چانهه ۽ شراب وغيره پيارڻ جا آداب بجا آڻي ٿي. هوءَ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ هنن سان مختلف عنوانن تي ڪچهري ڪري ٿي ۽ ويندي ڳائي ۽ نچي هنن جي دل خوش ڪري ٿي. هن جو ڳائڻ نوابشاهه کان حيدرآباد هلندڙ بسين ۾ وڄندڙ واحيات گانن جهڙو نه آهي ۽ نه وري سندس ناچ پنجابي فلمن جي انهن ناچڻين جهڙو آهي، جيڪي اڪثر ڪوٺي وارين جو پارٽ ادا ڪن ٿيون. گيشا جو ڳائڻ توڙي ناچ ڌيرج ۽ تحمل وارو ٿئي ۽ اسان جهڙن ڌارين کي ته لڳندو آهي ته هوءَ ڪنهن ويجهي مائٽ جي مري وڃڻ تي پار ڪڍي روئي رهي آهي. اسڪول وارا ڏينهن ياد اچيو وڃن جڏهن ٽرگنامينٽري يا ڪئلڪيولس جهڙي ڏکئي پيرڊ ۾ مزو نه اچڻ ڪري اٻاسين جو ڦهڪو شروع ٿي ويندو هو.
بهرحال گيشا جو ڪم ڪچهري برقرار رکڻ، چانهه پيارڻ ۽ وڏو ڇيهه ته سُرندي جهڙي واڄي تي هڪ اڌ راڳ ٻڌائڻ ۽ سلو موشن جهڙو ڪو ناچ ڏيکارڻ جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ جذبات اُڀارڻ وارو ناچ چئي نٿو سگهجي. هونءَ به جپاني ڪمونو اهڙي ڊريس آهي، جهڙو برقعي مٿان برقعو. ان ۾ هوءَ ڪهڙا پنهنجا انگ اُگهاڙا ڏيکاري اشتعال انگيزي پيدا ڪري سگهي ٿي. بهرحال طئي ڪيل اگهه تي مقرر ڪيل ڪلاڪ پورا ڪري هُوءَ پنهنجي اڏي تي رواني ٿي وڃي ٿي ۽ مهمان باقي وقت پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي گذاري يا هنن کي جي وڌيڪ ڪنهن ڳالهه جو شوق آهي ته ڪنهن مئخاني يا ڪئبري هائوس ۾ وڃي سگهن ٿا، جتي انگ اگهاڙيون ڇوڪريون گيشا جي Rate کان تمام گهٽ اگهه تي اشتعال انگيز کان شهواني گانا ۽ ٻيا ڪرتب ڪن ٿيون. گيشا جيڪا مختلف هنرن ۽ علمن ۾ ڀڙ ٿئي ٿي، ان جي محفل ۾ ويهي ڳالهائڻ جي في تمام ڳري ٿئي ٿي، جيڪا وڏين فئڪٽرين جا مالڪ ۽ هيرن جواهرن جا واپاري ئي ڀري سگهن ٿا. ڪيترن آمريڪن ناولن ۽ افسانن جي مصنفن گيشائن سان معاشقن جا خيالي قصا به لکيا آهن، پر حقيقت جي زندگيءَ ۾ ائين نه آهي. هر گيشا جي وفاداري ۽ محبت سندس اڏي ۽ ان جي مالڪڻ سان رهي ٿي. ڪو بيحد امير جپاني جنهن مان پڪ ٿي وڃي ته هو فلاڻي گيشا کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ چاهي به ٿو ته پوءِ اها گيشا پنهنجي مالڪڻ (سانئڻ) جي اجازت سان يا هن جي اشاري سان ان جپاني سيٺ کي اهميت ڏيڻ جو اظهار ڪري ٿي ۽ گهڻو خرچ ڪرڻ تي هوءَ فقط هن جي ئي حاضري ڏئي سگهي ٿي ۽ ٻين وٽ وڃڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿي. دراصل جپان ۾ وڏن سيٺين ۽ امير جپاني ماڻهن جو اهو به Status Symbol آهي ته آيا هو هڪ يا ٻن گيشائن کي Maintain ڪري (پالي) سگهي ٿو يا نه؟
ڪابه گيشا ڪنهن سان به يڪدم اک اٽڪائي ان سان ڀڄي نٿي وڃي سگهي جو هن کي گيشا ٿيڻ جي ڪيترائي سال تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ جنهن سانئڻ خرچ ڪيو آهي، ان جي هوءَ مقروض رهي ٿي. مڪمل گيشا ٿيڻ تائين هن جي رهائش، کاڌي پيتي، اوچي کان اوچي ويس وڳي ۽ ميڪ اپ، مختلف هنر سکڻ لاءِ ٽيوشن فيون ۽ ٻيا خرچ جيڪي لکين رپيا ٿين ٿا، انهن جو حساب سندس ”ماما سان“ (سانئڻ/گرو) لکندي وڃي ٿي ۽ ان سيڙپ تي هوءَ فائدو به چاهي ٿي، جيڪو جيستائين هن کي مڪمل طرح نه موٽي ملي تيسين گيشا هن جي قرضدار رهي ٿي. آخر عمر جي هڪ اهڙي گهڙي اچي ٿي، جڏهن هوءَ آزاد ٿيو وڃي. ان آزاديءَ کي جلدي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ گهڻين دعوتن ۾ وڃي ٿي، يعني اوور ٽائيم ڪري ٿي ۽ ڪوشش ڪري امير کان امير Patron ڳولي ٿي، جيڪو کيس ايترو پئسو ڏئي، جنهن مان هن جو يڪدم قرض به لهي ته آئيندي جي روزمرهه جو خرچ به هلي.
بهرحال ناچ، گاني، بانسري، واڄي (Samisen) وڄائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون قابل هي جپاني عورتون جيڪي گيشا سڏجن ٿيون، اها مخلوق آهي، جيڪا جپان کان سواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندي.
گيشا (Geisha) دراصل ٻن لفظن جو مجموعو آهي. گي (Gei) معنيٰ هنر، قابليت ۽ شا (Sha) معنيٰ ماڻهو. سو ان ريت ڏٺو وڃي ته گيشا هڪ قابل، هنرن جو ڄاڻو ۽ فضيلت وارو ماڻهو ٿيو.
ڪيوٽو شهر جيڪو گيشائن جو وڏو اڏو مڃيو وڃي ٿو، اتي گيشا کي گيئيڪو (Geiko) سڏيو وڃي ٿو، يعني قابل ترين جوان عورتون.
هونءَ عام طرح هڪ نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ گيشا جي ٽريننگ لاءِ چونڊجڻ هڪ تمام خوشي ۽ فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، جو اڳتي هلي هن جي اهم شخصيت ٿيڻ جا هن کي وڏا موقعا مهيا ٿين ٿا. هوءَ ڊراما اسٽيج جي وڏي اداڪار يا فلمن جي مشهور Movie- Star به ٿي سگهي ٿي.
گيشا ٿيڻ جي ٽريننگ تمام ڊگهي، سخت ۽ مهانگي ٿئي ٿي. عام طرح اها ٽريننگ تڏهن کان شروع ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ڇوڪري ستن اٺن سالن جي آهي. هن کي مختلف Subjects جي علم سان گڏ، ڳائڻ، نچڻ، اداڪاري ۽ ڪيترائي جپاني ساز وڄائڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.
ڪيترن ڌارين کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته گيشا جي ٽريننگ لاءِ غريب گهرن جون ڇوڪريون خريد ڪيون وڃن ٿيون، جيڪا ڳالهه هميشه صحيح نه آهي. گيشا ٿيڻ لاءِ ڪابه ڇوڪري سکيا وٺي سگهي ٿي، جنهن جو خرچ اڪثر وڏي عمر جي گيشا برداشت ڪري ٿي. ٽريننگ دوران هن کي گيشا گهر ۾ رِهڻو پوي ٿو، جيڪو نيشو (Nishu) سڏجي ٿو. سکيا وٺندڙ ڇوڪري جيسين اٺ نَو سالن جي ٽريننگ مڪمل ڪري گريجوئيٽ گيشا ٿئي، تيسين هوءَ مائيڪو (Maiko) سڏجي ٿي ۽ ڪن هنڌن تي هن کي Oshyaku به سڏين.
گيشا جي چونڊ ۾ شڪل کان وڌيڪ هن جي قابليت ۽ شخصيت وڌيڪ اهم سمجهي وڃي ٿي.
هر گيشا جي ڊيوٽي يعني وندرائڻ جو اگهه ڪلاڪن سان يا في شام جي حساب سان ٿئي ٿو. ڪابه صحيح قسم جي گيشا گراهڪ وٽ رات نه گذاريندي. جپان ۾ اهڙين هيٺائين درجي جي عورتن جي به کوٽ ناهي، جيڪي علم ۽ هنر ۾ ته قابل نه آهن، پر پاڻ کي گيشا سڏرائين ٿيون ۽ هو پنهنجي گراهڪ کي پنهنجي قابليت ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي هنر سان وندرائڻ بدران جتي ڪٿي رات جو وڃڻ لاءِ به تيار رهن ٿيون. اهڙين گيشائن کي جپاني ماڻهو ”ماڪورا گيشا“ سڏين. جپاني لفظ ماڪورا جي معنيٰ وهاڻو ۽ ان قسم جي عورتن هتي جي اصل هنرمند، قابل ۽ باذوق گيشائن کي بدنام ڪيو آهي.
گيشائن لاءِ والٽ شيلڊان نالي هڪ ليکڪ خوب چيو آهي ته گيشا کي ڏسڻ سان توهان کي هن جي قابل هجڻ جو احساس ٿيندو.
You will be struck by her elusive, subtle expression... at once innocent and wicked, ad once bold and coy. There will be the trained grace of a dancer in her vanity, and the apotheosis of womanhood in her apparent breathless interest in her companion.