هر ڳالهه ۾ ڏوهه ”هوا“ جو
هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان هڪ دفعو جپان تي، ٻاهران ٻاهران هلڪو حملو ڪري جپان ۾ خوب ڏهڪاءُ پيدا ڪيو. ان بعد هو جڏهن ٺهي ٺڪي ٻيو دفعو هڪ لک جنگي جوڌن جو لشڪر وٺي جپان جا ڌاڻا ڪڍڻ لاءِ پهتو ته عين ان وقت لڳندڙ ٽائفون (تيز هوائن) قبلائي خان جا ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا. جپانين کي تباهه ڪرڻ وارا پنهنجو سر بچائڻ لاءِ واجهائيندا رهيا. ڪي ٻڏا، ڪي زخمي ٿيا، ڪي بچڻ بعد نفسياتي خوف ۽ هراس ۾ اهڙا مبتلا ٿي ويا جو هنن قبلائي خان کي وڌيڪ حملي ڪرڻ جي وري ”سهڻي“ صلاح نه ڏني ۽ ان سان گڏ قبلائي خان کي به مرڻ تائين پنهنجي حڪومت جپان تائين وڌائڻ جو وري شوق نه ٿيو.
قبلائي خان جا ٻيڙا جيڪڏهن جپان جي سرزمين تي پهچن ها ته جپانين کي به اٽي جي اگهه جي خبر پوي ها. اهو جپانين به سمجهيو ٿي، پر جپانين کي رب پاڪ بچايو. بقول جپانين جي اها هوا (ٽائفون، طوفان)، جنهن قبلائي خان جي لشڪر (Fleet) جون وايون بتال ڪيون، سندن ڪامي ديوتا (Kami) موڪلي يعني اها ’ڪامي ڪازي‘- ديوتا طرفان موڪيل هوا هئي.
هونءَ جپانين جو هلندڙ روايتن مطابق اهو عقيدو آهي ته جپان جو ڪاروبار جيڪا طاقت هلائي ٿي، اها ميزو (Mizu) آهي. جپانيءَ ۾ پاڻيءَ کي ميزو سڏين ٿا- واقعي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي (سمنڊ) ئي ته آهي، جنهن مان صدين کان جپاني روزگار ڪمائيندا اچن. هو سمنڊ مان مڇيون ماري پيٽ گذر ڪن ٿا. سال جي 365 ڏينهن مان 360 ڏينهن مينهن وسي ٿو. گهڻو نه ته ڦڙ ڦڙ ته سانده لڳي پئي آهي، جيڪو فصل اڀاري به ٿو ته اڀريل فصل ٻوڙيو به رکي. ڪوڪورا جي هڪ ٽريول ايجنسي جي انچارج مس مورئڪيا مينهن جي ڪري فلائيٽ ڪئنسل ٿيڻ تي مون کي چيو هو:
"I tell you Mr. Altaf, this land (Japan) is being governed by the forces of Mizu (water)"
پر هتي جي پوڙهين کان پُڇ ته چونديون ته پاڻيءَ کان علاوه ٻي طاقت ڪازي آهي- يعني ”هوا“ پڻ آهي، جنهن جي رحم ۽ ڪرم تي هيءَُ ملڪ هلي ٿو.
جپانيءَ ۾ هڪ اصطلاح آهي Kazemuki ga kawaru (هوا جي تبديلي)- ان جو مطلب نه فقط حالتن جي تبديلي آهي، پر هر شيءِ جي تباهي ۽ مايوسي پڻ آهي.
هتي ڪن ماڻهن لاءِ Kaze no Yana hito (هو هوا وانگر آهن) اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. يعني اهي ماڻهو جيڪي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي هليا وڃن ٿا ۽ وري بغير اطلاع جي هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو موٽيو اچن. هتي جي ماڻهن جو عقيدو اهو ئي چوي ٿو ته؛ ”هوا هنن کي گهر يا دوست يار ڇڏڻ لاءِ ڀڙڪائي ٿي ۽ هوا جي ان ڪم کي ڪير آهي جو چئلينج ڪري؟!“ ميزو (پاڻي) ته وري به نظر اچي ٿو، ان جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر ڪازي (هوا) جيڪا ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي، تنهن جي ڪير اڳڪٿي ڪري سگهيو آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙي طرف کان لڳندي ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندي يا قبلائي خان جهڙن ظالمن جو زور ڀڃي هن ڌرتيءَ جي پُٽن لاءِ باعث رحمت ثابت ٿيندي.
هوا لڳي به سگهي ٿي رڪجي گهُٽ به ڪري سگهي ٿي. هوا رحمت به ثابت ٿي سگهي ٿي ته زحمت به. هوا اسان جي مدد به ڪري سگهي ٿي ته اسان کي تباهه به ڪري سگهي ٿي.... يعني هي جپانين جي عقيدي بابت لکي رهيو آهيان، آئون پنهنجو ڪو خيال پيش نه ڪري رهيو آهيان. ان عقيدي مان فائدو وٺندي، جپانين آمريڪن تان ڪاپي ڪري جيڪو پهريون پاڻيءَ جو وڏو جهاز ٺاهيو، جنهن جي (Center of Gravity) CG جو غلط حساب ڪتاب ڪرڻ ڪري اهو پهرين جهٽڪي ۾ ئي ٻڏي ويو، ان لاءِ پنهنجي غلطي مڃڻ بدران چيائون ”اهو هوا ڪم ڪيو“.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ڪيترائي دفعه اسان طوفاني راتين ۽ خطرناڪ سمنڊن ۾ جهاز هلايا پر دوستن يارن ۾ گڏ ويهي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻڻ مهل ان جو ذڪر ڪرڻ وڏي ڳالهه نه سمجهندا هئاسين، پر ڪوڙا سچا عشق جا داستان ٻڌائيندي فخر محسوس ڪندا هئاسين. اوساڪا کان ڪيوٽو شهر بس ۾ ويندي پنهنجي جپاني دوست ڇوڪريءَ جي پڇڻ تي سڄي واٽ پنهنجي عشق جي سچ ۽ ڪوڙ جي مڪسچر مان ٺهيل ڪهاڻي ٻڌائيندو هليس. پوءِ هيئن ٿيو پوءِ هونءَ ٿيو. پوءِ ملاقات ٿي، پوءِ هيءَ غلط فهمي ٿي، پوءِ هوءَ غلط فهمي ٿي، پوءِ هيئن پرچاءَ جي ڪوشش ٿي، پوءِ هونءَ ڪوشش ٿي، پوءِ جدائي ٿي ۽ وڇوڙو ٿيو. هن کي هيئن نه ڪرڻ کپي ها، شايد ائين نه ڪري ها ته دوستي قائم رهي ها. ٿي سگهي ٿو منهنجو ڏوهه هجي، مون کي هيئن نه ڪرڻ کتو ٿي.... اسان جي بس ڳوٺ ۽ شهر لتاڙي اچي ڪيوٽو پريفيڪچر جي حدن ۾ به پهتي ۽ پوءِ مون پنهنجو ’اصل وڏو قصو‘ ختم ڪري کانئس پڇيو:
”تنهنجا پنهنجي بواءِ فرينڊ سان چار سال پراڻا تعلقات ڪيئن ٽُٽا؟“
”اون....،“ هن ڪا دير سوچي پوءِ وات کوليو، ”اِيانا ڪازي، گا فُوئي تيڪيتا“
(Iyana Kaze ga Fuitekita)
(بس بدنصيب ”هوا“ لڳي).
”جي؟“ مون هن ڏي ڏسي تعجب مان پڇڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڇا جهيڙو ٿيو جو تو جهڙي سهڻيءَ کي هو ڇڏي ويو؟“
”بس چيم نه.“ هن وراڻيو.
”ڇا چيئي؟“ مون وري حيرت مان پڇيو.
”اهوئي ته اِي يانا ڪازي گا فوئي تيڪيتا.“
(بس بدنصيب هوا لڳي.. معنيٰ ڏوهه ٻئي ڪنهن جو نه پر ”هوا“ جو هو.)
مون کي پٺاڻ ۽ هندستانيءَ جي ڳالهه ياد اچي وئي. پليٽ ۾ ڀت ٿورو هو. پٺاڻ هندستانيءَ کي مشغول رکڻ لاءِ پڇيو، ”خوچه تمهارا باپ کيسي مرا؟“ ۽ سائين پوءِ هي دهلوي شروع ٿي ويو ته منهنجو پيءُ هيئن قابل مڙس هو. ههڙو ڏاهو هو. ان کي پهرين هيءَ بيماري ٿي، پوءِ اسپتال وٺي ويس....“
هندستانيءَ شدمد سان قصو ٻڌائيندو رهيو ۽ پٺاڻ گرانهه مٿان گرانهه وات ۾ وجهندو ويو ۽ گڏوگڏ اهو به چوندو ويو ”ڦِر ڪيا هوا؟“ ڦِر ڪيا هوا.“...تان جو هندستانيءَ جي جڏهن اک پٽي ته ڀت ته ڪو ٿورو وڃي بچيو هو. هاڻ پٺاڻ کي ڳالهين ۾ مشغول رکڻ لاءِ هُن پٺاڻ کان پڇيو ته هن جو پيءُ ڪيئن مري ويو؟
”بخار آيا.“ پٺاڻ گرانهه وات ۾ وجهندي چيو.
”ڦِر؟“ هندستانيءَ ڊگهي قصي جي اميد ۾ هو، تنهن پٺاڻ کي کولڻ ٿي چاهيو، پر پٺاڻ کائڻ قائم رکندي بيزاريءَ جي شڪل ٺاهي هن کي چيو:
”ڦِر ڪيا؟ بخار آيا، مرگيا مرگيا.“
سو جپانين وٽ به پنهنجو قصو مختصر ڪرڻ ۽ ڏوهه جو الزام لڳائڻ لاءِ ”هوا“ آهي. ٻيو ته ٺهيو پتي راند يا ماهجونگ راند کيڏڻ وارا جواري به دعا گهرندا ته ”اهڙي هوا لڳي جو سڄي بازي بدلجي وڃي.“