پلاسٽڪ جا کاڌا- فقط ڏسڻ لاءِ
اسان جو هڪ جهازي دوست آهي، ڪئپٽن بشير وسطڙو. ستين ڪلاس کان وٺي ساڻ ساٿ رهيو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پنج سال گڏ هئاسين، ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ۽ پوءِ مختلف جهازن تي ۽ مختلف ملڪن ۾. ساڳي ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ ڪري سئيڊن ۾ به ٻه اڍائي سال رهياسين ۽ هينئر به ساڳي پاڙي ۾ رهون ٿا. سندس اسڪول جي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هڪ عادت، بلڪ هڪ ڳالهه نرالي آهي ته جڏهن به مانيءَ لاءِ هن سان گڏ هوٽل ۾ وڃبو آهي ته هو بئري جي ٻڌايل مينو يا ٽيبل تي رکيل ڇپيل مينو مان آرڊر ڏئي نه سگهندو آهي. بئري کي چوندو آهي ته پنج منٽ رکي اچ تيسين سوچيون ٿا. پوءِ ويهي سوچڻ بدران اٿي هوٽل جو چڪر هڻندو آهي ته ٻيا ڇا ويٺا کائين. پوءِ بئري جي اچڻ تي هن کي چوندو ”فلاڻي ٽيبل تي جيڪو فلاڻو ماڻهو کائي رهيو آهي اهو کڻي اچ.“
اڄ به پراڻا ڏينهن ياد ٿا اچن ته پيٽارو کان حيدرآباد ايندي اسان اڪثر انهن ڏينهن جي هوٽلن: ڪراچي هوٽل، ڪيفي جارج، زميندار هوٽل ۽ حبيب هوٽل ۾ ويندا هئاسين. اسان جا ڪجهه ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇليو، شوڪت جماڻي، سراج شيخ وغيره بشير وسطڙي تان کلندا هئا، پر آئون بشير سان گڏ اُٿي ٻين ٽيبلن تي ويٺلن جو جائزو وٺندو هوس ته ٻيا ڇا پيا کائين. سچي ڳالهه اها آهي ته مون سان به ساڳيو مسئلو آهي. بئري جي زباني ٻڌائڻ يا لکيل مينو مان ڪڏهن به آئڊيا نه ٿي سگهندي آهي ته جنهن ٻوڙ يا ڀت لاءِ بئرو ٻڌائي رهيو آهي، اهو ڪيئن رڌل آهي. جنهن هوٽل تي ان وقت گراهڪ نه هوندا آهن ته ان ۾ وڃڻ بيڪار ٿيو جو ان ۾ فقط بئري جي ڀڳت ٻڌي آرڊر ڏيڻو پوندو. ان خيال کان سنگاپور، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جون هوٽلون صحيح آهن، يعني تاملن (سائوٿ انڊين)جون هوٽلون. انهن هوٽلن جي منهن وٽ ئي کاڌي جا سڀ ديڳڙا رکيل ٿين ٿا، جن جا ڍڪ کُليل نه آهن، انهن جا کولي به ڏسي سگهو ٿا ته اندر ڇا جو ٻوڙ آهي ۽ ڪيئن رڌل آهي. ڀت ڪيئن آهي خُشڪو، پلاءُ، برياني يا ”ناسي ڪنيت“ (هيڊ وارو ڀت).
بهرحال جهاز هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ خاص ڪري جپان ۾ (جتي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ وڃڻو پوندو هو) ته هوٽل ۾ کائڻ جو وڏو مسئلو ٿيندو هو جو جپاني ڪيتري به سکڻ بعد جپاني کاڌن جي خبر نٿي پيئي. وڏي ڳالهه ته هر هوٽل جي رڌ پچاءَ جو پنهنجو طريقو ٿئي ٿو. هڪ عام ڊش- آمليٽ بيضي جو ئي مثال وٺو، ڪنهن هوٽل ۾ فقط بصر تي ٺاهين ته ڪنهن ۾ ٽماٽا، ڌاڻو ۽ ڦودنو به وجهن ته ڪن ۾ فقط پنير ۽ پيز وجهن. روز روز جهاز جي ساڳي سواد واري ماني کائڻ کان بچڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ته هوٽل ۾ کائڻ تي هرهڪ جي دل چوي ٿي خاص ڪري جيڪڏهن جهاز ڪنهن بندرگاهه ۾ بيٺو آهي ۽ بندرگاهه به اهڙو (ڪوبي، اوساڪا جهڙو) جنهن جي مين گيٽ کان نڪرڻ سان ئي هوٽلن جون قطارون هجن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو ته جهاز تي ڳري مرمت هلڻ ڪري جهاز جا بورچيخانا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ جهاز هلائيندڙ سڀني ماڻهن کي هر ويلي جا چڱي طرح پئسا ڏنا وڃن ٿا ته هو اهي ڏينهن ان بندرگاهه جي ڀلي جنهن هوٽل ۾ جيڪا ماني وڻي اها کائين.
۽ پوءِ اسان جپان جهڙن ڌارين ملڪن جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ جو آسان طريقو اهو ئي ڳولي ورتو ته هڪ ڊش جو نالو ياد ڪري ڇڏيو هئوسين ۽ هر وقت اهو ئي کائيندا هئاسين. اهو طريقو به اسان کي بشير وسطڙي ٻڌايو.
هڪ دفعو اسان جو جهاز (اهو سال شايد 1973ع) هو اوساڪا جي بندرگاهه ۾ ڪافي ڏينهن لاءِ اچي بيٺو. جپان جي هن بندرگاهه ۾ نه فقط اسان کي سامان لاهڻو هو، پر اڳتي جي سفر لاءِ جهاز کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ وڏي مرمت پڻ ڪرائڻي هئي. اسان کي هن بندرگاهه مان ٻاهر نڪري تعجب لڳو ته ڪجهه اهڙيون هوٽلون هيون (جيتوڻيڪ تمام ننڍيون ننڍيون)، جن جي ٻاهران لڳل شيشي جي ڪٻٽ ۾ هر اها شيءِ تيار رکيل هئي، جيڪا اندر Serve ٿي ٿي. مثال طور هڪ پليٽ ۾ ڀت سان گڏ ٻه تريل گانگٽ، ڪجهه پٽئٽو چپس ۽ پاسي کان سلاد رکيل هو. هڪ پليٽ ۾ بيف اسٽيڪ ۽ ان جي ڀرسان ڊبل روٽيءَ جا سلائيس وغيره هئا. ايتريقدر جو ڪافيءَ سان ڀريل ڪوپ، بيئر جو گلاس وغيره به رکيل هو، جيئن ٻاهران لنگهندڙن کي خبر پوي ته هوٽل ۾ ڪهڙا ڊش ٺهن ٿا ۽ انهن جي اڳيان سندن قيمتن جي پرچي (Chit) به لڳي پئي هئي.
اڄ کان 30 سال اڳ اها اسان لاءِ نئين ڳالهه هئي. اسان ته سمجهيو ته پئسا ڏئي ڪٻٽ مان اها شيءِ کڻي کائڻي آهي، جيئن ڪيڪ بسڪيٽن جي دڪان تي پئسا ڏئي ڪيڪ جي سلائيس يا سئنڊوچ کڻڻي هوندي آهي. پر پوءِ خبر پيئي ته ٻاهر رکيل اهي کاڌا فقط ڏيکاءَ لاءِ آهن، جن ڏي اشاري ڪرڻ سان اها ساڳي شيءِ گرم گرم تيار ٿي ملي ٿي. بهرحال جپانين جي اها ڳالهه اسان کي ڏاڍي وڻي جو هوٽل ۾ ٻين گراهڪن جا ٽيبل تاڙڻ بدران ٻاهران ئي پنهنجي پسند جي شيءِ، کيسي ۾ موجود رقم موجب طئي ڪئيسين ٿي.
۽ پوءِ هر نئين دفعي اچڻ تي ان قسم جي هوٽلن جو تعداد جپان ۾ وڌيل نظر آيو. جپان جي وڏن شهرن ٽوڪيو، يوڪو هاما، ڪوبي اوساڪا کان علاوه ننڍن ڳوٺن جي هوٽلن ۾ به اهو رواج عام ٿيندو ويو ته جيڪا شيءِ ان هوٽل ۾ وڪامي ٿي، ان جو تيار ٿيل هڪ ڊش ٻاهر به رکيل نظر آيو ٿي. شروع وارن ڏينهن ۾ ته اسان انهن ٻاهرين ڊشن جو ڪو خاص نوٽيس نه ورتو، پر پوءِ سگهو ئي سوچڻ لڳاسين ۽ جهاز تي بحث هلڻ لڳو ته هوٽل جي ٻاهران شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيل اهي ڊش سچا آهن يا ڪوڙا؟ گانگٽ، مڇي، گوشت جي ٻوٽي ۽ سلاد ۽ سئنڊوچ تائين هر شيءِ ته ساڳي آهي- ويندي فراءِ بيضو، اوٻاريل بيضو ۽ آمليٽ بيضو به هوبهو اصلي جهڙو آهي! پر جي اهي واقعي سچا ڊش آهن ته شام تائين ڪومائجن يا خراب به نٿا ٿين. بلڪ رات جو دير سان موٽڻ مهل جڏهن هوٽلون بند آهن ته به اهي ساڳيا ڊش ٻاهر رکيل انهن ڪٻٽن ۾ ان ئي صورت ۾ رکيا آهن. ڪنهن چيو ته اهي ڊش تيار ڪرڻ بعد ان مٿان Lacquer جو تهه Spray ڪيو وڃي ٿو، جيئن اهو کاڌو Sealed رهي ۽ هوا کان بچيل رهي، جيئن خراب نه ٿئي. ساڳي وقت اهو لئڪر، وارنش جهڙو Transparent هجڻ ڪري اندرين شيءِ چٽي طرح نظر به اچي سگهي ٿي.
بهرحال اها مٿين ڳالهه کڻي مڃجي پر بيئر جي ڀريل گلاس مٿان ٺهيل ڦيڻ (گجي) يا ڪافي مٿان ٺهيل فراٿ ڪيئن ٿي قائم رهي سگهي! ٻيو ته ٺهيو پر ڪوڪا ڪولا سان ڀريل گلاس ۾ جيڪي ٽي ڪيوب برف جا پيل آهن، اهي به نٿا ڳرن! ڪڏهن ڪڏهن گُمان ٿيندو هو ته اهي سڀ شيون چيني مٽي يا پلاسٽڪ جون ٺهيل ٿي سگهن ٿيون، پر ان تي به يقين نٿي آيو جو چانورن جي پليٽ ۾ رکيل ڀت جو هڪ هڪ چانور ڌار ڌار ۽ هوبهو سچو لڳو ٿي. ان سان گڏ مڪئي جي سنگن جا ڪڻا ۽ پيز پڻ اصلي صورت ۾ نظر آيا ٿي.
هاڻ ته ان قسم جا هوٽلن جي ٻاهر رکيل کاڌا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿي ويا آهن. بهرحال هن دفعي جپان پهچڻ سان مون هڪ هوٽل واري واقفڪار سان ملي، هڪ اهڙو ڪارخانو گهميو جتي پلاسٽڪ مان هر قسم جا ڊش تيار ٿين ٿا ۽ واقعي اهي سڀ کاڌا پلاسٽڪ جا ئي آهن. هرهڪ اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪيڏي محنت لڳندي هوندي.
پلاسٽڪ جا کاڌا ٺاهڻ وارو هي ڪارخانو هڪ وڏو بورچيخانو لڳي ٿو، جتي ڪي ڇوڪريون پلاسٽڪ جا پتائي گجر ۽ پٽاٽا پيون ڪٽين ته ڪي انهن کي رنگ پيون هڻن، جيئن لڳي ته هي تريل پٽاٽا آهن، جن جون ڪجهه ڪُنڊون گهڻي ترجڻ ڪري سڙي ويون آهن، جنهن ڪري ناسي ۽ ڪاريون لڳن ٿيون. اهڙي طرح پلاسٽڪ جي ڊبل روٽيءَ جي ٻن سلائيسن وچ مان وهندڙ پلاسٽڪ کي اهڙو رنگ هڻي رهيون هيون جو لڳي ته ان جي وچ ۾ پنير ۽ آمليٽ بيضو پيل آهي. هي ڪارخانو واقعي هڪ وڏي هوٽل جو رڌڻو لڳو ٿي، جنهن ۾ رکيل اوون ۾ هي پلاسٽڪ جون شيون وجهي انهن جي پلاسٽڪ کي سخت ڪيو ويو ٿي. پر فرق فقط اهو هو ته هتي اها کاڌي پيتي جي خوشبوءِ نڪ کي محسوس نٿي ٿئي، جيڪا ڪنهن رڌڻي ۾ گهڙڻ سان اچي ٿي.
هن ڪارخاني ۾ هوٽلن وارا پنهنججن کاڌن جون پلاسٽڪ جون شيون ٺهرائين ٿا. مثال طور گراهڪ (يعني هوٽل جو مالڪ) آمليٽ بيضو کڻي ايندو.
* ڪارخاني وارا ان آمليٽ کي سانچي واري پيتي (Casting box) ۾ وجهي مٿان Silicon وجهندا جيئن ان بيضي جو سانچو ٺهي پوي.
* Silicon جي سخت ٿيڻ تي بيضي کي ڪڍيو وڃي ٿو.
* هاڻ هن خالي پور ۾ پلاسٽڪ ڀري وڃي ٿي، جيڪا ان آمليٽ بيضي جي هوبهو شڪل والاري ٿي.
* ان بعد پلاسٽڪ سميت ان سانچي کي اوون (Oven) ۾ وڌو وڃي ٿو، جيئن اها پلاسٽڪ گرم ٿي سخت ٿئي.
* ان بعد اوون مان سانچو ڪڍي ان مان پلاسٽڪ جو ٺهيل آمليٽ رنگ ڪرڻ وارين ڇوڪرين حوالي ڪيو وڃي ٿو، جيئن هُو ان کي مختلف رنگ ۽ شيڊ هڻي هوبهو اصل آمليٽ جي شڪل جهڙو ٺاهين، جيئن هوٽل جو مالڪ ان کي پنهنجي هوٽل جي ٻاهران شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکي سگهي.
جيڪڏهن ان هوٽل ۾ آمليٽ سان گڏ ڪيچ اپ ۽ پتائي گجرن جي ڪاتر به ڏني وڃي ٿي ته ڪارخاني وارا ان پلاسٽڪ جي آمليٽ جي ڪنڊ تي ٿوري ڳاڙهي رنگ جي پلاسٽڪ پيسٽ ۽ پلاسٽڪ جي پتائي گجرن جي ڪاتر پڻ رکي ڏين ٿا.
اهڙيءَ طرح گانگٽ، مڇيون ۽ ٻيون شيون، ڪچيون توڙي فراءِ ٿيل شيون، ٺاهيون وڃن ٿيون. يعني انهن تي اهڙا رنگ لڳايا وڃن ٿا جو لڳي ته اها اصل شيءِ جهڙي ڪچي يا تريل آهي.