رات واريون خدمتگار
جپان جي ماڻهن، عمارتن، رسم و رواجن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. خاص ڪري جپان جي Night life، گيشائن، مئخانن ۽Sex life بابت، جن جا ليکڪ نه فقط سندن جپاني آهن پر ڌاريان پڻ، جيڪي گهمڻ لاءِ جپان اچن ٿا يا نوڪري ۽ تعليم لاءِ هتي جپان ۾ ترسن ٿا.
گذريل هفتي ليزا (Lisa Louis) نالي هڪ آمريڪن ليکڪا جو ڪتاب:
“Butterflies of the Night:
Mama sans, Geisha, Strippers and
The Japanese Men They serve.”
پڙهڻ جو موقعو مليو، جيڪو ڪتاب انهن عورتن بابت آهي جيڪي جپان جي مختلف ڪلبن، مئخانن، ٽي هائوسز ۽ اگهاڙن ناچ گهرن ۾ مختلف ماڻهن (گراهڪن) کي Serve ڪن ٿيون. ليکڪا ليزا انهن عورتن کي رات جون تِتليون (پوپٽ) سڏيو آهي.
ليزا جيڪا ڪجهه ڏينهن لاءِ جپان جي سير لاءِ آئي سا جپان ۾ ڪجهه سال رهي پئي. جپان ۾ رهائش دوران هن کي جڏهن به فالتو پئسن جي ضرورت محسوس ٿي ته هن ٽوڪيو جي مئخانن، ناچ گهرن ۽ ڪلبن ۾ هوسٽس جي نوڪري حاصل ڪري اتي آيل مرد مهمانن کي ڊرنڪ پيش ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي. ليزا جپاني به سٺي ڳالهائي ٿي. شايد ان ڪري به هن مٿين ڪتاب ۾ جپان جي رات جي زندگيءَ تي پنهنجي فرسٽ هئنڊ معلومات لکي آهي. ڪتاب جي شروع ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جو احوال ۽ اهي سبب ٻڌايا آهن جن هن کي هي ڪتاب لکڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن سبجيڪٽ تي هوءَ ڀڙ هوندي به هن فقط پنهنجي معلومات ڏيڻ بدران ٻين به ڪيترين ئي خدمتگار ڇوڪرين جو احوال انٽرويو جي روپ ۾ ڏنو آهي ته هنن سان جپان جي اونداهين راتين ۾ رنگين روشنين وارن مئخانن، راڳ گهرن ۽ چڪلن ۾ ڇا ٿو وهي واپري. ڪيئن جپان جون مجبور ڇوڪريون ۽ انهن کان وڌيڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي غريب ملڪن جون ڇوڪريون، جپاني ظالم غنڊن ۽ مافيا ٽائيپ گئنگن جي ور چڙهي هن ڌنڌي ۾ اچن ٿيون. خاص ڪري اهي ڇوڪريون جيڪي غير قانوني اميگريشن هيٺ جپان ۾ نوڪريءَ لاءِ اچن ٿيون.
جپان جي روايتي چانهه گهرن کان اگهاڙن ناچ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٽوڪيو جي تمام مهانگن مئخانن ۽ پبن کان ٽرڪش باٿ (جن کي ترڪي جي حڪومت جي احتجاج بعد هاڻ Soaplands سڏجي ٿو) ۽ سيڪسو هارا (Sexual Harassment) ڪلبن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کان ورتل انٽرويوئن مان جپان جي اندروني زندگيءَ جا ڪيترائي ڳجها پهلو ظاهر ٿين ٿا. بقول هڪ جپاني هوسٽس جي ”جپاني مردن جي روبوٽ واري مشيني زندگي آهي. هنن وٽ يورپي يا ايشيا جي ٻين ملڪن جي مردن وانگر نه ڪا هابي آهي ۽ نه ڪا وندر. نه ڪو شوق آهي ۽ نه ڪنهن ڳالهه لاءِ دلچسپي. پوءِ پئسو خرچڻ لاءِ هنن جو سڄو زور ههڙن رات وارن ڪلبن ۽ چڪلن ڏي آهي.“
هڪ شوقيه طوائف ڏاڍو آرام سان ٻڌائي ٿي ته هوءَ اهو ڌنڌو هر وقت نه پر ڪڏهن ڪڏهن جاري رکي ٿي. ”منهنجي مڱيندي کي ان بابت ڪابه کڙڪ ناهي ته آئون ڪو نائيٽ ڊيوٽي بهاني جسم وڪڻڻ هلي وڃان ٿي... آئون دراصل پنهنجي شاديءَ لاءِ پئسا بچائي رهي آهيان جو آئون پنهنجي شادي ڌوم ڌام سان ڪرڻ چاهيان ٿي.“
دراصل جپان جي ننڍي ٽهيءَ ۾ ان قسم جا مسئلا پڻ ڪَر کڻي رهيا آهن. جپاني فلمن توڙي ناولن ۾ ان قسم جا ڪيترائي مثال ملندا ته آفيسن يا ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ ڪم ڪندڙ جپاني ڇوڪريون پنهنجن مڙسن يا مڱينڌن کي سندس جنم ڏينهن تي سٺو تحفو ڏئي پنهنجي لئه رکڻ ڪارڻ هوَ ان تحفي لاءِ پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ ڌارئين سان جنسي تعلقات رکن ٿيون. يا ڪيترا مرد پنهنجين نوڪرين ۾ ۽ ان بعد رلڻ پنڻ ۾ ايڏو محو رهن ٿا جو هنن جي گهرو زندگيءَ ۾ ڏار پئجيو وڃن.
جپاني عورت وفادار، پورهيت ۽ خدمتگار هجڻ جي باوجود هن کي اڄ جي مغربي ٽي وي چينلن ۽ ناولن فئنٽسي ۽ جنسي ائڊوينچر لاءِ اتساهه ۽ همت پئدا ڪيو آهي. سندس مڙس ته صبح ساڻ، منهن اونداهيءَ ۾ گهر ڇڏي ٿو ته رات جو دير دير سان نشي ۾ ڌت ٿي ساڻس گڏ ”سمهڻ“ بدران بستر تي اچيو ”ڊهي“ ٿو. سو ظاهر آهي ڪي عورتون ڪجهه شوق خاطر ته ڪجهه جنسي بک مٽائڻ خاطر هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻن ٿيون يا پنهنجن ۽ ڌارين جي مهمان نوازي ڪندي نظر اچن ٿيون. اسان جي جهازي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ جپاني همراهه ان سلسلي سان واسطو رکندڙ هڪ واهه جو لطيفو ٻڌايو.
هڪ جپاني همراهه سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهيو ٿي. زال جي ايلاز منٿن سان به هن گهر کي وقت نٿي ڏنو. هڪ ڏينهن ٻاهر نڪرندي هن پاڙي جي همراهه کان پڇيو: ”فلاڻي سئنيما ۾ ڪهڙي فلم هلي رهي آهي؟“
”خبر نه آهي“ پاڙيسري وراڻيو.
”فلاڻي پئي هلي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر به نڪري خبر چار لهندو ڪر.“
وري ٻئي ڏينهن ساڳي همراهه کان پڇيو ”فلاڻي ڪلب ۾ ڪم ڪندڙ فلاڻي ڊانسر ڏٺي اٿئي؟“
”نه“. پاڙيسريءَ وراڻيو.
”اڙي نڀاڳا ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر به نڪري خبر چار لهندو ڪر ته ڇا پيو وهي واپري.“
پاڙيسريءَ کي اهو ٻڌي هن ڀيري باهه وٺي وئي يڪدم هن کان پڇيائين: ”اڙي ميان تاڪا هيرو نالي باڪسر ڏٺو اٿئي؟“
”نه نه.“
”اڙي نڀاڳا! اهڙن ماڻهن جي خبر چار لهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ لِڪي لقاءُ ڏسندو ڪر.“
ڪتاب جي ليکڪا ليزا، جيڪا جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ ڪيترائي سال رهي، جتي هر شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري، پنهنجي خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ مختلف مئخانن ۽ ڪلبن ۾ ساقيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندي رهي. پنهنجي ڪتاب Butterflies of the Night ۾ پنهنجي هم جيڏين کي، جيڪي هن Mizu Shobai (پيارڻ جي ڌنڌي) ۾ اڃا ڪم ڪري رهيون آهن، پنهنجي حاصل ڪيل تجربي مان ڪيتريون ئي Ideas ڏئي ٿي. هن جي سوچ مطابق سُٺي ۽ ڪامياب هوسٽس (خدمتگار ساقي) اها آهي جيڪا آيل گراهڪ مردن کي فقط سندن دلپسند خواب ۽ خواهشون ڏيکاريندي رهي. ٻين لفظن ۾ هنن کي خوش رکڻ لاءِ اهڙا ڏٽا ڏيندي رهي جو هو سمجهن ته ساڪي (جپاني شراب) يا اوچا (جپاني چانهه) پيش ڪرڻ واري خوبصورت ساقي، سندن مٿان اڪن ڇڪن آهي ۽ اجهو ٿي سندن دل جي مراد پوري ڪري. پوءِ آيل مهمانن کي وڏو خرچ ڪرائڻ بعد کين اٽڪل سان اهڙي طرح پاسيرو ڪري ڇڏجي جو هنن کي بي عزتي به محسوس نه ٿئي.
ٽئڪسي ڊرائيور ۽ مئخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو هر قسم جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. ڪتاب جي ليکڪا ليزا جو به هن ”ميزو شوبائي“ واري ڌنڌي ۾ جپان جي مختلف ماڻهن سان لهه وچڙ ٿي. ملڪ جي وڏن ادارن جي Top Executive سياستدانن ۽ طاقتور دهشتگرد تنظيمن جي غنڊن کان وٺي ظاهري طرح نيڪيءَ جا ڪم ڪندڙن، ٻڌ ڌرم جي بکشوئن، مغربي ٽوئرسٽن، ٽين دنيا جي پناهه گيرن ۽ ڊپريشن ۾ مبتلا ڇڙن تائين. ليزا رات جي پڙدي ۾ پيش ايندڙ جنسي ۽ ناچ گاني جي روپ ۾ ٿيندڙ وارداتن جو دل کولي احوال لکيو آهي. هن هڪ سڄو چئپٽر ”ياڪوزا“ تي به لکيو آهي. ياڪوزا جپاني اسٽائيل جي مافيا آهي جنهن ۾ جپان جي پوليس به هٿ وجهندي لنوائي ٿي.
سرسري طور هي ڪتاب جپان جي سوسائٽيءَ جي عجيب تصوير چٽي ٿو. گهر گهاٽ هوندي به جپاني مردن جي اڪيلي ۽ پنهنجي ذات تائين محدود زندگي، اڪيليون زالون جن لاءِ مستقبل، حال ۽ ماضي فقط ۽ فقط پورهيو ڪرڻ ۽ مرد جي خدمت چاڪري ڪرڻ آهي. جپان جهڙي مهانگي ترين ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ”آڻڻ ۽ چاڙهڻ“ جهڙي سادگي واري زندگي گذارڻ لاءِ به هنن کي رات جي اوٽ ۾ ڌارين مردن وٽ ساقي ٿي ساڪي پيارڻ، جسم جي نمائش ڪرڻ، ويندي جسم جو وڪرو ڪرڻ ضروري ٿيو پوي.“
ليزا جو هي ڪتاب Butterflies of the Night پڙهي عورت جي آزادي لاءِ جنگ وڙهندڙ تنظيمن کي خوشي ٿيڻ بدران پڪ چڙ وٺندي _ ڪتاب جي ليکڪا تي نه پر جپاني مردن تي جيڪي جپاني عورتن بابت عجيب ڳالهيون ڪن ٿا. پنهنجين زالن توڙي گيشائن کي هو پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهن ٿا. ڪتاب جي ليکڪا پنهنجي پوزيشن صاف رکڻ لاءِ اهو پڻ لکي ٿي ته ڪتاب ۾ ڏنل اهي comments سندس نه پر انهن جپاني مردن جا آهن، جن سان هن جو واسطو رهيو، توڙي کڻي سڀ جپاني مرد اهڙا نه به هجن. بلڪه گهڻائي سٺن جي ئي هوندي.
ڪيترا ڌاريان اهو سمجهن ٿا ته گيشا ۽ ٻيون عورتون جيڪي مردن جي خدمت ڪن ٿيون ۽ دل وندرائين ٿيون، انهن فقط ماضيءَ ۾ ڏکيو وقت گذاريو ٿي، پر ليزا جي هن ڪتاب مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جپان ۾ اڄ جي ماڊرن دور ۾ به عورت سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو جيڪو هتي جي رواج مطابق صديون اڳ ڪيو ويو ٿي. ان جي جهلڪ هڪ آمريڪن ليکڪ آرٿر گورڊن جي ڪتاب Memories of a Geisha مان به ملي ٿي.
ان سلسلي جا ڪجهه ٻيا دلچسپ ڪتاب جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي بين الاقوامي مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن، هن ريت آهن:
1. Geisha: A life by Mineko Lwasaki.
2. Women of the Pleasure Quarters: The Secret History of the Geisha by LESLEY DOWNER
3.Geisha by Liza Crihfield Dalby
4. Yoshiwara: The Glittering world of the Japanese Courtesan by Cecilia Segawa Seigle
5. Geisha: The life, the Voice, the Art by JODI COBB
6. Nightwork: Sexuality, Pleasure and Corporate Masculinity in a Tokyo Hostess Club by Anne Allison