”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو
جپان جي هن شهر ڪوڪورا جي اتر واري علائقي ۾ نتسومي رهي ٿي جيڪا هتي جي ڪجهه ٻين عورتن وانگر ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن ۽ انهن جي فئملين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي. هي عورتون ”هوسٽ مدر“ پڻ سڏيون وڃن ٿيون. شروع وارن سالن ۾ نتسوميءَ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ٻارن جي به ڏاڍي مدد ڪئي، جڏهن هن جو مڙس هتي جي هڪ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. بهرحال هن جي اڃا تائين هنن سان عليڪ سليڪ قائم آهي. هينئر اسان جي اچڻ جو ٻڌي هوءَ پنهنجي سترهن سالن جي پٽ يُوجيءَ سان گڏ اسان سان ملڻ آئي. سندس پٽ هتي جي هڪ پرائيويٽ ۽ مهانگي ٽائيپ اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جتي عام اسڪولن جي ابتڙ ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو يوُجي سٺي لهجي سان مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ ويندي انگريزيءَ جا اهي اکر جيڪي جپانين کي اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي اهي به چٽي طرح ڳالهائي رهيو هو. مون يُوجيءَ جي سٺي انگريزيءَ جي ماڻس (نتسومي) سان تعريف ڪئي. هن ان جو ڪريڊٽ اسڪول کي ڏنو ۽ مون کي اهو اسڪول گهمڻ لاءِ چيو. مون به تڪلف خاطر في الحال ته ڪئي پر گهٽ ۾ گهٽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان ڪم پٺيان وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. پر نتسوميءَ ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ان جي پرنسپال کي منهنجو جپان بابت ڇپيل ڪتاب به ڏنو ۽ ان سان گڏ منهنجيون وڏيون تعريفون ڪري آئي ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان ۽ هتي جپان ۾ ڪيترا سال جهاز هلائڻ ۽ نوان ٺهرائڻ کان علاوه گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهيان. يعني تعليم جو ماهر آهيان، وغيرهه وغيرهه. پرنسپال نتسومي کي چيو ته الطاف کي دعوت ڏئي اسڪول گهمائڻ لاءِ وٺي اچ.
آئون ان ڏينهن شام ڌاري گهر پهتس ته نتسوميءَ جو نياپو مليو پر ان جو مطلب مون اهوئي سمجهيو ته سندس پٽ يُوجيءَ جي اسڪول ۾ شايد ڪو فنڪشن يا ”والدين جو ڏينهن“ آهي، جنهن لاءِ نتسومي مون کي به پاڻ سان وٺي هلڻ چاهي ٿي. پهرين مون هلڻ کان نٽايو پر پوءِ نتسومي جي گهڻي زور ڀرڻ تي مون هلڻ لاءِ حامي ڀري.
نتسومي جي پٽ ’يوجي‘ جو اسڪول اسان جي شهر ڪوڪُورا کان ڪافي پري ياهاتا نالي شهر ۾ هو جتي پهچڻ لاءِ ’اربن هاءِ وي‘ وٺي، جلدي پهچڻ لاءِ 500 جي ٽڪيٽ بچائي ٻه هزار يين جو فالتو پيٽرول ساڙي نتسومي مون کي جپان جي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن، وستين ۽ عام رستن تان گهمائيندي هلي. دل ۾ چيم ته چڱو جو چڪر تي نڪتس ۽ اسڪول پهچي وڌيڪ احساس ٿيو ته اڄ جي نه اچان ها ته نه رڳو آئون پر منهنجو ملڪ به هن اسڪول جي انتظاميا جون پِٽون پاراتا کائي ها. اسڪول جو ڪوبه وڏو يا اهم ڏينهن نه هو ۽ هنن فقط مون لاءِ اسڪول گهمائڻ جو بندوبست ڪيو هو.
اسان جيئن ئي اسڪول جي گهڙڻ واري دروازي تي پهتاسين ته اسڪول جو وائيس پرنسپال مسٽر ماسائو پنهنجي فزڪس جي پروفيسر ۽ سيڪريٽريءَ سان اسان کي رسيو ڪرڻ لاءِ وڌيو. ايستائين به مون سمجهيو ته شايد سڀني مهمانن کي ائين رسيو ڪيو پيو وڃي پر پوءِ جيئن ئي اسڪول جي دروازي مان اندر گهڙياسين ته سامهون واري هال جي شيشي جي در تي ٽن فوٽن کن جو پني تي پاڪستان جو جهنڊو ٺهيل نظر آيو ۽ ان جهنڊي مٿان ۽ پاسي وارين ڀتين تي Welcome to our School لکيل نظر آيو جنهن جي اوسي پاسي ۾ ٻيو ڪو به جهنڊو نه هو. ان وقت مون کي احساس ٿيو ته هتي ڪو فنڪشن ناهي پر خاص مون کي گهرايو ويو آهي. اندر آفيس جي ٻين ماڻهن سان ملڻ بعد مون کي گيسٽ روم ۾ ويهاريو ويو، جتي پهرين چانهه بسڪيٽن جو دور هليو ۽ ماسائو پنهنجي اسڪول بابت به ٻڌائيندو رهيو ته مون کان خبرون به پڇندو رهيو.
ڳالهين ڪندي خبر پيئي ته نتسوميءَ منهنجو هنن سان اڳئين تعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ تعارف به اهڙو ٺاهي ٺوڪي ڪو ڪيو اٿس جو هنن جون مون لاءِ وڏيون ڳالهيون ٻڌي آئون پنهنجو پاڻ کي اوپرو ماڻهو پئي لڳس! نتسوميءَ وٽ منهنجا جپان بابت لکيل ٻه ڪتاب ”جپان رس“ ۽ ”جپان جن جي جيءَ سان“ هئا جن مان هڪ ڪتاب هن اسڪول وارن کي تحفي طور اچي ڏنو هو.
چانهه بعد اسڪول گهمڻ لاءِ چيو ويو. جنهن جنهن ڪلاس ۾ وٺي هلن ته سڄو بورڊ فزڪس يا ڪيمسٽري جي Sketches سان يا Equations سان ڀريل هو. ٽن ڪلاسن ۾ ته انگريزي پڙهائي پئي وئي. اتي به سڄو بورڊ گرامر، نيگيٽو ۽ پازيٽو جملن يا ٻين ڳالهين سان ڀريل هو. پوءِ مون کي سمجهه ۾ آيو ته ويندي ڪلاس ٽيچرن کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ڌارئين ملڪ جو ليکڪ ۽ انجنيئر اچي رهيو آهي جنهن جو واسطو ٽيچنگ سان آهي. سو هر هڪ سٺو شو پيش ڪرڻ لاءِ سٺو ليڪچر ڏيڻ جو ثبوت ڏئي رهيو هو. دل ۾ چيم ته چڱو جو آيس. اڄ هي فقط ۽ فقط مون لاءِ سانگ سجايا ويا آهن.
هر هڪ ڪلاس ۾ مون کي ٽيچر يا ڪلاس جي ٻارن طرفان ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو. جپان ۾ جپانين کي سندن ئي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ کوڙ مواد! آئون کين پنهنجي شروع جي ڏينهن ۾ جپان اچڻ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس جڏهن ته ويٺل شاگردن ۾ ته ڇا ڪيتريون اسڪولن جون مِسون (ماسترياڻيون) ئي اڃا ڄايون نه هيون جو انهن ۾ مون کي ڪابه 25 يا 30 سالن کان وڏي نٿي لڳي. هر ڪلاس ۾ منهنجا جپان بابت اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ 1973ع ڌاري جا مشاهدا ۽ تجربا غور ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌڻ لڳا. آئون ڪنهن ڪلاس ۾ هن شهر جي ڀر وارن بندرگاهن توباتا، موجي ۽ شمونوسيڪيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس ته ڪنهن ڪلاس ۾ جپان جي ڏورانهن شهرن: ڪوبي، اوساڪا، نگويا، ٽوڪيو، يوڪوهاما، هاچينوحي، ساسيبو وغيره جون ٻڌائڻ لڳس. نتسومي به خوش ٿي رهي هئي ته سندس عزت رهجي آئي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي هوءَ جپانيءَ ۾ مهرباني چوڻ بدران انگريزيءَ ۾ ”شنڪ يو شنڪ يو“ يعني ٿئنڪ يو ٿئنڪ يو چوندي رهي. هڪ ڪلاس ۾ سندس پٽ به هو جنهن جي ڀرسان ويهي فوٽو ڪڍراياسين. اٺ ڏهه ڪلاس ڏسڻ بعد اسڪول جي لئبرري ۽ ليبارٽريءَ ۾ آياسين. رکي رکي اسڪول وارن سان نتسوميءَ جي پٽ جي به تعريف ڪندو رهيس ته ”هو هن اسڪول ۾ پڙهڻ ڪري سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو ۽ ان ئي ڳالهه مون کي هي اسڪول ڏسڻ لاءِ متاثر ڪيو.“ اهڙن موقعن تي نتسومي ”شنڪ يو شنڪ يو“ جي تسبيح اڃا تيز پڙهندي رهي.
جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي ڳوٺن جا سرڪاري پرائمري اسڪول به الائي ڇا آهن، اتي ڪوڪورا جهڙي وڏي شهر ۾ (جيڪو آمريڪن لاءِ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ کان به اهم شهر هو، تڏهن ته پهرين ان تي بم ٿي هنيائون) ڇا سٺا اسڪول گهٽ هوندا؟ نتسومي جو پٽ پنهنجي شهر ڪوڪُورا جي به ڪنهن اسڪول ۾ وڃي سگهيو ٿي. ڪوڪُورا شهر ۾ اسين ريلوي اسٽيشن وٽ اتر (Kita) ۾ رهون ٿا ته نتسومي وارا ڪجهه ٻهراڙي واري علائقي ڏکڻ (Miniami) ۾ رهن ٿا، ائين سمجهو ته هو نارٿ ناظم آباد ۾ آهن ته اسين ڪراچيءَ جي صدر يا ڪلنفٽن واري علائقي ۾. نتسومي کي سندس پٽ جي پڙهائيءَ لاءِ ڪوڪورا شهر ۾ ئي ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن پر نتسومي پنهنجي پٽ کي روزانو ڪوڪورا کان پنجاهه ميل کن پري ياهاتا شهر جي هن هاءِ اسڪول ۾ موڪلي ٿي. هي اسڪول جنهن جو Kyushu International University نالو آهي، هڪ خوبصورت وڻن ۽ گلن سان جهنجيل جبل جي چوٽيءَ تي لاهور جي ايڇيسن قسم جي اسڪول وانگر هڪ پرائيويٽ ۽ ”ڪلاس“ قسم جو اسڪول آهي، جتي جي خرچن کي نواب، رئيس ۽ جاگيردار يا راجا ۽ مهاراجا ئي منهن ڏئي سگهن ٿا. (منهنجو مطلب ورهاڱي کان اڳ واري ايڇيسن اسڪول سان آهي جڏهن ان ۾ فقط انگريزن ۽ راجائن جا ٻار پڙهيا ٿي). پر نتسوميءَ کي به پئسو جام آهي ۽ پٽ اڪيلو آهي. هوءَ سمجهي ٿي ته ان اسڪول ۾ پڙهڻ سان هن جو پٽ جپانيءَ سان گڏ انگريزي به سکي ويندو ۽ ماڻس وانگر ڄَٽڪي نموني سان ”شنڪ يو“ چوڻ بدران انگريزيءَ جو صحيح اُچار ”ٿئنڪ يو“ چئي سگهندو. هي اسڪول جنهن ۾ هر شيءِ انگريزيءَ ۾ پڙهائي وڃي ٿي، جنهن جي بين الاقوامي اهميت هوءَ ڀلي ڀت محسوس ڪري ٿي ته اڄ جي دور ۾ انگريزيءَ جي واقفيت هجڻ ضروري آهي. تڏهن ته پاڻ به هن عمر ۾ انگريزي سکڻ لاءِ اليڪٽرانڪ جي ڳري ڊڪشنري هر وقت پرس ۾ کڻيو پئي هلي ۽ اسان جهڙن سان زوري زوري انگريزي ڳالهائي پنهنجي انگريزي سڌاري ٿي. پوءِ ڀلي اسان مٿس کلندا رهون.
واپسيءَ تي لنچ ٽائيم هو اسان کي ان ڊائينگ هال ۾ وٺي آيا جتي هزار کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هڪ ئي وقت وهڻ جي جاءِ هئي. مختلف ڪلاسن جا شاگرد ٽولن ۾ يا اڪيلي اڪيلي ايندا رهيا. سيلف سروس هئي سو ڪائونٽر تي پئسا ڏئي پنهنجي پسند جي کاڌي جي شيءِ (جيڪا گهڻو ڪري سئنڊوچ نموني جي هئي) ورتي ٿي يا چوڌاري رکيل وينڊنگ مشينن مان پنهنجي پسند جون شيون ۽ ڊرنڪ ڪڍي ٽيبل تي اچي کاڌو ٿي. مون ڏٺو ته معمولي سئنڊوچ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره جو بل ڪنهن به صورت ۾ هڪ هزار يين کان گهٽ نٿي آيو.
ٻار ڊائينگ هال ۾ گهڙيا ٿي ته هنن جي هٿن ۾ هزار يين جو هڪ نوٽ ته ضرور هو. مون لاءِ ۽ مون سان گڏ منهنجن ڏوهٽن احسن ۽ ايمان لاءِ نتسومي ڳولي ڳولي هڪ ٻه اهڙيون شيون کڻي آئي جيڪي اسان کائي سگهون. نتسوميءَ کي خبر آهي ته مسلمان ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کائين ٿا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون Avoidڪن ٿا، ان ڪري ڊبل روٽي جون Slices به اهي وٺي آئي جنهن لاءِ بلڪل خاطري هيس ته صحيح آهن. (نه ته هتي ڪيترن ڪيڪن، بسڪيٽن ۽ ڊبل روٽين ۾ جيڪو مڪس تيل وجهن ٿا ان ۾ خنزير جي چرٻيءَ جو به حصو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن کاڌن ۾ ته پورڪ وجهن ئي وجهن ٿا). وائيس پرنسپال ان جو سبب پڇيو ته نتسوميءَ سٺي نموني سان هن کي ٻڌايو ته اسان لاءِ مذهب طرفان ڪجهه شين جي جهل آهي، جيئن شراب ۽ ڪجهه ٻيون شيون.
واپسيءَ تي سخت مينهن شروع ٿي چڪو هو. ايڏو تکو مينهن جو ڪجهه نظر نه پئي آيو. ڪا دير ته اسان گاڏيءَ ۾ ويٺا رهياسين، جيئن ڪجهه گهٽجي ته رستو ته نظر اچي.
نتسومي پڇيو ته مون کي اسڪول ڪيئن لڳو. مون مُرڪندي وراڻيومانس ته نتسومي ايترن پئسن ۾ پاڪستان ۾ ڏهه ڇوڪرا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي سگهن ٿا. يعني هنن جي پڙهائي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ نڪري سگهي ٿو. تون جيڪڏهن چاهين ٿي ته تنهنجو پٽ انگريزيءَ ۾ به هوشيار ٿئي ته تون جيڪي هتي خرچ ڪرين ٿي ان جي اڌ مان هن کي آسٽريليا يا نيوزيلينڊ موڪلي سگهين ٿي.
”ڊڄان ٿي ته اتي خبر ناهي ڪهڙو ماحول هجي ۽ منهنجو پٽ ننڍي عمر ۾ غلط سوچ ڏي لڙي نه وڃي. ان ڪري آمريڪا يا انگلنڊ به موڪليندي گهٻرايان ٿي.“
نتسوميءَ اهو پڻ ٻڌايو ته سندس پٽ اسڪول طرفان هفتو هفتو آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ مان گهمي به آيو آهي.
”هونءَ منهنجو به گذريل ويهن سالن کان تعليم سان واسطو هلندو اچي ۽ نه فقط جپان جي اسڪولن ۽ تعليمي نظام کان واقف آهيان پر يورپ جي سٺن بُرن تعليمي ادارن کان پڻ واقف آهيان. دراصل تنهنجي هن جپاني اسڪول جي فقط ڪاسميٽڪ سونهن آهي.“ مون نتسوميءَ کي آگاهه ڪيو.
”مون کي به ائين لڳي ٿو.“ نتسوميءَ چيو، ”رڳو پئسو پئسو- هر ڳالهه لاءِ پئسي جي گهُر گهُر آهي. آئون پنهنجي اڪيلي پُٽ کي رف ۽ ٽف بنائڻ چاهيان ٿي پر هتي ڪِڪِلپڻو ۽ نازڪپڻو حد کان وڌيڪ آهي. منهنجي هر وقت اها خواهش آهي ته هي ڪٿي ٻاهر رهي ۽ پڙهي.“
”خيال ته صحيح آهي.“ مون چيومانس ”پوءِ هڪ ئي راهه منهنجي ڌيان ۾ آهي. هن کي سنگاپور موڪل- جيڪو ملڪ يورپ ۽ آمريڪا کان به بهتر آهي. پڙهائيءَ جي نظام ۾ به ته امن امان ۽ صحت جي خيال کان به. هونءَ ملائيشيا هڪ ٻيو ملڪ آهي جنهن کي به Prefer ڪري سگهجي ٿو، پر توهان جپانين لاءِ سنگاپور سٺو آهي جتي توهان جا ٻار آپشنل سبجيڪٽ ۾ چيني زبان کڻي سگهن ٿا جيڪا توهان لاءِ آسان آهي جو ان جي ۽ جپانيءَ جي ’ڪانجي‘ (شڪلين واري لکڻي) ساڳي آهي ۽ خرچ آسٽريليا کان به گهٽ ايندئي.“
”هي سال هتي پورو ڪري ته توسان Contact ٿي ڪريان، هن کي هلي سنگاپور ڇڏي اچون.“
بارش اهائي وڏڦڙو وسندي رهي پر هاڻ ان جو زور ڀڄي چڪو هو ۽ نه فقط سامهون جو رستو پر جبل تان هيٺ نهار ڪرڻ تي سمنڊ ۽ ڇولين تي لڏندڙ جهاز پڻ نظر اچي رهيا هئا. اسان جبلن جا ور وڪڙ پورا ڪندا هيٺ لٿاسين ۽ پنهنجي شهر ڪوڪُورا ڏي رُخ رکيوسين. رستي تي پيش آيل هڪ ننڍڙو واقعو ذهن ۾ اڃا فريش آهي، بلڪ ان ڪري ئي هي اسڪول جي ڳالهه ويهي لکي اٿم. اهو جي ننڍڙو واقعو در پيش نه اچي ها ته هي مضمون لکڻ اهڙو ضروري نه به سمجهان ها ۽ اسڪول گهمڻ جي ڳالهه ٻين ڳالهين وانگر وسري چڪي هجي ها.
اسڪول جي ڪجهه ڪلاسن کي لنچ ٽائيم تي موڪل ٿي چڪي هئي. هونءَ ته هتي جپان ۾ هر اسڪول صبح جو اٺين کان شام جو پنجين تائين ٿئي ٿو پر ڪن ڏينهن تي ڪجهه ڪلاسن کي ڪلاڪ ٻه اڳ به موڪل ٿئي ٿي ۽ جي بئنڊ (ميوزڪ سکڻ)، ترڻ يا فوٽ بال کيڏڻ جو پيرڊ آهي ته هو ڪلاڪ ٻه وڌيڪ به ترسايا وڃن ٿا. اسان ماني کائي نڪتاسين ته مينهن اچي شروع ٿيو ۽ ان ڏينهن مينهن جي اڳڪٿي به نه هئي. ايتريقدر جو اسان به پاڻ سان ڇَٽيون نه آنديون هيون. اسڪول وارن اسڪول جي ڪار پورچ کان ڪار پارڪنگ تائين سندن گاڏيءَ ۾ ڇڏڻ چاهيو ٿي پر نتسوميءَ چيو ته اچو ته پنهنجي ڪار تائين ڊوڙي هلون. پهرين پاڻ ڊوڙي وڃي ڪار جا دروازا کوليائين، ان بعد اسان ڊوڙي وڃي ڪار ۾ ويٺاسين ۽ پوءِ جڏهن مينهن جي رفتار ڪجهه جَهڪي ٿي ته رستي تي ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا پنڌ ويندي نظر آيا، جن جا گهر جبل تي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هوندا. ڪي ڇَٽين سان هئا ڪي بنا ڇَٽين جي- جن ظاهر آهي مينهن نه وسڻ جو ٻڌي ڇٽي نه آندي هوندي. بهرحال هو پنهنجن دوستن جي ڇٽين جي آڙ ۾ لڪندا پنهنجو پاڻ کي مينهن کان بچائيندا پئي ويا.
ڪجهه اڳيان هلياسين ته چار کن چوڏهن پندرهن سالن جون ڇوڪريون پئي ويون. ٻن وٽ ڇٽيون هيون، جيڪي ٽينءَ کي پنهنجي وچ ۾ وٺي پئي ويون پر چوٿين ويچاري جيڪا قد ۾ به هنن کان ٿوري ننڍي ٿي لڳي، هنن کان چار پنج قدم پٺيان پٺيان سرد هوا ۾ ڏڪندي ۽ مينهن ۾ سٽبي پئي وئي. شايد اڳيون ڇوڪريون هن جون دوست نه هجن. بهرحال هنن جي به مجبوري هئي جو ٻن ڇٽين جي هيٺان ٽي ماڻهو ئي اچي سگهن ٿا. هونءَ هو چاهين ها ته هڪ هڪ ڇٽيءَ هيٺان ٻه ٻه ٿي هلي سگهن ها ۽ سندن ڪافي بچاءَ ٿي سگهيو ٿي. گهٽ ۾ گهٽ هيءَ اڪيلي سرد هوا ۾ (جڏهن ته اسان ڪار جو هيٽر کولي رکيو هو.) پاڻيءَ ۾ ائين پسڻ کان بچي وڃي ها. لڳي ٿو اسڪول مان نڪرڻ بعد ئي هنن کي مينهن مليو ۽ هنن لاءِ هاڻ موٽڻ به مشڪل هو. نتسومي جي گاڏي هئي. اها ڇوڪري جنهن جي مٿي کان وٺي هيٺ اسڪرٽ تائين پاڻي ٽمي رهيو هو، ان کي نتسومي پنهنجي ڪار ۾ ويهاري پنهنجي ڪار کي آلو ڪرڻ پسند ڪندي يا نه. آئون چئي نٿي سگهيس.
رستو سوڙهو ۽ گولائيءَ وارو هو، اسان انهن ڇوڪرين پويان هلڪي رفتار ۾ ان انتظار ۾ وڌي رهيا هئاسين ته اڳتي هلي ڪٿي ويڪرو رستو ٿئي ته گاڏي تکي ڪجي ۽ پوءِ جيئن ان مقصد لاءِ ويڪرو رستو ٿيو، (جيئن ماڻهو ۽ گاڏيون هڪ ٻئي کي سولائيءَ سان ڪراس ڪري سگهن) ته اتي پويان ايندڙ هڪ ٽئڪسي اسان کي اوور ٽيڪ ڪري هن ڇوڪريءَ وٽان لنگهي کڻي بريڪ هنئي ۽ دريءَ مان هٿ ڪڍي هٿ جي اشاري سان گڏ ڇوڪريءَ کي رڙ ڪري ترسڻ لاءِ چيو.
ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو هن ٽئڪسيءَ واري جو؟ هي اهوئي پوڙهو ٽئڪسي وارو هو جيڪو اسڪول وٽ پئسينجرن جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ اسان کي به سندس ٽئڪسي ۾ ڀاڙي تي هلڻ لاءِ چيو هئائين، جنهن تي اسان ٻڌايس ته اسان وٽ پنهنجي گاڏي آهي. ۽ هاڻ ڪا دير مسافرن جو انتظار ڪري، ڪوبه نه ملڻ تي واپس پئي ويو ۽ هن مينهن ۾ پُسندڙ ڇوڪريءَ جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ شايد کيس ٽئڪسيءَ ۾ زوري ويهڻ لاءِ ٿو چوي.
۽ ڇا واقعي اها ڳالهه آهي؟ هو پنهنجو در کولي اڇل مان ٻاهر نڪتو. ڇوڪري هن کي هيسيل نگاهن سان ڏسندي رهي. هن جي چهري تي گهٻراهٽ صاف ظاهر هئي. مون سمجهيو ته ڊرائيور جو لٿو آهي سو پويون دروازو کولي هن ڇوڪريءَ کي زوري ويهارڻ ٿو چاهي. پر هو پويون دروازو کولڻ بدران سڌو ڪار جي پٺيان اچي ان جي ڊِڪي کولڻ لڳو. مينهن ۾ پاڻ به پسي رهيو هو ۽ جيترو جلد ڪيائين ٿي اوترو کولڻ ۾ وقت لڳي ويس. خبر ناهي نتسوميءَ ڇا پئي سوچيو پر آئون عجيب تجسس ۾ هوس ته هي پوڙهو ڊرائيور ههڙي مينهن ۾ ڊڪيءَ مان ڇا ٿو ڪڍڻ چاهي. اتي ڊڪيءَ جو ڍڪ کلي ويو ۽ هن اُن مان ڇَٽي ڪڍي (جيڪا يقينن هن پنهنجي لاءِ رکي هوندي) هن ڇوڪريءَ کي کولي ڏني ته مينهن ۾ پُسڻ بدران هيءَ کڻ. ڇوڪريءَ پرس کولي شايد ڇٽي جي بدلي ۾ پئسا آفر ڪرڻ ٿي چاهيس پر پوڙهي ڊرائيور کيس جهڪي پئسن وٺڻ کان منع ڪئي. ڇوڪريءَ ان جي موٽ ۾ جهُڪي ٿورائتو ٿيڻ جو اظهار ڪيو. ان بعد ڊرائيور مڙي اسان اڳيان جهڪي معافي ورتي جو هن رستو بلاڪ ڪري اسان کي انتظار ڪرايو.
جيسين ڊرائيور ڊِڪي بند ڪري گاڏيءَ ۾ ويهي گاڏي اسٽارٽ ڪري تيسين آئون ڇوڪريءَ جي چپن تي مرڪ ۽ چهري تي خوشيءَ جا رنگ ڏسندو رهيس. هن هلڻ کان اڳ پنهنجي مٿي تي ٻنهي پاسن کان هٿ سان زور ڏئي پاڻي ڪڍيو ۽ پوءِ پهرين کان تکو تکو هلڻ لڳي. مون کي ان جو ڏک اڄ ڏينهن تائين نٿو وڃي ته اسان هيتري دير ان ڇوڪريءَ جي پٺيان پٺيان پئي آياسين پر ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. ڪيئن هوءَ جبل جو پاسو ڏئي پئي وئي. رستي تي ڪو گهر گهاٽ يا آڏ نه هئي جنهن هيٺان هوءَ بيهي کڻي مينهن بند ٿيڻ جو انتظار ڪري.
اڄ مون کان ان ڇوڪريءَ جو خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرو نٿو وسري جڏهن هن کي ڇَٽي ملي ۽ هن پنهنجا وار نپوڙي هلڻ شروع ڪيو. مون کان اهو نيڪ پير مرد ڊرائيور نٿو وسري جيڪو ڪجهه دير اڳ مسافر حاصل ڪرڻ ۽ ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ ڪيڏو واجهائي رهيو هو ۽ هاڻ پيٽرول ساڙي خالي ٽئڪسيءَ کي جبل تان هيٺ شهر ڏي وٺي وڃي رهيو هو. سندس وڏي دل چئبي جو هن پنهنجي 500 يين (اڍائي سؤ رپين) جي ڇٽي هڪ واٽ ويندڙ اڻ ڄاڻ کي ڏئي ڇڏي- بنا ڪنهن ظاهري اُجوري حاصل ڪرڻ جي. پر مون کي پڪ آهي ته اهو نيڪ ڪم ڪري، هڪ مجبور ڇوڪريءَ کي ههڙي مصيبت مان بچائي، کيس ڏاڍو سڪون محسوس ٿيو هوندو. ڪاش اهو ڪم هن کان اڳ اسان ڪريون ها.