شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

مھاڳ: الا جهُري مَ شال غريبن جي جهوپڙي

ڪشنچند “بيوس” جي مٿي هن مھاڳ جي عنوان ۾ آندل سٽ ممڪن آهي تہ پنھنجي هم تخلص شاعر “بيوس” بخش علي چانڊيو کان “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تخليق ڪرائڻ جي شاعراڻي ترغيب بڻي هجي.
عين ممڪن آهي تہ “بيوس” پنھنجي ٻئي هڪ هم تخلص قادرالڪلام شاعر تاجل "بيوس" جي ڪي قدر فني اسلوب ۽ شعري گهاڙيٽي مان معاونت ورتي بہ هجي تہ هجي.
پر پڪ سان “بيوس” جي هن شعري موضوعن جو آهنگ، سچل سائينءَ جي سر سارنگ جو تشريحي تسلسل معلوم ٿئي ٿو. جيڪوشعر ۽ ادب ۾ هڪ نيڪ شگون آهي. تاريخ جو اهڙو تسلسل ۽ نئون نئون جنم بہ وچ جون وٿيون ڀرڻ لاءِ ئي ٿيندو آھي.
برادرم “بيوس” بخش علي چانڊيو نہ صرف منھنجو دوست آھي بلڪہ هم پيشہ، هم راھ، ھم سفر ۽ سچيتو ساٿي بہ آهي ۽ بلاشڪ هڪ درد وند دل رکندڙ متحرڪ ڪردار بہ آهي، هو هڪ سٺو پروفيسر تہ آھي ئي آھي پر طبعن همدرد، ملڻسار ۽ ھمدم هئڻ ناتي سڀني دوستن احبابن ۽ وطن واسين آڏو انمول احساس رکندڙ ھڪ ڪوي طور سندس ناماچاري مشھور ۽ معروف آھي. “بيوس” پنھنجي شاعراڻي تحريرن ۾ ديس جي درد جون تصويرون ڪڍڻ ۾ قابليت رکي ٿو ۽ هو ڏک ۾ ڏڍ ڏيڻ ھمتون ۽ حوصلا ورهائڻ وارو رهنما ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. سندس تخليقن ۾ مون کي اڪثر ائين لڳندو آھي تہ بخش علي شاعر جي روپ ۾ ھڪ سٺو سگهڙ آھي يا سگهڙائپ جي انداز ۾ ھڪ سٺو شاعر آھي.
يا تہ شاعري هن جي سئوٽ ۽ سگهڙائپ هن جي ماسات آھي، تہ هن من اندر ۾ ٻنھين جو جيون ٻنڌڻ ٻڌي سوني تي سھاڳو ڪيو آھي.
سگهڙ واقعائي منظرنگاري کي منظوم ڪرڻ جا ماهر هوندا آھن تہ شاعر وري انساني احساسن جا حقيقي تاريخ نويس هوندا آھن.
شاعرن تي آمد لھندي آھي تہ سگهڙن وٽ آورد پڪي پختي ٿيندي آھي. احساسن جي سفر ۾ شاعر جو درد ڪو گهڻو اونھو عميق ۽ گوناگون ٿئي ٿو. هن جي اک نہ صرف درد جو اظھار پر ان جو درمان بہ ڏسي ٿي ۽ پوءِ شاعر ان جو برملا اظھار بہ ڪري ٿو.
جڏھن تہ سگهڙ بہ حسن عشق علم عقل ظاهر باطن جي سفر در سفر ۾ خيال جو پرواز ٻوليءَ جي حسناڪين سان همڪنار ڪري ٿو مگر هر ڪنھن جو گهاڙيٽو اڻت ۽ اظھار موضوع ۽ مرڪز ساڳيو هوندي بہ ساڳيو نہ ٿو رهي. ساءُ سواد ۽ پيشڪش ۾ ڪو باريڪ، لطيف فرق ضرور هجي ٿو، پوءِ بہ ڪي صاحب ذوق اهل دل انھن جو حسين امتزاج گڏ گڏ کڻي هلن ٿا، جيئن “بيوس” بخش علي هن مجموعي “دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ تخليق کي اهڙو جامو پارايو آھي، جنھن ۾ شاعري ۽ سگهڙائپ جا گڏيل ڌاڳا پويل آھن، جيڪا گهڻو تڻو واقعاتي آھي. واقعاتي شاعري هڪ دؤر، هڪ هاڃي، هڪ حادثي، هڪ اڀريل تاريخ ۽ ان جي سڀني اوسن پاسن جو منظوم رڪارڊ هوندي آھي، جيڪا مستقبل جي ماڻھن لاءِ ماضيءَ جي مذڪورہ ڪيفيتن تحت رونما پسمنظر جي هڪ جاءِ تي هٿيڪي يڪجا منظوم تاريخ هوندي آھي، جنھن کي پڙھي ڪير بہ حقيقي طور تي پنھنجي وطن تي آيل اهڙن واقعن کي پنھنجي احساساتي اک سان ڏسي سگهندو ۽ سمجهي سگهندو آھي.
جڏھن جڏھن بہ خدا نہ ڪري هن قسم جي ڪا صورتحال وري مقدر بڻجي ٿي تہ ان وقت بہ هي شاعري حوصلو ڏيندي، همٿ ڏيندي ۽ تڪليف مان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ جي سگهارو گس ڏيندي آهي. “بيوس” بخش علي اهڙي منظوم واقعاتي تاريخ لکندڙ شاعر آھي، جنھن اڳ ۾ بہ ڪورونا جي وبائي قھرن تي مبني هڪ درد انگيز تاريخ قلمبند ڪئي ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع پڻ ڪرائي، جنھن سنڌي ادب جي ڦلواڙي ۾ ھڪ سھڻو اضافو ڪيو.
۽ ھاڻ سال 2022 جي جولاءِ - آگسٽ مھينن ۾ سنڌ تي پيل ناقابل برداشت برساتي هاڃن، تڪليفن، دردن، سنڌ واسين جي سورن، تباهڪارين ۽ بربادين، دربدرين، ڪئمپن، امدادن ۽ انھن سان لاڳاپيل فقرن، حوصلن ۽ ھمتن تي مبني جيڪا سچي دل سان شاعري ڪئي جنھن ۾ سياسي سماجي ماڻھن جي مثبت خواه منفي ڪردارن ۽ ڏتڙيل ماڻھن جي درد جي بروقت دانھن سمايل آھي، سا دراصل هن مجموعي جي سونھن آهي.
جنھن ۾ رڙ آھي، واڪو آھي، سڏ آھي، سڏڪو آھي، ڪوڪ آھي، پڪار آھي، ورناءُ آھي، درد آھي، دانھن آهي، ڏس آھي، وارتا بہ آهي تہ رهنمائي بہ آھي، بيوسائي آهي تہ همت ۽ حوصلو بہ آھي، نقصان جو ذڪر بہ آهي تہ، ان جو اوتار بہ آھي.مطلب تہ هن عنوان جي گوناگون همہ گير روين ۽ رخن جو مجموعو اسان اوهان جي هٿن ۾ هجڻ جو قوي امڪان موجود آھي.
گهڙي پل لاءِ سوچان ٿو تہ ڪاش! هن درد جي داستان غم جي المناڪ دستاويز سنڌ جي موسمياتي المناڪ، واقعاتي شاعري تاريخي ڪتاب جو مھاڳ مون جھڙي نرم دل، حساس انسان کان نہ لکايو وڃي ها، آئون هن مسودي کي پڙھندو بہ ويو آھيان ۽ روئندو بہ رهيو آهيان؛ ڇاڪجي؟
“ھھڙا هاڃاٿين بري هن ڀنڀور ۾”، سوچان ٿو تہ هي قدرتي آفتون، برساتي موسمون، رڳو فقط اچانڪ اسان وٽ ٿورئي آھن. موسميات و آبھوا جي جاگرافيائي ماهرن کان پڇي ڏسندئو تہ اسان کان وڌيڪ گهڻو وڌيڪ دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ ائين ٿئي ٿو بيحد بارشون پون ٿيون.
مگر انھن تہ روئڻ پٽڻ بجاءِ، ھمٿ حوصلي، دانشمنديءَ سان وسائل کي درست ڪتب آڻي برساتي نالا زير زمين ڪڍي ڪي اهڙا پختا بندوبست ڪيا آهن جو نہ صرف انھن جا اهڙا موقعا اهڙيون مھلون اهڙيون موسمون احسن طريقي سان گذرن ٿيون بلڪہ اهي سندن لاءِ خوشگواري جو سبب بڻجن ٿيون، اڃا بہ خوش آئند ڳالھہ تہ هو ان پاڻيءَ کي اهڙو تہ اسٽور ڪن ٿا جو اهو پاڻي هو مختلف جاين تي کڻي وڃي ڪيئي سال پنھنجون آبي ضرورتون پوريون ڪن ٿا، بقول “بيوس” جي تہ:

برسات خدا جي رحمت آ، رحمت کي بہ آفت ڇو چئجي؟
پاڻيءَ سان ئي زندھہ هون، پاڻيءَ کي مصيبت ڇو چئجي؟

سو خدا جي هي رحمت بہ انھن لاءِ بڻجي ٿي، جيڪي پنھنجي ڌرتيءَ کي، پنھنجي وطن کي، ان جي آهنگ تي ترتيب ڏين ٿا، ڪي جوڳا بندوبست ڪن ٿا ورنہ انھن جي بنسبت اسان جي حالت ڏسو، اهڙي صورتحال ۽ ڪھڙين حالتن مان گذرون ٿا؟، ڪھڙين ناقابل برداشت مصيبتن سان منھن ڏيون ٿا؟، اسان تي ڇا وهي ٿو؟، اسان تي ڇا واپري ٿو؟، زندگي موت سان ڪيئن برميچي ٿي؟ اهو سمورو داستان “بيوس” بخش علي چانڊيو صاحب جي هن واقعاتي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. هو جابجا چئي ٿو تہ هن برساتي حادثي ۾ جتي گهر ڊهي پٽ پيا، روڊ رستا ويران ٿيا، ماڻھو دربدر ٿيا، بيمارين منھن ڪڍيو، مليريا وڌي وبائي صورتحال اختيار ڪئي پيرسن معذور ۽ لاچار ٿيا اتي ٻين جي دردن سان گڏ ابھم معصوم ٻارڙن جا ڏک هن کان ڏٺا نہ ٿا ٿين ۽ چئي ڏئي ٿو تہ:

روئندڙ ننڍڙا سھڻا ٻار، منھنجي دل کي جهورين ٿا،
ٻاهر پيا ٻڌجن ٻاڪار، منھنجي دل کي جهورين ٿا.

عزيز دوستو! شاعر جي دل جو درپن ڪائنات جو عڪاس هوندو آھي، هن جي وسيع ڪينواس ۾ سڀئي صورتون پنھنجو آب تاب منعڪس ڪنديون آهن. هو جذبي جي جولان ۽ ڪيفيتن جي ڪر موڙڻ جي شاعھدي ڏيندو آھي، پر هن جي دل کي درد جي جهوري جيڪي جهير ڏيندي آھي هو انھيءَ مان ڳڙيل رت کي مس بنائي لکندو آھي ۽ لکندي جهڄندو آھي تہ:
ڪنھن جي نظر لڳي وئي يارو، سنڌڙي منھنجي سورن ۾،
شھر ٻڏي ويا، ڳوٺ ٻڏي ويا، آ سڀڪو پنھنجي پورن ۾.

هو اهڙي ڪيفيت ۾ مينھن سان مخاطب ٿئي ٿو، شاعري دنيا جھان جو واحد ذريعہ اظھار آھي، جنھن وسيلي انسان جمادات، نباتات، حيوانات سميت مالڪ حقيقي سان بہ مخاطب ٿيڻ جي سگهہ رکندو آھي.
رحم ڪر ڪجهہ مينھڙا مزدور جي پارت اٿئي،
ڇن ڇڳل، ڀتيون ڀڳل، مجبور جي پارت اٿئي!

هن جي جھانديدہ نظر جيتوڻيڪ واضع ڪري ٿي تہ پاڻي تہ ويندو نيٺ لھي، مگر ان جيڪا تباهي ڪئي آھي، ان جو هو ڇا ڪري؟
بقول سندس:
پاڻي ويندو نيٺ لھي پر اجڙيل گهر جو ڇا ڪريان؟
معصومن کان خالي خالي، هن پڌر جو ڇا ڪريان؟

اهڙن دردناڪ احساسن تي هن جو نازڪ ۽ نفيس خيال ڪچلجي ٿو تہ چئي ٿو:
“بيوس” ۽ بيحال ڏسي هي، آٿتڙو ڪنھن ڪونہ ڏنو،
لڙڪ لڪائي ڇڏيان ٿو، پر هن اوٻر جو ڇا ڪريان؟

هن جي من اندر جو اهو اوٻر ئي آھي، جيڪو هن کي خداوند ڪريم سان دعائن جي صورت ۾ ھيئن مخاطب ڪري ٿو:
تون ٻاجهارا شل ٻاجهہ ڪجان، منھنجو هيڻو حال صفا آھي،
برسات جي آفت ٻوڙي ڇڏيو، تو ريءَ ٻي واھہ نہ ڪا آھي.

ٻاجهاري رب ڪريم مان ٻاجهہ جي ئي اميد هجي ٿي، جيتوڻيڪ هو مالڪ الملڪ آھي، هو ظاهر باطن کان آگاھہ آھي، جو ڪجهہ چئون ٿا ان کان بہ ۽ جو ڪجهہ نہ ٿا چئون ان کان بہ، مگر انساني فطرت آھي تہ بيوسي، لاغرضي، لاچاري ۽ ڪنھن واھہ وسيلي جي اڻھوند ۾ انسان کيس ئي پڪاري ٿو.
“ماندي ٿي نہ مارئي، تنھنجو ﷲ ڀي آھي” جي مصداق تہ “بيوس” بہ ڪا ٻي واهر وسيلو نہ ڏسي، حڪمرانن جي بي حسي پسي افسرشاهيءَ جي ڪڌائي ۽ ڪرپشن ڏسي، زميندارن جي اڍنگائي، ايم پي اي، ايم اين اي، ميمبرن، سياستڪارن جي ناروا سلوڪ کي سمجهي نا انصافي، عدم استحڪام ۽ ھوراکورا جي ڪيفيت ۾ پنھنجي من اندر جي تسڪين ۽ فرياد ۽ آگاهيءَ تحت مٺڙي مالڪ سائينءَ کي پڪاري پڪاري چئي ٿو تہ:
مولا سائين رحم ڪجان، هي سھڻ نہ جھڙا سور،
ٻنيون ٻارا ڄڻ ڪي ڍنڍون، پاڻيءَ سان ڀرپور.

“بيوس” پنھنجو حال (جيڪو دراصل سڄي سماج جو حال آھي، ڇو تہ شاعر ئي سماج جو سچو نمائندو هوندو آھي) ٻڌائيندي چئي ٿو تہ:
منھنجا مولا، منھنجا آقا، منھنجا سائين، رحم ڪر،
حال “بيوس” جو آ هيڻو، ڪو قرب ڪامل ڪرم ڪر،
جهوپڙيون جن جون جهريل، گهر سندن آھن ڪچا،
ڪرانھن تي ٻاجهہ پنھنجي، مِينھن هاڻي ختم ڪر.

ٻاجهہ وارا! ٻاجهہ ڪر، برسات رڪجي ئي نہ ٿي،
ٻيون مسلسل ڏينھن آ، ٻي رات رڪجي ئي نہ ٿي،

يا

ٻيانوي کان بي آ “بيوس”، ڪم گهڻو، شل رحم ٿئي،
مسڪينڙن جا ھن ڏکيا حالات، رڪجي ئي نہ ٿي.

يا

يا خدا! تون ئي وسيلو، سھپ ڪنھن ۾ ڪين اٿئي،
گهر ڪچا، جهوپا جهريل، ڏاڍا اهي غمگين اٿئي،

پيا پسن ٿا مينھن ۾، آڪاش جو ئي بس اجهو،
رحم مولا رحم ٿئي، “بيوس” سڀئي مسڪين اٿئي.

“بيوس” خداوند ڪريم سان سنڌ جي سورن جو جابجا ذڪر ڪندو ائين بہ چئي ٿو تہ:

عالم جا ﷲ مٺا، هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،
سنڌ سراپا سور بڻيل آ جيئڻ ٿيو جنجال ڏسين ٿو.

“بيوس” اهڙين ڪسمپرسين وارين درد انگيز دعائن کان پھريان ظاهر ٻين جا سڀ در کڙڪائي ڏٺا، هن جو هي شعر پڙھي ڏسو:
ڊي سي صاحب، اي سي صاحب، ڳوٺ ٻڏي ويا وارو ڪر،
ڪاهي هل تون ڪرينون جلدي، بند هلي اهو گهارو ڪر.

سرڪاري عملدارن کي چوڻ سان گڏ گڏ ھو سماج جي مضبوط ۽ ڪنھن حد تائين فعال تنظيم سگا، جنھن جو هو پاڻ بہ اهم رڪن آھي، کي بہ ڏوراپا ڏيڻ ۾ نہ ٿو ڪيٻائي،

سگا وارا ڪٿي آھيو، اهو ساڳيو نہ ڪم رهيو،
لڳي ٿو هاڻ اوهان ۾ اهو ساڳيو نہ دم رهيو.

حقيقت ۾ “بيوس” حالت زار ۾ آھي. ان ڪري ان جو اهو چوڻ بجا چئبو ڇوتہ هو جڏھن متاثرين کي، بي گهر خاندانن کي، انھن کي ڪئمپن ۾ ٿو ڏسي تہ هن جي دل رت ٿي روئي، رت ٿي ڳاڙي ۽ حقيقت ۾ ھو ان رت مان ڪلڪ ٻوڙي انھن حالتن کي انھن وارتائن کي هينئن بيان ٿو ڪري تہ:
او منھنجي مٺڙي پياري امان، هن ڪئمپ ۾ مون کي ڊپ ٿو لڳي،
هت ڪنھن کي ڪوئي قياس نہ آ، احساس بہ بلڪل ٺپ ٿو لڳي.

ڪنھن جي هيءَ نياڻي آھي، مانيءَ لاءِ ماندي ماندي،
شايد سوچي پئي تہ اسان لئہ، گاڏي واري آندي آندي.

هن ڪئمپ ۾ مشڪل آھہ رهڻ، چاهيون ٿا واپس ورڻ،
ھر روز هتي جي زندگي ۾، ڄڻ زهر نسورو آھي پيئڻ،
هڪ ساعت بي نہ رهنداسين، پر پاڻي گهر مان گهٽرايو.

هن ڪئمپ ۾ ٽي سئو پڪ ٿيندا، يا تہ اڃا ڪجهہ وڌ ماڻھو،
پر ايترڙو ڀت مس ٿا ڏين، معصوم جي ڪُک ئي ڪين لڳي.

“بيوس” ڪئمپن جي اهڙي حالت ڏسي ائين بہ چئي ٿو تہ:

شل دشمن کي بہ نصيب نہ ٿئي، ان ڏک مان گذري آياسين،
گهرگهاٽ ڇڏي بي گهر ٿياسين، ڪئمپن ۾ نڪري آياسين

ڪئمپن جي مختلف دردن کي اظھاريندي، جيڪا ڪا ٿوري ٿڪي امداد، خيما يا مڇردانيون غريبن لاءِ ھيون، اهي جڏھن پڪن ثبوتن سان ظاهر ٿيو تہ حد جا عملدار ۽ انھن جو عملو کپائي ٿو تہ “بيوس” پنھنجي شاعرانہ، معصومانہ لھجي ۾ کين هن طرح مخاطب ٿي چوي ٿو تہ:

اهي خيما کپائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندئي،
اڙي مردار کائين ٿو، خدا جو قھر ڪو پوندئي.

“بيوس” خيما خوب کپايائون، اي سين ڊي سين ٺٺ ڪيا،
ڪنھن کي ڪا پرواھہ نہ آ، ماحول ئي اهڙو جوڙيو ويو آ.

مليل امدادي سامان ڪامورن کپايو، ان عنوان تحت اوهان “بيوس” جا شعر ڏٺا، حقيقت ۾ هو ان نتيجي تي پھچي ٿو تہ:
مينھن نڪي برسات ئي ٻوڙيا، ويچارن کي ٻوڙيو ويو،
ڳوٺ جي پويان سم نالو آ، هٿ سان ان کي ٽوڙيو ويو.

هيءَ آھي سراسر، ڳالھہ سچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون،
نہ ٿو ڪير ڏئي، آٿت ڪو اچي، اسان هٿ سان ٻوڙيا ويا آھيون.

يا سنڌ جو خوبصورت شھر خيرپورناٿن شاھہ مڪمل زير آب اچڻ تي “بيوس” جي دل اوڇنگارون ۽ اوسارا ٿي ڏئي.

هر پاسي آ پاڻي پاڻي، جيڏانھن تيڏانھن گهارا آھن،
خيرپور ناٿن شاھہ ٻڏي ويو، اوڇنگارون اوسارا آھن.

روڊ نہ ڪوئي رستو ملي ٿو، کوڙ رلي ويا راهن ۾،
جيڏانھن تيڏانھن ڪٽ لڳي ويا، سنڌ سموري دانھن ۾.

اهڙين تڪليفن جا ڏوراپا هو ووٽن جي سھمن، طعنن جي صورت ۾ ليڊرن لئہ ضرور ڏئي ٿو تہ:

آھي مسڪينن تي ئي مار سدا، پيا جيئن ليڊر سڀنيءَ جا،
ڪلھہ ووٽن وقت تہ مائٽ ھئا، اچ بلڪل وسري آياسين .

اڳ گپ ۾ ويگو ڊوڙائي، ووٽن لئہ ڳولي لھندا هئا،
اڄ روڊ تان گذري سڀ ٿا وڃن، ڄڻ ٿي ويئڙا نابين ڏٺم.

اسان جا گهر ٻڏل آھن، اوهان کي آھي سياست جي،
اسان جا پٽ مئل آھن، اوهان کي آھي سياست جي.

ڪير بہ ڪنھن جو ڪونہ ٿيو، ڪنا سي ڪمدار،
ايم پي اي، ايم اين اي سڀ گم ٿي ويا غدار.

ميمبرن جي مايوس ڪن ڪردار بعد وقت جي صاحب اختيار حڪمرانن لاءِ عوامي نمائنده شاعر “بيوس” بخش علي صاحب چئي ٿو تہ:
صفا سنڌ جي دشمن ٿي پئي آ،
هيءَ يار حڪومت ڇا ڪريون،
ھٿ ساڻ اسان کي ٻوڙين پيا
ناهي ڪا بہ ندامت ڇا ڪريون.

مصيبت جي صفا ماريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث،
حڪمرانيءَ هٿان هاريل، ٻڏل سنڌ جو خدا وارث.

هڪ طرف کان حڪمرانن جي بي حسي، ٻئي طرف ڪامورا شاهي جي خيانت، ٽئين طرف هنن ڏينھن ۾ ھھڙين حالتن ۾ مھانگائي جي ناقابل برداشت صورتحال کي بہ پنھنجي قلم جي منظوم تاريخ جو حصو بنائي “بيوس” واضع ٿو ڪري تہ:

جيئن جيئن موسم رنگ مٽايو، ظاهر ٿي شيطاني آ،
سڪل واڱڻ بہ اڍائي سئو ۾، هيءَ بہ تہ مسلماني آ.

چار سئو جو ڪلو گوار، کاءُ نہ ايڏي “بيوس” خار
ٽماٽي خان جو نالو وٺندو، ڪو بہ نہ پاڪستاني آ.

اهڙن ناروا اگهن جي ڳاٽي ڀڳي صورتحال تي “بيوس” واپارين سان مخاطب ٿئي ٿو:

منافع خور واپاري، خدا جو خوف ٿورو ڪر،
سڀاڻي موت اچڻو ٿئي، نہ تون ناحق نسورو ڪر.

مٿي بيان ڪيل تمام تر تڪليفن، مصيبتن جو حل يقينن صرف دانھن ڪوڪن ۽ روئڻ، رڙڻ ۾ قطعي ڪونھي، “بيوس” جھڙو دانشور شاعر اهو سڀ ڀلي ڀت ڄاڻي، پنھنجي ماروئڙن، سانگيئڙن، ڏوٿيئڙن ۽ جهانگيئڙن کي همت حوصلي جي ترغيب ڏئي ٿو، جيڪو اصل هن مجموعي جو روح آھي، قومن کي اڀارڻ، ترغيب ڏيڻ ئي شاعر جو اصل پيغام آھي، جيڪو دائمي آھي تہ جڏھن جڏھن بہ سنڌ ڌرتيءَ جي صورتحال خدا نہ ڪري ڪا اهڙي ٿئي تہ ان وقت لاءِ بہ هي پيغام آھي، ڇو تہ “بيوس” جي واقعاتي شاعري ان صورتحال ۾ دائميت رکي ٿي. هو ڪئمپن ۾ رهندڙن کي مخاطب ٿو ٿئي تہ :

سنڌ جا سائين ايئن سدائين، روئندا رهندئو ڪيسيتائين،
بي گهر بڻجي ڪئمپن ۾ ايئن رلندا رهندئو ڪيسيتائين.

هو متاثرين کي ڪئمپن مان اٿي، ڪراچي هلڻ جي صلاح ٿو ڏئي، هو کين روزگار خاطر گهرن کي ڪراچي ۾ ٺاھڻ جي ترغيب ڏئي ٿو ڇو تہ ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ ڪراچي آھي، وڏو شھر آھي، روزگار جي سھولت آھي، پنھنجو وطن آھي، هر لحاظ کان سنڌ جي ماروئڙن جو اتي آباد ٿيڻ سندن حق آھي، سندن ٻچڙن جو مستقبل آھي.
هتي بک مصيبت صفا باھہ ٻاري،
هلو يار ڪريون ڪراچي تياري.

ڪراچي جي تياري لاءِ ھو جابجا بار بار فرمائي ٿو تہ:

اٿو اٿو اي دلگهريا، سچا سپوت ساٿيو اٿو،
سڏي ٿو ديس دلربا، اوهان کي ڇا ٿيو اٿو.

“بيوس” قوم کي مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ جا بجا همٿائڻ جو دامن هٿان نٿو ڇڏي.
اٿي پئو او مزدور هاري اٿي پئو،
سڏيو ڀونءِ آهي ڀلاري اٿي پئو.

اٿي پئو سنڌ جا سورهيہ، اٿڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.

هن جو پڪو ايمان آهي تہ همٿ سان ئي حاصلات آهي. هو همٿ جي تسلسل ۾ مزيد سمجهائيندي فرمائي ٿو تہ:
اٿو ساٿ پنھنجو سنڀالي هلو،
چڱو يار رب جي حوالي هلو.
.
پنھنجي ماڻھن کي، پنھنجي مارن کي ساٿين کي، سڄڻن کي، سڀني کي “بيوس” جو هي پيغام بيشڪ وڏي سگهہ رکي ٿو:
ڌرتيءَ سان سڀ نينھن نڀايون،
اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون،
ڪوٽ ظلم جا ٽوڙي ڊاهيون،
اچو تہ گڏجي سنڌ کي ٺاهيون.

هاڻ شرط آھي تہ ان تي عمل ٿيڻ جو، ۽ اهڙي عمل ڪرڻ جو جھڙي ترغيب هن حساس ڪومل دل رکندڙ درد وند شاعر پنھنجي هن مجموعي“دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ بار بار ڏني آھي.
پنھنجي هن دل لڀائيندڙ مجموعي ۾ هڪ انتھائي پياري ۽ تخليقي دنيا ۾ طاقتور ۽ شاهڪار نظم “نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو” جي عنوان تحت هڪ خوبصورت نقشو چٽيو آھي، جنھن ۾ اميد، خوشي خوشحالي ۽ سبزه زاري جو دل آويز تخيل سمايل آھي، خداوند ڪريم کان دعا آھي تہ “بيوس” جي مجموعي جي هن تخليق واري سنڌ اسان اوهان کي عملي طور جلد کان جلد ڏيکاري. (آمين)
برساتن دوران سنڌ جي مختلف سچن احساسن ڪيفيتن دردن ۽ ان جي مرحلن جي جنھن ڀرپور نموني سان واقعاتي تاريخ منظوم انداز سان “بيوس” بخش علي چانڊيو صاحب تحرير ڪئي آھي، آئون ان تي کيس دل سان داد ڏيان ٿو. سلام ڪيان ٿو ۽ دل سان ساراهيان ٿو، اميد ڪيان ٿو تہ سنڌ جو هر سجاڳ ذهن، شعور رکندڙ انسان هي ڪتاب پڙھڻ دوران سمورو سور اکين آڏو ڀرپور محسوس ڪندو ۽ مستقبل جو ماڻھو ماضيءَ جي جهروڪي ۾ درست انداز ۾ جهاتي پائي سگهندو.
“بيوس” جي قلم لاءِ وڌيڪ دعائون ڪندي، اهل علم اهل قلم ساٿين کي بہ وينتي آھي تہ هي درد اسان سڀني کي بہ پنھنجي فڪر ۾ پرچارڻ گهرجي تہ جيئن سجاڳي پنھنجي منزل جي قريب ٿئي.

دعائن سان

پروفيسر اصغر ڀٽي ڀريائي

27-10-2022
فون نمبر: 03013801678