اٿي پئو سنڌ جا سورهيہ، اٿڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
اهي جيڪي ڏکن ۾ هن، اهي سارا ئي پنھنجا آھن،
پيا بي گهر ڦرن جيڪي، اهي پيارا ئي پنھنجا ھن،
مصيبت ۾ ڪري دانھون، سڏڻ وارا ئي پنھنجا ھن،
سھارو ٿي سندن، آٿت ڏيڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
اوهان جيڪي امير آھيو، خدائي خوف ڪجهہ ڌاريو،
گهڻي دولت ڏني مولا، تہ تنھن کي قوم تي واريو،
ڪبو ڪيئن آهي خيري ڪم، دنيا کي يار ڏيکاريو،
ڏکوين کي خود ئي ڳولي، لھڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
جهري پيا جهوپڙا جن جا، اجهو آ عرش اھڙن جو،
رڳو پاڻي وڇاڻو ٿيو، اهو ئي فرش اهڙن جو،
دعا! جو لفظ ٿو نڪري، خطائن بخش اهڙن جو،
ڪري خدمت اهو موقعو، کٽڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
عمل زيرو هجي باقي، چوڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
پري کان بس رڳو ويھي، ڏسڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
رڳو سروي ڪرائڻ ۽ لکڻ مان ڪجهہ نہ ٿيڻو آ،
عمل جي راھہ ۾ گڏجي، هلڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
خدا سائينءَ جي ٻانھن جي، وفا جو امتحان آھي،
سول سوسائٽيءَ سوڌو، سگا جو امتحان آھي،
حڪومت جي ادارن جي، سخا جو امتحان آھي،
ڪري ڏيکار ڪجهہ باقي، چوڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.
خدا جي واسطي “بيوس” جي آهن جو قدر ڪريو،
اوهان جي راھہ جاچين ٿيون، نگاهن جو قدر ڪريو،
جيڪي چئوطرف گونجن پيون، صدائن جو قدر ڪريو،
مچي ير مڙس ماڻھو ٿيو، مچڻ کان ڪير ٿو روڪي،
سڀن جو ڀرجهلو بڻجي، جيئڻ کان ڪير ٿو روڪي.