اڄ پڻ وريو واءُ اتر جو، آيو ڪڪرن ڪارونڀار ڪري،
بيوھہ جي هن جڏڙي گهر تي، شال نہ سو وسڪار ڪري.
سيءُ سيارو مشڪل سان ئي، ڪاٽي جان بچائي آھي،
ساوڻ رت کي رحم پوي شل، مسڪينن نہ مار ڪري.
جيڪر هيءُ ڪري پيو گهرڙو، ڇانءَ يتمن ڪير ڪندو،
ڇن مان ساري رات ٽمي ٿو، ڦڙ ڦڙ تہ بہ ڦوهار ڪري.
ڪنھن کي ڪوئي قياس نہ آھي، اڌ اگهاڙن ٻچڙن جو،
خوف خدا کان خالي ماڻھو، وار مٿان ٿو وار ڪري.
“بيوس” دل جا ڪارا ماڻھو، آھن هيءُ هچارا ماڻھو،
ڪو بہ سھارو ڪو نہ ڏين ٿا، لڙڪ ٽمن ٿا لار ڪري.